ڪھاڻيون

عشق جي آخري سرحد

يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي
Title Cover of book عشق جي آخري سرحد

پنهنجي پاران: ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي...! مان ڪهاڻي نه لکندو آهيان!

رات جي سانت هجي، يا کڻي ڏينهن جو شورُ، ڪيترن سالن کان سُڪون جو هڪ پَلُ نه سُتو آهيان! هر لمحو پيڙا_ هر ساعت سوچ نگر ۾ ڀٽڪيل!!
ڪجهه لکان!
۽ ڪجهه لکڻ جي جستجو ۾ ڪهاڻي ڪتاب ”جنم _ جنم الميو“ کان ناول ” اجري ڌرتي_ ميرا ماڻهو“ تائين لکندي کامندو رهيو آهيان!!
سوچيو هوم ته مٿين ڪتابن جي بي ترتيب خيالن کي ترتيب ۾ آڻي بس ڪري وڃي خاموشي جي ڪنڊ وسائيندس... پر منهنجي اُداس قلم جي نوڪ سماج جي ناسور ۾ پڄري هڪ ٻئي ناول کي سَڏُ ڪري ننڊ مان اٿاريو_ لڳاتار سٺَ ستر صفحا لکي، وڌيڪ بهتر لکڻ جي آس ۾ ڪجهه ڏينهن ماٺ ڪرڻ گهرجي، واري سسُتي جي پوئواري ڪيم ته پنجن ڏينهن جي تخليقي سفر ۾ ٽي ڪهاڻيون_ ”ميري چنڊ جو غم“ (پهرين ڏينهن جي ڪهاڻي) ”جهڳو ئي جهڻ“ (ٻئي ڏينهن جي ڪهاڻي) ” بيٺي پير“ (ٽئين ڏينهن جي ڪهاڻي) _ ”لاڙڪاڻو لاهور“ (چوٿين ڏينهن جي ڪهاڻي) ۽ ”امن جي نگري“ (پنجين ڏينهن جي ڪهاڻي) لکي ڪهاڻي ڪتاب سهيڙڻ چاهيم.
ڪهاڻي منهنجي بي سُڪون روح جي آٿت آهي!
ڪهاڻي منهنجي خيال جي ڊوڙ کي سمهاري ٿي!
ڪهاڻي منهنجي مزاحمتي حَسَ/ سگهه جو نادر نمونو آهي_ ڪهاڻي هڪ پيڙا آهي ۽ مان اُن پيڙا جو پڙاڏو آهيان.
ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجي خالي مَن جي پينگهي ۾ الائي ڪيترا ٻار ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ موضوعن جي روپ ۾ اچي سمهيو پون ۽ مان انهن جي شور کان بچڻ لاءِ ڪڏهن راتين ۾ پناهه وٺندو آهيان ته ڪڏهن دوستن جي هجوم ۾ ڏينهن جا ڏينهن رولاڪين ۾ گُم سم هوندو آهيان!.... ڪهاڻي زندگي جي مرڪ کان زندگي جي درد تائين پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿي... ڪهاڻي جي ان ترتيب ۾ مان خاموش رهي ڪجهه به لکڻ نه چاهيندو آهيان، پر اندر جي پيڙا هٿن ۾ زوري قلم کي پڪڙائي ڪجهه نه ڪجهه لکرايو وجهي، جهڙوڪر ڪهاڻيون مون کان پاڻ پڪڙائڻ ٿيون_ منهنجا هٿ فقط لڪيرون پائن ٿا ۽ ڪهاڻيون انهن بي عنوان ۽ بي معني لڪيرن کي نڪورتا بخشي ڪهاڻيون ٺهرائي ٿي! منهنجي ڪهاڻين ۾ پردي جي پويان بيٺل ۽ لڪل سماج جون سچيون ڪهاڻيون آهن، جن کي وائکو ڪندي کوڙ تهمتون سر تي کڻي اڳتي وڌڻ چاهيو آهي... رشتن جي تقدس کان بيخبر جوانين جي عياشين کي جيئن جو تيئن بيان نه ڪري ڏاڍو ڀوڳيو اٿم، پر پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي_ ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻي جي ڪنڊ پاسي ۾ وقت جو اگهاڙو سچ وقت جي اگهاڙين ڪهاڻين کي ظاهر ڪيون بيٺو آهي!!
منهنجون هي ڪهاڻيون پنهنجي ئي سماج جون ڪهاڻيون آهن، جتي جوانيون رات جي ڪاراڻ ۾ گهاوَ کائن ٿيون، جتي مڏن ڪاتن جي ڊپ کان دليون ڌڙڪن ٿيون ۽ مجبوري هيٺ نگاهون مٿي نه ٿيون کڄن_ واعدا اڻپورا ٿا رهجيو وڃن، حسرتن جا جنازا پنهنجي ڪُلهن تي پاڻ ئي کڻڻا پون، جتي مرڪ جي پوپٽن نفرتن جي زهريلي آلودگي ۾ ساهه منجهايو آهي، جتي لالچن جي عيوضي دوستيون ميريون ٿين ٿيون، جتي روزگار جي تلاش ۾ عزتون بي رحم حالتن جون ٺوڪرون کائي سرِ بازار نيلام ٿين ٿيون، جتي بيحسي جي ڀيڙ ۾ ڳوڙها پنهنجي معنائن کي وڃائي ويٺا آهن، جتي اڻبرابري جي درد ۾ طبقاتي معاشرا زور وٺي ماڻهپي کي لڄائي رهيا آهن، جتي جنسي بُکَ جي ڊوڙ ۾ مقدس ادارن جي ساک داغدار ٿي وئي آهي.... ها منهنجون ڪهاڻيون ان دُکي ديس جون ئي ڪهاڻيون آهن ’جتي سڀ ڪجهه جائز آهي‘ واري ماحول جي پَروانُ ٿيڻ سان امن ۽ آجپي جا لاڏا ذاتي مفادن جو ٻليدان ٿي ويا آهن ۽ جنهن جي عام ٿيڻ سان قومي تشخص تي آڱريون کڄڻ لڳيون آهن!!
طبقاتي سماج جي ان پيڙا ارپيندڙ لمحن جون ڪهاڻيون به مون نٿي لکڻ چاهيون، جنهن جي پويان درد جو درياءَ پيڙا جون ڇوليون کائي لهنوارو وهي ٿو ۽ وڇوڙي جي ٻوڏ ۾ احساسن جا قافلا بي گهر ٿين ٿا... ها مون نه ٿي لکڻ چاهيون، وقت جي چيچ ۾ پيل اهي سڀ ڪهاڻيون، پر خبر ناهي ته ڪهڙي سَمي ڪنهن ڪهاڻي جا چٽا_ اڻ چٽا ڪردار ننڊ مان جاڳائي يا دوستن جي هجوم مان گِهِلي تنهائي جي گهيري ۾ پهچايو ڇڏين. ڪڏهن پنج اٺ جملا_ته ڪڏهن اٺ_ ڏهه صُفحا يڪساهي لکجيو وڃن. تخليق جي اُن اُڻتِ ۾ محسوس ڪندو آهيان ’ڪهاڻي مان ته نه ٿو لکان، ڪهاڻي مون کي زوري قلم پڪڙائي_ پاڻ ئي پنهنجي مڪملتا ماڻي ٿي!!
ڪهاڻي هن سماج جي پيڙا آهي ۽ اها پيڙا ليکڪ جي قلم ۾ گهڙي اچي ٿي!
ڪهاڻي باک جي روشني آهي، جيڪا وقت جي انڌيري کي سڏي ڊڪائي ٿي!
ڪهاڻي آمريت شاهي کي گاريون ڏئي ٿي، جنهن جي عذاب ۾ ليکڪ گنهگار ٿئي ٿو!
ڪهاڻي هڪ ڌرتي آهي، پر اُن جا آواز مختلف روپ وٺن ٿا- ڪهاڻي ڪالهه جي پيداوار آهي ۽ اڄ جي لوڙ...! سڀاڻي جو سِجُ ڪهاڻي جي نفيس وجود ۾ وڌيڪ گرمي ڀريندو. ڪيترا قلم پني کي ڪارو ڪندا... پر ڪهاڻي پوءِ به نه کُٽندي!
ڪهاڻي جي اُن ڊوڙ ۾ ڊوڙي مان سَهڪي رهيو آهيان، پر ڪهاڻي اڃا به اڳتي وٺي وڃڻ گهري ٿي، جتي خبر ناهي ته ڇا آهي؟ مڃتا يا رسوائي ۽ ناراضگي_
ڪهاڻي تنهنجي اڻڀي سينڌ ۾ تخليق جي پورنتا جا ڪيترا گل چنبڙايا اٿم، ان پَتي کان پاڻ به اڻ ڄاڻ آهيان.
ڪهاڻي تنهنجي ڊوڙ جي مِٽي کي آدم جي پيرن اُٿاريو آهي ۽ تون اڃا تائين نه ٿي رُڪجين؟
ڪهاڻي هاڻي توکي زندهه رهڻو آهي ته توريت ۽ زبور جيان پاڻ لِکِجُ_ اسان ڏي نه اچ، اسان تنهنجي پاڪيزگي ۾ گارين جي ڪاراڻ ٽاڪيون ٿا. ڪهاڻي هاڻي منهنجو جيئڻ حرام نه ڪر_ مون کي دوستن جي هجوم ۾ وڏن ٽهڪن ڏيڻ جي هيرَ پوڻ ڏي.
ڪهاڻي تون لامحدود اسان کي ٿڪائي وجهندينءَ!! اسان تي رحم ڪري پنهنجو نئون روپُ وٺ_ڇو ته اسان جي مَنَ ۾ زماني هاڻي پٿر ڀري ڇڏيا آهن ۽ اسان جا ساٿي پٿر دل ٿي مفاد پرست ۽ سامراجي قوتن جي مخبري ڪرڻ جا ماهر بنجي ويا آهن، جنهن سان گڏجي ماءُ جي يار وارو گذارو سکي ورتو آهي.
ڪهاڻي تون موٽي وڃ_تون احساس جي پيداوار آهين، هتي احساس مري ويا آهن، تون ڇو ٿي جِيئين_ڪهاڻي ڇو ٿي جيئين؟؟؟
ڪهاڻي-
اي ڪهاڻي!
تون ٻڌين ڇو ڪو نه ٿي؟
مون کي آواز ڪير ڏيندو؟؟
منهنجا سڏ توتائين نه ٿا پهچن ڇا؟؟
ڪهاڻي تون ايڏو مغرور ڇو آهين؟
اسان آهيون ته تون آهين_
اسان ئي ته توکي پنهنجي قلم سان جيئدان جي امرتا بخشي آهي.
ڪهاڻي تون ٻڌاءِ:
تنهنجي تاريخ ڇا آهي؟ تنهنجو جنم ڪڏهن ٿيو؟؟ تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟ تون ڪيئن وجود ۾ آئينءَ؟ تنهنجي تاريخ جا پيرا ڪير به ڦلوڙي نه ٿو سگهي_تون فطري آهين يا غير فطري؟ تون پنهنجي وسعت سان هڪ ئي وقت سڄي دنيا جي چپي_چپي تي ڪيئن ٿي ڇائنجي وڃين_مان تنهنجي هر هنڌ موجود هجڻ واري خيال، جو ڇيهه نه ڪري سگهيو آهيان.!!
ڪهاڻي تنهنجو ڪارج زندگي جي رواني ۽ فنا ٻنهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهي، آخر تون ڪهڙي درد کي پنهنجو درد سمجهين ٿي!؟
ڪهاڻي تنهنجا پوئلڳ تنهنجي هر چيخ کي لفظن جو روپ ڏئي هرساعت هر روز نيون ڪهاڻيون سرجن ٿا ۽ تون آهين، ڪوئي جواب نه ٿي ڏئين...!!!
ڪهاڻي جو آواز:
”مان آدم جي خطا آهيان... مان سڪندرِ ذوالقرنين جي شاهي تخت جو خواب آهيان... مان فرعون جي جسم جي اها مضبوط مٽي آهيان، جنهن کي وقت جا هزارين طوفان نه ميساري سگهيا ۽ هو اڄ به مصر جي عجائب خانن ۾ پنهنجي غرور جو مظهر آهي... مان عيسى يسوع کي ويجهو ڏٺو مان عيسى جي اڱين ڏٺي شاهد آهيان... عيسى مريم جي گود مان ڪڏهن_ڪيئن ۽ ڇو جنم ورتو، مان سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿي.
مان بيروت، لبنان، غزا، اسرائيل، عراق، ايران، افغانستان، ڪشمير، بلوچستان ۽ سنڌ ڌرتي تي انسانيت جي وهندڙ خون جي اکين ڏٺي شاهد آهيان.
مان زندگي آهيان، مون کي ڪو به موتُ ڪونهي_ ابد تا ابد زندهه رهڻي آهيان.
مان ڪهاڻي آهيان_
قديم پراڻي ڪهاڻي
ٿوري پراڻي_
۽ نئين ڪهاڻي
اهي سڀ منهنجا روپ آهن!!!
(ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي جي پڄاڻي)



يار محمد چانڊيو
03453830271
yaarchandio@gmail.com