ميري چنڊ جو غم
”هوءَ حسُن پري آهي يا سونهن پري_“
”ايڏي خوبصورت ڇوڪري_ اسان ڏٺي نه ٻُڌي... بس ماءُ پيءُ ڏسيس_ ٻيو نه !!“
” ٻيو ڇو نه ؟“
” ٻين جي نظر وڍي ويندس_“
”واقعي مالڪ ويهي ٺاهيو اٿس!“
سڀني همعصر نوجوانن هُن جي تعريف جا ڍُڪ پئي ڀريا، جن کي ڏسي ۽ ٻڌي رهي مان به نه سگهيس، چيم : ”آخر هن ڳوٺ ۾ اهو چنڊ اڀريو ڪنهن جي اڱڻ ۾ آهي، ڪجهه اسان کي به ته خبرپوي!!“
”ڇو تو ڏانئڻ کي ٻڌايون؟“
”چنڊ کي هر ڪو ڏسي!“
”هي چنڊ ناهي، جنهن کي سڀڪو ڏسي_“
”باقي؟“
”چنڊ جهڙي روشني آ_“
”اها چانڊوڪي آخر ڪهڙي جاءِ تان ڦٽي نروار ٿي آهي...؟ ساڙ سڙيئو ڪجهه اسان کي به ٻڌايو“
”خانه بدوشن جي جهوپڙيءَ ۾“
”ڇا؟“
”اڙي ڳالهه ته ٻڌو ! توهان کي شرم اچڻ گهرجي... خانه بدوش ڌرتيءَ جي انهن فردن ۾ شمار ٿين ٿا، جيڪي ازل کان پنهنجي امن پسند مَنشا جو مظاهرو ڪندي ڪڏهن به هڪ جڳهه تي مستقل بنيادن تي ٺڪاڻو نه ڪندا آهن... هو سڄي ڌرتي کي پنهنجو گهر سمجهن ٿا. جتي پڪي اتي کاڌي...اهڙن مسافرن جي گهرن ۾ نظرون نه وجهو... هُنن کي اها بونءِ پوندي ته اهي مسافر درد پرائي اڏامي هليا ويندا... ڪُجهه مڙو... اوهان جنهن ڏينهن پنهنجي اکين کي گليل جو روپ ڏنو، اهو ڏينهن هُنن جو هِن ڳوٺ ۾ آخري ڏينهن هوندو... سمجُهوَ ڳالهه کي؟“
”پوءِ ڇا ڪجي؟ ڪبوتري ڪيئن ڦاسائجي؟“
”ڪبوتري کي آزاد ڇڏيو _ پَرَ ساهي _ اڏامي!“
”ڇا مطلب ؟“
”اوهان پنهنجي ميرين اکين جي جوعَ ۾ شرم جي پاڪيزگي رکو ... جيڪي ماڻهو ڌرتي جي خون وهائڻ جي خوف کان پنهنجون حياتيون دربدر ۽ خانه بدوش ٿي گذارن، اوهان انهن جي جهوپڙن ۾ طوفاني نظرون نه وجهو !... ڪجهه لڄ ڪيو...!! ماڻهپو ڌاريو!!“
پنهنجا سڀئي همعصر ۽ هم خيال دوست ماٺِ ٿي ويا، چيائون: ”خانه بدوشن جو ايڏو فڪر_ يا پنهنجو پيٽ ۾ سور اٿئي؟“
شام ٿي_
سڀئي دوست هڪُ_ هڪُ ٿي پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا، پر منهنجي مَن کي ساڳين کٽڪن اڃا تائين پنهنجي گهيري ۾ رکيو:
”هوءَ ايڏي حسينُ!... ڪنهن بازَ جي نه وَر چڙهي وڃي...! مون کي هُن جي حسن جو جلوو ضرور پسڻُ گهرجي!!“
سج لٿي کان ٿورو اڳ ۾ ڳوٺ جي ٻاهران کليل ميدان ۾ جهوپڙا اڏي ويٺل خانه بدوشن جي ويڙهي هليو آيس، جتي ٻن شِڪاري ڪُتن اچي سوڙهو ڪيو، جن کان پاڻ بچائيندي ڪڏهن زمين تان ڀتر کڻي ٿي اڇلايو ته ڪڏهن مٽي جو ٻُڪ...! ٻئي ڪُتا جسم تي اوڍيل ڪپڙن کي چهڪي جسم کي به چيري ڦاڙي وجهن ها، جيڪڏهن خانه بدوشن جون ٻه عورتون مون کي بچائڻ لاءِ ڊوڙينديون نه پُڄن ها.
ڊپ ۾ وڏا ساهه ٿي کنيم_ وڏا ساهه کڻندي، اچانڪ چنڊ جي چانڊوڪي تي نظر پئجي وئي!
”واهه واهه !!“ سامهون نهاريندي ئي رهجي ويس _”واهه ڌڻي! تنهنجي سونهن جا رنگ... ڇوڪري آ يا باههِ جو شَمُ!!“
ڪي ساعتون گذريون_ هوءَ اکيون ملائڻ جو تابُ نه سهي واپس پنهنجي جهوپڙن ڏانهن وڌڻ لڳي ته مون کان بي ساخته دانهن نڪري وئي... هوءَ هڪ ڄنگهه کان معذور هئي_ ميري چنڊ جي ان غم ۾ منهنجون اکيون آليون ٿي ويون ۽ مان حسرت مان هُن طرف ڏسندي ئي رهجي ويس!!
**