ادبي ۽ سياسي محفلن جو مورَ چيتن ميگهواڙ
تاريخ 2017-09-28 تي شام جو چيتن ميگهواڙ پليجي صاحب وٽ پنهنجي هن ڪتاب “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي” جو مسودو کڻي آيو ۽ کيس چيائين ته توهان جي صحت اجازت ڏي ته جلد از جلد هن ڪتاب بابت پنهنجي راءِ لکي ڏيو ته جئين مان هي ڪتاب تَڪڙو ڇپائي سگهان. وري ٿوري دير کانپوءِ حڪم صادر ڪيائين ته جي پليجو صاحب ناچاڪي ۽ وقت جي ڪمي سبب نه لکي سگهن ته ادي زاهده لکي ڏئي.
چيتن جو اهو حڪم ٻڌي منهنجا ته ٺپ ئي ٺري ويا ڇاڪاڻ ته ڪنهن ڪتاب تي راءِ ڏيڻ انتهائي ذميواري جو ڪم هوندو آهي ۽ ان ذميواري کي ادا ڪرڻ مهل مون پليجي صاحب کي انتهائي گهڻي احتياط، خبرداري ۽ محنت سان ڪم وٺندي ڏٺو آهي. جڏهن ته پليجي صاحب هن ڪتاب جي مسودي کي چيتن جي روبرو ناچاڪي واري حالت ۾ ڏيڍ ڪلاڪ مسلسل وڏي غور ۽ دلچسپي سان پڙهيو به هو. ان دوران هن ڪتاب ۾ شامل مضمون “مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي” پليجي صاحب کي ڏاڍووڻيو پڙهندي شرط چيتن کي چيو ته منهنجي طرفان امڙ کي سلام ڏجان ۽ “عوامي هائوس” تي ويٺل نوراحمد ڪاتيار کي فون ڪري حُڪم ڪيائين ته ڪاپڙي مخزن ۾ چيتن ميگهواڙ جو پنهنجي ماءُ تي لکيل مضمون شايح ٿيڻ گهرجي. چيتن اوهان کي اي ميل ڪري ٿو.
تنهن ڪري منهنجي لاءِ اِها ڏاڍي ڏکي صورتحال هئي، مون وٽ ٻنهي ڳالهين جو حوصلو نه هو نه ئي ايڏي ذميواري کي صحيح نموني ادا ڪرڻ جو نه ئي وري چيتن جي حُڪم موٽائڻ جو، ”بس ڳرا ٻيئي پار” واري حالت هئي. مٿان وري 8 آڪٽوبر 2017 تي حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ طرفان عورتن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ جرڳائي سسٽم خلاف شاندار ريلي ڪڍڻ جو بندوبست ڪرڻ جون اڀريون سڀريون ذميواريون پوريون ڪرڻ جو به فڪر هيو.
بهرحال اهو سڀ سوچي ۽ سمجهي ته پليجي صاحب جي جُتيءَ ۾ ته پير پوڻ ممڪن ئي ناهي،،،، سو همت ڪري چيتن جي ڪتاب جو مسودو پڙهڻ شروع ڪيم. ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ کانپوءِ منهنجي چيتن لاءِ هڪڙي راءِ قائم ٿي ته اڪثر ماڻهو مٽيءَ ۾ مٽيءَ ٿي ويندا آهن پر ڪي ڪي ماڻهو پاڻ کي مٽي ٿيڻ ناهن ڏيندا ۽ اسان جو چيتن انهن ڪن ڪن ماڻهن مان هڪ آهي. جيڪو پاڻ کي مٽيءَ ٿيڻ کان بچائڻ جي جتن ۾ لڳل آهي، سندس لکيل ڪتاب جي آئيني مان مون کيس ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته هو وراسٽائيل آهي. انقلابي گيت به ڳائي پيو، ڀڄن به ڳائي پيو تقريرون به ڪري پيو ته وري ته وري ترقي پسندن جي محفلن جو به مَور آهي. ٻين جو ڳالهيون به غور سان ٻڌي ٿو ته ٻين کي پنهنجيون ڳالهيون ٻڌائڻ بنا به نٿو رهي. هي ڪتاب گهڻي ڀاڱي مختلف پروگرامن يا مصروفيتن جي رپوٽن تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آهي پر اهي پروگرام ساڳي نوعيت جا ناهن. ڪي سياسي آهن ته ڪي ادبي، ڪي ثقافتي آهن، ته ڪي روايتي بلڪ ڪي ذاتي به آهن، ڪي بزرگن جا آهن ته ڪي وري نوجوانن جا.
چيتن هر پروگرام مان ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه لازمي سکندو آهي. جيڪو پاڻ ٻُڌو ۽ سکيو آهي اُهو ٻين کي ٻُڌائڻ ۽ سيکارڻ چاهي ٿو جيڪو هو اکين سان ڏسي ٿو. اهو هي لکيل اکرن وسيلي ٻين کي به ڏيکارڻ چاهي ٿو. منهنجي نظر ۾ چيتن جي اِها وڏي خوبي آهي.
ڊگهڙي ۾شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي ۽ “تعليمي ڪانفرنس” واري رپورٽ ۾ مون چيتن جو لکيل هي جُملو پڙهيو. “مون کي ڪنهن ٻڌايو ته جنهن رسول بخش پليجي جي تقرير ناهي ٻُڌي اهو ائين سمجهو ڄڻ ڄميو ئي ناهي،،،، سو منهنجي اِها خواهش هئي ته آئون به پليجي صاحب کي روبرو ٻُڌي ڄمان ته سهي” تڏهن مون کي ٻُڌل ڳالهه ياد آئي ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته هر انسان زندگي ۾ ٽي ڀيرا ڄمندو آهي. پهريون ڀيرو پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ڄمندو آهي. ٻيو ڀيرو آس پاس جو ماحول کيس ڄڻيندو آهي ۽ ٽيون ڀيرو اُهو ماڻهو پنهنجي آس پاس جي حالتن ۽ سندس سمجهه پٽاندر پاڻ کي پاڻ ڄڻيندو آهي. لڳم ڄڻ اهو چيتن جو ٽيون ڀيرو يعني پنهنجو پاڻ کي ڄڻڻ وارو وقت هو. ان وقت چيتن پاڻ کي ڄڻيو هو ۽ هاڻ اڀري سڀري پنهنجي حال سارو ان ڄم جي مختلف ڪتابن ۽ قلم ذريعي پرورش به ڪري رهيو آهي.
ساڳي رپورٽ ۾ منهنجي تقرير ۽ ان ۾ جذباتي ٿيڻ جو ذڪر به ٿيل آهي. سچ پچ جي مان هي مضمون نه پڙهان ها ته مون کي ياد ئي نه هجي ها پر پڙهڻ کانپوءِ مون کي اهو سڄو منظر چٽي طرح ياد اچي ويو. رپورٽون لکڻ جو شايد سڀ کان وڏو ڪم اِهو ئي آهي ته جيڪي ڳالهيون توهان جي ذهن جي پردي تان ڄڻ ميسارجي ويون هجن. اهي سڀ اُڀري اچي سامهون بيهو رهن.
اُن ياد جو فائدو وٺندي آئون چيتن جو هي ڪتاب پڙهندڙن کي ضروري بلڪ پنهنجو فرض ٿي سمجهان ته اهي لفظ مون رڳو جذبات ۾ اچي نه چيا هئا پر مون پاڻ اهي معصوم ۽ بي خبر مائرون ۽ ڀينرون ڏٺيون آهن. جن کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ پنهنجن پٽن ۽ ڀائرن تي وڏو غرور هوندو هو ته سندن پٽ ۽ ڀائر اهڙا هلندي وارا آهن جو يونيورسٽين ۾ مفت جي ماني ۽ ڪڙهايون کائن ٿا. بنا پئسي ڪپڙا ڌوئارڻ ۽ وار ڪٽائڻ وغيره جون عياشون به ڪن ٿا. گهران پائي به خرچ نه وٺندا آهن. اڃان به جڏهن گهر ايندا آهن ته اسان کي پئسا ڏئي ويندا آهن. نه رڳو ايترو پر اُستاد به اسان جي پٽ يا ڀاءُ سان اُٿي بيهي ڳالهائيندا آهن وغيره وغيره ۽ مون وٽ انهن معصوم مائرن ۽ ڀينرن جي غرور کي ٽوڙڻ جي طاقت نه هوندي هئي. دعا آهي ته اسان جي قوم جي مائرن ۽ ڀينرن جا سپوت اهڙين هلندين کان محفوظ رهن. هن ڪتاب ۾ ڏاڏي فتح خان واري احوال ۾ جڏهن پڙهيم ته هنن جي انگريزي ادب ۾ ايم اي ٿيل هئي ته منهنجي لاءِ بلڪل نئين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خبر هئي ڇاڪاڻ جو انهن جي ٺيٺ ٻهراڙي واري انداز ۾ ڪيل ڪچهريون مون ننڍپڻ ۾ جام ٻُڌيون هيون.
چيتن جو سندس جيجل ماءُ بابت لکيل مضمون جي ڳالهه ئي ڪجهه ٻي آهي. خاص ڪري اسان جو مائرون چيتن جي امڙ وانگر ٻين سڀني سٺين ڳالهين سان گڏ سماج ۾ معاشي طور پاڻڀريون ٿين ۽ مردن اڳيان هٿ ٽنگڻ واري مجبوريءَ کان آجيون ٿي وڃن ته سنڌي قوم جي تقدير ئي سنورجي وڃي. شايد اهڙي ماءُ جي تربيت جو ئي اثر هجي جو چيتن پاڻ کي مٽيءَ ٿيڻ کان بچائڻ جي جتن ۾ لڳل آهي. ڪهڙي خبر چيتن پاڻ کي ڪنهن ڏينهن سون بڻائي وجهي.
زاهده شيخ
حيدرآباد
2017-09-30