ديسِ بَلوچان
”جي آئي! ٻٽِن منٽن ۾ واندي ٿيڻ واري آهيان، بس ڀوري مينهن جا آخري گوها ڪڍڻ ڏي!“ صنوبر جا هٿ ڀوري مينهن جي ٿڻن کي ڇڪي، کير جا سنها گوها ڪڍڻ ۾ مصروف هئا، ڪراڙي سسُ ڏانهن لونڻو ماريندي چيائين: ”پُٽهن زمين تان موٽي ايندو ته پيو وڙهسان وڙهسان ڪندو، چوندو گهر ۾ وانديون ويٺيون آهن، مينهون به وقت تي نه ٿيون ميڙن!“
”او ننڍي تون ڪٿي آهين، باهه مچائي وَٺُ، جنڊ مان واندي ٿي آهيان مان ٿي ٻه ٽي مانيون گهڙي وٺان.“
ڪراڙيءَ جي آواز تي سندس ننڍي ننهن سوڍي، بورچي خاني ڏانهن وڌي آئي ۽ ايندي ئي ڪکن جو موئو ٺاهي ۽ مٿس ڪاٺيون رکي، جيستائين باهه ٻاري وڌي، تيستائين سندس ڏيرياڻي صنوبر به ڀوري مينهن جي ڏُهائي ڪري اچي رڌڻي ۾ داخل ٿي.
”سوڍي تون هيئن (پري) ٿي، مان ٿي ماني پچايان_ ڀلي ڪيترو به ڪم هجي، آئي (سَسُ) کي ماني پچائڻ ٿورئي ڏينديس“
سِج لهڻ _ ٻُڏڻ وارو ٿيو ته سَسُڻسِ جنڊ مان اٽي جو ٿالهه ميڙي صنوبر جي آڏو رکيو ته هن تپيل تئي تي ماني پچائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي!!
اڃان آذان ئي نه مليو ته هن چانورن جون پوريون چار مانيون پچائي اچي کٽ تي رکيون، جتي سندس ڏيرياڻي سوڍي روزائتن جي لاءِ گهاگهر لسيءَ جي ۽ هڪ جڳ دلي جي ٿڌي پاڻيءَ جو ڀري رکيو.
ڪاڪو وسند، انگوشي جو پٽڪو ويڙهي آذان ملڻ جي انتظار ۾ ويٺل هو. ڪاڪي وسند جو ڪکائون گهر جعفر آباد کان اڳتي ٻن اڍائن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، جتي لڳ ڀڳ پنجاهه سالن کان هو سنڌ مان لڏي آيل هو!
”اڃان آذان نه مليو آهي“ ڪاڪي وسند جي نڙي خشڪ ٿي وئي، ڳيت ڏيندي چيائين ” اڄ ملان کي ننڊ وٺي وئي آهي ڇا؟مٿان انڌيرو پيو ٿئي، پر هن آذان ناهي ڏنو“
”ابا ! اڄ آسمان تي جهڙ آهي، تڏهن ٿي دير لڳي“ سندس وڏور ننهن صنوبر آواز ڏنو” ملان مسيت ۾ بُک تي ننڊ ٿورئي ڪندو!“
”صابي ڌيءَ!“ ڪاڪي وسند جو آواز گونجيو.
”جي ابا“ صنوبر مٿان اچي بيٺس.
”صابي پُٽ تون هن گهر جي ڌياڻي آهين، ڌيءَ جيستائين خيرن سان سوڍي جو ويم ٿئي، تيسيتائين کانئس باهه جو ڪم نه ڪراءِ، هوءَ هميشه ناچاڪ ٿي رهي، ڊاڪٽرن کيس باهه جي ڀرسان اچڻ کان پرهيز جو چيو آهي... تون وڏي آهين، هن سان ڪڏهن به ريس نه ڪجانءِ!!!“
ڪنڌيءَ ٻاهران واري ڪچي مسجد مان ملان الله اڪبر جي شروعات ڪئي ته ڪاڪي وسند کي ڄڻ بيساهي جسم ۾ ساهه پيو. هڪ وٽو ۽ پوءِ لسيءَ جو ٻيو وٽو به ڏوڪي وتائين.
”ٻڌ ته!“ ڪراڙي ڪاڪي وسند جي ڀرسان اچي بيٺي، کيس ڌيرج لهجي ۾ چيائين، ” دلي جانِ دير ڪئي آ ؟“
”دمساز جي ماءُ، دل نه لاهه! هيڏانهن_نه ته هوڏانهن دلي جانِ اچڻ وارو هوندو!! “ڪا ڪي وسند کي به ڄڻ اونٽار ورائي ويو. حقي کي پاسي تي رکي، ڪمزور جسم کي سنڀالي اٿي بيٺو، چيائين: ”دمساز جي ماءُ تنهنجي دل مان اهو خوف ڪڏهن ختم ٿيندو؟ جوان جماڻ هئينءَ ته منهنجي لاءِ فڪر مند هوندي هئين، ۽ هاڻي پوڙهي ٿي آهين ته جوان پُٽن جو الڪي ۾!!... چري مائي_ وڏيري وٽان جيئن ئي ڀاڻ مليس ته دلي جان گڏهه گاڏي تي اچي پهچندو!!!“
”روزو هيس، تڏهن پريشان آهيان ، الائي کوليئين به الاءِ نه!“
”اڙي دمساز جي ماءُ! جوان پُٽ آهي، ڪنهن کان ٽُڪُرُ گهري وٺندو.“
ڪاڪو وسند پنهنجي ڪراڙي زال کي دلجاءِ ڏيندو، پنهنجي منهه کان ٻاهر نڪري آيو_ڪانن جي ڪنڌي ٻاهران دمساز زمين جي پاڻي تان سنڀال ڪري واپس نظر ايندي آيس.
”پُٽ! ڀاڻين اڃان نه آيو آهي؟“
” نه آيو آ؟“ سندس پُٽ دمساز ڪوڏر کي پٽَ تي ڦٽو ڪندي وراڻيو ۽ پوءِ ان جون نظرون ڳوٺ جي چارن ڏانهن متوجه ٿيڻ لڳيون.
”بابا لڳي ٿو سامهون وڏيري جي گاڏي آهي“
”وڏيري جي!“ ڪاڪو وسند الجهڻ لڳو ”چيائين هن مهل ڪاڏي ٿي وڃي؟“
”وڃي نه ٿي بابا_اچي ٿي.“
”ڪاڏي ٿي اچي؟“
” هيڏي بابا!“
”هن مهل؟“ ڪاڪو وسند پنهنجي پوڙهين اکين کي مهٽيندي زور سان سامهون ايندڙ گاڏيءَ کي جوعَ پائي ڏسڻ لڳو”پُٽ پڪ وڏيري جي گاڏي آهي؟؟؟“
”ها بابا“
گاڏي مٽي اٿاريندي دمساز ۽ ڪاڪي وسند جي قريب اچي بيٺي، جنهن مان ڪمدار ۽ ٻه ٽوها هيٺ لهي آيا.
”ڪمدار خير ته آهي؟“ دمساز جي حيرانگي وڌڻ لڳي”ڪُمهلو نڪتا آهيو؟؟؟“
”خير نه آهي ڪاڪا_ اوهان جا سنڌ جا دشمن حملو ڪري اواهان جي نوجوان کي ماري ويا!... اسان جا ماڻهو هٿيار کڻي پهتا ته هو فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا... اسان ڪنڌ کڻڻ جهڙا نه رهيا آهيون!“ وڏيري جي ڪمدار پنهنجو سربستو احوال ڏنو ته دمساز دهلجي ويو ۽ سندس پوڙهو پيءُ ڪاڪووسند هيٺ ڌرتي تي ويهي رهيو_ اها ماجرا ٻڌندي، ڪنڌيءَ جي اندر مَنَههَ ۾ رانڀاٽ پئجي ويا.!!
”پاڻ سنڀاليو... روئو نه !... دشمن کلندو !!!“
ڪاڪو وسند خود بيحال هو، پر پنهنجي همٿ کي گڏ ڪري چيائين” دلي جانِ پنهنجي ڏاڏي ڀورا خان جو قرض لاٿو آهي... ڪو به نه روئي، بلوچستان جا ماڻهو سنڌين کي ڪانئر سمجهندا...!پاڻ تي خلق نه کلايو!!“
”بابا هڪ ڳالهه سوچڻ جهڙي ضرور آهي، پنجاهه سالن کان پوءِ اسان جي ڪونڌر جي مارجڻ ۾ ،ڪنهن جي غداري ضرور شامل هوندي آهي.“ دمساز پنهنجي پوڙهي پيءَ کي سوچن جي واٽ تان وٺي آيو، چيائين ”سنڌ ننگ هئي بابا !!... سنڌي سامَ تي سِرِ قربان ڪندا آهن، بلوچن پاڻ لڄايو آهي!!“
ڪاڪي وسند ٻاڙو نه ٻوليو!!!
سڄي گهر ۾ روڄ ۽ ڪهرام جو سمون هو، سوڍي ته خبر ٻڌندي ئي بيهوش ٿي وئي.
”منهنجو روزائت پُٽ!“
”منهنجو پهلوان ڀاءُ!!“
”خدا دشمن جو گهر به خالي ڪندو“
”ڪو به نه روئي... مان اڃان جيئرو آهيان ... دشمن سان پلاند پراڻو نه آهي“ ڪا ڪي وسند جو آواز تيز ٿيڻ لڳو، چيائين ”دمساز_ جوان ڀائرن کي جوان ڀائر ئي ڪلهو ڏيندا آهن...بهادر ٿي...دشمن کي روئي نه ڏيکاريو !!!“
سڄي گهر ۾ خوف جو عالم ڇانئجي ويو_ ڀرسان ڪلي سان ٻڌل ڀوري مينهن زنجير ڇنائي ڊوڙي وئي.
رات جو حصو گذريو، ان سمي صنوبر قرآن پاڪ ڪڇ ۾ کڻي، دلي جان جي لاش جي مٿان اچي بيٺي، چيائين ”ابا! هن قرآن جي واسطي هاڻي پنهنجي جوان اولاد تي رحم کائو... نه پاليو دشمنيون... ڇڏيون ويڙهاند جي پچر...دلي جان جي خون جي صدقي پنهنجو پاڻ تي رحم کائو!!“
”منهنجو ڪونڌر ڪاڏي ويو...؟منهنجي پيءُ جي سزا مون کي ڏي هان، منهنجي جوان پُٽ کي ڇو؟“
اچانڪ بيهوش ٿي ويل سوڍيءَ جون دانهون گونجيون، صنوبر پنهنجي ڏيرياڻي ڏانهن پوئتي مڙي ڏٺو ۽ پوءِ منَههَ جي پَرئين ڪنڍ طرف سوڍيءَ کي سنڀالڻ ۾ مصروف ٿي وئي. جڏهن ٿوري وقت ۾ واپس موٽي ته هن پنهنجي ڳالهه کي ٻيهر جاري رکيو.
”ابا! سوڍيءَ کي پُٽ ڄائو آهي، ان جي صدقي پنهنجي سَتَ نسلي دشمني جو خاتمو آڻيو، دشمني ڪک جي به چڱي ناهي!!!“
ڪاڪي وسند صنوبر جي طرف وڌي کانئس هٿ ۾ جهليل قُرآن کي وٺي چمي ڏني ۽ چيو ”منهنجي ڌڻ جو ڌنار موٽي آيو آ...!!!“
**