ساماري روڊ ۾ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي آجيان
عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب 10 جنوري 2010ع تي امرڪوٽ ضلعي جو دورو ڪيو. پاڻ هڪ ڏينهن اڳ ڪنريءَ ۾ محمد علي جوڻيجو وٽ پهچي رات دوستن سان ڪچهريءَ ڪئي ٻئي ڏينهن ڪنريءَ شهر ۾ جلسو ڪرڻ کان پوءِ ساماري شهر جي شاهه لطيف چوڪ تي پهچي جلسو ڪيو. جلسي کي رسول بخش پليجي، زاهده شيخ، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، محمد علي جوڻيجي، نول راءِ ميگهواڙ ۽ هرلال امر خطاب ڪيو. ان کانپوءِ انهن کي ساماري شهر ۾ ڊاڪٽر هرلال امر ۽ عثمان ڌونڪائي وٽ چانهه پياري وئي، آئون ۽ هريش مالهي ساماري روڊ پهتاسين جتي اسان رسول بخش پليجي صاحب جي آجيان ڪرڻ لاءِ هار کڻي بيٺاسين ان وقت اسان سان گڏ جي ايم ڀرڳڙي، وڪيل خميسو خان چوهاڻ، پرڪاش مالهي، مڪيش ڪمار اوڏ، سومجي ڪولهي، ڀورو ڪولهي، شهديو مهيشوري، حفيظ ڪنڀار، ارشد ڪنڀار، مشتاق ڪنڀار، واسديو مالهي، رمضان چوهاڻ ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل هئا. شام جو ساڍي چئين وڳي رسول بخش پليجو صاحب ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي وڏي ريلي سان ساماري روڊ جي اسٽيشن چوڪ تي پهتا، جتي کيس اسان پاران گلن جا هار پارايا ويا. لال جروار ايڪوسائونڊ جي گاڏي تي تقرير جي لاءِ رسول بخش پليجي صاحب کي سڏ ڪيو. ساماري روڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سينيئر سياستدان رسول بخش پليجي خطاب ڪندي چيو ته ورهاڱي کان اڳ برصغير ۾ وڏو امن هو جيڪڏهن ٻڪريءَ کي سون جو هار پارائي جهنگل موڪلبو هو ته اُها به واپس هار سميت گهر پهچندي هئي، افسوس اسان وٽ اڄ هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به حالت اِها آهي جو ماڻهو، مايون، ٻار سڀ سرعام اغوا ۽ قتل پيا ٿين پر افسوس ڪير پُڇڻ وارو ناهي. سڀ خاموش تماشائي بڻيل آهن، جيڪي اڄ حڪومت ۾ آهن، انهن پنهنجي پارٽي جي شهيد ٿيل اڳواڻن لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. اُهي وري عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندا؟ اوهان اهڙن کي ووٽ ڏئي مٿي چاڙهي پنهنجو پاڻ کي آزار ۾ وڌو آهي. اسان کي گهرجي ته هاڻ اسين پنهنجي سنڌ کي بچائڻ لاءِ سُجاڳ ٿيون. صاف شفاف ۽ پورهيت ماڻهن کي اڳتي آڻيون. پليجي صاحب جي خطاب کانپوءِ اسان سڀني جا پليجي صاحب سان گڏ روشن بهراڻي ۽ ارشد کوسي ڦوٽو ڪڍيا. بعد ۾ آئون ۽ هريش مالهي قافلي سان گڏ اَمرڪوٽ ڏانهن روانا ٿياسين. جتي ميرحسن آريسر وٽ پليجي صاحب جو ليڪچر رکيل هو. سفر دوران وچ ۾ اسين پانڌي لاشاري جي ڳوٺ واحد لاشاري وٽ وياسين. جتي پليجي صاحب جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو هو. پليجي صاحب اُتي خطاب ڪندي چيو ته سڀ کان پهرين اوليت ڳوٺن کي آهي جي ڳوٺ ئي نه هجن ها ته شهر وري ڪٿان هُجن ها. تنهن ڪري اسان کي ادب، سياست ۽ ثقافت کي ڳوٺن ۾ مضبوط ڪرڻ گهرجي. نياڻين کي تعليم ڏيو. پانڌي لاشاري جي ڳوٺ ۾ شاعر خطائي ٿيٻو به پليجي صاحب کي ٻُڌڻ آيو هو. هتان دورو ڪرڻ بعد اسين سڌو پليجو صاحب سان گڏ عمرڪوٽ وياسين. رات جو اٺين وڳي عمرڪوٽ شهر ۾ ٽي تلوار چوڪ کان ٿيندي ساجن ڪمار جي زوردار نعرن سان الله چوڪ تي پهتاسين جتي کاٻي پاسي اڪبر بادشاهه روڊ تي سامي فائوڊيشن جي آفيس ۾ داخل ٿياسين. ميرحسن آريسر سڀني جي آجيان ڪئي. ليڪچر جو عنوان “ورهاڱي کانپوءِ 1947ع کان وٺي 2010ع تائين هڪ نظر” هو. پليجي صاحب جي انتظار ۾ جمن دربدر، مزاحمتي شاعر حليم باغي، ثاقب آريسر، ڪيول لوها ۽ ٻيا شامل هئا. ليڪچر کان اڳ ۾ تقريب جي شروعات ديال صحرائي “اچو ته جنگ جوٽيون” انقلابي گيت سان ڪئي، حليم باغي مزاحمتي شاعري ۽ جمن دربدر شاهه لطيف جي وائي ٻُڌائي. ان کانپوءِ رسول بخش پليجي صاحب ليڪچر ڏيڻ کان اڳ ۾ چيو ته منهنجي طبيعت ٺيڪ نه ٿي رهي، تنهن ڪري جيڪڏهن اوهان مون کي اجازت ڏيو ته آئون ڪُرسي تي ويهي ڳالهايان. سڀني چيو سائين ڀلي ويهي ڳالهايو. بعد ۾ پليجي صاحب تمام تفصيل سان ڳالهايو. ليڪچر کانپوءِ آخر ۾ سوال جواب جو سيشن ٿيو. جنهن ۾ پليجي صاحب چيو ته هال ۾ جيڪڏهن ٻڌندڙ هڪ هزار سوال ڪندا ته هڪ هزار جواب ڏيندس. سوالن جا جواب ڏيندي پليجي صاحب سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو.