ساماري شهر ۾ ٿيل هڪ يادگار مَچ ڪچهري
هونءَ ته اسان جي ساماري تعلقي ۾ ڪڏهن ڪا مچ ڪچهري ٿي هجي مون کي ياد ناهي بهرحال هي پهريون ڀيرو هو، ساماري شهر ۾ شڪيل قائم خاني جي اوطاق تي 10 فيبروري 2010 تي بروز اربع جي شام ستين وڳي ٿيندڙ مچ ڪچهري جي دعوت ملي. مچ ڪچهري ۾ شرڪت جي لاءِ آئون ساماري روڊ مان سياري جي سرد هوائن ۾ شام جو ساڍي ڇهين وڳي ساماري شهر ڏانهن روانو ٿيس. ساماري پهچي مون پنهنجي دوست ڪهاڻيڪار لال ساماروي سان رابطو ڪيو. جنهن کان پڇيم ته ڇا پروگرام آهي؟ ان ٻڌايو ته اوهان هرلال امر وٽ ميڊيڪل اسٽور تي اچو آئون به اُتي اچان ٿو، ٿوري دير کان پوءِ لال ساماروي آيو. آئون ۽ لال ساماروي ساڍي ستين وڳي ڌاري مچ ڪچهري ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانا ٿياسين. جئين مچ ڪچهريءَ ۾ پهتاسين ته اُتي مون کي مچ ڪچهريءَ جو صدارتي مهمان مزاحمتي شاعر حليم باغي ۽ مون کي انگريزي سيکاريندڙ ڪاليج ۾ منهنجو پسنديده اُستاد اڪبر شاهه، رفيق احمد ڀرڳڙي ۽ مرحوم محمد يوسف راهمون، ميزبان شڪيل احمد قائم خاني،شاعر خطائي ٿيٻو، ڪميونسٽ اڳواڻ ڏامرو مل ميگهواڙ، ڪهاڻيڪار عبدالرزاق کوسو، ساماري شهرجي سپرٽيڪ پبلڪ اسڪول جو مالڪ عارف قائم خاني، ديال تپيدار، بئنڪ مئنيجر لال سنگهه سوڍو، وڪيل خميسو خان چوهاڻ، ڊاڪٽر خاموش ڪالرو، ڏيون لوهار، هرلال امر، بلديو مهيشوري، عثمان تبسم ۽ ڪجهه ٻيا دوست پڻ نظر آيا. ايتري ۾ مچ ڪچهري جو مهمان خاص اديب نقاد اَمرڪوٽ ضلعي جو ڊي سي او اڪبر لغاري هڪ وڏي گاڏي ۾ سندس گارڊ سان گڏ لٿو، جڏهن مچ ڪچهريءَ ۾ ويٺو ته رات جي وقت ان جي نظر واري چشمي مان مچ ڪچهريءَ وارو مچ پئي نظر آيو. پاڻ ٿري شال سان ڪانڀ ٻڌي خوبصورت انداز ۾ پئي مچ ڪچهري ۾ ڪچهري ڪئي، وڏي ڳالهه ته شاهه لطيف واري تر ڀاڻوٽ جو هجڻ ڪري اڪبر لغاري ٻهراڙي جي نج ڪچهرين جو نه صرف واقف پر مچ ڪچهريءَ واري فن جو بهترين ڄاڻو آهي. اڪبر اَمرڪوٽ ۾ ڊي سي او هجڻ دوران اَمرڪوٽ ضلعي ۾ تمام گهڻا ادبي پروگرام ۽ سيمينار ڪرايا. پاڻ “عمرڪوٽ کان ايامن تائين” ۽ “ڪوي عمرڪوٽ جا” جهڙا بهترين ڪتاب به مرتب ڪيا. اڪبر لغاري جي پهچڻ بعد سڀني آيل مهمانن کي ميزبان شڪيل قائم خاني جي طرفان ماني کارائي ويئي، ماني کائڻ کانپوءِ باقاعده مچ ڪچهريءَ جو آغاز ٿيو، ڪمپئرنگ جي ذميواري نياز عثماني ۽ عمرحيات جٽ سنڀالي، ناظم شڪيل قائم خاني سڀ کان پهرين مچ ڪچهريءَ ۾ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو. جنهن ۾ سڀ کان پهرين نثري نظم پڙهڻ جي لاءِ لال ساماروي کي سڏ ٿيو، جنهن عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي صاحب جي شان ۾ نثري نظم پڙهيو، ان کانپوءِ مون کي گيت لاءِ گهرايو مون 2 گيت دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ۽ تون هيل ته بادل ترسين ها هن پياسي ٿر تي برسين ها سرمد سنڌي جي آواز ۾ ڳائي ٻڌايا، جنهن تي خطائي ٿيٻي چيو ته چيتن تو مچ ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان کانپوءِ پوءِ دوست علي ٿيٻي، ڏيون لوهار، خطائي ٿيٻي، حڪيم عثمان تبسم، خاموش ڪالرو، عبدالرزاق کوسي، عطاالله جان سرهندي، ثناءُالله جان سرهندي ۽ صدارتي مهمان حليم باغي تمام بهترين ڪوتائون ٻڌايون. عبدالرزاق کوسي “ڪچهري مچ، ڪچهري مچ” جي عنوان سان نظم پيش ڪري مچ ڪچهري کي لُٽي ورتي، آخر ۾ مچ ڪچهريءَ جي مهمان خاص اڪبر لغاري مچ ڪچهريءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ٻهراڙي جون اصل ٺيٺ اوطاقون ڏينهون ڏينهن ختم ٿينديون پيون وڃن، جنهن ۾ مٽ جي ٿڌي پاڻي کانسواءِ اتي ويٺل ماڻهن ۾ نه صرف وڏي ڄاڻ پر هڪ ٻئي لاءِ وڏو قرب هوندو هو، غريب امير سڀ گڏجي ويهندا هئا. هاڻ اسان وٽ انگريزي اوطاقن جو مرض وڌي ويو آهي، جنهن ۾ صرف مخصوص من پسند ماڻهن کي ويهي ڪچهريءَ جو موقعو ڏنو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪو غريب ٻڪرار، ريڍار، ميهار يا اوٺار وڃڻ جي ڪندو ته ان کي اُتي روڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته انهن جي اوطاقن جا قالين خراب ٿي ويندا، تنهن ڪري مون کي ٻهراڙي جون اوطاقون وڻنديون آهن جيڪي اسان جي ماضي جا شاندار اسڪول هئا. اسان کي گهرجي ته هن نفسا نفسي جي دور ۾ سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي شهر ۾اهڙيون مچ ڪچهريون منعقد ڪرايون ته جيئن اسان وٽ وڌ کان وڌ علم دوستي ۽ ادب وارو ماحول پيدا ٿئي. آخر ۾ محفل موسيقي کانپوءِ رات اڍائي وڳي مچ ڪچهري نه چاهيندي به پُڄاڻي تي پهتي، مون کي هن مچ ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿي ڏاڍو مزو آيو. آخر ۾ سڀني دوستن شڪيل قائم خاني کي اهڙي يادگار مچ ڪچهري رکرائڻ تي داد ڏنو.