انڊس هوٽل ۾ “نوجوانن جي عالمي ڏينهن” تي شاندار تقريب
اڄ تاريخ 12 آگسٽ 2016 تي تي انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ اين جو اوز جي طرفان ”نوجوانن جو عالمي“ ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ شرڪت جي دعوت مون کي بنسي مالهي جي پٽ ڀرت ڪمار ڏني، آئون ٺيڪ صبح جو ساڍي نائين وڳي لطيف آباد مان پروگرام ۾ پهتس، جتي اڃان پروگرام شروع نه ٿيو هو، ڪافي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي پروگرام کي ترتيب ڏئي رهيا هئا، جنهن ۾ جامي چانڊيي جي ڌيءَ رومانسا، نور بجير جا فرزند ۽ ٻيا کوڙ سارا نوجوان شامل هئا، پروگرام شروع ٿيڻ ۾ اڃان دير هئي ڇاڪاڻ ته پروگرام جا مهمان خاص اڃان نه پهتا هئا، پروگرام ترتيب ڏيندڙن مان هڪ نوجوان اسٽيج تي اچي هال ۾ ويٺلن کي چيو ته جيسين پروگرام باقاعده شروع ٿئي تيسين اگر ڪو دوست شاعري يا گيت ٻڌائڻ چاهي ته ان جي لاءِ اسٽيج حاضر آهي، مون پنهنجي ڀرسان ويٺل دوست ريجُهو کي چيو ته وڃ ڪجهه فن جو مظاهرو ڪري اچ هن مڙس دير ئي نه ڪئي ۽ اسٽيج تي چڙهي ٽي چار گيت ڳائي محفل کي پنهنجي ردم ۾ آڻي ڇڏيو. آواز سُريلو هجڻ ڪري هال ۾ويٺل دوستن سٺو داد ڏنو. ان کان پوءِ ٺٽي مان آيل هڪ نوجوان کي شاعري پڙهڻ لاءِ گهرايو ويو، بعد ۾ مون کي به اسٽيج تي گيت پيش ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو مون زاهد شيخ جو گيت “اسان جي سڏ ۾آ سڪ سهڻا وڻئي ته واهه واهه ڪندو هليو آ” ڳايو، مون کانپوءِ ٿرپارڪر مان آيل نائين ڪلاس جي شاگرد رتيڪ کي سڏ ٿيو، رتيڪ قد جو ننڍڙو پر آواز ڇا ٻُڌو صفا ڪُهيو ڇڏي، ان کي ٻڌڻ شرط محفل کي چار چنڊ لڳي ويا، دوستن بار بار پئي انهي کان فرمائش ڪئي ته ٻيو ٻڌائي ٻيو ٻڌائي، بهرحال ٺيڪ يارهين وڳي پروگرام جي باقاعده شروعات ٿي، ڪمپئرنگ جي ذميواري جامي چانڊيي جي ڌي رومانسا ۽ هڪ ٻئي ڇوڪريءَ جي حوالي ڪئي وئي، اسٽيج تي ويهڻ لاءِ مهتاب اڪبر راشدي، دانشور جامي چانڊيي، غلام مصطفيٰ بلوچ، شبنم گل کي سڏ ٿيو. اسٽيج تي مهمان مڪمل طور براجمان ٿيڻ کان پوءِ باضابطه طور پروگرام جي شروعات هڪ وائي سان ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ نوجوان راڳي سازن تي تمام شاندار واِئي پيش ڪئي، ان کانپوءِ رومانسا تقرير لاءِ سڀ کان پهريان غلام مصطفيٰ بلوچ کي سڏ ڪيو، جنهن تمام شاندار نموني انتهاپسندي جي تاريخ تي ڳالهايو ۽ نوجوانن کي روشن خيالي ۽ ترقي پسندي ڏانهن مائل ڪيو، جنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان جي نصابي ڪورسن ۾ ڄاڻي ٻجُهي انتهاپسندي واري سوچ سان ڀريل تعليم پڙهائي ٻارن کي انتهاپسندي طرف راغب ڪيو پيو وڃي، جنهن جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا، سنڌ هميشه امن جو گهوارو رهي آهي ان کي هاڻ دوزخ بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. شڪيل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي نوجوانن کي هُنر ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇو ته هُنر اوهان کان ڪير به نٿو کسي سگهي، جڏهن ته نوڪريون اچڻيون وڃڻيون آهن، وڏڙن صحيح چيو هو ته نيچ نوڪري، وڌندڙ واپار ۽ اُتم کيتي، هن جون تقريبن ڳالهيون تجربن جي آڌار تي هيون، دانشور جامي چانڊيي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جا نوجوان ڀاڳن وارا آهن ڇاڪاڻ ته اهي ايڪهين صدي ۾ پيدا ٿيا آهن، جنهن ۾ هر شيءَ دستياب آهي. جڏهن ته اسان جي نوجواني واري دور ۾ اهي شيون نه هيون، تنهن ڪري اوهين اسان کان اڳتي آهيو، اوهان کي وڏڙن جي ڪم کان ڪجهه مختلف ڪم ڪرڻ گهرجن، جيڪي اوهان جي پسند موجب هجن، باقي هرو ڀرو ڪنهن تي زور نه ڀريو وڃي ته هي ڪم ڪريو، هڪ ماڻهو مجسماساز هو ان پنهنجي فرزند کي چيو ته تون به اِهو ڪم ڪر، جيتوڻيڪ اهو ڪم ّخراب نه هو پر ان جي پٽ چيو نه بابا آئون پنهنجي پسند جو ڪم ڪندس ۽ ان نوجوان وڃي هڪ فلسفي جي اسڪول ۾ داخلا ورتي، جيڪو اڳتي هلي هڪ فلاسفر ۽ سائنسدان بڻيو. اوهان جي سامهون ويٺل مهتاب اڪبر راشدي جڏهن پي ٽي وي تي ڪم ڪندي هئي، جيڪو اڄ به هڪ سرڪاري ادرو آهي، تڏهن ان وقت جي آمر ضياءُ الحق کيس چيو ته تو کي مٿي تي رئو پائڻو پوندو پر مهتاب جيڪا ان وقت به هڪ خوددار ڇوڪريءَ هئڻ ڪري ضياءُ کي چيو آئون رئُو پائينديس پر پنهنجي مرِضي سان. تُنهنجي مرضي سان نه، ڇاڪاڻ ته اهو رئُو منهنجو ذاتي مسئلو آهي، انهي ۾ تون ڪير ٿيندو آهين عمل دخل ۽ جبر ڪرڻ وارو؟ ان وقت مهتاب جي اُنهي هڪ جملي سماج ۾ هزارين نوجوان ڇوڪرين کي خوددار بڻائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، اڄ اوهان جيڪي ڇوڪريون ايتريون اڳتي نڪتيون آهيو، انهن ۾ مهتاب اڪبر راشدي جهڙين بهادر ڇوڪرين جو اهم ڪردار آهي، اسان وٽ بهادر ان کي سڏيو ويندو آهي، جيڪو جسم ۾ سگهارو هجي، جيتوڻيڪ اها ڳالهه به درست آهي ته جسماني طور سگهارو ماڻهو دلير هوندو آهي، پر حقيقت ۾ دلير ماڻهو دماغي طور هجڻ گهرجي، هوچي منهه جسماني طور ڪهڙو سگهارو ماڻهو هو؟ پر ان جيڪو بهادري جو ڪردار ادا ڪيو اُهو ڪمال جو آهي، تنهن ڪري اڄ جي دور ۾ بهادري جون وصفون به تبديل ٿيڻ گهرجن، اوهان نوجوانن کي زندگي جو پل پل پنهنجي ۽ پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جي لاءِ صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري ته منهنجو اشارو ڇوڪرين ڏانهن آهي، اوهان کي گهرجي ته مُدي خارج رسمن جي پرواهه نه ڪندي تعليم توڙي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي ڏيکاريو، انهي ۾ ئي اسان ۽ اوهان سڀني جي ڀلائي آهي، اسان کي يقين آهي ته جنهن سنڌ کي اسان جو نسل منزل تي نه پڄائي سگهيو، ان کي اوهان ضرور منزل تي پڄائيندا. اسان کي يقين آهي سنڌ جو آئيندو خوشحال آهي ۽ اهو سڀ اوهان جي هٿن ۾ آهي، جامي چانڊِيي تقرير جي دوارن شاهه لطيف جا واهه جا بيت ٻڌايا. انهن مان هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو.
محرُوم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،
چڙي جئين چهنب هڻي لڏيائون لئا،
حباب ئي هئا، انهي وادي وچ ۾ .
(شاهه)
جامي چانڊيي چيو ته اسان کي لطيف انهي شعر ۾ هڪ ميار ڏني آهي ته اوهان پنهنجي زندگي کي ائين ئي کپائي ڇڏي پر ماهر ٿي ڪو نه مئا، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته هاڻي اسان ماهر ٿيون، اسان پنهنجو قيمتي وقت نه وڃايون، شاهه لطيف جي شاعري اسان کي پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ جا نوان دڳ ڏيکاري ٿي، اهي دڳ اسان کي لطيف جي شاعري پڙهڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ ئي حاصل ٿيندا، جامي چانڊيي لطيف جي فڪر کي اهڙي ته انداز ۾ پيش ڪيو جو سڀني ماڻهن تي سحر طاري ٿي ويو، هال ۾ ويٺل سڀني دوستن چاهيو پئي ته جامي اڃان ڳالهائي پر جامي شاهه صاحب جو آخري بيت ٻڌائي تقرير پوري ڪئي. جامي صاحب جي تقرير ٻڌڻ کانپوءِ اسان جو ڄڻ ته پروگرام ۾ اچڻ جو مقصد سجايو ٿي ويو، جامي صاحب کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر شبنم گل کي گهرايو ويو، جنهن تقريبن جامي چانڊيي جي تقرير تي تبصرو ڪيو ۽ چيائين ته اسان اڄ جيڪي هن اسٽيج تي آهيون انهي پويان جامي چانڊيي جهڙن اديبن جو ئي ڪردار آهي، هن کانپوءِ رومانسا گيت لاءِ رتيڪ کي سڏ ڪيو. رتيڪ وري به ماحول کي پنهنجي سُريلي آواز ذريعي خوشگوار بڻائي ڇڏيو، رتيڪ کانپوءِ هن پروگرام جي صدارت ڪندڙ مهتاب اڪبر راشدي اسٽيج تي ايندي شرط هال ۾ ويٺل سڀني مهمانن کي سلام وارڻ کانپوءِ نوجوانن کي خطاب ڪندي چيائين ته اوهان موبائيل فون تمام گهڻو ٿا استعمال ڪريو، اها ڳالهه ٺيڪ ناهي، جنهن کي منهنجي تقرير ٻڌڻي هجي اهو ڌيان سان ٻڌي آئون ڪراچي مان سيڙجي آئي آهيان، اسان ڪو واندا ڪو نه آهيون، اهي جذباتي لفظ ٻڌي نوجوان ماٺ ٿي ويا ۽ ميڊيم کي چيائون ته اوهان ڳالهايو اسين اوهان کي غور سان ٻڌون ٿا، بهرحال پوءِ ميڊم پنهنجي ماضي جو وقت ساريندي چيو اسين به ڪو وقت هو جو اوهان وانگر جوان هئاسين. اسان جي دماغن ۾ به ڪي خواهشون ۽ خواب هئا. منهنجي مائٽن جي خواهش هئي ته آئون ڊاڪٽرياڻي ٿيان پر مون کي رياضي سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي، صرف 33 مارڪون کڻي پاس ٿيس، ڪيمسٽري جا فارمولا به منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئا، ان جي باوجود به مائٽ هرو ڀرو ڊاڪٽر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر مون به ڪوشش پنهنجي طرفان فُل ڪئي ته ڊاڪٽر ڪون ٿيندس ۽ آئون انهي ڪوشش ۾ ڪامياب ويس، اڄ آئون ڊاڪٽر ڪو نه آهيان، اسان جو ماضي وارو دور تمام شاندار هو، مون يارنهن سالن جي عمر ۾ پي ٽي وي تي ڪمپيئر طور ڪم ڪيو، اسان ته پنهنجي زماني ۾ تارن ڀري رات به ڏٺي، اسان پنهنجي وقت ۾ طوطن کي پنڃري ۾ نه پر باغن منجهه کُلي فضا ۾ اُڏرندي ڏٺو، اسان ته پوپٽن کي هٿن ۾ جهليو هو، پر شايد اوهان کي به هن جديد دور ۾ اهي شيون نصيب ٿينديون هجن, اسان پنهنجي وڏڙن جي ڀرسان رهي ڪافي ڪجهه سکيوسين، پر افسوس اڄ جا نواجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پنهنجن وڏڙن کي وقت نه ٿا ڏين، اسان کي گهرجي ته وڏڙن جي ڇانو ۾ رهون گهرن ۾ گل پوکيون ته پوپٽ پاڻهي اچي ويندا صرف اسان کي پنهنجي اندر محبت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، باقي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. مون کي اڄ تمام خوشي ٿي نوجوانن جي گيتن ۽ تقريرن کي ٻُڌي، مهتاب اڪبر راشدي اهي لفظ چئي پنهنجي جڳهه ورتي، صدارتي تقرير کانپوءِ ڪجهه دوستن کي مڃتا سرٽيفيڪٽ ورهيا ويا، ِآخر ۾ محفل موسيقي ٿي، وقار ملاح محفل ۾ ويٺل ماڻهن جي اڳيان سُر وکيريا، سڀني نوجوانن وقار ملاح جي گيتن تي جُهمريون هنيون، آخر ۾ سڀني آيل دوستن کي ماني کارائي وئي، ماني کائڻ کانپوءِ سڀ دوست هڪ ٻئي سان ملي رهيا هئا،. آئون جامي چانڊيي سان مليس ۽ پُڇيو ته اوهان جيڪو لطيف سائين تي ڪتاب لکي رهيا هئا، اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو يا نه؟ جنهن تي جامي چانڊيي چيو ته اهو ڪتاب اڃان ڪو نه آيو آهي، ڇاڪاڻ ته آئون ٻين ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهيان، اهي مڪمل ٿين ته پوءِ اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻبو، ان کانسواءِ مون جامي چانڊيي کان سندس وڊيوز ۾ تقريرن جي متعلق پُڇا ڪئي، جنهن تي جامي چانڊيي مون کي چيو ته مون وٽ آفيس ۾ ڪڏهن “يو ايس بي“ کڻي اچو ان ۾ آئون اوهان کي منهنجا وڊيوز ليڪچر ڏيندس، اهڙي مثبت موٽ ڏيڻ تي مون جامي چانڊيي صاحب جا ٿورا مڃيا.