بيٺي پيرِ
پهرين رات خالي موٽي آيو_
ٻين رات هڪ رڍ ۽ ٻه ٻڪريون ڪاهي آيو_
ٽين رات ڪاري ڪنڊي مينهن ۽ چوٿين رات وهڙي سان گڏ هڪ ڳئون ڪاهي ڏاڍو خوش ٿيو_
خالي گهر چوري جي مال سان ڀري مست ٿي پيو، چيائين ”ايترو وقت اجايو وڃايم... اڳ ۾ جاڳان هان ته سڄي گهر جون وٽيون به سونيون هجن ها_ سونيون!!“
”اڙي ٻڌ ته رات جو اونده ۾ ايندي ويندي توکي ڊپ نه ٿيندو آ؟“ چور جي زال مڙس جي ڪارنامن کي ڏسي وائڙي ٿي وئي، چيائين ”صبح سوير تو وارو دوست آيو هو“
”ڪهڙو دوست؟“
”اهو ربو!“
”ڇو آيو هو؟“
”تو ۾ ڪوئي ڪم هيس“
” ٻيو ڇا چيائين؟“
”چيائين چور ته اسان به آهيون، پر تنهنجي مڙس جا ڀاڳ نرالا!“
چور کان ٽهڪ نڪري ويو، زال کي چيائين ”تون نه مڃيندي آن... سنگت ساٿ پٺيون ٿي ٺپي!!“
”اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندو آن؟“
”بندوق کڻي نڪرندو هان ته جن به هَترندا آهن_ڀاڳين کي ڪهڙي مجال جو اڳ وٺن“
اڳلي مهيني جي اونداهين ۾ چور پنهنجي ساٿين سان وري ساڳي ڪرت ۾ لڳي ويو_ڪا رات خالي نه!... ڍور آڻڻ ۽ ڀونگي تي موٽائڻ جو ماهر ٿي ويو_
هڪ رات _
بندوق سڌي ڪري ڀاڳين جي گهر ۾ گهڙيو_ڪتن جي ڀونڪن تي ڀاڳيا جاڳي پيا ته وٺ پڪڙ ٿي وئي_
”چور_چور!... پڪڙيونِ... چورن جو گَهٽن تي بيهي اڳ جلهيو!!!“
ٿوري وقفي بعد_
چور ۽ ڀاڳيا آمهون سامهون_فائرنگ جي ڏي وٺ_پهريان هوائي فائر_ پوءِ سڌا!
”ايلي ڙي مري ويس_!“
”ڇو ڇا ٿيو؟“
”چورن جي بندوق لڳي وئي!“
چور ڀاڳين جو گهيراءُ ٽوڙي فرار ٿي ويا_
رات کُٽي_
سڀ ڀاڳيا پوليس ۽ پاڳي جي مدد سان جلدي پيرو کڻي هن جي در تائين آيا_
چور ڀڄي ويو_چور جي زال سوگهي ٿي ٿاڻي تائين گهلي_ چڱا مَٺا وچ ۾ آيا، پر صوبيدار ڪنهن جي نه ٻُڌي_
ٽاڪ منجهند_
صوبيدار چور جي زال کي پنهنجي ڪوارٽر تي گُهرايو_
”چور جي زال آن يا ڪنهن ڪاموري جي_هٿن پيرن تي ميندي _ اَهَريل پَهَريل...!!“
”صوبيدار نئين شادي ٿي آ_“
”چور جي نئين نويلي ڪنوار!... شوقين ٿي ڏسجي!!...اسان به گهاٽَ گهاٽَ جو پاڻي پيتو آ... سڀ سمجهون ٿا!!!“
صوبيدار جي ڀُڻ ڀُڻ چور جي زال تائين پهتي_
”ڇا ٿو چوين صوبيدار_ ٿورو ڏاڍيان ڳالهاءِ؟“
”پنهنجي مڙس کي سمجهاءِ مائي!...اسان جي حد مان ڏوهه نه ڪري_“
”ماريو چَکي چريو ٿيو آ_نه ٿو مُڙي، وڏا حيلا هلايا اٿم!!“
”پوءِ؟“
”جيڪا تنهنجي مرضي صوبيدار_تيڪا منهنجي!“
”اسان جي مرضي توکي تڪليف ڏيڻ آهي_“
”تڪليف؟ ڪهڙي !؟“
”صوبيدار جي مراد پوري ٿي_“
”پوءِ؟“
”تون آزاد!“
”ڦري نه وڃين؟“
”نه ڦرندس!“
”قرآن تي هٿ رکُ!“
”چورُ ٿورئي آهيان، جو قرآن کڻي ڦري وڃان!... مان حد جو آفيسر آهيان، منهنجي زبان ساک برابر سمجههُ!... نه تو کئون پيسو پائي وٺندس ۽ نه ئي توکي مڙس جي عيوضي چالان ڪندس... اسان ڄاڻئون_چور ڄاڻين_هر شيءِ آجا پاجا!!!“
”پَڪَ؟“
”خاطري ڪر_مڙس جي زبان هڪ هوندي آ_“
”اچُ!... دير نه ڪر...ڳوٺ جي آخري لاري نڪري نه وڃي!!“
”فڪر نه ڪر، اڃا هيڏو سارو ڏينهن پَيو آ_“
**
شام جو چور جي زال گهر موٽي ته کوٽي من سان رانڀاٽ ڪري رُني!
” ڇو ٿي روئين_بيٺي پيرِ ته موٽي آن!... صوبيدار کي شابس آ، جنهن هڪ سَرِڪَرِدي دوست جي چوڻ تي توکي آزاد ڪيو_نه ته سڀاڻي تائين تنهنجي ڪري مون کي پيشِ ٿيڻو پوي ها“
چور جي زال جي اکين ۾ پاڻي تري آيو_هوءَ گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيندي به ڪجهه نه ڪڇي سگهي_
**