مختلف موضوع

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي

چيتن ميگهواڙ ڪيترا ڪشالا ڪٽيا ۽ زندگيءَ جي چوواٽي تي پاڻ سان ٿيندڙ وارتائن کي نه فقط لفظن جو لباس اوڍيو پر هر نظر ايندڙ منظرن ۽ محسوس ٿيندڙ احساسن کي نهايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان پنن تي پٿاريندو ويو، ان کان وڌيڪ چيتن جي صاف گوئي ۽ سچائي ٻي ڪهڙي چئبي جو پاڻ پنهنجي دل ڪتاب اسان آڏو کولي رکيو آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جا قصا ۽ سڏڪا ساروڻين جي ڳنڍ کولي ڪيرتائي سنيها ۽ تجربا بيان ڪري رهيا آهن.
Title Cover of book يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي

مهاڳ (اَدب، سياست ۽ سماج سان پيار ڪندڙ چيتن ميگهواڙ)

مهاڳ (اَدب، سياست ۽ سماج سان پيار ڪندڙ چيتن ميگهواڙ)

اڄڪلهه جي هن ڀَڄ ڊُڪ ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ نوجوانن جي گهڻائي ڏينهون ڏينهن ڪتابن کان پري ٿيندي پئي وڃي پر انهن مان ڪي اهڙا به نوجوان آهن جيڪي روزمرهه جي فالتو ڪمن کي ڇڏي ڪتابن کي وقت ڏين ٿا. انهن ۾ ساماري روڊ شهر جو هي نوجوان چيتن ميگهواڙ به شامل آهي، جيڪو پنهنجي اسڪول واري زندگي کان وڏي شوق سان ڪتاب پڙهندو پيو اچي. چيتن پاڻ ئي مون کي چوندو آهي ته سائين منهنجي سڀ کان پهرين اوهان جي لکيل سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ ڇپيل مضمونن ۽ اوهان جي ٻين سفر نامن وارن ڪتابن کي پڙهي ادب ڏانهن دلچسپي پيدا ٿي ۽ مون کي لکڻ جو شوق ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي به ڪئي آهي.
چيتن ميگهواڙ نه فقط مطالعي ۽ ادبي رهاڻين جو شوقين آهي پر روزانه اخبار ڪاوش ۽ سنڌ ايڪسپريس، ماهوار مخزن همسري، ڪاپڙي، گلشن لاڙ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي ادبي منظر مخزن سميت مختلف مخزنن ۾ مختلف موضوعن تي لکندو رهي ٿو.
چيتن ميگهواڙ سان منهنجي واقفيت تڏهن کان آهي جڏهن آئون 2014 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي جي “شيخ اياز آڊيٽوريم” ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو هئس. اُتي مون کي شاگردن جو هڪ وڏو هجوم نظر آيو. ان تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جا شاگرد مون کي روبرو ٻڌڻ آيا. اُتي مون کي چيتن ميگهواڙ سنڌي شعبي جي شاگردن سان گڏ آٽو گراف لاءِ خالي پيج ڏنو.
ڪراچي پهچي مون عباس ڪوريجي کي فون ڪري چيو ته مون کي خوشيءَ ٿي آهي ته ٿرپارڪر مان چيتن جهڙا نوجوان پارٽ ٽائيم ٽيوشن پڙهائي نه صرف سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا پر پاڻ کي ميگهواڙ سڏائڻ تي ناز ڪن ٿا. مون عباس ڪوريجي کي چيو ته چيتن کان ضرور پُڇجان ته ٿر ۽ ننگر پارڪر مان اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ رڳو اوهين ڇوڪرا پڙهو ٿا يا اوهان جي ميگهواڙ برداري جون ڇوڪريون به پڙهن ٿيون؟ جنهن تي عباس مون کي ٻڌايو ته سائين هن پاسي جا ماڻهو شريف ۽ غريب هجڻ ڪري خوف وچان پنهنجن ڇوڪرن کي ئي يونيورسٽين ۾ مس ٿا موڪلين ڇوڪريون موڪلڻ ته پري جي ڳالهه آهي. پر مون ان ڳالهه سان agree نه ڪيو ۽ مون کيس ڪيترين ئي مينگهواڙ، اوڏ ۽ ڀيل ڇوڪرين جا به نالا ڳڻايا جن کي مون انگلينڊ، جرمني ۽ ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ Ph. D ڪندو ڏٺو هو ۽ جن جو بعد ۾ تفصيلي احوال پنهنجي نئين ڪتاب ”ڪئمپس جا ڏينهڙا“ ۾ لکيو اٿم ته جيئن ٻين جي به همت افزائي ٿئي.
31 جولاءِ 2017ع تي ڪاوش آرٽ گئلري ۾ “مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي” جي عنوان سان چيتن جو پنهنجي ماءُ “جاني ميگهواڙ” تي مضمون ڇپيو جيڪو مون پڙهيو مون کي سٺو لڳو ته واقعي چيتن جي ماءُ جاني ٿر جي هجڻ ڪري نه صرف هوشيار، محنتي پر هُنرمند به آهي. اُهو مضمون پڙهڻ کانپوءِ مون چيتن کي به فون ڪري ٻُڌايو ته منهنجو تازو ڪتاب “نئون نياپو اڪيڊمي” سچل ڳوٺ ڪراچي طرفان “ڪئمپس جا ڏينهڙا” جي عنوان سان ڇپيو آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌ ڌرتي جي اصلي رهواسين ميگهواڙن، ڪولهين ۽ ڀيلن جو ذڪر وڌيڪ ٿيل آهي، ان ۾ هن جو به ذڪر آهي، ضرور پڙهجو. اُن دوران منهنجي چيتن سان ڳالهه ٻولهه ٿي، چيتن ٻڌايو ته هو حيدرآباد جي سنڌ گرامر اسڪول قاسم آباد ۾ پڙهائي ٿو. هن ٻڌايو ته هن ٻن مهينن جي موڪلن دوران منيشا راٺوڙ نالي ڏهين ڪلاس جي هڪ شاگردياڻيءَ کي منهنجو ڪتاب “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” اسائنمينٽ طور پڙهڻ لاءِ ڏنو. منيشا ڪتاب نه صرف پڙهي آئي پر ان تي سٺو تبصرو لکي آئي جيڪو بعد ۾ چيتن مون کي پوسٽ به ڪيو. ان دوران چيتن مون کي سندس لکيل هي ڪتاب “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي” مهاڳ لاءِ موڪليو.
چيتن ميگهواڙ جو لکيل هي “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي” ڪتاب پڙهي مون کي خوشي ٿي ته هي هڪ سنجيده شخص آهي، جيڪو 2006 کان لکندو پيو اچي. هن جي سٺي ڳالهه اها به آهي ته هي پنهنجي عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف مسئلن تي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ قلم کڻندو رهي ٿو،
هن ڪتاب ۾ گهڻي ڀاڱي هن جن ادبي، ڌرمي، سياسي ۽ سماجي محفلن ۽ ستسنگن ۾ شرڪت ڪئي آهي يا جن وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان مليو آهي، انهن جو احوال شامل آهي. اُنهن محفلن ۾ جيڪي مقرر اچي ڳالهائين ٿا، اُهي ڪي عام ماڻهو نه هوندا آهن. انهن جا نه صرف اُٺ ڪتابن جا پڙهيل هوندا آهن پر انهن جي زندگي جو هڪ وسيع مشاهدو ۽ تجربو به هوندو آهي. علم جا پياسا انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ پيا سِڪندا آهن. چيتن ميگهواڙ خوش نصيب ماڻهو آهي، جنهن نه صرف انهن کي بار بار روبرو ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ٻُڌو آهي پر اُنهن سان روبرو ڪچهريون پڻ ڪيون آهن. انهن مان ڪجهه رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر مبارڪ علي، حميد سنڌي، علي بابا، آغا سليم، جامي چانڊيو، امداد قاضي، امداد حُسيني، عبدالواحد آريسر، غلام نبي مغل، قاضي خادم، آزاد قاضي، انور فگار هڪڙو، يوسف سنڌي، اڪبر لغاري، گل محمد عمراڻي، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، نصير مرزا، اسحاق سميجو، حليم باغي، جمن دربدر، پروانو ڀٽي، مسرور شاهه، سليم چنا به شامل آهن. انهي ڪتاب ۾ هن نه صرف اُهي تقريبون جيڪي حيدرآباد جي سنڌي لينگئيج اٿارٽي واري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال، ممتاز مرزا آڊيٽوريم، انڊس هوٽل، واڌو واهه تي حميد سنڌي جي گهر بزم روح رهاڻ، سنڌ ميوزيم جي بينظير پارڪ ۾ واقع خانه بدوش ڪيفي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ٿي گذريون آهن، اُنهن جو تفصيل بيان ڪيو آهي پر چيتن ميگهواڙ پنهنجي شهر ساماري روڊ ۾ ٿي گذريل مذهبي ڏهاڙن، ادبي ۽ سياسي تقريبن، ساماري شهر ۾ ٿيندڙ مچ ڪچهريءَ، عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ميلي، ڊگهڙي ۾ عاشق جوڻيجي جي ورسي ۽ ايس ايس ٽي جي تعليمي ڪانفرنس، سکر ۾ چي گويرا جي سالگرهه ۽ جشن لطيف، مٺي ۾ سنڀو هميراڻي جي ڪتاب جي مهُورت، ساماري شهر ۾ شهيد بختاور جي ورسي، ٻيراڻي ۾ دوست علي ڪٽوهر جي ياد ۾ ڏهاڙو، حيدرآباد ۾ ٿيل “آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اثر” ڪانفرنس ۽ ٻين تقريبن جو تفصيلي احوال ڏاڍو دلچسپي سان بيان ڪيو آهي. ڪتاب جي مختلف مضمونن ۾ مرزا قليچ بيگ، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، جامي چانڊيي، مهتاب اڪبر راشدي، نامور مصور ع ق شيخ، شاعر حاجي مولوي احمد ملاح، ڏاڏو فتح خان (سيد صالح محمد شاهه)، بي بي سي جي صحافڻ نازيه ميمڻ سميت مختلف شخصيتن جي باري ۾ سٺي معلومات بيان ٿيل آهي. مون کي يقين آهي ته هي ڪتاب نه صرف ادبي، سياسي حلقن، نوجوان شاگردن ۽ عام ماڻهن جي لاء انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو پر مستقبل ۾ اسان جي سنڌ جي سماجي، ادبي ۽ سياسي تاريخ جو به آئينو ثابت ٿيندو.


الطاف شيخ
ملاڪا سٽي؛ ملائيشيا
10 سيپٽمبر 2017ع