ڪھاڻيون

عشق جي آخري سرحد

يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي
Title Cover of book عشق جي آخري سرحد

مهاڳُ : چنڊ پنهنجي جاءِ تي ميرو ناهي !

يار محمد چانڊيو موجوده ٽهي جو ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو 1994ع کان لڳاتار لکندو پيو اچي، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”جنم جنم الميو“ 2012ع ۾ شايع ٿيو، ٻن سالن کانپوءِ سندس ناول ”اجري ڌرتي ميرا ماڻهو“ ڇپيو ۽ ”عشق جي آخري سرحد“ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي.
چنڊ پنهنجي جاءِ تي ميرو ڪونهي، پر اها ميري دل ۽ ميري ذهن وارن ماڻهن جي ميري نظر سان ڌرتيءَ کان اٿاريل ڌوڙ آهي، جنهن چنڊ کي ميرو ڪري ڇڏيو آهي. يار محمد چانڊيو پنهنجين لکڻين جي وسيلي چنڊ جي ان ميراڻ کي مٽائي ٻيهر اجري ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل آهي.
هن جي ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار اهي ميري ذهن وارا ماڻهو آهن، جن ڌرتيءَ تي گدلاڻ پکيڙي معصوم ۽ بيگناهه عورتن توڙي مردن جو جيئڻ وِههُ ڪري ڇڏيو آهي.
”بيٺي پير“ ڪهاڻيءَ جو چور ڪردار پنهنجن ڪڌن ڪارنامن تي فخر ڪري ٿو. سندس زال، جنهن جا هٿ اڃا مينديءَ رتا آهن، سا پنهنجي عزت جي آهوتي ڏئي پاڻ کي ۽ چور مڙس کي پوليس جي وٺ پڪڙ کان آجو ڪرائي ٿي، پر غيرتمند مڙس ان ڳالهه تي خوش آهي ته سندس زال ٿاڻي تان بيٺي پير موٽي آهي!
”اربع خطا“ ڀاڄائي ۽ ڏير جي جنسي تعلق سبب پيدا ٿيل هڪ بيحد ڏکئي سماجي مسئلي واري ڌيان ڇڪائيندڙ ڪهاڻي آهي_”نئين نويلي ڪنوار“ ڪهاڻيءَ ۾ وري رتل نالي ڪردار پنهنجي چاچيءَ جي عزت ۾ ميري نظر وجهي ٿو. تڏهن هوءَ رڙ ڪري کيس منهن تي ڦهڪائي ٿي، ”وڏو غيرتي آن! تنهنجي غيرت اِتي اچي دنگ ڪيو! ماڻهو چُلِهه مُٽِڻو نه ٿي.....“ رتل کيس نه مڃڻ جي صورت ۾ ڪاري ڪري مارڻ جو دڙڪو ڏئي ٿو. اها آهي جاهِلَ ماڻهن جي اصل غيرت!
سنڌ جي ڳوٺاڻي زرعي سماج جي زوالپڻي کي يار محمد چانڊيي پنهنجين ڪهاڻين ۾ نهايت مهارت سان چٽيو آهي، ”بيٺي پير“، ”اربع خطا“، ”نئين نويلي ڪنوار“، ”جهڳو ئي جهڻ“ ۽ ”صراط المستقيم“ ۾ سنڌ جي زوال پذير معاشري جا چٽا پٽا اولڙا آهن.
يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي.
البت هن جي رومانوي ڪهاڻين ۾ جذباتيت ڪجهه وڌيڪ آهي، شايد ان ڪري جو انهن ڪهاڻين جي پس منظر ۾ يار محمد جي پنهنجي شخصي پيڙا جو اثر سمايل آهي، منهنجي خيال ۾ يار محمد چانڊيي کي ان جذباتيت واري رومانيت مان هاڻي جند ڇڏائڻ کپي. هن جي اردگرد سماجي ناسور آهن، رشتن ۽ ناتن ۾ جيڪا مفاد پرستي ۽ منافقت ”صراط المستقيم“ ڪهاڻين جي مولوي وانگر ذهنن ۾ ڀريل آهي ۽ اسان جي معاشري ۾ مقدس نياڻين جي جيڪا بيحرمتي ۽ ساڻن زيادتي ٿيندي رهي ٿي، ان سڀ کي يار محمد چانڊيو اثرائتي نموني وائکو ڪري سگهيو آهي.


شوڪت حسين شورو
1 سيپٽمبر 2015ع