ڪھاڻيون

عشق جي آخري سرحد

يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي
Title Cover of book عشق جي آخري سرحد

اربع خطا

جهارِ کي هڪل ڪندي هن کانڀاڻي کي زور سان اُڇل ڏني. ڦوڙهه لڳندي جهرڪين جي ڪٽڪ ۾ ٽاهُه پئجي ويو ۽ اهي ڀڙڪو ڏئي قطار ڪري اڏامنديون وڃي ٽاپ جي پَرڀرو هڪ سائي ٻروٽي تي ويٺيون.
ڪاڪو صابو صبح کان منجهند تائين جهار کي هڪلون ڏيندي بيساهو ٿي پيو آهي. پڪل پوک کي جهارِ کان بچائيندي هن کي ڏيڊ هفتو گذريو آهي. جهارِ جي ڀيل واري خوف سبب هو گهر جا سڀ ڪم ڪار ڇڏي سج اڀري کان سِج لٿي تائين چئن ايڪڙن جي حوالي آهي. اڄوڪي ڏينهن جهارِ کي هڪلون ڏيندي هن جو آواز ويجهي ويو آهي ۽ جهارِ هن جي بي اثر آواز سبب ڦِري ڦِري سندس ئي پچندڙ فصل جي ڀيل ڪري رهي آهي.
”هَه.. هه.. هه.. ها...“
صابو جهارِ جا ڪٽڪ واپس فصل طرف ايندي ڏسي وڏي آواز ۾ رڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جو آواز چئن_پنجن قدمن جي مفاصلي تائين به نه پهتو.
”تَڙِ.. تڙِ.. تڙ.. تڙ..“
صابو پنهنجي پوڙهن هٿن سان تاڙيون وڄائي جهار کي فصل کان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي. فصل جي مٿان اڏامندڙ جهرڪين لامارا ڏيڻ شروع ڪيا ته هن تاڙين کان بس ڪري هيٺ نِوڙي پيرن ۾ پيل کانڀاڻي سنڀالي لڳاتار ٽي_چار مِٽي جا گُليل جهرڪين جي ڪٽڪ طرف اڇلايا. جهارِ اوڀارا ۽ لهوار لمڪا ڏيندي واپس ٽاپ جي سائي ٻروٽي تي وڃي ويٺي.
”شاهن...او...شاهن جهارِ کي هڪل ڏيندو اچجان... جهارِ اصل رَتُ ڪيو آ... رَتُ!“
صابو پنهنجي ڀائٽي شاهن کي ٽاپ سان ايندي ڏسي کيس هڪل ڪئي. هن جو آواز سندس ڀائيٽي تائين ته نه پهتو هو، پر سندس ڀائيٽو هن جي هٿ جي اشارن، کي سمجهي، زوردار آواز ۾ جهار کي هڪليندو ۽ ڳائيندو چاچي جي مٿان اچي بيٺو.
”چاچا اچو ماني کائو!“
چانورن جي ماني، لَسي جو لوٽو ۽ ان ۾ مکڻ جو چاڻو ڏسندي صابو جي اڌَ ساهي جسم ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو.
ڪاڪي صابو اڃا چند گرهَه ماني جا مسَ کاڌا ته شاهن چاچي جي ڀرسان وڌيڪ ويجهو سُري آيو:
”چاچا“
”هون!“
”هڪ ڳالهه چوان؟“
”ڪهڙي ڳالهه؟؟“
”اسان جي گهر مهمان ڇو آيا آهن؟“
”ڪهڙا مهمان؟؟“
”ڪاڪي وليد وارا.“
”آيا آهن؟“
”ها!“
”پٽ! اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي!!“ صابوءَ ماني جا گرهَه چٻاڙيندي ڳالهه جار رکي_ ”جنهن گهر ۾ نياڻيون جوان ٿينديون آهن، اتي مهمان ايندا رهندا آهن!“
”چاچا پنهنجي گهر ۾ جاءِ هوندي، ٻاهر نه وڃبو آهي... گهر جي ڳالهه گهر ۾ هجي!“
”پٽ تون اڄ جهارِ هڪلجان... مان مهمانن سان وڃي ويهندس!“ سندس چاچي ڳالهه جو رخ مٽائڻ چاهيو.
”نه چاچا! اڄ نه مهمان گهر ۾ ويهندا ۽ نه تون!“
”ڇو؟“
”چاچا مون ۾ ڪهڙو عيب آهي؟“
”ڪو به نه!“
”مان ڪاڻو آهيان؟“
”نه!“
”لولو_لنگڙو؟“
”نه!“
”ڪمائڻ جا ڪُساڏو؟“
”نه!“
”چاچا پوءِ مون کان ايڏي نفرت ڇو؟“
”نفرت مون کي ناهي، تنهنجي چاچي کي آ.“
”چاچيءَ ڏي ڏوهه نه ڏي چاچا!... چاچي پنهنجي نياڻي نيلم جي خوشي ۾ خوش آ ۽ نيلم منهنجي خوشي ۾!“
”پٽ اصل ڳالهه ٻي به آهي!“
”ڪهڙي چاچا؟“
”هڪ غربت ٻيو مٿان قرض گهڻو_ ٻه چار ٽَڪا ملندا ته قرض به لهندو ۽ نياڻي جو لايو سجايو به ٿيندو!“
”چاچا مان ڀريندس تنهنجو سڀ قرض، پنهنجون مينهون کپائي! اڃا به قرض نه لٿو ته زمين جو ٽڪرو گروي رکندس، پر چاچا نيلم کي گهر کان ٻاهر نه اڇل.“
”مان تو کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ نه ڏيندس_ ڇا به ٿي پوي!“
”ڇو چاچا؟“
”هاڻي بس به ڪر!“
”پر مان بس نه ڪندس! مون کي ٻڌاءِ چاچا. مون کان ڪا اربعا خطا ٿي آ؟؟“
”اربعا خطا تو کان نه_مون کي ٿي آ.“
”تو کان؟“
”ها!“
”چاچا خاموش نه رهَه_ جواب ڏي... تو ڪهڙي اربع خطا ڪئي آ_ مون کي پالڻ جي؟؟“
”نه!“
”چاچا تو کي پٽاڻي اولاد ناهي. ڀائٽيا پٽ هوندا آهن... منهنجو آباد گهر تنهنجو گهر ليکبو چاچا... ڇڏ ضد کي... تنهنجو سڀ قرض لاهيندس... مان به ته تنهنجي مرحوم ڀاءُ جي آخري نشاني آهيان...“
”شاهو.“
”جي چاچا.“
”مٽيءَ جو ٻُڪ ڀَر.“
”ڇو چاچا؟“
”منهنجي پٽڪي ۾ وجهه!“
”نه چاچا... مالڪ نظر ڏني آ... مون وٽ تنهنجي پيءُ برابر عزت آ!!“
”شاهو لَهُه ضد تان_ ڇڏي نيلم جي پچر!!“
”پر ڇو چاچا!“
”شاهُو نيلم تو کان نفرت ڪندي آ!“
”نه چاچا! نيلم ته ساهُه گهور ڪندي آ... هن جي پنهنجائپ کي نفرت جو نالو نه ڏي... هوءَ منهنجي اکين ۾ پنهنجي حياتي قربان ڪرڻ جو وچن ورجائيندي آهي!!“
”شاهو تون نيلم کي نه سڃاڻين. هوءَ توکان هميشه پري ڀڄڻ چاهيندي آ... هوءَ تنهنجي پاڇي کي به منحوس ٿي سمجهي. تون به هن کان پري رهُه... تو لاءِ کوڙ ڇوڪريون منهنجا پٽ!!!“
”چڱو چاچا مان هليس، تو ن ڄاڻ، تنهنجو گهر ڄاڻي ۽ تنهنجو ڳوٺ!“
”پر ويندين ڪاڏي؟“
”ڳوٺ ڇڏي گهڻو پري ويندس... رت جا رشتا کوٽا نڪتا!!“
جوان شاهوءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ هو نا اميد قدمن سان پنڌ ڪندو وڃي ٽاپَ تائين پهتو.
”شاهو ٿورو بيهه، هڪ ڳالهه ٻڌ!“ صابو جا پوڙها قدم شاهوءَ جي پويان پويان هئا!
”شاهو پوئتي موٽ. اڄ تو کي سڀ سچ ٿو ٻڌايان!“ شاهو لڙڪ هاڻين اکين کي پوتڙي جي پانڌ سان اگهندو واپس موٽيو.
”ٻڌاءِ چاچا!“
”شاهو تون به پنهنجي پيءُ جهڙو ضدي آهين. هو ڦاهي تي چڙهيو ته به هارَ نه مڃيائين.“
”چاچا مون کان سڄي حياتي اهو درد نه وسرندو... اوهان پنهنجن کي پري ۽ ڌارين کي ويجهو رکڻ جو سوچي مون کي وڏو گهاءُ ڏنو آهي!“
”شاهو گهر جا سڀ پاتي تو کي ڀانئن نه ڀانئن پر منهنجو تو ۾ ساهُه آهي ساهُه!“
”نه چاچا! اهو سڀ فريب آهي.. ڪوڙ آهي.. مان اڄ به تنهنجي نظر ۾ ڌاريءَ جي اولاد آهيان!“
”هرگز نه!“
”ڀلا ڪاريءَ جو پٽ آهيان، تڏهن ته نفرت ڪرين؟“
”هر گز نه!“
”شاهو مون تو کي ننڍپڻ کان پنهنجي اولاد جيان پاليو آهي... منهنجي پيار تي شڪ نه ڪر!“
صابو جي اکين مان لڙڪن جو سيلاب پرٽجي پيو.
”چاچا اهو دنيا جو دستور آهي!“
”ڪهڙو دستور؟“
”ڪاري ماءُ جو اَڇو پٽ_اهو ممڪن ئي ناهي!“
”شاهو! پراڻي وقت کي نه دهراءِ!!“
”چاچا! سڄي ماجرا کولي ٻڌاءِ، آخر اها ڪهڙا ڳالهه آهي، جنهن جي بنيادن تي مون کان نفرت ٿي ڪئي وڃي!!“
شاهو پنهنجي چاچي جي پيرن تي ويهي رهيو.
”شاهو اڄ مان تو کي سڀ ڪجهه سچ ٻڌائيندس... نيلم تنهنجي ڀيڻ آ ۽ تون هن جو ڀاءُ!... تنهنجي ماءُ منهنجي سنگيڻي هئي... تون منهنجي خطا جو ٻوٽو آهين!!“
”چاچا.“
شاهو جا ڇهَه ڇڄي پيا!
”چاچا مان وقت جي اها بي ڀاڙي وَلِ آهيان ، جنهن کي ...“
”شاهو مان خطا وار ضرور آهيان، پر ان ۾ تنهنجي ڪاري ماءُ جي بيماني هئي... هوءَ هميشه منهنجي پويان پيل هوندي هئي... اڳتي هلي مان به جواني ۾ انڌو ٿي پيس... پنهنجي وڏي ڀاءُ جي عزت جو خيال نه رهيو... پوءِ هڪ غلطي وڌيڪ غلطين ۾ شمار ٿيڻ لڳي هئي... جڏهن به تنهنجو پيءُ چوان يا چاچو، گهر ۾ نه هوندو هو ته... هن جا وارا نيارا ٿي پوندا هئا... گهر جو چور ڏاڍو ڏکيو ۽ دير سان پڪڙبو آهي!!“
”پوءِ منهنجي ماءُ کي ماريو به تون؟“
”ها!“
”۽ ڦاهي تي بابو چڙهي ويو!“
”ها!“
”ڇو؟“
”تنهنجي پيءُ کي، تنهنجي ماءُ جي ڪردار تي شڪ پيو هو...ان شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ مان تنهنجي ماءُ کي، ڪنهن ٻئين سان سنجوڳ هجڻ جو الزام هڻي قتل ڪيو هئم...!“
”منهنجي ماءُ جو يار به تون دشمن ۽ قاتل به تون...!“
”ها“
”پوءِ بابو جيل ڇو ويو؟“
”هن مون کي ننڍو ڀاءُ سمجهي، سڀ الزام پنهنجي سر تي کنيا.“
ماحول تي ڪي گهڙيون خاموشي قائم رهي. پريان جهارِ جو ولر فصل جي مٿان ماڪڙ جيان ڪڙڪي پيو.
”شاهو مان تنهنجو ڏوهاري آهيان... مٽيءَ جا ٻڪ ڀري منهنجي مٿي ۾ وجهه... يا ڪهاڙي کڻي منهنجي ڪنڌ لاهي ڇڏ... مان هر سزا لاءِ تيار آهيان...!!“
شاهو جا تارا ڦوٽارجي ويا ۽ هو هيٺ مٽي تي ويهي رهيو.
جهٽ رکي شاهو سامت ۾ آيو.
”هڪ غلطي مون کان به ٿي آ چاچا.“
”ڪهڙي غلطي؟“ صابو جي چهري ۾ گهنج پوڻ لڳا.
”چاچا نيلم پيٽ سان آهي... تنهنجي ڪني خون جي بدبوءِ الائي ڪٿي دنگ ڪندي!!!“
**