سهڻي
_جهٽ بعد_
هُن گاهه جي ڀري لُڻي پوري ڪئي ته سُڪل ٻني تي بوڇڻ وڇائي گاهه سَٿِڻُ شروع ڪيو_ گاهه جي ڀري سَٿيندي هن پهريان پنهنجي چهري تي پکڙيل پگهر کي ساڄي هٿ جي هڪ آڱر سان صافُ ڪيو ۽ پوءِ سڌي ٿي بيهي ڊگهي نهار سان پنهنجي ڪراڙي سهري ساوند ڏني کي ڏٺو، جيڪو اَٺاس جي مٿئين پاسي زمين جي آوهاندن کي ٺاهڻ ۾ مشغول هو.
سُهڻي سَهري کي آواز پڄڻ کان پَرڀرو ڏٺو ته هٿ ۾ ڏاٽو اُڀو ڪري کيس اچڻ جا لاڳيتا اشارا ڏنا _
سهڻي جي سهري واپسي ۾ دير ڪئي ته هوءَ پلٿي ماري هيٺ ٻَني تي ويهي رهي، جتي هن جا خيال ڏاٽي جي ڳَن ۾ سمائجي ويا.
_ ميهارُ مينهن جو ڌنار ته اڳ ۾ ئي هو، پر جڏهن کان سهڻي جو وَرُ بنيو، تڏهن کان پڪو ميهار بنجي ويو_
”ميهار“
”چئهُ“
”ڪُنڊڙي مينهن يَمَ تي آئي آ، هن ڀيري ته منهنجو چوڻ مڃجان نه!“
”ڪهڙو چوڻ؟“
”هڪ باکڙي مينهن وٺي، باقي پئسن مان والا ٺهرائي ڏجانءِ“
”وقت اچي ته ڏسنداسين“
_ ڪالهه واپاري هُنن جي ڪُنڊڙي پورو هڪ لک روپيه روڪ ڏئي ڪاهي ويا_ اڄ سوير ميهار ڪجهه پئسا کڻي شهر ويل هو، جنهن جي حصي جو گاههُ پَٺو ۽ ٻيو ڪم ڪار سهڻي جي پُکي ۾ آيو هو_
_ سهڻي سَهري جي پهچندي اُٿي بيٺي_
گاهه جي ڀَري کَڻائيندي هُن جي سَهري کان دانهن نِڪتي ”سهڻي! ايڏي وڏي ڀَري نه کڻندي ڪَرِ_ ڪٿي سَنهن ٻَنَنِ سان گهمندي تِرڪي نه پئين!!“
”اَبا ڍورن جا ڪُلُ آهن ته ڏهاڪو بُونبا_ گهر جا سڀُ بار انهن تي آهن، جن جي خدمت ميهار نه ڪندو ته مون کي ئي ڪرڻي پوندي_ مان نه ڪنديس ته مال متاع جي ٻيو ڪير ڪندو!“
سهڻي وزنائتي ڀَري کڻي پاڻ سنڀاليندي اچي گهر پهتي_ ٻه چار پل ساهه پٽي هوءَ وري ڪم ڪار حوالي ٿي وئي_ هٿَ مشين تي ڪُترِ هڻي ٻاهران بُهَه جي کوڙي مان بُههَ جي ڀري کڻي آئي ۽ پوءِ نلڪو گيڙي هوءَ واري واري سان سڀني ننڍن وڏن ڍورن کي پاڻي پياري واندي ٿي ويٺي_
جنهن بعد _
سُهڻي آئيني جي اڳيان سينگارجي اچي بيٺي_ نراڙ تي تِلِڪَ جو نشان ٺاهيندي هُن پنهنجو پاڻ کي غور سان ڏٺو_
وڏا واسينگ وار_
نَڪَ ۾ ڦُلي_
ٻانهن ۾ شيشي جون جرڪندڙ چوڙيون_
چپن تي مُرڪ_ مرڪ جو ورلاپُ:
”سهڻي تنهنجي سونهن بد نظر کان بچي_ ڇا ته جواني ٿي ۽ ڇا ته مرڪ؟!“
هوءَ آئيني جي وڌيڪ ويجهو وئي_ اڇا موتين داڻا ڏند_ ڳل جو چُگههُ ۽ ڊگهي ڳچي جي نِکار جوڀن رت جي ٻورَ جي خوشبوءِ سمان_! سهڻي خيالن جي وهڪري حوالي_
اچانڪ سهڻي جي اکين تي هَٿَ اچي ويا_
”ڪير؟“
سهڻي جي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو_
اوچتو آيل وجود سوڙهو_ سفا سوڙهو ٿي، سهڻي جي اکين کي هٿن جي تِريُنِ سان اڃان تائين بند ڪري بيٺل هو_
_اکين ۾ ترورا_ اوندهه_
سهڻي جا هٿ بند هٿن جي ڇهاءَ کي پَرکڻَ لاءِ آتا:
”اکين تان هٿ کَڻُ ميهار_ سهڻي پنهنجي ميهار کي نه سڃاڻندي ڇا؟؟“
_ ٽهڪڙا_
”اورتي اچ سهڻي_“
”ڇو؟“
”توکي پنهنجن هٿن سان والا پارائيندس_“
”مان تنهنجي حوالي ميهار!“
”اڃان ويجهو اچ سهڻي“
”والا پارائڻ ٿو چاهين يا ڀاڪر؟“
”والا به _ ڀاڪر به!“
”تون پنهنجي حصي جو ڀاڪر پاءِ _ والا مان شام پاڻ پائيندس“
”شام جو ڇو؟ هاڻي _ هاڻي!!“ ميهار جي موڊ ۾ ماڻا پئي جَهلڪيا_
”ڪَننِ ۾ ڪِرِڙَ جون ڪاٺيون پيل آهن، شام جو ڪڍي ڪَن صاف ڪري پائينديس“
ميهار سهڻي مان هٿ ڍرا ڪري مينهن جي واڙي ۾ آيو_
ڀوري وڇير ۽ گوشي مينهن هن کي ڏسي ڪِڻڪون ڪيون_
_ هُن سُڪي پلال جو ڀاڪر ڀري سڀني ڍورن کي ورهائي ڏنو_
ميهار واڙي مان ٻاهر نڪتو ته ڪُراڙي پيءُ ساوند ڏني جي اڳيان اچي بيٺو_
”ميهار پُٽ_“
” جي اَبا!“
”ٻنيءَ ۾ پاڻي نه هو_ سُڪي پَئي_“
_ ميهار ڪوڏر ڪلهي تي ۽ هٿ ۾ لٺ سنڀالي، زمين جو پاڻي ورائڻ لاءِ اَٺاسَ جا ٻَنا لتاڙيندو واٽر جي مُنڊي تي اچي پهتو، جتي ڪوڏر سان کوٽائي ڪندي هن کان دانهن نڪري وئي. هو يڪدم ڪوڏر کي پاڻي ۾ ڦٽو ڪري ٻاهر نڪري آيو_
_ هن جي پير جي کُڙي ۾ ڪنهن بَلا جو چَڪُ پاتل هو_
_ميهار جي دل خوف ۾ زور سان ڌڙڪڻ لڳي_
_ هن پاڻي ۾ واپس وڃي ڪوڏر کي سنڀالڻ گهريو، پر دل جي خوف ورائڻ تي دل نه جَهلي هو آخري نگاهه سان وهندڙ پاڻي کي ڏسي گهوڙي تالَ گهر موٽيو_
”سهڻي!... او سهڻي الائي ڪهڙي بَلا ڏنگيو آ“_
_ سهڻي کان دانهن نڪري وئي ۽ هوءَ پنهنجي ميهار جي مٿان اچي ڪِري_
ميهار جون اکيون ٻوٽبيون ٿي ويون_
”ميهار_ او_ ميهار پنهنجي سهڻي کي آواز ڏي... تنهنجي سهڻي توتان صدقي!!“
سهڻي جي ڪيهاٽن تي سڄو ڳوٺ اچي ڪَڙڪِيو_
”ميهار جي رنگ کي ڏسو_ ڪاراٽيل_“
”نانگ جي ڏنگ ۾ اهڙي حالت ٿيندي آ_ جلدي ڪيو ڄنگهه کي ڇِڪي ٻَڌوس_ زهر مٿي نه وڃي“
”منهنجي ميهار کي بچايو“ ميهار جي پوڙهي پيءُ ساوند ڏني جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ”ميهار! منهنجو اڪيلو سهارو ۽ اکين جو تارو آ!!“
_ سڀني جي اسرار تي ميهار کي اسپتال نيو ويو_
ڳوٺاڻا موٽي آيا ته چُپ هئا_
”منهنجو ميهار؟“ سهڻي تڙپي اٿي
”اچي ٿو!“
”پنڌِ؟“
”نه!“ ڪنهن هڪ ڳوٺاڻي جو آواز آيو ”ايمبولينس تي!!“
سهڻي جي مٿان وڄُ ڪڙڪي پئي ۽ هن جون سڀ خوشيون شيشي جي چوڙين جيان ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي ويون_
**