ڪھاڻيون

عشق جي آخري سرحد

يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي
Title Cover of book عشق جي آخري سرحد

ڪهاڻيون سرحدن جون محتاج ناهن!

جديد ميڊيا سڄي دنيا کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي دنيا جون دوريون، دوريون ناهن رهيون. هاڻي هرڪو ڪم ڪمپيوٽر تي ڪلڪ ڪرڻ سان پاڻهي پيو ٿئي. ٽويٽر ۽ فيس بوڪ هيڪاري سهولت پيدا ڪري ڇڏي آهي. پنهنجا پروفائيل ، پنهنجا ويچار، پنهنجا آزمودا، پنهنجا فوٽو گهڙي پل ۾ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ تائين اماڻي سگھجن ٿا ۽ اتان منٽن ۾ موٽ ماڻي سگھجي ٿي. زندگيءَ جو سفر سهل ۽ سهولت ڀريو ٿيندو ٿو وڃي.
ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ شروعات ۾ جڏهن دنيا ۾ پنهنجا پير پسارڻ شروع ڪيا ته انگريزيءَ سواءِ سڀني ٻولين وارن ماڻهن کي ڊپ لڳو ته هاڻي سندن ٻوليون ڪمزور ۽ غائب ٿي وينديون، پر منهنجي خيال ۾ ائين نه ٿيو آهي، بلڪ متحرڪ ٻولين کي فائدو ٿي رهيو آهي. اڳ هند سنڌ جي اديبن لاءِ هڪ ٻئي جا ڪتاب حاصل ڪرڻ ۽ پڙهڻ تمام مشڪل هو. هاڻي ڪتاب سنڌي رسم الخط ۾ به اپ لوڊ ٿي سگھن ٿا، جن کي نه صرف هند يا سنڌ ۾ بلڪ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي پڙهي سگھجي ٿو!
ادبي ويچارن يا ڪتابن جي ڏي وٺ لاءِ فيس بوڪ جو تمام سٺو استعمال ٿي رهيو آهي. نه ته ڪٿي ڪڇ (انڊيا) جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ رهندڙ مان ۽ ڪٿي سنڌ ۾ رهندڙ يار محمد چانڊيو! فيس بوڪ تي يار محمد سان ادبي ياري ٿي وئي ۽ پوءِ هن پنهنجو ڪمپوزڊ ڪتاب ”عشق جي آخري سرحد“ موڪليو.
هندوستان جا سنڌي تمام اديب تقريبن شهرن ۾ رهن ٿا. ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو جتي رهندو آهي ان جي لکڻين ۾ به اتي جي ماحول، مسئلن جو منظر شعوري يا لاشعوري طور چٽجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري هندوستان ۾ ڳوٺاڻي جيوت کي وائکو ڪندڙ ڪهاڻيون نه جهڙيون ڪي لکيون ويون آهن_ جيڪي به انهن ليکڪن وٽان مليون آهن، جيڪي ورهاڱي وقت سنڌ کان لڏپلاڻ ڪري آيا_ جن جا ڳوٺڙا ڏٺل هئا. ڏينهون پوءِ اهڙن ليکڪن جي لسٽ مختصر ٿيندي پئي وڃي ۽ ڳوٺڙا هندوستان جي سنڌي ادب مان پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن!!
”عشق جي آخري سرحد“ اي ميل ۾ آيل مسودي جي پرنٽ آئوٽ ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيم ته هوريان هوريان دماغ ۾ سنڌڙيءَ جي ڳوٺڙن جا اڻڏٺا منظر ڪونجڙين جيان ڪَرُ کنيو پاڻ پسائڻ لڳا ۽ سندن ڪرڳل دل و دماغ کي موهڻ لڳا. خاص ڪري پنهنجي پاران عنوان تحت ليکڪ جي لکيل ”ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“ واهه جي آهي، جنهن ۾ غضب جي رَواني آهي_ جنهن جو وهڪرو قاريءَ کي ڪهاڻيءَ ڏانهن هلڻ لاءِ قدم کڻائي ٿو. جنهن مان ليکڪ جي ڪهاڻي لکڻ جو مقصد ۽ مَنشا ظاهر ٿئي ٿي!
خيرن سان هتي هندوستان ۾ مان به اهو ڪهاڻيڪار آهيان. جنهن جون اڪثر و بيشتر ڪهاڻيون ڳوٺاڻي جيوت تي لکيل آهن، جنکي هتي هندوستان ۾ سرهايو ويو آهي ۽ مانائتي موٽ ملي آهي. منهنجي ڪهاڻين ۾ ڪڇ ضلعي جي ”ٻني“ ۽ علائقي جا ڳوٺ ليئا پائن ٿا_ جڏهن ته يار محمد جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي سانگيئڙن جا ڳوٺ! سنڌ جي ڳوٺڙن جو پنهنجو هڪ ماحول آهي، مسئلا آهن، ٻنيءَ جي ڳوٺن کي پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي_
يار محمد جي ڪهاڻين جي سنڌ ڌرتيءَ جي ساهتڪارن ۽ ساهتِڪ ادارن پاران قدرشناسي ٿي چڪي آهي. ”ديسِ بلوچان“ جهڙي ڪهاڻيءَ کي هزار داستان جهڙي معياري مئگزين ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران انعام مليل آهن. ان کان علاوه سندس ”جنم جنم الميو“ (ڪهاڻيون) ۽ ”اجري ڌرتي ميرا ماڻهو“ (ناول) ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن. ”سج ڪڏهن اڀرندو؟“ (ناول)_ ”جياپي جي جنگ“ جهڙا ڪتاب ڇاپي هيٺ آهن ته هيءُ ”عشق جي آخري سرحد“ توهاڻ سڄاڻ سڄڻن جي هٿن ۾ آهي. هيترن سارن ڪتابن جي لکڻ کان پوءِ مونکي لڳي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو تعارف ڪرائڻ ڪا معنيٰ رکي ٿو ۽ سندن لکڻيون ئي پاڻهي پاڻ شاهدي ڏيندي چون پيون ته ”اسان ڪنهن تعارف جون محتاج ناهيون. ٿورڙو صرف اسان تان نظر گھمائي ڏسو، اسان پاڻهي توهان کي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي وٺنديونسين.“
ٻين ڪهاڻين ۾”بيٺي پير“_”اربعا خطا“_”امن جي نگري“_ ”لاڙڪاڻوــ لاهور“_”خالي من جي تانگھه“_”جھڳو ئي جھڻ“_”نئين نويلي ڪنوار“_”درد جو ڪيڏارو“_”سوا ڪانو زمين“_”ميري چنڊ جو غم“_”صراط المستقيم“_”منتظر محبتون“_”مان ڪنهن جو نه ٿي سگھيس“_”green signal red signal“۽”سهڻي“ جهڙيون ڪهاڻيون ڪهاڻي موتين مالها جا اُهي مڻيا آهن، جن جي مواد جي چمڪ جو اهاءُ قارئين جي اندر تائين ضرور پهچندو_ اهڙي پڪ اٿم.
شال يار محمد جي ياري ڪهاڻين لکڻ، پڙهڻ سان اڃا به وڌيڪ گَهري ۽ گھاٽي ٿئي ۽ هن جي اندر ۾ ويٺل ڪهاڻيڪار اڃا به وڌيڪ بي سکو ٿي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ ٻاهر نڪرڻ لاءِ هميشه آتو ۽ ماندو رهي، اهڙي دلي دعا آهي.

ڪلاڌر متوا ـــــ ٻني ڪڇ
(انڊيا)