امن جي نگري
پروفيسر اڄ کان ڪافي سال اڳ جڏهن پرائمري استاد هو، تڏهن به هُن سوين شاگردن کي پڙهائي، انهن جي بنيادي تعليم کي اهڙو ته مضبوط ڪيو هو، جو پڙهائي سان بي انداز محبت ڪندڙ شاگردن جي دلين ۾ اڄ به هُن جو نانءُ سندن دل ۾ منفرد اظهار طور سمايل هو، جنهن بعد ”امن جو استحڪام ۽ دنيا جي بدلجندڙ صورتحال؟“ واري موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪندي هو پروفيسر بنجندي به پنهنجي تعليم کي فروغ ڏيڻ واري خواب سان سلهاڙيل رهيو...اجتماعي ۽ انفرادي سوچ جو مالڪ... کلڻو ملڻو... منفرد اسٽائيل ۾ ڪلين شيو، وڏا سفيد وار رکڻ ۽ نيلسن منڊيلا، مهاتما گانڌي ۽ مارٿل لوٿر ڪنگ جي شخصيت کي پسند ڪندڙ پروفيسر جي پنهنجي نمايان سڃاڻپ هئي، دنيا جي تاريخ کي درست انداز ۾ سمجهڻ ۽ پاڙهڻ تي عبور رکندڙ پروفيسر جي نظرين جي نرالپ سڄي ديس جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مشهور هئي.
دنيا جي وجود ۾ اچڻ جو ڪهڙو ڪارج هو؟... دنيا جي دوزخ کي جنت ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي؟... پهرين عالمي جنگ کان ٻي عالمي جنگ جي ڇڙڻ ۾ ڪنهن ڪنهن جي غلطين کي تاريخ جي بياني ۾ آندو ويو ۽ ڪنهن جون غلطيون تاريخ جي ورجاءَ کان ٻاهر رکيون ويون؟ يا پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ جي جنونيت ۾ مذهبن جي پوڄارين، انسانيت جو ڪيترو سستو خون وهايو؟؟
بيشمار خوبين جي ڌڻي پروفيسر وٽ جن شاگردن ۽ شاگردياڻين تعليم پرائي سي اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تاريخ ۽ امن جا ڄاڻو بنجي پروفيسر جي نظريي کي عام ڪري رهيا هئا... انهن ڪيترن ئي سگهاري سوچ رکندڙ، ادارن جي سربراهن جي حيثيت ۽ عهدا ماڻيندڙن جو استاد پروفيسر يونيورسٽي مان رٽائر ٿيندي ئي پنهنجي ڳوٺ جو رُخ رکيو هو...!!
”ويچاري پروفيسر آخر ٻهراڙيءَ ۾ ڇا ڏٺو، جنهن ڪري هُن شهر جي سهولتن ۽ سڪون کي ٺُڪرائي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ واپسي کي يقيني بنايو!!“
ٻهراڙيءَ جي هر ماڻهو وٽ پروفيسر لاءِ بيحد عزت ۽ احترام هوندي به کوڙ سارا سوال هئا، جنهن جي جواب ٻڌڻ لاءِ هو پروفيسر جي چوءَگرد قطار ڪري ويٺل ۽ بيٺل هئا.
هي پروفيسر ديس جو واحد نمايان پروفيسر هو، جنهن جي اڳيان انسان جي اَنا ڪابه اهميت رکندڙ نه هئي_
”پروفيسر صاحب هن دنيا تي انسان ڇو موڪليو ويو؟“ پروفيسر جي اڳيان اوطاق ۾ ويٺل عام ڳوٺاڻي جو سوال سامهون آيو ته هُن جي چپن تي مرڪ نمايان ظاهر ٿي پئي، چيائين ”انسان ماڻهپي جو امين به آهي ته بيحد خطرناڪ به...! انسان کان اڳ ۾ بد صورت ڌرتي ايجاد هئي، جنهن کي خوبصورتي جو ويس ڍڪائڻ لاءِ خلقڻهار کي انسان جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت پئي ۽ پوءِ هُن کوڙ اسباب ٺاهي انسان جي ڍانچي کي پيدا ڪيو... انسان ئي پنهنجي خدمتن ۽ محنتن سان هن ڌرتي کي رنگينن جو ويس اوڍايو...!!“
”انسان اصل ۾ آهي ڇا؟“ هڪ ٻئي ڳوٺاڻي جي سوال تي پروفيسر ماٺ ٿي ڏانهنس ڏسڻ لڳو، جهٽ رکي چيائين ”انسان فطري طور تي جانور آهي، هن جي هر حَسَ ۾ جانور واريون عادتون سمايل آهن، پر... پر علم جي دانائي انسان جي لاشعور کي شعور جي ڏانءُ ۾ تبديل ڪيو، علم ئي انسان کي ميٺ، محبت ۽ امن سان رهڻ سيکاريو_ ڪي انسان ڪُتي جي پُڇَ جهڙا سخت دل ۽ سخت مزاج به هوندا آهن!!“
”ڪُتي جي اُن پُڇَ جهڙا جنهن کي ٻَارنهن مهينا نَڙَ ۾ وڌو ويو، تڏهن به اوڙهي جو اوڙهو...!“ هڪ ٽئين ڳوٺاڻي جي مثال تي ماڻهن سان ڀريل اوطاق ۾ ٽهڪڙو مچي ويو_
”ها ها اهو جهونو درست ٿو چوي!“ پروفيسر ان جهوني ڳوٺاڻي جي جملي جي تائيد ڪئي، جهٽ رکي چيائين ”هن دنيا ۾ ڪُتي جهڙي نفس جي پوئواريت ڪندڙ ماڻهن ئي انسانيت جي جنت کي دوزخ بڻايو آهي... توهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ روز نوان ملڪ ڇو ٿا وجود ۾ ايندا وڃن؟ هتي ننڍڙين ڳالهين تي جنگيون ڇو ٿيون ڇڙن؟ سڀ انائن ۽ هٺ ڌرمين جو انجام آهي!... برابري ۽ بالاتري جي تضاد سبب اهو سڀ ڪجهه ٿئي ٿو... تون ڪير_ مان ڪيرُ_ واري جهالت ڪُتي جي پُڇَ جهڙي ئي آهي!!“
سڄي اوطاق جي ماڻهن کان هڪ ٻيو وڏو ٽهڪ نڪري ويو_
”پروفيسر صاحب، اسان چاهيون ٿا، اوهان هاڻي هن ڳوٺ ۾ ئي حياتي جا باقي ڏينهن گذاريو_ ڇو ته اوهان حياتي جا شروعاتي سال هتي ئي گذاريا آهن، هي ڳوٺ اوهان جو پنهنجو ڳوٺ آهي_“
”اوهان مون کان تنگ ٿي ويندوءَ، منهنجون ڳالهيون اوهان کي بيزار ڪري وجهنديون!“
”هرگز بيزار نه ڪنديون پروفيسر صاحب!“
”پوءِ اوهان کي منهنجي هر جائز ڳالهه کي هر حال مڃڻو پوندو؟“
”مڃينداسين پروفيسر صاحب_“
”مڙساڻو واعدو؟“
”ها مڙساڻو واعدو“
”ته پوءِ مان اوهان جي هن زرخيز نگري کي امن جو گهوارو ضرور بڻائيندس... هِتي ڪنهن به ڳوٺاڻي جي هٿ ۾ ڪوبه هٿيار نه هوندو... نئين نسل جي تربيت کي بهتر ڪرڻو پوندو... سهپ سمجهوتي ۽ برابري جي ماحول کي هٿي ڏئي هڪ ٻئي جو احترام سکڻو پوندو... ڏک ۽ سُک ۾ هڪ ٻئي سان حياتي ڀر نڀائڻو پوندو...!!“
”سڀ قبول آهي پروفيسر _ سڀ!“
”۽ اوهان جي هٿن ۾ ڪا گُليل به نه هوندي، جنهن سان جهرڪين ۽ ڳيرن جا آکيرا غير محفوظ بنجي وڃن ٿا... هي پکي پرندا به امن جا ڳولائو آهن... اهي امن ۾ هوندا ته اوهان به امن سان رهڻ جا خواب ماڻي سهگندوءَ، انهن جا آکيرا محفوظ رهندا ته اوهان جا گهر به سلامت هوندا اهو فطري قائدو آهي_ اوهان ٻين جو خير گهرو ٻيا توهان جو خير گهرندا!“
پروفيسر ننڍپڻ کان جواني ۽ جواني کان پوڙهائپ تائين امن جا سنديس ڏيندو رهيو... ”پرائو خير ته پنهنجو خير“ واري آدرشن جي سڦلتا ۾ هُن ڏاڍو لوڙيو هو، هر گهڙي غير يقيني واري صورتحال کي تبديل ڪرڻ جو خواب کڻي هُن بيحس معاشري جي اندر احساسن جي رنگت کي منظر عام تي آڻڻ ٿي گهريو، ان ئي مِشِنِ جي تڪميل جا خواب سجائي هو علائقي جي چئن پنجن ڳوٺن تي مشتمل هڪ ننڍڙي نگري ڏانهن واپسي ڪري ڳوٺاڻن جي وچ ۾ ويٺل هو_
پروفيسر ڳوٺ ۾ رهندي هڪ دفعو وري ڳوٺاڻو ٿي ويو هو، صبح جو اسڪول ۽ شام جو جهولي اناج جي ڀَري خالي ۽ آزاد ميدانن ۾ وڃي پکين جي ٽنڊوالي ۾ مصروف رهڻ لڳو هو، ڪيترائي پکي، ڪَٻريون، ڪانگ، چيها، بُربلا، ڪبوتر، جهرڪيون ۽ ڳيرا هجومن جي صورت ۾ هن جي اوسي پاسي ۽ مٿان اڏامندي سندس پڪي دوستي ۾ شامل ٿي ويا هئا، روز بروز پکين جي ولرن ۾ اضافو ڏسي هن کي ننڍڙي ئي سهي پر هڪ پُرامن نگري جي وجود ۾ اچڻ جو ويساهه پختو ٿي ويو هو، ڄڻ هن جي ٿڪل اکين امن جي شروعات جا آثار پسي ورتا هئا... امن ۽ برابري بحال ٿيندي خليل ڪنڀار جا چٽَسالا ٿانوَ... رحم علي رازي جي محنت سان ٺهيل جايون... ڊاڪٽر علي گل جي شفاياب نسخن... ۽ ٻين ڳوٺاڻن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت امن جي نگري پيار، پنهنجائپ ۽ رواداري طور منظر عام تي آئي!!
صبح جو ٻارڙن ۽ نوجوانن جي تربيت ۽ شام جو پکين جي زندگي ۾ امن ۽ خوشحالي جي ماحول کي هٿي وٺرائيندي هُن پنهنجي سڪون ۽ اوجاڳن کي قربان ڪري ڇڏيو هو_
بهار جي هڪ شام سڀ ڳوٺاڻا، تڏهن حيراني ۽ دنگ رهجي ويا، جڏهن پروفيسر پنهنجي پينشن جي ڪُلُ رقم غريب ۽ مسڪين ڳوٺاڻن ۾ ضرورت جي آڌار ونڊي ورهائي ڇڏي.
رات ٿيندي سڀني ڳوٺن جي ماڻهن هڪ وڏي اوطاق ۾ گڏ ٿي ڪچهريون ڪندي پروفيسر جي پنهنجائپ تي حيرانگي جو اظهار ڪيو، تڏهن اوطاق جي وچين کٽ تي ويٺل پروفيسر هڪ هلڪڙو ٽهڪ ڏئي وراڻيو ”انسان جي ڌرتي تي اچڻ جو بنيادي ڪارج هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ آهي_ هڪ سُکيو انسان، جڏهن ٻئي ڏکن ۾ گهيريل انسان جي مدد ڪري ته اهو سمجهڻ گهرجي ته هيءَ ڌرتي بيحد خوبصورت آهي ۽ ان جو امن انمول!... يا دوکو! لالچ، نفرت ۽ بدامني جي پروان ٿيڻ سان نه رڳو ڌرتي پر پوري انسانيت جو وجود خطري ۾ اچي وڃي ٿو!“
آچر جي صبح جو، موڪل جو ڏينهن هوندي پروفيسر پنهنجي شاگردن کي ساڻُ ڪري زمينن ۾ هارپو ڪندڙ ڳوٺاڻن سان فصلن جي پوکائي ۾ هٿ ونڊرايو_ ”منهنجا شاگردو_ منهنجا ساٿيو! غور سان ٻُڌو!...هن ڌرتي کي جنت بڻائڻ جا خواب ڏسڻ اوهان ۽ اسان جي منزل جو حصو تڏهن بڻبا، جڏهن اسان جا پنهنجا هٿ به خوبصورت گلن ۽ فصلن جي آبياري ڪرڻ ۾ شامل هوندا!“
پنهنجي شاگردن سان گڏ گڏ گهمندي پروفيسر اڳيان ۽ پويان، زمين جي سطح کان ٿورو مٿي پکين جو هڪ ولر اڏامندو ڏسي ڏاڍو خوش هو_ ڪيترائي ڪبوتر هن جي ساڄي ۽ کاٻي ڪُلهي تي چند پل ويهي وري اڏامي ٿي ويا، پر پروفيسر جون نظرون پاڻ کان گهڻو دور رهندڙ ڳيرن ۽ جهرڪين طرف هيون، جن جي ويجهڙائي سان پروفيسر جي امن جو گهرو رشتو هو!
”منهنجا شاگردو توهان کي ڳيري پکي بابت ڪيتري ڄاڻ آهي؟“
”ٿوري گهڻي!“
”پوءِ به ڪيتري؟
”ڳيرو تمام سهڻو پکي آهي!“
”بس!“ شاگردن جي ماٺ ٿيندي پروفيسر جو آواز بلند ٿيو، شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيائين ”ڳيرو سونهن ۾ بظاهر ٻين پکين کان نرالو ته آهي ئي، پر هُن جو مَنُ ڏاڍو ڪمزور هجي ٿو، حياتي وڃائجڻ جي ڊپ ۾ هُن جي سڄي حياتي خوف ۾ گذري ٿي، هن جي ننڍڙين اکين جو پاڻي، سمنڊ جي ڇولين کان وڌيڪ دل کي وڻندڙ هجي ٿو، امن جي نگري کي پنهنجي پسند جو مُستقل ٺڪاڻو بڻائيندڙ ڳيري کي اڄ سڄي دنيا ۾ ناياب سمجهيو وڃي ٿو“
”مطلب ته ڳيرو امن جي علامت آهي ۽ ان جو خاتمو ٿيڻ، امن جي پُڄاڻيءَ جو پيغام هوندو!“ هڪ شاگرد پڇيو_
”ها بلڪل!“ پروفيسر شاگردن سان گڏ پراعتماد هو _
امن جي نگريءَ واري قيام ۾ پروفيسر جي ڪاميابي ڏيهان ڏيهه مشهور ٿي_ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪَهي ايندڙ مختلف سماجن جي ذميوار ۽ باشعور ماڻهن پروفيسر جي ننڍڙي امن ڀري نگري کي هر سهولت جو عطيو ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ڪردار ادا ڪيو_ پڪا ڳوٺ، پڪا رستا، نوان اسڪول ۽ صحت گهر جي بلڊنگ جي وجود ۾ ايندي پروفيسر ڳوٺاڻن سان گڏجي ٻهڪي پيو_
هڪ رات پروفيسر امن نگري ۾ امن جي خواهان دوستن، واسطيدارن ۽ ملڪ جي اعلي آفيسرن جي دعوت ڪئي، امن جي سڄي نگري امن جي روشني ۾ تبديل هئي، سڄي ننگري ۾ امن جا گيت ڳائي امن جي پرچار ڪئي وئي، ان رات پروفيسر پنهنجي ساٿين سان گڏ ڏاڍي سڪون جي ننڊ ڪئي_
صبح جو پروفيسر جڏهن اکيون مهٽي ننڊ مان اٿيو ئي مَسَ ته امن جي نگري جو هڪ نوجوان ڊوڙندو پروفيسر جي اڳيان اچي بيٺو، هن جي هَٿ ۾ مئل ڳيرو ڏسي پروفيسر جون اکيون چند ساعتن لاءِ لرزي ويون، چيائين ”جڏهن دنيا جي وڏن شيطانن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم جي بمباري ڪري انسانيت کي رت ۾ رڱي ڌرتي تي قيامت برپا ڪئي هئي، تڏهن به امن جي اميد هئي... جڏهن دنيا جي وڏن ملڪن جي سربراهن ۽ دانشورن خطرناڪ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳڀرو بڻجن ٿي چاهيو، تڏهن به امن جي اميد جيئري هئي... پر اڄ جڏهن ڌرتي تي هڪ بي آواز گولي جي نشاني سان امن جي پکي جو موت ٿيو آهي، تڏهن دنيا جو وجود خطري ۾ گهيريل ڏسي مان نااميد ٿي پيو آهيان... ايئن ٿو لڳي ته تمام جلد امن جو سڀ نگريون بدامني جي باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي وينديون... سڄي دنيا خطري ۾ آهي... دنيا نه بَچندي!! ... نه... ب... چ... ن... د... ي...!!!“
ان ڏينهن امن جي اُن نگري ۾ پروفيسر ۽ ڳيري جي سرد وجود کي سندس شاگردن آلين اکين سان هڪ ئي قبر ۾ دفنائي ڳوڙها ڳاڙي ويٺا.
***