سَوا ڪانو زمينَ
_ نئين ڏينهن جي وارتا_
وڏيري جي فون ايندي نئون صوبيدار ٿاڻي جي نفري سان موبائل ڀري نڪري ويو_ موبائل واپس آئي ته ٻه خوبرو ۽ پڙهيا لکيا نوجوان موبائل ۾ هيٺ ويٺل هئا، ٻئي نوجوان موبائل مان هيٺ لٿا ئي مس ته صوبيدار جي هڪل اُٿي_
”ڇو اڙي! تَهان جي ماءُ کي!... ڏينهن_ رات ڏوهه... سڄو تَرُ تپائي ڇڏيو اٿو!!...“
صوبيدار جي هڪلن ۽ داٻن ٻنهي نوجوانن جي مُنهن ۾ عجيب ريکائون اُڀاريون_
”صوبيدار اسان ڏوهاري ناهيون!...مان ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ ڄامشوري پڙهندو آهيان ۽ هي منهنجو وڏو ڀاءُ پرائمري استاد آهي!!...“
”ته پوءِ پنهنجي جهوني پيءُ کي سمجهايو_ وڏيري سان اُچاٽ نه ڪري_“
”اچاٽ_ ڪهڙي اُچاٽ! اسان ته وڏيري جي کَٽراڳ مان پاڻ نه ٿا بچائي سگهون_“
”ڪورٽ ۾ ڪير فريادي آ؟“
”بابو!“
”ڇو؟“
”وڏيري جي واٺنِ اسان جي زمينن تي قبضو ڪيو آ!“
”عزت سان وڏيري کي زمين لکي ڏيو_ ٻي صورت ۾ سينٽرل جيل پڄائيندو سانوَ_ پاڻ کي ڇا ٿا سمجهو_ سڌري وڃو“
”صوبيدار تون پاڻ انصاف ڪر!...اسان علائقائي خوشحالي چاهيون ٿا ۽ وڏيرو بدحالي!... اسان علم جي سوجهري سان هر گهر ۾ علم جا چراغ عام ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ وڏيرو جهالت!!... اسان برابري چاهيون ٿا ۽ وڏيرو!!...“
”بس _ بس گهڻي تقرير نه ڪيو_“
_ مون کي حڪم ٿيو_ مان ٻنهي نوجوانن کي خالي لاڪپ ۾ واڙي ته ڇڏيم، پر سوچيم ”منهنجي سَٻَر هٿن کي اڃان ڪيترا مظلوم قيد ڪرڻا پوندا... مان آخر هيءَ نوڪري ڇو نه ٿو ڇڏيان... آخر وڏيرن جون بيگرون وهندي قانون ڇو پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي!؟؟؟“
وڏيري جي ٻيهر فون ايندي، نئين صوبيدار پنهنجي داٻي کي برقرار رکندي ٻنهي نوجوانن کي ائين ڪٽيو، جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽبو آ_ ٻنهي نوجوانن جا خوبصورت چهرا تشدد سبب سُڄي رتو رت ٿي ويا_ پر ڪُڇيا ٻڙڪ به نه !!... هُنن جي بهادري صوبيدار لاءِ چئلينج ۽ هار ثابت ٿي!!!
_ ڪلاڪ ڏيڍ جي وٿي کانپوءِ _
_ صوبيدار موبائل ۾ نوجوانن جي پيرسن پيءُ کي کنڀي کڻي آيو_
”منشي هن ڪراڙي تي به ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪر!... دير نه ڪر_ وڃي ڏسن جيل جو مُنهن_ اُچائن وڏيري سان_ پَوين خبر!!“
ٻئي نوجوان تڙپي اٿيا_ هُنن جو مُنهن پيءُ جي چهري تي ٿيل تشدد کي ڏسي ٽامِڻي هڻي ويو_
”صوبيدار تون وڏيري جي ونگار ۾ اسان جي پوڙهي پيءُ کي ٿاڻي تي آڻي سُٺو نه ڪيو آ!“
”ڇا سٺو ڪيو آ_ ڇا نه ڪيو آ، هتي منهنجي حڪم تي عمل ٿيندو!“ صوبيدار جي چهري تي ڪاوڙ جا ڇوها چڙهي ويا، چيائين ”هِن ڪُراڙي کي پٽن جي آڏو اَنانُ اگهاڙو ڪري...“
”بس صوبيدار بس_گهڻو ٿيو... تڪڙ نه ڪر...اسان وڏيري کي زمين لِکي ڏينداسين!!
”اتي اَچو نه!!“ صوبيدار جي چهري تي مرڪ تري آئي، چيائين ”پَرَ انهي جي ضمانت ڪير ڏيندو؟“
”اسان پاڻ ڏوهاري_ پاڻ ئي ضامن آهيون!!“ ننڍي ڀاءُ جي چهري تي غصي جي لهر اڀري، فيصلا ڪن انداز سان چيائين ”صوبيدار تو وٽ هاڻي وڏيري جي ڪابه فرياد نه ايندي!!“
_ اهو ڏينهن خيرن سان گذري ويو_
_ ٻئي ڏينهن ٻنهي ڀائرن مان ننڍو ڀاءُ ٿاڻي تي موٽي آيو، هُن جا ڪپڙا رتُ ۾ رڱيل هئا_
چيومانس: ”ڇا ڪري آيو آن؟ پاڻ کي رتُ ۾ ڇو وهنجاريو اٿئي؟؟“
پراعتماد لهجي ۾ جواب ڏنائين ”وڏيري کي پنهنجي زمين لکي ڏئي آيس“
”ڪيتري زمين؟“
_” جيتري وڏيري کي گهُربل هئي _ سوا ڪانو!“
_ نوجوان جي اکين ۾ ڪوبه خوف نه هو ۽ هو ٿاڻي جي سيخن پويان وڃڻ لاءِ منتظر هو!!
**