لاڙڪاڻو _ لاهور
_هُن جي جدائي کي ڇهه سال گذري ويا، تڏهن به مان انتظار جي دامن کي نه ڇڏي سگهيو هوس_
_ هڪ ڏينهن_
_ ٻارڙن جي پڙهائي کانپوءِ اسڪول مان موڪل ڪري گهر هليو آيس، هن کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي حيران ٿي ويس_ وصال جي درد ۾ کامندڙ اکين سان هُن کي گهور پائي ڏسندي ئي رهجي ويس، هيڪر دل ۾ خيال آيو ته کيس چوان ”سورٺ! تون ڪٿي هئين ايترو وقت؟ پنهنجي پريم جي سفر ۾ وڇوڙي جي ڪائي واٽ ته ڪونه هئي!... پوءِ تو ۾ اچانڪ تبديلي ڪيئن آئي؟... تون هڪ غير سنڌي جي فريب ۾ لاڙڪاڻو ڇڏي لاهور وسايو... منهنجي محبت توکان وسري وئي_ مان وسري ويس ۽ تون وئينءَ ته موٽڻ جو نالو ئي نه!... اهو به نه سوچيئي ته ڪنهن تنهنجي انتظار ۾ حياتي جا ڇهه سال راهون تڪيون هونديون...!!“
منهنجي سوچ آزاد هئي، پر زبان بند_ مگر اهو اندازو ضرور ٿي ويو هومِ ته هن جي اکين منهنجي اکين جي شڪايتن کي محسوس ضرور ڪيو هو_
_ ان لمحي_
منهنجي گهر واري روشني اندران ڪمري مان ٻاهر هلي آئي، مان اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون ته هُن جو آواز گونجيو_
”علي بابا جا پيءُ اچي وئين؟“
”ها“
”ڪڏهن؟“
”هاڻي_ اجهو پهتو هان_“
”بجلي ڪونهي، هلي ويهه ته توکي وِنڃِڻو هڻان، گرمي ۾ ايندي پگهر ۾ شَل ٿي ويو آن!!“
”اڙي بي رحم ٻه_ ٽي منٽ ته اندر ڪمري ۾ هجين هان، مان اکين جي اشاري سان ئي سَهي ڪجهه ته سورٺ سان ڳالهايان هان_“ دل ۾ سوچيندي ئي چپن مان آواز نڪتو ”روشني! فرج مان ٿڌي پاڻي جو گلاس ڀري اچ، ڏاڍي پياس لڳي آ!!“
روشني پاڻي کڻڻ لاءِ ڪمري جي اندر واپس هلي وئي ته مون کي ڄڻ وارو ملي ويو، چيم ”سورٺ! ڪيئن آهين؟“
_ سورٺ چپ هئي، هن جي اکين ۾ پاڻي جرڪڻ لڳو_
”سورٺ مان توسان آهيان_ ڪيئن آهين دل جي پٿر!؟“
” تنهنجي گهر واري ٿي ٻڌايو ته تون پنهنجي ڌيءُ جو نالو سورٺ رکيو آهي“
”ها!“
”ڇو؟“
”تنهنجي نالي جي ڪَمي جو پورائو ڪرڻ لاءِ!“
”مان مري وئي هيس ڇا؟“
”تون جيئري هئين به ته پنهنجي لاءِ_ تون منهنجي لاڙڪاڻي جي مٽي کي ڇڏي وڃي لاهور وسايو ته لاهورڻِ ٿي وئينءَ!... مون کي سنڌ ۾ وفادار سورٺ جي سخت ضرورت پئي!!“
سورٺ ٻه ٽي جملا ڳالهايا ته وري چُپ ٿي وئي، جهٽ رکي روشني به اچي وئي، هُن جي هڪ هٿ ۾ پاڻي جو گلاس هو ۽ ٻئي هٿ ۾ ننڍڙي سورٺ جو هٿ!
”سورٺ! منهنجي زندگي_ تو لاءِ رانديڪا آندا اٿم، هان وٺ جاني!!“
معصوم سورٺ ماءُ جو هٿ ڇڏائي، مون تائين پهتي، مون اسڪول کان واپسي تي ورتل رانديڪا هُن جي هٿ ۾ ڏئي روشني کان پاڻي جو گلاس وٺڻ لاءِ وڌيس_
”علي بابا! جا پيءُ هن کي سڃاڻين؟ هيءَ منهنجي ننڍپڻ جي سهيلي رهي آهي_ هُن شادي ڪئي ته دوريون اچي ويون... وري به سورٺ کي شابس آ، اڄ پاڻ ئي هلي آئي آ!!“
مان يڪ ٽڪ نظرن سان سورٺ ڏانهن پئي ڏٺو، هوءَ اکيون جهڪايون بيٺل هئي، ان لمحي هڪ نظر سان روشني ڏانهن ڏٺو ۽ سوچيم: ”تون ڪهڙو ٿي تعارف ڪرائين، جڏهن تون منهنجي ڏٺل به نه هئين_ تڏهن کان مان کيس سڃاڻان_ هوءَ ڪي ورهيه منهنجي هئي ۽ مان هُن جو هوس... پوءِ الائي ته ڪهڙو واءُ گهُليو ۽ هوءَ لاهور جي هڪ نوجوان سان شادي لاءِ رضامند ٿي وئي ته وري نه موٽي_ پنهنجي اباڻي وطن جي واهيري کي هُن ڏسڻ به گوارا نه ڪيو!!“
خاموشي ڪجهه لمحن لاءِ اسان تي واسو ڪري وئي، جهٽ رکي روشني جو آواز گونجيو_
”سورٺ کي رڪشا تائين ڇڏي اچو!“
”حاضر!“
مان سورٺ جي اڳيان هلڻ لڳس ۽ هوءَ پٺيان اچڻ لڳي_ اسان هڪ گهٽي کان ٻئي گهٽي ۾ داخل ٿيڻ تائين ڪجهه به نه ڳالهايو_ اسان جي خاموشي تڏهن ٽٽي، جڏهن هُن اڳلي گهٽي مان ظاهر ٿيندڙ رڪشا ڏانهن ڏسندي وري مون ڏانهن ڏٺو_ هن جي اکين ۾ حسرت ڀريل هئي_
”ڇا ٿي ڏسين؟ جيڪو چوڻو اٿئي چئه!“
”مون کي طلاق ملي وئي آهي!“
”ڇا؟“ منهنجو مٿو چڪرائجڻ لڳو، هن جي جدا ٿيڻ تي ايترو گهرو گهاءُ نه پاتو هو، جيترو هُن جي طلاق ٿي وڃڻ تي صدمو رسيو هو_
”توکي طلاق ڇو ملي؟“
”اولاد نه ٿيڻ کي سبب بڻائي هُن ٻي شادي ڪري ڇڏي...!!“
”پوءِ؟“
”ٻي شادي بعد هو تشدد پسند ٿي پيو هو، ننڍي وڏي ڳالهه کي اِشو بڻائيندي هو اڪثر طلاق ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو، هڪ ڏينهن هُن اهو ڪارنامو به ڪري ڏيکاريو_مون کي طلاق ٿي وئي!!“
”جيڪو ٿيو سٺو نه ٿيو!!“ منهنجي آواز ۾ ارمان هو ”هاڻي ڇا ٿي ڪرين؟“
”نوڪري!“
”ڪهڙي!؟“
”اردو سبجيڪٽ ۾ ليڪچرار ٿي آهيان!“
”ڏاڍو سُٺو_“ چيم ”ماڻهو کي جيئڻ لاءِ ڪونه ڪو مقصد گهرجي، سو توکي ملي ويو_“
”عمران!“ هن اکيون مٿي ڪري مون کي سڏيو_
”چئه!“
”مون کي پڇتاءُ آهي!“
”ڇا جو؟“
”دولت جي لالچ ۾ وڃي ڌاريا وسايم_ ڪاش تنهنجي ٿيان هان!“
” سو ته نه ٿي هئينءَ_ هاڻي پڇتاءُ ڪهڙي ڪم جو؟“
”مون سان هاڻي شادي ڪندين؟“
”ڪڏهن به نه!“
”ڇو؟“
”جڏهن منهنجي دل جي دنيا تو لاءِ ڦارون پئي پاتيون... جڏهن منهنجي اکين ۾ تو سواءِ ٻئي ڪنهن جو عڪس به نه هو... جڏهن مان تنهنجي تلاش ۾ لاڙڪاڻي کان لاهور تائين رُليس پئي... جڏهن مان تنهنجو غم کڻي وقت جي بي رحم لمحن حوالي ٿي مئخانن ۽ مئڪدن ۾ ٺيهان پئي کاڌيون، تڏهن تون ڪٿي هئين؟... ان وقت روشني منهنجي زندگي جي انڌيري ۾ اجالو بڻجي آئي_ هن پنهنجي پيءُ جي خوشحال گهر کي الوداع چئي، منهنجي غربت کي قبول ڪندي منهنجي اکين ۾ پنهنجي حصي جون خوشيون ٽاڪيون_ ڳوڙها اگهيا ۽ پنهنجي زندگي جي خوشين ۾ شامل ڪيو... ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان؟ جنهن منهنجي پريم ۾ پيڙا جو پنڌ ڪري مون کي سنڀاليو_ مان ان جي حصي جي محبت توکي ڏئي ڪهڙو انصاف ڪري سگهندس؟؟... مان نه چاهيندس ته توکي پنهنجو بڻائي پنهنجي محبت حصن ۾ ورهائي ڇڏيان... تون وڃ پنهنجي زندگي ٻيهر آباد ڪر_ وساري ڇڏ مون کي ... تون اڃان جوان آهين... تنهنجي اکين جي مدهوشي ۾ اڃان ڪيتريون ئي دليون بيقرار ٿي سگهن ٿيون_ تون پهرين پيار جي پيڙا ۽ پڇتاو مان ٻاهر نڪري اچ...!!“
اوچتو هُن جي اشاري سان رڪشه سندس پيرن ۾ اچي بيٺو ۽ هوءَ ڳوڙها هاريندي اکين کان دور ٿي وئي...!!