منتظر محبتون
مطلب ته هوءَ سراپا حسن جو سنگم هئي، جنهن کي ڏسندي ئي مان پنهنجي جواني جي شڪست قبول ڪري ويٺو هيس...!!!
”ڇا ٿيو اٿئي نوجوان؟... دنيا ۾ ڇوڪريون نه ڏٺيون اٿئي ڇا؟“
”جي!“ هن اچانڪ قريب اچي مخاطب ٿيڻ سان ڇرڪي چيو هئم:
” ڇوڪريون ته روز ڏسندو آهيان، پر جنت جي حورَ ڌرتيءَ تي پهريون ڀيرو ڏٺي اٿم_تڏهن حيران آهيان!!“
”اوهه نوجوان تون ته وڏو رومئنٽڪ مزاج ۽ فلسفي ٿو ڏسجين!“ ان خوبصورت چهري واري دوشيزه وراڻيو.
”پر هڪڙي ڳالهه پڇان؟“
”ها پڇو!“
”توهان جي چهري جا نقش ٻڌائن ٿا ته مان اوهان کي ڪٿي ضرور ڏٺو آهي، ڪنهن سفر يا فنڪشن وغيره ۾، تڏهن حيران آهيان!!!“
” ٿي سگهي ٿو _اڳين جنم ۾ مليا هجون!!“
”اڳلي جنم ۾؟“ منهنجي سوچ اڃان به ڊوڙي رهي هئي.
” ها ٿي سگهي ٿو.“
خوبصورت ڇوڪري جي آواز ۾ طنز هئي.
۽ پوءِ اها خوبصورت چهري واري ڇوڪري مرڪون ورهائيندي، منهنجي نظرن کا اوجهل ٿيندي پنهنجين سهيلين سان گڏجي هلي وئي ۽ مان سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏندو ۽ ترندو رهيس.
پوءِ يونيورسٽي جي گيٽ کان اندر ڪلاسن ۾ پڙهڻ لاءِ اچڻ ۽ مجهند ڌاران هاسٽل طرف وڃڻ وقت مان هن کي غور سان ڏسڻ جو معمول بڻائي ويٺو هوس ۽ هوءَ به چور نظرن سان ڪڏهن ڪڏهن مون طرف ڏسندي شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪري هلي ويندي هئي.هن کي ڪيترائي دفعا ڏسڻ جي باوجود اهو ٿانيڪي ذهن سان فيصلو نه ڪري سگهيو هوس ته ”آخر هن سان منهنجو ڪهڙو تعلق هو.؟... جي هوءَ مون سان ملي هئي ته ڪٿي؟؟... هن جي زندگي ۾ هن جي لاءِ ڪهڙي بنياد تي دلچسپي وڌي رهي آهي. آخر منهنجي تصورن جي دنيا تي هوءَ اجنبي ڇوڪري ڇو قابض ٿي رهي آهي؟؟“
پنهنجي سڀني سوالن جو جواب پاڻ وٽ به ڪو نه هو.
ڪيترائي دفعا هن کي روبرو ڏسندي، کانئس پنهنجي سوالن جي جوابن ۾ مدد وٺڻ چاهيندو هوس، پر اندر جي اڄاتل خوف جي باعث دل جي وڌندڙ ڌڙڪن کي محسوس ڪندي ، ماٺ رهڻ کي ترجيح ڏني هيم، پر راتين جون راتيون سوچن جي سفر ۾ ڀٽڪندي گذرڻ لڳيون هيون.
هڪ برساتي شام جو، مان پنهنجي دوستن سان المنظر تي، ٿڌڙي هوا سان کيڏي رهيو هوس ته هن کي پنهنجي ڀرسان گذرندي ڏٺو هئم، هوءَ مسڪرائي ڀرسان اچي بيٺي هئي.
”تبسم نالو آهي منهنجو!“ چيائين ”سکر سان تعلق رکان ٿي ۽ ماسِ ڪميونيڪيشن جي شاگردياڻي آهيان !!“
”اوهه مس تبسم“ وراڻيو هيم... مان به ته چوان ڪا ته ڳالهه آهي، جنهن باعث تون ڏٺل پئي لڳين... مان به روهڙي جو آهيان.“
”اڙي پاڳل ايئن چئو نه“تبسم وراڻيو”پوءِ واقعي مليا هونداسين، پاڻ ڪٿي نه ڪٿي... شهر ۾ شاپنگ ڪندي يا ڪوئي سفر ڪندي... پر توهان پنهنجو نالو ته ٻڌايو...؟“
”ساحل نالو آهي“ چيو هيم ”پر مان انهي سوچ تي، هاڻي به قائم آهيان ته توسان زندگي جي ڪنهن موڙ تي ڪا ملاقات ڪا گُفتگو ضرور ٿيل آهي!!“
” پر ڪڏهن ڪي ڪي اڻڏٺل چهرا به صديون اڳ ڏٺل وائيٺل محسوس ٿيندا آهن ساحل!“
”پر تبسم! منهنجون اکيون ڪڏهن به دوکو کائي نه ٿيون سگهن“
”منهنجي دل جي ڌڙڪن ۾ تنهنجي سڃاڻپ جو احساس، پيڙاءَ جي پنڌ جو مسافر بڻائي ٿو... تون زندگي جي تنها سفر ۾ مون سان ضرور ملي آهين!!“
”اوهه رليڪس ساحل“ تبسم وراڻيو هو”اڳلي جنم ۾ مليا هونداسين، بس ڪر هاڻي.“
”تبسم!“ ٿڌو ساهه کڄي ويو هو، چيو هئم ”پر مان ان گمنام سڃاڻپ جي تهه تائين ضرور پهچندس!!“
”اوڪي اوڪي ساحل!... مون کي به تنهنجي ان تعلق جي تفصيل جو انتظار رهندو“ تبسم ايترو چوندي پنهنجي سهيليءَ سان اڳتي المنظر جي پاسي وڌڻ لڳي هئي ۽ مان ’هوءَ ڪٿي ملي هئي‘ واري سوال جي جواب ۾ گُم ٿي ويو هوس.
پوءِ آهستي آهستي تبسم ۽ پنهنجي هم آهنگي کي وڌندي، گهري ٿيندي، هڪ ٻئي جي پسند نا پسند کان ويندي، پنهنجائپ جي شدت تائين پهچندي ڏٺو هو، پر ان جي باوجود من اندر جي دنيا ۾ ’هوءَ ڪٿي ملي هئي‘ وارن تصورن سڪون سان سمهڻ نه ڏنو هو.
هڪ صبح جو عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان يونيورسٽي پاران پروگرام رٿيو ويو هو، جنهن ۾ هن کي دنيا جي سمورين عورتن بابت ويچار ونڊيندي ٻڌو هيم”دنيا جون سڀئي عورتون، وقت به وقت پنهنجي ديس ۽ گهر جي مردن جو تشدد ۽ جبر جو شڪار رهيون آهن ، پوءِ اها مظلوم عورت هندستان جي ارونڌ تي راءِ هجي، آفريڪا جي مڌر ٽريسيا هجي، پنجاب جي امرتا پريتم هجي يا وزيرستان جي معصوم ملاله تي ٿيندڙ، ذهني ۽ جسماني تشدد جو پيرو صرف ۽ صرف مردن جي جارحيت جي پتَ وائکي ڪري ٿو!!“
يونيورسٽي جو سڄو هال تاڙين ۾ گونجي اٿيو هو!!!
پر... منهنجي سوچن جي محور ۾ ’هو ڪٿي ملي هئي‘ وارا خيال آيا ۽ ويا ٿي.اسٽيج تان لهندي، هن مون طرف ڏسندي هلڪي مرڪ وکيري ڏٺو هو، ڄڻ چوندي هجي ”ساحل !منهنجي شعور جي ڊوڙ سڄي دنيا جي عورتن جي پرک تائين پهتي آهي ۽ تون بيوقوفي طور ’تون ڪٿي ملي هئين‘ واري الجهن مان ٻاهر نه نڪتو آهين.!!!“
مان هن جي اکين سان اکيون نه ملائي سگهيو هوس ۽ هوءَ کوڙ سارا سوال اکين ۾ سانڍي، پروگرام جي پڄاڻي ٿيندي ئي مون طرف وڌي آئي هئي.
”ڏي خبر ساحل!“ هوءَ مخاطب ٿي هئي ” منهنجي تقرير ڪيئن لڳي؟“
”زبردست!“
”دنيا جي هر عورت جي ظلم پويان مرد جو ئي هٿ هوندو آهي نه _جنهن کي بيان ڪري مون غلط ته نه ڪيو نه!؟“
”زبردست“ مون لاشعوري طور ٻيهر وراڻيو
”ڇا زبردست؟“ تبسم ڄڻ چڙي پئي هئي. چيائين ”تنهنجا خيال هميشه ڪٿي نه ڪٿي گُم هوندا آهن... ڇا سوچيندو آهين؟“
تبسم جو چهرو غصي ۾ ڳاڙهو ۽ زرد ٿي ويو هو ۽ مان حيران ٿي ڏانهس ڏسندي ئي رهجي ويو هوس... ڄڻ تبسم جو غصي گاڏڙ آواز مون کي اڄاتل ماضي طرف وٺي وڃڻ لاءِ منتظر نظر آيو هو، پر... هوءَ ڪٿي ملي هئي ۽ هن اهڙا غصي گاڏڙ دڙڪا زندگي جي ڪهڙي موڙ تي ڏنا هئا؟“
منهنجي خيالن جي ڊوڙ هڪ ڀيرو ٻيهر حقيقت جي لڪل تهه تائين نه پهچي سگهي هئي ۽ مان سوچ جي سواري ۾ بيساهو ٿي ويهي رهيو هوس.
لڳاتار چار ڏينهن تبسم جي روين مون کي اداس ڪيفيت ۾ رکيو ۽ مان ’سڀ ٺيڪ ٿي ويندو‘ واري اميد جي دامن کي پڪڙي، وقت جي رفتار سان گڏ گڏ هلندو رهيس... هفتي جي آخري رات چنڊ جي چوڏهين تاريخ هئي ۽ مان هاسٽل جي ويران اڱڻ تي سوچن جي انڌيري ۾ گم ٿي منزل تي پهچڻ جون هٿوراڙيون هڻي رهيو هوس ته عين ان گهڙيءَ هڪ سوچ جي طوفان مون کي روهڙي کان اروڙ جبل تائين پهچائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو...
”اوهه!“ اندر ۾ ماضي جو شهر رقص ڪرڻ لڳو ”اروڙ ئي منهنجي خالن جو کنڊر آهي... اروڙ جي چوٽي تي ئي هڪ اجنبي ڇوڪريءَ جو ڦوٽو...۽...!“
پنهنجي منتشر خيالن جي ڊوڙ ختم ڪري تبسم ڏانهن ميسج ڪيم ”جاڳين ٿي؟“
تبسم شايد ننڊ ۾ هئي، جنهن سبب ڏانهس ٻيو ميسج موڪليم.
”منهنجي تبسم... اڄ پنهنجي گُم ٿيل ماضي جي ويجهو پهتو آهيان... اروڙ جي تاريخي پڌر تي تنهنجي کنيل وکن ۽ ’تون ڪير آهين‘ وارن سوالن جي جواب کي حاصل ڪرڻ وارو آهيان .“
سڄي رات تڙپندي گذاريم، باک ڦٽندي تبسم جي ڪال آئي، چيائين ”سڄي رات جاڳيو آهين ؟“
”ها!“
”ڇو؟“
”سڄي رات راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي اروڙ واري ويڙهه جي تاريخ پڙهندي اچانڪ گُم ٿيل ماضي کي ڳولي ورتو آهي...“
”ڇا مطلب؟“
”مون وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري جي تصوير آهي!“ وراڻيم ”تون سڃاڻپ ۾ مدد ڪري مون کي ماضي جي ڪن مان ٻاهر ڪڍي سگهين ٿي.“
”سو ڪيئن؟“
”صبح سان روبرو ٻڌائيندس_“
”چڱو ٺيڪ آهي“چيائين”پر ٻڌ...! ٿورو آرام ضرور ڪجانءِ.“
صبح ٿيندي تبسم جي ڪال اچڻ سان اک کلي، ڪال رسيوَ ڪيم چيائين: ”مون کي خبر هئي تون سڄي رات جاڳڻ سبب ننڊ هوندين، تنهنجي روم جي ٻاهران بيٺي آهيان!!“
دروازو کوليم_تبسم منهنجي زندگي جي خوبصورت صبح طور منهنجي اڳيان هئي، جنهن کي ڏسندي منهنجي دل ۾ بي انتها ڊوڙي آيل گمنام محبت ۽ گمنام پيڙا جو راز کلندي نظر آيو، چيم ”تبسم ڪڏهن اروڙ تي وئي آهين؟... تبسم ان بيوقوف نوجوان کي سڃاڻي سگهندينءَ، جنهن پنهنجي ڪئميرا سان تنهنجو ڦوٽو ڪڍي، تنهنجا دڙڪا کاڌا هئا!“
”ياد ناهي ساحل“ چيائين”سال گذري ويا آهن!!“
”اهو بيوقوف مان آهيان تبسم، جيڪو تنهنجي انگ انگ ۾ سمايل حسن ۽ جواني کي ڏسي تنهنجو ڦوٽو ڪڍڻ تي مجبور ٿيو هو.“
تبسم حيران ٿي مون ڏي ڏسندي مرڪي ويٺي... هن جيان منهنجي ذهن ۾ اروڙ جي وسعتن ۾ گُم ٿيل ماضي جي حقيت کلي پئي چڪي هئي!!!
***