صِراط المستقيم
”مقدس“
”جي امان“
ماءُ جي سڏ تي هوءَ ڏانهنس وڌي آئي،
”ڌيءُ قرآن جي سبق تي نه وئي آن؟“
”امان! مٿي ۾ سور آهي“
”ڌيءَ ڪالهه به نه وئي هئين، اڄ وڃ، پنجين پاري ۾ نئين ويٺي آهين، وري سبق نه وسري وڃئي!“
”امان ! مان ٻيهر قرآن جو سبق وٺڻ نه وينديس“
”ڇو؟“
”بس“ مقدس جو معصوم آواز ماءُ تائين پهچندي جهيڻو ٿيڻ لڳو ”امان! سائين هرو ڀرو ’تنهنجو سبق ڪچو آهي‘ چئي لڪڻ وهائي ٿو ڪڍي... ٻيو ڏينهن به نرگس کي اڪيلو ڪمري ۾ واڙي مار ڏنائين...“
”پوءِ...؟“ مقدس جي ماءُ پريشان ٿيڻ لڳي.
”پوءِ نرگس جي رڙين تي اسان سڀ ٻار مدرسي مان ٻاهر ڀڄي آياسين.“
”ڌيءَ اوهان کي اسٽار پلس جي ڊرامن جا ڊائيلاگ ته ياد اچي ٿا وڃن، پر قرآن جو سبق اوهان کي ياد نه ٿو رهي... الائي ته ڇا ٿيو آهي اڄ جي ٻارن کي...؟“
”امان“ مقدس جي معصوميت اڃان برقرار هئي ”مون کي مٿي ۾ گهڻو سور آهي.“
”ڌيءَ قرآن جي سبق نه وٺڻ گهڻو گناهه هوندو آهي.“
”امان گناهه ڇو ٿيندو آهي؟“
”خدا جي نافرماني ڪبي آهي ته گناهه ٿيندو آهي!“
”نا فرماني ڇا ٿيندي آهي امان؟“
”خدا جي ڪلام نه پڙهڻ کي نافرماني چئبو آهي، جنهن جي بدلي خدا ناراض ٿي دوزخ موڪلي ڇڏيندو آهي.“
”امان“ مقدس جي ماءُ جي ڳالهين ۾ دلچسپي وڌي رهي هئي ”امان دوزخ ڇا آهي؟“
”دوزخ هڪ باهه جي آڙاهه جيان هوندو آهي!“
”ڪيڏي باهه هوندي آهي؟“
”صفا وڏي!“
”جيڏي وڏي باهه چاچي سليمان جي گهر کي لڳي هئي_ ايڏي وڏي باهه؟“
”ان کان به وڏي_ آسمان جيڏي!“
”پوءِ اها باهه وسائيندو ڪير؟“
”مقدس“ ماڻهنس کيس دڙڪو ڏنو ”خدا جي ڳجهه ۾ هٿ نه وجهبو آهي“
مقدس ماءُ جي دڙڪي تي چُپ ٿي وئي_ صفا چُپ!
”مقدس“
”جي امان“ مقدس ڇرڪي پئي.
”وڃ هاڻ سبق تي سڀ ٻار پهتا هوندا“
ماءُ جي ڇڙٻ تي مقدس سسي سوڙهي ٿي وئي ۽ پوءِ ’جي امان‘ چئي پاڻ کان وڏي ڇهين درجي ۾ پڙهندڙ ڀاءُ جي ڊگهي چپل پائي مدرسي ڏانهن هلي وئي.
....
“ڇو ڇوري دير سان آئي آن.؟“
”سائين مٿي ۾ سور هو“
”چڱو اچ سبق ٻڌاءِ؟“
”ها سائين“ چئي هوءَ مولوي ڏانهن وڌي وئي، ”اڄ سبق ڪچو آهي سائين “
کبڙ جو آلو چهبڪ مقدس جي نفيس وجود کي اکٻوٽ ۾ گهائل ڪري ويو.
”پڙهه!“ ملان بخيل ٿيڻ لڳو، پنهنجي خوف ناڪ آواز کي بلند ڪندي چيائين”اهد نصراط المستقيم...“
مقدس سڏڪن جي ڪري اڳتي هڪ اکر به نه اڪلائي سگهي هئي.
”چڱو ٻارو! تهان کي موڪل آهي“
ملان جي آواز تي ٻارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي!
مقدس ڳوڙها اگهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
”مان ... وڃان؟“
”نه!... تون ڪاڏي؟“
مقدس جو معصوم آواز ملان جي آواز ۾ دٻجي ويو.
”توکي سبق ٿو پڪو ڪرايان“
ٻارن جي ويندي ملان ڪمري جو دروازو بند ڪري مقدس طرف مڙي آيو ”شاباس! سياڻي ڇوڪري!... هاڻي جلدي ۾ پنهنجو سبق پڪو ڪر... پڙهه!... ”اهد نصراط المستقيم“
بند ڪمري جي انڌيري ۾ مقدس جو ساهه گهٽجڻ لڳو.
”اهد نصراط المستقيم“ پڙهندي مولوي جا لفظ رڪجي ويا ۽ پوءِ مولوي جا هٿ شيطاني ارادن ۾ مشغول ٿي ويا... مقدس جي جسم تي هڪ آدم خور جا رانڀوٽا اچڻ لڳا... مقدس جي پاڪ دامني’ مون کي مٿي ۾ سور آهي‘ واري احتجاج/دانهن تي نه ڌرتي ڌڏي _نه آسمان بارش وسائي...! هڪ ڪم ظرف وحشي ۽ درندي صفت ملان انسانيت جا ليڪا لتاڙي مقدس ۽ مدرسي جي عظمت جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا...
شام ٿي سج لهڻ لڳو ۽ مقدس گهر نه موٽي سندس ماءُ جي دل ويسورن جي ور چڙهي وئي.
”مقدس اڃان گهر نه آئي آهي؟... مٿي ۾ سور سبب ڪٿي ڪري ته نه پئي؟؟“
جهٽ رکي سندس پُٽ موٽي آيو، چيائين”مولوي ٿو چوي مقدس اڄ مدرسي ڪو نه آئي هئي“
مقدس جي ماءُ جي من ۾ هورا کورا وڌڻ لڳا... هن کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي!
مزدوري کان دير سان موٽندي مقدس جو پيءُ به حيران ٿي ويو، چيائين ”مان هيڪل وسورو وڃان ته ڪاڏي؟“
”مزدوري ڪيان يا گهر ۽ ٻارن جي ڪيان؟“
هو منهن مٿو پٽيندو گهر کان ٻاهر آيو، ته دروازي تي پوليس ۽ پاڙي وارا ڏسي دهلجي ويو.
”ملن جو منهن ڪارو ٿيو آهي“
”معصومڙي ڪهڙو ڏوهه ڪيو هن؟“
”بس قيامت ڄاڻ آئي“
”ڪمينا مدرسن ۾ به ٿا منهن ڪارو ڪن!“
”بيغيرت ماڻهو! نبي جي سنت کي لڄائن ٿا!“
”ماڻهن جا روپ ته ڏسو!... ٻاهر ۾ ملان اندر ۾ ابليس!!“
”پنهنجي توبهه! اڄ جو زمانو زور ٿي ويو آ... نه اکين ۾ شناس... نه خدا جو خوف!“
”زبان تي ڪلام _درود ۽ اندر ۾ بي دين بگهڙ“
”انهن جو ته دين ايمان ئي ناهي... شيطان جا پُٽ ... حوسي... لالچي!!!“
ماڻهن جا عجيب گُفتا مقدس جو پيءُ نه سمجهي سگهيو.
”ڪاڪو بهارو تون آهين؟“
”جي ها!“
پوليس وارن جي آواز تي مقدس جو پيءُ ڇرڪي پيو.
”اوهان جي ڌيءُ جو لاش مليو آهي... هن سان مدرسي جي ملان...اسان ملان کي حراست ۾ ورتو آهي...!!“
مزدوري تان نما شام موٽي آيل ڪاڪي بهاري جا ست ملائڪ مري ويا ۽ اندران مقدس جي ماءُ ’منهنجي مقدس مري وئي‘ چئي بيهوش ٿي وئي.!ٰ!
***