مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي
منهنجي مٺڙي ماءُ جاني ميگهواڙ جو جنم ننگر تعلقي جي ڳوٺ “لاڌي جي ويري” ۾ ٿيو، ٿر ۾ ڏُڪار هجڻ ڪري منهنجو نانو ڀڳت ڀُودرو عارضي طور ڪُنري شهر ۾ لڏي آيو جيڪو پنهنجي وقت ۾ ڪنري تر جو هڪ مشهور ڀڳت هو. منهنجي ماءُ پنهنجي بچپن جا ڏينهن گهڻي ڀاڱي ڪُنري شهر ۾ ئي گهاريا، جنهن جي اڳتي هلي منهنجي بابا موهن ميگهواڙ سان شادي ٿي ۽ منهنجي ماءُ ڪنري شهر مان اچي سامارو روڊ شهر وسايو، منهنجي ماءُ کي سندس ننڍپڻ ۾ ئي سندس پيءُ (منهنجي ناني) ماني بچائڻ، کٽون واڻڻ ۽ وار ڪٽڻ، سميت ٻيا ڪيترائي هُنر سيکاري ڇڏيا هئا. ان کان علاوه منهنجي ماءُ منهنجي نانيءَ ۽ ڪجهه پاڙي وارين کان ڀرت ڀرڻ، رليون سبڻ جو فن به سکي ورتو، اِهي سڀ هُنر منهنجي ماءُ کي اڳتي هلي سندس زندگي ۾ وڏا ڪم آيا. انهن مان منهنجي ماءُ کي وڏو فائدو اهو ٿيو جو منهنجي ماءُ کي ڪڏهن به منهنجي بابا کان پئسا گهرڻ جي اڄ ڏينهن تائين ضرورت پيش ڪو نه آئي. هُو شروع کان پنهنجي ضرورت جون شيون پاڻ وٺندي آهي ته اسان جون به خواهشون پوريون ڪندي آهي. منهنجي ماءُ جا ڀاءَ(منهنجا ماما) هوٿيرام، ڍالو ۽ هنسراج ڪڏهن به اسڪول پڙهڻ نه ويا پر سنڌي ۽ اڙدو پڙهڻ جا تمام هوشيار آهن، اهڙي طرح منهنجي ماءُ به ڪڏهن اسڪول پڙهڻ نه وئي پر ان کي جڏهن گهر ۾ پڙهائي وارو ماحول مليو ته ان جلد سنڌي جي الف ب جي پٽي جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي ۽ ائين هو آهستي آهستي سنڌي پڙهڻ سکي وئي ايتري قدر جو منهنجي ماءُ مون کي سڀ کان پهرين گهر ۾ پٽي تي الف ب جي پٽي نه صرف پڙهڻ سيکاري پر هٿ جهلي اکر لکڻ به سيکاريا. ان کان علاوه انگريزي ۽ سنڌي ۾ سئو تائين پهرين ڪلاس ۾ انگ لکڻ سيکاريا، جڏهن ڪلاس ۾ آئون سائين لال ڍاٽي ۽ سائين شهداد چوهاڻ کي پنهنجي هٿ جا لکيل اکر ڏيکاريندو هئس ته اُن وقت اسان جا سائين تمام گهڻو خوش ٿيندا هئا، منهنجا ماما ڪنري جا شهنشاهه پينٽر ۽ رازا رهيا، تنهن ڪري منهنجي ماءُ کي به اِهو فن ٿور گهڻو ايندو آهي، ايتري قدر جو گهر جي ويهاڻن، رلين ۽ چادرن تي پکين ۽ جانورن جون ڀرت سان شاندار شڪلون به ٺاهيندي آهي ته گهر ۾ ڪو ڪمرو ٺاهڻو پوندو هو ته پاڻ ٺاهي ويندي آهي. گهر جي ديوارن تي قائداعظم جي تصوير، قائداعظم جو مقبرو، طوطا، شينهن ۽ هاٿي وغيره پنهنجن هٿن سان ڏاڍا خوبصورت ٺاهي ويندي آهي، منهنجي ماءُ اسان کي ننڍي هوندي ڪپڙا به پاڻ پنهنجي هٿن سان سبي پارائيندي هئي، جڏهن به مائٽن ۾ منگڻي، شادي يا خوشي جو تهوار ايندو آهي ته منهنجي ماءُ پنجاهه ماڻهن جي ماني ٺاهڻ دوران ڪڏهن پريشان نه ٿيندي آهي اِهو ئي سبب آهي جو منهنجي ماءُ کي خوشي توڙي غمي جي موقعي تي ڪيتريون رشتيدار عورتون سندس غيرموجودگي ۾ڏاڍيون ياد ڪنديون آهن، هٿ جي ڀرت جو جڏهن رواج هو ته اسان جي گهر پاڙي جون ڪيتريون ئي ناريون منهنجي ماءُ وٽ هُرمچي، بلوچي ۽ کارڪ ڀرت سکڻ اينديون هيون، اڄ به اسان جي گهر پاڙي جون ڪيتريون ئي مايون رليون سبرائڻ اينديون آهن جيڪي هتان رليون ٺهرائي پرڏيهه ۾ وڪرو ڪري اعليٰ ناڻو ڪمائينديون آهن، هڪ ڀيري منهنجي ماءُ پنهنجي هٿ جي ڀرت ڀريل چُني (پوتي) ايران موڪلي ته ان جا ايران مان پنج سئو رپيا منهنجي ماءُ لاءِ پاڙي جي هڪ بلوچ مائي کڻي آئي، منهنجي جيجل ماءُ کي واندڪائي ته بلڪل ئي پسند ناهي هُو گهر جي رڌ پچاءُ جي ڪم مان واندي ٿي يڪدم ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ جُنبي ويندي آهي، ڳوٺ ۾ڪنهن جي چوپايي مال جي ٽنگ ٽٽي پوي ته ڀاڳيا پنهنجي مال جي جي ٽنگ ٺهرائڻ لاءِ به منهنجي امان وٽ وٺي ايندا آهن، منهنجي ماءُ کي وڻ، گل ۽ ميوا پوکڻ جو وڏو شوق آهي، اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ منهنجي ماءُ جي هٿ جو پوکيل نم تمام وڏو۽ گهاٽو ٿي ويو آهي، جنهن هيٺ گرمي جي موسم ۾ نه صرف اسين گهر ڀاتي آرام ڪندا آهيون پر پاڙي جا ڪيترائي ٻار اچي راند روند ڪندا آهن. ان کان علاوه مختلف پکي به اُڏامي اچي گهاٽي نم جي ٿڌي ڇانءُ ۾ پناهه وٺندا آهن، اهڙي ريت اسان جي گهر ۾ نم کان علاوه منهنجي مٺڙي ماءُ نارنگي، ليمون ۽ ڏاڙهون ۽ پپيتي جا وڻ به پوکيا آهن، تنهن کان سواءِ گهر ۾ 12 فٽ ٽڪري ۾موسم جي حساب سان گل ۽ ڀاڄيون به پوکيندي آهي، جيڪا اچانڪ اسان کي اوير سوير واهه جو ڪم ڏينديون آهن. گهر ۾ ريڊيو هجڻ ڪري جيجل نه صرف آل انڊيا ريڊيو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام “فتح خان جي اوطاق” پر رات جو هر روز اٺين وڳي بي بي سي جو اڙدو ۾ “سيربين” پروگرام به ٻڌندي آهي، تنهن ڪري منهنجي امڙ جي ڏيهي خبرن کان علاوه پرڏيهي خبرن تي به نظر هوندي آهي، آئون جڏهن حيدرآباد مان پنهنجي ڳوٺ ساماري روڊ ايندو آهيان ته هُو مون کي پئي ٻڌائيندي آهي ته بي بي سي تي وسعت الله خان هفتيوار پروگرام “بات سي بات ” ۾ ڇا چيو؟ هفتيوار پروگرام“ آپ ڪي خطوط” ۾ بي بي سي وارن سوال ڪندڙن کي ڪهڙا جواب ڏنا؟ برصغير ۾ ڪهڙيون حالتون آهن؟ مودي ڇا چيو؟ نواز شريف ڪهڙن ڪهڙن ملڪن جي دوري تي ويو؟ عمران خان ڪهڙا پيو ضد ڪري؟ ملاله پنهنجي خطاب ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه ٻڌائي؟ اهو ئي سبب آهي جو منهنجي ماءُ جي ڳالهين تي اڻ پڙهيل ته ٺهيو پر پڙهيل لکيل مايون به اعتبار ڪنديون آهن، منهنجي ماءَ پارڪري، مارواڙي، ڍاٽڪي، سنڌي، اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ روانگي سان ڳالهائي ويندي آهي، تنهن ڪري منهنجي ماءَ کي ڳالهائڻ جو وڏو فن حاصل آهي، هو اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود به ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجي جهڙن بيباڪ ليڊرن جي شاندار جدوجهد کان واقف آهي. مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي سچ پڇو ته آئون پنهنجي ماءُ کي ڪڏهن به نه وساري سگهندس.
شال جيئي سڀني جي جيجل مٺڙي ماءُ
لڳي نه ڪوسو واءُ، انهي جي اولاد کي.
(چيتن ميگهواڙ)