مان ڪنهن جو نه ٿي سگهيس
پروفيسر طاهر جي آواز تي خيالن جي سير ۾ ٻڏندڙ ٻيڙي واپس حقيقت جي ڪناري تي اچي رَسي-
”اوهان يونيورسٽي جي ماحول ۾ نوان آيا آهيو، توهان کان اڳ به ڪيترا آيا ۽ ويا!... سڀاڻي توهان هليا ويندا... اوهان بس ايترو ڪيو، ڪنهن جي دل نه ٽوڙيو... دل ٽٽي جا ارمان حياتي اُجاڙن ٿا...اوهان اندر جي اجاڙ کي به جوڙ_سمجهي اڳتي وڌو!... پيار ڪيو، پيار وٺو... پيار جي ورهاست ۾ ڪنهن جي جذبن کي ٺيس نه پهچايو... ڪنهن جي محبت جي گل کي نه مروڙيو... اوهان ۽ اوهان جي چلولاين جي خوشبوءِ ڪڏهن به ميري نه ٿيندي...!!!“
پروفيسر طاهر جي پرسوز ادا ۽ لهجي تي منهنجو مَنُ ڀرجي آيو ته ڳوڙهن کي لڪائي اُگهندوٻاهر هليو آيس، جهٽ رکي هوءَ به سهڪندي اچي پهتي-
”ڇا ٿيو؟“
”درد!“ لڙڪ منهنجي اکين ۾ لهي آيا-
”درد جي گهرائي ۾ نه وڃ فراز!... پاڻ سنڀال!!... وساري ڇڏ فريال، فريال جي محبت ۽ فريال جي دوکي کي... منهنجو سوچ!...“ مان تنهنجي قدردان آهيان... تنهنجي هر ڪهاڻي جي منظرن ۾ مان پَسي ورتو آهي، تون نازڪ مَنَ ۾ سڀاويڪ تخيل جو سادو سرجڻهار آهين!!...“
”مان ڇا ڪيان؟“
”پاڻ کي روڪ!“
”ڇا کان؟“
”هُنَ کي ياد نه ڪر- هوءَ دوکي جي ٻيڙي ۾ سفر ڪندي پاڻ ٻُڏي وئي... تون تار پائي درياهه جي ڪناري اچي پهتين- توکي ڪنارو به مليو ته محبت به... تون سوچن جي پراڻي ٻيڙي ۾ سوار ٿي پاڻ کي نه ٻوڙِ!“
”پيار جي ڀڳل ٻيڙي ۾ سفر ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو آ“
”ڪهڙو مزو آ؟“
” پيڙا جي پاتال جو سيرُ!... درد جي شهر ۾ تنها سفر جي هيڪلائي... ۽ يادن جي شور ۾ دُکي جيون گذارڻ جو مزو منفرد هوندو آ...!!“
”اکين ۾ ڳوڙهن جي برسات به ته هوندي آهي، ان کي ڪهڙو نانءُ ڏيندين؟“
” ڳالهه ڳوڙهن جي ناهي پريت!- ماڻهو، جنهن کي به چاهي ته اٿاهه گهراين سان چاهي ۽ بي مطلبو ٿي پائي!... مطلبن جي فريب کي فنا آهي، مان پيار کي دائميت بخشي دنيا کي ڏيکارڻ گهران ٿو، ته ماڻهو، جنهن سان محبت ڪري ته ڪميٽيڊ ٿي ڪري ...!!“
”واهه ديوانا!“_ پريت جي اکين ۾ اٿاهه پنهنجائپ هئي، چيائين ”هن کي تنهنجي بددعائن ته روليو آهي... هن توکي ڇڏيو- ته هن کي به ڪنهن ڇڏيو... هن نه رڳو دوکو کاڌو، پر پنهنجي عصمت کي به تاراج ڪرايو!“
”ڪميني!... واحيات پڻي تي لهي آئين!... توکي ڪيترو روڪيو اٿم، ته ڪنهن جا عيب نه اگهاڙجن!!“ هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي مانس، پڪ سان اکين آڏو انڌيرو اچي ويس، جو ڀنواٽي کائي هيٺ ويهي رهي-
”تون سٺو نه ڪيو-“ جهٽ رکي هن پاڻ سنڀاليو ته چيائين ”مان تنهنجي ڪري، تنهنجي ڪهاڻين سان پيار ڪيو... تنهنجي ويجهو آيس، تون هڪ وئشيا عورت جي لاءِ، مون کي ڌڪاريو... هوءَ هڪ شاگردياڻي جي روپ ۾ توکي ويجهو آڻي- ڌار ڪري وئي- تون ان جي ياد ۾ پل پل اذيتون ڀوڳي نيون نيون ڪهاڻيون ٿو لِکي... لفظن جي سحر ۾ هوءَ تنهنجي هر ڪهاڻي ۾ اڳيان اڳيان آهي... تون سمجهين ڇو نه ٿو- هوءَ اها نه رهي آهي، جنهن جي اکين تي ڪهاڻيون لکجن، جنهن جي ڪنواريتي بدن جي خوشبوءِ تي شاعري ڪجي، جنهن جي پيران پِير وکن کي جادو چئجي!!... هوءَ اميرن جي محفلن ۾ سجائي ويندڙ فريبي مرڪ آهي...“
”هوءَ... هوءَ- هوءَ ... منهنجو مٿو نه کاءُ... تون ڇا ٿي چوڻ چاهين؟“
”هوءَ وئيشا آهي، چڪلي جي رنڊي آهي...!!“
” چڪلي جي رنڊي، عورت نه هوندي آ ڇا؟ ان کي دل نه هوندي آ ڇا؟؟ ان جي دل ۾ درد نه هوندو آ ڇا؟؟- ان جي درد ۾ حياتي نه ٿي گذاري سگهجي ڇا؟؟
”تون نه سڌرندين؟“
”ها مان نه سڌرندس“
”خبر اٿئي، دنيا ڇا ٿي چوي؟“
” ڇا ٿي چوي؟“
”هو ڏسو رنڊيءَ جو عاشق- ان جي عشق ۾ ليکڪ بنيو آ!“
”ها مان هڪ رنڊي سان عشق ڪندو آهيان، مان دل جي هٿان مجبور آهيان ... هوءَ ڌن ۽ دولت سان عشق رکي ٿي ۽ مان هُن سان!!...“
”بيوقوف ڇو ٿيو آن؟“
”مان بيوقوف نه- عاشق آهيان!!“
”عاشق زهرپياڪ، وههُ ڏسي وهسن گهڻو-“
”مان نه وههُ جي ويجهو ويو آهيان ۽ نه وهسيو آهيان، مان هُن جي عشق ۾ هُن کي وڃائي به هُن کي پاتو آهي!!...“
پريت جو ساڄو هٿ پنهنجي چهري تي رکيل هو- درد جي شدت ۾ هن جو ڳِٽو ڳاڙهو ۽ لال گلابي ٿيو هو، مون هڪ گهري نگاهه سان هُن ڏانهن ڏٺو ۽ هُن مون ڏانهن- نه هُن مون کي سمجهيو ۽ نه مان هُن کي!!
**
رات جو جڏهن دنيا خمارن جي پردي پويان، حقيقت کان ڪٽجي وئي، مان فريال ڏانهن آيس- هن جا وار وکريل هئا ۽ اکين ۾ اوجاڳي جي ڳاڙهاڻ هئس:
”ڇو آيو آن؟“
”ڪجهه يادگيريون واپس ڪرڻ ۽ ڪجهه وٺڻ-“
”ڇا وٺڻ آيو آن؟ ....کُلي ڳالهاءِ!...“
”ڪجهه گهڙين جو ساٿُ“
”ڇا ڏيندين!“
”سڀ ڪجهه _سوني منڊي- سونو لاڪيٽ- سونيون چوڙيون ۽ ٻيو جيڪو ڪجهه تون گهرندينءَ!!“
ٻئين ڏينهن هوءَ هڪ ٽيڪسي تي حيدرآباد جي سوڙهي گهٽي مان پنهنجي گهر کان ٻاهر- سنڌ يونيورسٽي هلي آئي- هُن جا وار کليل هوا ۽ اکين تي چشمو- هن جي ڇاتين جي اُڀار تي رَئي جو پاندُ هو ۽ هوءَ ٽي وي جي ڪنهن خوبصورت اداڪاره جئين پُرڪشش نگاهن جي گهور ۾ مون کي وڌيڪ مائل ڪري وئي... هُن مختلف اندازن سان منفرد پوز هڻي الائي ته ڪيتريون رومانٽڪ يادگيريون ارپيون... هٿ- هٿ ۾ ملائي دنيا کي ڇرڪائي هُن الائي ته ڇا ڇا چوڻ ٿي چاهيو، پر نه چئي سگهي، صرف ايترو چيائين ”فراز هڪ رنڊيءَ جي ڌيءُ- رنڊي ئي ٿيندي آهي، نه ڪي ڊاڪٽرياڻي!... مان تنهنجي سچي محبت کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي، مان تنهنجي حصي ۾ اچڻ جا خواب به ڏٺا، پر ڄاڻي واڻي تنهنجي ويجهو نه آيس- ڇو ته مرُجهايل مُکڙي کي تنهنجي زندگي جي گلدان ۾ سَجائي، توکي دوکو ڏيڻ نه ٿي چاهيم... مان تنهنجي لائق نه هئس!!...“
ٻئين ڏينهن هوءَ وري موٽي آئي، هن جي اکين ۾ جواني جو الائي ته ڪهڙو تابُ هو، جنهن جي تابش ۾ پنهنجي محبت جي شڪست کي اکين جي سامهون ايندي ڏٺم، چيائين ”بک ماڻهو کان جسم جا ڪپڙا لهرائي ٿي“
”ڇا ٿي چوڻ چاهين؟“
”اڄ مان تنهنجي ٿيڻ آئي آهيان!... پنهنجي محبت کي حاصل ڪر!!“
مون کان کِلَ نڪري وئي، پر اکين ۾ ڳوڙها ٽنگجي ويا، چيم ”فريال اها محبت ئي ڪهڙي، جنهن ۾ حاصلات هجي!... اڻ مَئي ۽ اکٽ- محبت لاحاصل آرزوئن جي پيداوار آهي- تون مون کي گهڻو وقت اڳ ڇڏيو هو، هاڻي به ڇڏي وڃ!!...“
هوءَ ڪالهه منهنجي نه ٿي هئي. اڄ مان هُن جو نه ٿيو هئس- نه رڳو اهو، پر مون ڏي پريت به نه موٽي- ڇو ته مان هڪ رنڊي جي عشق ۾ بدنام ٿي چڪو هئس!!
**