ڪھاڻيون

عشق جي آخري سرحد

يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي
Title Cover of book عشق جي آخري سرحد

عشق جي آخري سرحد

مرداڻي سماج ۾ عورت جي اهميت نهايت محدود آهي ۽ مرد جي لامحدود! هو چاهي ته دنيا کي جنت جو باغ بنائي ۽ چاهي ته دوزخ جو هڪ آڙاههُ!... عورت هر دور ۾ مرد جي طبقاتي ورڇَ جي وَرِ چڙهي آهي، جنهن صليب تي حياتي جي جيئندان لاءِ سرگردان رهي، هوءَ زندگي جو هر پل خيرات ۾ وٺڻ لاءِ مرد جي محتاج رهي آهي!... تاريخ جي هر دور عورت جي مقدس چهري تي ظلم جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن... بيبي مريم کان بيبي حاجران تائين، مرد پنهنجي حصي جون تنهايون ۽ رسوايون عورت جي نازڪ وجود مٿان اُڇلي پنهنجو دامن آجو رکيو آهي... مردن جو صديون پراڻو اهو سماج اڄ به جيئن جو تيئن آهي، مرد چاهي ته عورت شهزادي ٿي دنيا تي راڄ ڪري ۽ جي مرد چاهي ته عورت ڳاڙهي بازار ۾ پنهنجي جسم جو سودو ڪري طوائف بنجي زندگي گذاري _
مان به هڪ عورت آهيان، سنڌي سماج جي مُهذب پڻي جي گواهه عورت، جنهن کي وقت جي هڪ طوفان زندگي جو يادگار سبق سيکاريو آهي ۽ مان زندگي جا ميڙيل درد جهول ۾ کڻي تنها جيون جي ميرانجهڙي ڇانوري ۾ زندگي جا باقي ڏينهن گذاري رهي آهيان... مرد ۽ ان جي مردانگي جي ڪارنامن مون سميت هر دور جي عورتن کي پنهنجي انائن جو شڪار بڻائي تنهاين جي رڻ ۾ ڀٽڪايو آهي...!
منهنجي فرياد:
مون کي ياد آهي، جڏهن نيئن نئين جواني جي سانڀر هجي_ فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي آئي هُيس، تڏهن فلاسافي جي ڄاڻو ليڪچرار سَرِ دانش جي جادوگري ۾ اچي ڦاٿي هيس... هُن کي ڏسي، سندس لفظن جي سحر ۾ گم ڇا ٿي هيس، ڄڻ پنهنجي ئي دل جي ڌڙڪن ۾ هن جي آواز جي پڙاڏي کي گونجندي ڏٺو هئم... پر خاموش رهي هُيس... منهنجي حرڪتن ۽ چلولاين جو ڇيههُ تڏهن آيو هو، جڏهن هن ليڪچر ڏيندي هڪ ڏينهن منهنجي گُهور جي گهرائي تائين پهچي چيو هو:
”مس رخسار ڪٿي آهيو...؟ خيال ختم ڪري ڪلاس ۾ واپس اچو...!!“
ان ڏينهن بعد روز پڙهائيندي ڪونه ڪو بهانو ٺاهي سر دانش مون تائين پهچي ويندو هو، هن جي ويجهو ايندي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي، هُو ويجهو اچي ڪڏهن چورُ ته ڪڏهن سڌين نظرن سان منهنجي جسم جو طواف ڪري هليو ويندو هو...!
دانش جي اهڙي حالت ۾ طلسم سمايل نظر ايندو هو ۽ پوءِ هو بورڊ جي ڀرسان اچي ٿڌو ڇوڪارو ڀري چوندو هو ”جواني ديواني آهي!“ سر دانش جي ڊائلاگ ۾ جيتوڻيڪ منهنجي دل جي درد جي عڪاسي هوندي هئي، پر سڄي ڪلاس جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي اندر جي چور کي پڪڙجڻ جو خدشو سمجهي ڪومائجي ويندا هئا / هيون... فلسفي جي تشريحي رقص ۾ ڪڏهن ڪڏهن مان سر دانش جي عمر کي نظر ۾ رکي کائنس نفرت به ڪرڻ لڳندي هيس... محبت ۽ نفرت جي درميان ڇڪتاڻ ٿيندي هڪ ئي فيصلي تي اچي پهچندي هيس ته ”مون کي پنهنجي مستقبل جي بهتري لاءِ فقط پڙهڻ گهرجي، عشق جي چڪر ۾ اچي پنهنجو اجايو وقت نه وڃائڻ گهرجي!“
”زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪاميابين جو شاهراهه ڇا کي ٿو چئجي؟“
ڪلاس جي هڪ شاگرد جي سوال تي سر دانش جو انگيج پيرڊ بحث جي ور چڙهي ويو هو،
”زندگي وقت جو آئينو آهي!“ سر دانش جواب ڏيندي وراڻيو هو ”زندگي جي جاکوڙ ۾ جڏهن ماڻهو ٿڪجي پوي، تڏهن به ڪامرانين جي آس ۾ اڳتي وڌڻ جي آس هجي، تڏهن اوهان پڪ سمجهو اوهان ڪاميابين جي شاهراهه تي آهيو ۽ منزل توهان جي ويجهو آهي!“
”پريم ڇا آهي؟“ ڪلاس ميٽ مُجيب جي سوال تي سر دانش چند منٽ خاموش ٿي ويو هو، جهٽ بعد هڪ ڊگهي نگاهه سان مون طرف نهاري پوءِ نظر ڦيري وراڻيو هئائين: ”زندگي جي جستجو ۾ پريم جو پنڌ اڻ کٽ هجي ٿو_ جنهن جي حاصلات لاءِ حياتيون وهامي وڃن ٿيون! اظهار کي لفظن جي ترتيب ۾ سال وهامي وڃن ٿا ۽ بيقراريءَ جي وڏي اضطراب مان گذرڻو پوي ٿو!!“
”اوهان پنهنجي فلسفي کي پريم جي روشني ۾ نه ڄاڻ ته ڪٿي ٿا وٺي وڃو، حقيقت ۾ پريم سڀ ڪجهه ناهي“ مِسِ نوشين اٿي اعتراض واريو هو،
”پريم سڀ ڪجهه آهي به_ ناهي به!“ سر دانش مِسِ نوشين کان نظرون ڦيريندو ڳالهائڻ لڳو هو ”دل جي هر ڌڙڪن ۾ پريم پروان ٿئي ٿو! اکين جي چلولاين کان، چپن جي مرڪ تائين پريم جي رفتار جو ڪمال آهي... انتظار جي سوليءَ تي پهچڻ کان موڪلائڻ مهل ڳوڙهن سان ڀنل نيڻ جي آلاڻ ۾ پريم جو ئي اثر آهي... پريم جي پوترتا زندگي ۾ حُسن ڀري ٿي!!“
”اوهان جي ان موضوع تي ليڪچر ڏيڻ جو ڇا مطلب آهي سر!“
مُجيب جي چپن تي ڪابه مرڪ نه هئي، هُن جي اکين ۾ جهڙوڪر ساڙ ۽ بغض اوتيل هو_
”منهنجي ليڪچر ڏيڻ جو مقصد اوهان جي دلين جي ترجماني ڪرڻ آهي!“
”اسان جي دلين جي يا پنهنجي دل جي!“
مس تارا جي سوال تي سڄي ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو
”اوهان ڪيترو به پنهنجي دلين جي درد کي اظهار کان پاسي تي رکو، پر ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن دل جي درياهه ۾ اوهان جي پيار جو پنڇي ضرور ٻُڏندو _ ترندو۽ اوهان مجبور ٿي پريم جي دستڪ تي سجاڳ ٿي پوندا!!“
”اسان کي پريم جو فلسفو نه گهرجي سر دانش اسان کي زندگي جو فلسفو گهرجي... اسان کي زندگي جو فلسفو اهڙو ته سولو ڪري ڏيو، جو اسان جا ساٿي ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وڃي روزگار سان لڳن... بيروزگاري ۾ سڀ فلسفا بي معنيٰ لڳندا آهن!! هيءَ سنڌ آهي_ يورپ نه، هتي پريم جي پرچار اجائي آهي، هتي جوانيون اميدن جي آس ۾ گهائجن ٿيون_ جوانين جي گهاون کي ڀَرڻ جي فلسفي کي منظر عام تي آڻيو... روزگار... عزت... ۽ سلڇڻائپ جي فلسفي جي عام ٿيڻ تي اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسل جي درست ترجماني ٿي سگهندي...!!“
مجيب جي فلسفي ۾ وزن ڏسي، سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين سندس جملن جي تائيد ڪئي هئي ۽ پوءِ انگيج پيرڊ جي ختم ٿيندي مجيب مون طرف وڌي آيو هو، چيو هئائين ”رخسار متان سمجهين ته ليڪچر ڏيڻ سر دانش کان پوءِ حد آهي_ اسان به ڏئي ڄاڻون!“
”هائو_ هائو خبر آهي؟“ وراڻيو هئم
”ڇا جي؟“
”تنهنجو مستقبل روشن آهي!“
”ٽوڪ ڪيئي رخسار؟“
” نه_ سچ چيم مجيب! ٽوڪ ۽ طنز ڪرڻ مان نه ڄاڻان!!“
_ ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا هئا، سر دانش اچانڪ يونيورسٽي ۾ اچڻ کان غير حاضر رهڻ لڳو هو، جنهن جي غيرموجودگي ۾ مجيب منهنجي زندگي ۾ ڪافي سارو اڳتي وڌي آيو هو... بحث مباحثي کان هڪ ٻئي جي رهنمائي ڪرڻ تائين، اسان جي وچ ۾ عجب رشتو جڙي ويو هو... مان حيران هيس... هڪ طرف منهنجي دل ۾ سر دانش جا خيال رونما ٿيڻ لڳا هئا ته ٻئي طرف مجيب جو معصوم چهرو منهنجي ساٿ جو منتظر هو_ مان عجيب امتحان ۾ ڦاٿي هُيس!
اربع جي ڏينهن سر دانش پنهنجي فلاسافي جو پيرڊ وٺڻ لاءِ ڪلاس ۾ آيو، هُو چپ چاپ هو، منهنجي نظرن هن جي خاموشي تائين پهچڻ ٿي گهريو، چيو هئم ”سر اوهان ايترا ڏينهن ڪٿي هئا؟“
”گهر واري جي ڊليوري هئي؟“
”خيرن سان ٿي وئي!“ مجيب ڳالهائڻ کان رهي نه سگهيو هو_
”هوءَ ڊليوري ڪيس جي حل ٿيڻ کان اڳ فوت ٿي وئي_!“
”افسوس_ سد افسوس سَر... اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون!!“
سڄو ڪلاس ان سمي سوڳواريت جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو ۽ مان سر دانش جي چهري ۾ ڏسندي سوچن جي صحرا ۾ گم ٿي وئي هيس ”حياتي ايڏي مختصر ڇو آهي؟... ماڻهو جي مَن جو گلشن بهار ٿيڻ جي انتظار ۾ ڇو ٿو ڪومائجي وڃي! حياتي واءُ جي تيز جهوٽي جيان ڇو آهي، جنهن جي اثر ۾ خوشين جا سڀ گل ڇڻيو وڃن؟“
جهٽ رکي مون ڪنڌ مٿي ڪري سر دانش جي چهري ۾ چور نگاهن سان چتائي ڏٺو هو، هو منهنجي نظرن اڳيان گذريل پهريون مرد هو، جنهن جي چهري تي جيون ساٿياڻيءَ جي وڇوڙي سان ڪي نشان نه ٺهيا هئا ۽ نه ئي آواز ۾ تبديلي آئي هئس...!!
(مرد شايد ازل کان عورت سان وفا جو ناٽڪ رچائي، کيس دربدر ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ آهي ۽ عورت مرد جي وڇوڙي تي پنهنجي باقي حياتي جا سڀ پل ويراڳ ۾ گذاري ٿي، عورت ۽ مرد جو فلسفو هاڻي نئين معنيٰ جو ڳولهائو آهي)
هڪ ڏينهن:
مان لائبريري مان ”جديد فلسفي جا ٻه چار ڪتاب ڦلهوڙي واپس وري هيس، سامهون سر دانش ٽڪرايو هو_
”رخسار!“
”جي سَر!“
”ناراض آهين؟“
”نه سر“
”رخسار مان توکي پنهنجي زندگي جي سفر ۾ وٺي هلڻ گهران ٿو“
ان سمي مان ڳيتون ڏيڻ شروع ڪيون هيون، چپن مان ڪو آواز نه ٿي اُڪليو، صرف ايترو چيو هئم ”سر عمر جي فرق کي ڇو نه ٿا ڏسو!؟“
”رخسار منهنجي ايتري وڏي عمر نه آهي، جيتري تون سمجهين ٿي_ مان اٺٽيهه سالن جو آهيان_ منهنجي پهرين شادي کي به صرف ٻه سال گذريا هئا“
”سوري سَر“
مان ڊوڙپائي ڪلاس ۾ آئي هيس، جتي وڏا ۽ بي ترتيب ساهه کڻندي ڏسي وينا آهستي چيو هو”ڇو ڇوري ايڏو ٿي سهڪين_ ڪوئي ڪڍ پيو اٿئي ڇا؟“
وينا جي آواز تي ڏاڍي لڄي ٿي هيس، جهڙوڪر چوري پڪڙي هجائين!
(واقعي مرد عورت جي لاءِ هڪ خونخوار جانور جي حيثيت رکي ٿو_ اڳيان هجي ته سفر ۾ رڪاوٽ ۽ جي پويان هجي ته حياتي ۾ جوکو!)
شام جو گهر ايندي سڀ ڳالهيون امان آڏو رکيون هيم_ سر دانش ۽ مجيب جي باري ۾ کيس سڀ ڪجهه ٻڌائڻو پيو هو ”مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سر دانش جو ساٿ ڏيان يا مجيب جي هم عمر جوانيءَ کي پنهنجي قسمت ۾ سمايان؟“
سڀ فيصلا امان جي حوالي ڪيا هئم، صبح تائين گهڻي ويچار کانپوءِ امان جو فيصلو سر دانش جي حق ۾ آيو هو، ۽ پوءِ مان به سر دانش جي نماڻن جملن جي پوئواريت ڪرڻ لڳي هيس:
”رخسار! مان تنها آهيان، مون کي تنهنجو ساٿ گهرجي مان تنهنجي آسري آهيان، منهنجي اڌوري زندگي ۾ گهرو انڌيرو آهي، تون ئي منهنجي زندگي ۾ پيار جا رنگ ڀري، مون کي سهارو ڏئي سگهين ٿي!!“
سر دانش جي التجا ۾ موجود درد کي ڏسي مان عمر جا سڀ فرق وساري هُن جي زندگي ۾ آئي هيس_ مون کان سر دانش سان شادي رچائڻ جي معاملن ۾ سڀ ڪجهه وسري ويو هو_ مجيب به ته_ مجيب جي اڻ اظهاريل محبت به !
پوءِ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن مان هُن جي زال بنجي هن جي گهر هلي وئي هيس... هاڻي هو منهنجو سَرِ نه پر منهنجي زندگي جو مالڪ مرد بنجي ويو هو، جنهن سان حياءَ جا سڀ پردا هٽي ويا هئا ۽ مان ڏيڍ سال اندر ئي نياڻي روماسا جي ماءُ بنجي وئي هيس... اسان جي گهر ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ هو، پر مان جيڪا اميد رکي سر دانش سان شادي ڪئي هئي، سا ڄڻ مڪمل طور پوري نه ٿي سگهي هئي_ مان محبت جي هڪ اهڙي گَهرائي چاهي هئي، جنهن ۾ اڪيلائپ جو خاتمو ضروري هو ۽ مان زماني جي ڏکن کي دانش جي ساٿ سان للڪاري حياتي گذاري سگهان هان!...
دانش جسم جو پوڄاري مرد هو، وقت ايندي هو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏڻ جي وڦلڻ ۾ مست هوندو هو ۽ پوءِ وري چپ_ جڏهن ڪم پوي، تڏهن ميڻ!... مون کي هُن جي عجيب روش تي حيرانگي ٿيندي هئي ۽ پوءِ مان وڇوٽين جي ان راز کي ڳولهي لهڻ گهريو هو، جنهن ڪري هن جي وجود ۾ اوپرائپ سمايل نظر ايندي هئي، هُن جي وجود ۾ غير ذميوار روين جو انت آڻڻ لاءِ مون جاڏي ڪاڏي واجهائڻ شروع ڪيو هو_ ”هن جي پگهار جو اڌ کان وڌيڪ خرچ دوستن جي مٿان ٿو ٿئي، هفتي جي هر ٻئين ڏينهن هُن جا ڪي نه ڪي دوست سندس مهمان ٿي ڇو ٿا اچن؟ ايتري فضول خرچي جي پويان هُن آخر ڇا ڏٺو آهي؟“
پوءِ هڪ ڏينهن هُن جي اعلى گڻ مهمانن کي ڏسڻ جو شوق جاڳيو، جن جي خدمت ۾ نه رڳو دانش کُٿو پورو نه پوندو هو، پر مون کي به هميشه سندن ڀاڄي تيار ڪرڻ، ماني پچائڻ ۽ ڌوڌُ پتي چانهن ٺاهڻ تائين تڪليف مان گذرڻو پوندو هو_ ننڍڙي روماسا روئي پنهنجا حال هيڻا ڪري ڇڏيندي هئي، پر مون کي ڪڏهن مڇيءَ جي ڀاڄي ته ڪڏهن ٻاڪري گوشت جي رڌ پچاءَ کان فرصت نه ملندي هئي_
هڪ رات:
عيد جي رات هئي، هُن جو الائي ڪهڙو مهمان اچڻو هو، جنهن جي آڌرڀاءُ لاءِ هو ڏاڍو منتظر هو ۽ مان هن جي مهمان اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي موبائل کي سائلينٽ ۾ رکي وڊيو آن ڪري مهمان خاني جي هڪ پوشيده جڳهه تي رکي آئي هيس_ اها رات دانش مهمان خاني ۾ اُن مهمان سان گڏ گذاري هئي_
عيد جي رات مان اڪيلي هيس_ هو هُجي ها ته منهنجي هٿن تي ميندي جا گل ضرور ڪڍي ها، پر هوُ هڪ لمحو به مون ڏانهن مُڙي نه آيو هو، سڄي رات مون تنها ٿي گذاري هئي، عورت شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کان اڳ ۾ وڏا خواب ڏسندي آهي، جنهن مطابق هن جو مڙس هن جي پل پل جو خيال رکڻ وارو هجڻ گهرجي، پر هي ڪهڙو مرد هو، جنهن کي پنهنجي جوان زال جي احساسن جو زرو به خيال نه هو! ”مهمان کي اڪيلي ڪمري ۾ سمهڻ کان خوف ٿيندو آهي ڇا؟ هي ڪهڙو مرداڻو خوف هو، جنهن مون کان عيد جون خوشيون ڇني ورتيون هيون!؟“
صبح ٿيندي دانش جڏهن مهمان کي چانهن پيارڻ بهاني کيس هوٽل تي وٺي ويو هو، تڏهن مان ڊوڙ پائي ڪمري ۾ رکي آيل موبائل کڻي آئي هيس... هڪ مُڇن جي ساول رکندڙ خوبرو نوجوان سان هُن وڏا وڏا ٽهڪ ٿي ڏنا... هنن جو آواز جيتوڻيڪ چٽي طرح ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو، پر پوءِ به سڀ ڪجهه ڏسي پئي سگهيس... وڊيو آن ڪندي_ پوءِ _ گهڻو پوءِ اوچتو حيران ۽ دنگ رهجي وئي هيس... اکيون لرزشي ويون هيون... هي ڪهڙا مرد هئا؟ ٻنهي جا ڪپڙا لهي بدن کان پري ٿي ويا هئا ۽ مُڇن جي ساول وارو نوجوان دانش جي مٿان هو!... “
”هان!“ مون کان دانهن نڪري وئي هئي ۽ مان خوف کان ڪنبدي ڊوڙندي ٻاهريون دروازو بند ڪري شروع کان ٻيهر وڊيو ڏسڻ شروع ڪيو هئم... منهنجو اعتبار ڇيهون ڇيهون ٿي ويو هو... هڪ ڌاريي مرد کي دانش جي مٿان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي وائڙي ٿي وئي هيس...!!
مرد ايڏو حٻشي ڇو آهي؟ پاڻ ئي پنهنجا ڪپڙا لاهي پنهنجي مردانگي جو انت آڻي ٿو؟
(شايد عورت ڌرتي جي گولي تي غلطي مان موڪليل عجوبو آهي، جنهن جا احساس ڪا به معنيٰ نه رکندا آهن، هيءَ دنيا مردن جي دنيا آهي، جي مرد چاهي ته عورت کي قبول ڪري ۽ چاهي ته عورت کان انتها درجي جي حقارت ڪري)
”ڪُتو_ ڪُتي جو پُٽ ان پرڪارن ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لُٽائي ويٺو آهي_“
مان اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندي رهي هيس، جو دروازو کڙڪائي هُن پنهنجي واپس اچڻ جو سگنل ڏنو هو. منهنجي چهري تي ڪروڌ نمايان هو، جنهن کي شايد هُن پرکي ورتو هيو، ايندي ئي چيو هئائين ”اوهان جي ٻوٿ تي ٻارنهن ڇو ٿا وڄن؟“
”تنهنجا پرڪار ڏسي!“ وراڻيو هيم_
”منهنجا پرڪار! ڇا ڪيو آ مان؟“
”دنيا فتح ڪئي آهي تون سڄي رات!“
”ڇا مطلب؟“
”مون کان ٿو پڇين؟... پاڻ کان پڇ؟... رات جي ساروڻين ۾ جهاتي پائي ڏس، جتي ڪيئن نه هڪ مرد جي هيٺان سمهي تون خوش خوش نظر پيو اچين؟“
”مان نه سمجهيو؟“ دانش سڀ ڪجهه سمجهندي به اڻ ڄاڻ بنجڻ جي ڪوشش ڪري چيو هو ”مون کي کولي ٻڌاءِ“
”دنيا جي نظرن ۾ پڙهيو لکيو... ڦُوشِريلُ... ڪاٽن جا ڪپڙا پائي، پاڻ کي سڀني کان معتبر سمجهندڙ، جڏهن غيرت کان خالي_ کوٽو ۽ بدافعالو نڪري ته قيامت اچڻ ۾ باقي ڇا ٿو رهي...!
”آخر ڇا ڪيو اٿم، ٻڌاءِ به کڻي نه_ ٽين شادي ته نه ڪئي اٿم“
”ٽين شادي مرد ڪندا آهن مسٽر دانش، جن کي چوٿين شادي به ٺهي... تو جهڙا ته هڪ جي لائق به نه هوندا آهن... تو جهڙا پاڻ ٻين مردن جا موٿوُ هوندا آهن...!
”مان گهڻو برداشت ڪيو اٿم، هاڻي هڪ لفظ به زبان تي نه آڻجانءِ ... منهنجي مردانگي تي هٿ کڻي تون ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهين؟“
”مردانگي_ ڪهڙي مردانگي؟ ڇا کي ٿو چوين مردانگي؟!... هڪ مرد ٻئي مرد جي هيٺيان اگهاڙو، اونڌو ۽ انڌو ٿي سمهي پوي... اهڙي مردانگي کان ته ماڻهو ٻڏي مري وڃي!!“
منهنجو نشانو ٺيڪ جاءِ تي لڳو هو، جنهن جي ردعمل ۾ دانش پنهنجي بوٽ جو هڪ پادر مون طرف اڇلائي وچڙندڙ جملي ۾ غصو ڏيکاري وراڻيو هو ”مون تي الزام ٿي هڻين رنڊي رَن...! مان نه ڇڏيندس توکي؟“
”ڇا ڪندين؟“
”تنهنجو خون!“
”دانش عيد جو اهو ڏينهن گهر نه رهيو هو، گذار سومهڻي دروازي جي ٺڪ ٺڪ ٿي دروازو کولي پوئتي مڙي هيس... مون کي خيال ۾ به نه هو، هُن جي ان ئي ساڳي مُڇن جي ساول واري لونڊي منهنجي عزت ۾ هٿ وڌا هئا_
(واهه ڙي مرد ڇا تنهنجي غيرت ايتري ٻڏي وئي، جو تون پنهنجي حصي جي رُسوائي پنهنجي ئي جيون ساٿياڻي عورت جي مُنهن تي ٿڦڻُ گهرين ٿو... تون فطري طور غيرت جي بنياد کي ڪمزور ڪندڙ مرد آهين، دنيا جو ڀڙوو مرد)
”عادت کان مجبور ۽ ڀڙوي مڙس کان کٽ خالي ڀلي“ تي ويچاري ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو هئم... مون کي جيڪو سڪون پنهنجي اباڻي گهر ۾ امان سان گڏ رهندي آيو هو، تيترو دانش کان بيزار به ٿي هئس... غيرت کان خالي مڙس جو پاڇو، حياتيءَ جو وڏو داغ ٿئي ٿو، جنهن کي پنهنجي نراڙ تي محسوس ڪندي طلاق کي بهتر سمجهي ڪورٽ تائين دانش سان بيهي مقابلو ڪيو هئم، غيرت کان خالي مرد جي گهر ۽ اُن جي سکڻي ڇانوري ۾ رهڻ جو ڪوئي جواز به ته نه بچيو هو...
هڪ ڏينهن جج جي سامهون سمجهوتي جو خواب کڻي، هو مون تائين وڌي آيو هو، چيو هئائين ”مون هارايو تو کٽيو! تون جيئن چوندينءَ، مان تيئن ڪندس. مون ڏي واپس اچ_ رخسار! تنهنجي منهنجي شادي پيار جي شادي هئي... پوءِ ايڏي نفرت ۽ وڇوٽي ڇو؟“
”مان ڪافي اڳتي نِڪري آئي آهيان، جنهن جو حَلُ صرف طلاق آهي!“
”مان طلاق نه ڏيان ته...“
”مان وٺي رهنديس“
”تنهنجي ڌيءُ آهي، اها مان توکان ڇني وٺندس، ڇا تون روماسا جي جدائي برداشت ڪري سگهندينءَ؟!“
”دنيا جي ڪابه طاقت مون کان منهنجي ڌيءُ نه ٿي کسي سگهي، ماءُ ئي ڌيءُ جي وارث آهي، هوءَ پنهنجي خون جي بدولت ئي کيس جنمي ۽ پالي ٿي“
جهٽ رکي منهنجي دانش جي زندگي ۾ واپس نه وڃڻ واري انڪار بعد جج مون کي آزاد هئڻ جو فيصلو ٻڌايو هو... پر...ٽن سالن بعد روماسا کي پيءُ جي حوالي ڪرڻ واري نئين فيصلي مون مٿان قيامت کڙي ڪئي هئي... دل چاهيو هو، زور سان رڙيون ڪري منصف جي اهڙي فيصلي کان نابري واريان... هڪ معصوم نينگري کي پيءُ جي روپ ۾ هڪ دلال جي حوالي ٿيڻ خلاف ڪيهاٽ ڪيا هئم، پر ڪنهن کي رحم نه آيو هو، دنيا جا سڀ ماڻهو مرداڻي سماج جي پيداوار آهن، عورت ڪٺ پتلي آهي_ هر هنڌ هر جڳهه!... ۽ مرد عورت جو ٻيو خدا بڻجي کيس پنهنجي مرضي جي ماتحت رکي سندس عزت ۽ اَنا کي ميري ڪرڻ جا وڏا وڏا هوڪا ڏيڻ وارو!!
(حياتي جا اهي ٽي سال ڏاڍي پيڙا سان گذاريا هئم)
هڪ شام دانش ڪورٽ جي وڪيل معرفت روماسا کي منهنجي گود کان ڇني وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، روماسا منهنجي خوُشين جو چنڊ هئي، منهنجي اڱڻ تان منهنجي خوشين جو چنڊ روشني کڻي گم ٿي ويو...!
اڄ مان غمن جي انڌيري ۾ سڀ ڪجهه وڃائي خالي هٿين پنهنجي ماءُ جي ڇانو ۾ ويٺي آهيان ۽ منهنجي معصوم ڌيءُ پنهنجي ماءُ جي ڇانوري کان گهڻو پري آهي_ ايترو پري جتان هُن جو آواز منهنجي ڪنن تائين نه ٿو پهچي... مون کي پڪ آهي، هوءَ رانديڪن سان نه کيڏندي هوندي ۽ نه ئي چنڊ کي پڪڙي آڻڻ جا شرط رکي پيءُ کي تنگ ڪندي هوندي، رڳو ڍنڍڪرون ڏئي روئندي ۽ سسڪيون ڀري چوندي هوندي ”منهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟ مون کي امان ڏي وٺي هلو!!...“
روماسا جون يادگيرون ساهه کي سوڙهو ڪرڻ لڳيون آهن، سوچيان ٿي ايتري اٿاهه ممتا جي ڀاونا عورت جي ورثي ۾ ڇو آئي آهي؟ عورت جو نفيس وجود ڳري پيڙا جي پهاڙن آڏو ڪهڙي اهميت رکي ٿو، عورت شيشي جيان آهي، جيڪا پيڙا جي پهاڙ سان ٽڪرائجي ريزا ريزا ٿي وڃي ٿي!!... مان ڪاڏي وڃان، روماسا سواءِ منهنجو هيانءُ ٿو ڦاٽي! سوچيان ٿي دنيا جي باقي هجڻ جو جواز نه رهيو آهي، بس قيامت اچي ۽ مان روماسا سان وڃي ملان...!“
روماسا جي جدائي جي ٽن مهينن منهنجي چهري تي گُهنج اُڀاري ڇڏيا آهن ۽ مان شام ٿيندي دانش جي زندگي ۾ واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، منهنجو اندر ٻه اڌ هو... مان اها ”مان“ نه رهي هيس، جنهن جي جوڀن تي پوپٽ گل ڇڏي ڊوڙندا ايندا هئا، مان ممتا جي پهاڙ سان مٿو ٽڪرائي زخمي ٿي پاڻ هاري ويٺي هيس ۽ روماسا جي مالڪي ڪرڻ لاءِ سڀ رُسوايون سِر تي کڻڻ لاءِ تيار ٿي هيس، پر... پر سڀ کان وڏي رڪاوٽ منهنجي ماءُ ٿي بيٺي هئي، چيائين ”طلاق کانپوءِ ڪابه عورت پنهنجي اڳلي مڙس ڏي نه ٿي وڃي سگهي... تو کي اڳ ۾ سوچڻ گهرجي ها“
”مون کي ڪو به حل ڪڍي ڏي امان! مان ... مان... روماسا کان سواءِ پل پل مري رهي آهيان“
”هڪ حل آهي رخسار“
”ڪهڙو؟ مون ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو هو، وراڻيو هيم ”جلدي ٻڌاءِ امان_ جلدي! مان هڪ پل جي جدائي به نه ٿي برداشت ڪري سگهان، منهنجي روماسا الائي ڪهڙي حالن ۾ هوندي!“
”ايڏي اٻهري نه ٿي رخسار_ ٿڌي دماغ سان فيصلا ڪري، تون پوءِ ئي روماسا جي وڇوٽين کي دُور ڪري سگهين ٿي“
”مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“
”ٻي شادي“
”ڇا؟“ مون کان دانهن نڪري وئي، چيم ”مان جڏهن ٻي شادي ڪنديس ته پوءِ دانش تائين ڪيئن پهچنديس؟ روماسا ڪيئن منهنجي ٿيندي؟“
”شادي_ ان کانپوءِ طلاق ۽ پوءِ دانش سان ٻيهر نڪاح...!“
منهنجي اکين آڏو اونداهه اچي وئي... سڀ ڪجهه سمجهه کان ٻاهر ۽ ڏکيو هو، پر روماسا جي ڪري مون کي سڀ تڪليفون سِرَ تي کڻڻيون هيون_
ان ئي شام مان ٻي ڪا واهه نه ڏسي مجيب جو پڇائيندي هن تائين پهتي هيس، هن ڏاڍو سٺو آڌرڀاءُ ڪيو، منهنجي حالت ڏسي ڏاڍو پريشان ٿي ويو هو، هن منهنجي حالت ڏسي ڪجهه پڇڻ چاهيو ته مان کيس ڳالهائڻ ئي نه ڏنو، چيم ”مون سان شادي ڪندين؟“
هو حيران ٿي منهنجي چهري ۾ چتائي ڏسڻ لڳو هو، شايد ”ڪجهه“ ڳولهيندو هجي_ پوءِ مليو به هئس ڪجهه الائي نه!
”پر ايڏي تڪڙي شادي ڇو؟“
”مون کي تڪڙ آهي مجيب“
”مون کي قبول آهي“
(مجيب ڄڻ ٻهڪي اُٿيو هو)
”پر هيءَ شادي صرف هڪ رات جي هوندي!“
”هڪ رات جي...! مان نه سمجهيو رخسار؟!“
مون کان بي خوديءَ ۾ سڏڪا آلاپجي پيا هئا ۽ مان ڪيترا پل سڏڪندي هن جي ڀاڪر ۾ هلي وئي هيس، ۽ کيس سڀ ڪجهه ٻڌائڻ شروع ڪيو هو...!
ان رات مجيب هڪ مولوي کي وٺي آيو، جنهن اسان جي وچ ۾ نڪاح جي رسمن کي بخوبي نڀايو، سڄي رات هن منهنجي قدمن کان ويهي گذاري... مون سان گڏ منهنجي درد جو درمان ڳوليندو رهيو... اهو سچ هو/ آهي ته جيڪڏهن مون کي روماسا جو خيال نه هجي ها ته مان دانش جي طرف ڀُلجي به نه نهاريان ها... پهريون دفعو هڪ مرد جي لاءِ منهنجا خيال بدليا هئا_
(مرد وڏو مهانُ به آهي، جنهن جي مهانتا هن جي ڪردار کي ٺاهي خوبصورت ته بنائي ٿي، پر هن جو ڪردار سماج جي نفرتن کي محبتن ۾ تبديل به ڪري ٿو_ انسانيت جو ڪمال اڃان نه مُئو آهي_ هيءَ ڌرتي تڏهن قيامت کي سَڏُ نه ٿي ڪري، جڏهن مجيب جهڙا باڪردار ڌرتي تي اڃان به موجود آهن)
سڄي رات هُن مون کي ڇُهيو ڪونه!... اکين جا بار بار ڳوڙها اگهي تسلي ڏيندو رهيو_
صبح ٿيندي_
مجيب هڪ ٽيڪسي ۾ چاڙهي الوداع ڪيو ۽ مان دانش جي گهر آيس، جتي پاڙي ۾ ڏاڍي تبديلي آيل هئي... نوان گهر، نيون بلڊنگون ۽ نوان رستا ٺهيل هئا، پر مون کي انهن سان ڪابه دلچسپي نه هئي!...
دروازو کڙڪائيندي جڏهن دانش ٻاهر نڪري آيو هو، تڏهن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئم_
”جي!“
”مان موٽي آئي آهيان دانش، تنهنجي گهر، پنهنجي روماسا ڏي“
”تون واپس وڃ رخسار! تنهنجي جڳهه هاڻي هن گهر ۾ نه رهي آهي“
”ڇو دانش؟ تون ناراض آهين ته مان معافي به وٺنديس“
دانش ۽ منهنجي آواز تي اندران هڪ ٻي ڳاڙهو ويس اوڍيل عورت نڪري آئي هئي_
”هي ڪير آهي دانش، منهنجو ساهه مُنجهڻ لڳو هو، چيم ”مان تنهنجي گهر ۾ هميشه رهڻ آئي آهيان“
”سوري رخسار! مان شادي ڪري ڇڏي آهي، اها ڳاڙهي ڪپڙن ۾ ڪنوار جو ڏيک ڏيندڙ عورت منهنجي زال آهي!“
ان سمي مون پاڻ کي زندگي جي آخري سرحدن تي بيٺل محسوس ڪيو هو ۽ درد جي هڪ وڏي قافلي کي پاڻ طرف ڊوڙندي ايندي ڏٺو هئم... ڀانيو هئم تڙپي تڙپي زنده لاش ٿي وينديس، پر ائين نه ٿيو... روماسا جي دروازي طرف وڌي ايندڙ مٺڙن ٻولن کي ٻڌي جسم ۾ ساهه موٽي آيو هو، لفظن کان سهارو وٺندي چيو هئم ”توهان کي شادي مبارڪ!... خدا جي واسطي مون کي منهنجي روماسا ڏيو... مان روماسا کان سواءِ هڪ پل به نه ٿي جِي سگهان!!“
ان پل روماسا روئيندي منهنجي ڇاتيءَ سان اچي لڳي ۽ هن جا معصوم هٿ منهنجي ڳوڙهن کي صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويا !!
**