آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اَثر” عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ ڪانفرنس
تاريخ 28 آگسٽ 2017 تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختياراداري واري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب کي سئو سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران “سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اثر” جي عنوان هيٺ ڪانفرنس ٿي گذري، جيڪا ٻن حصن تي مشتمل هئي، پهرين ڪانفرنس انجمن ترقي پسند مصنفين جي صدر سليم راز جي صدارت ۾ ٿي، پروگرام جي شروعات انور سولنگي شاهه لطيف جي وائي سان ڪئي، جنهن ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر پروفيسر ميرمنور ٽالپر هن تقريب جي عنوان جو تعارف ڪرائيندي چيو ته آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي تمام گهرا اثر ٿيا، ان کان اڳ ۾ اسان وٽ ادب صرف هڪ ٻئي جي واکاڻ ۽ وندر لاءِ لکيو ۽ ڇپيو ويندو هو، پر جڏهن سوشلسٽ انقلاب آيو ته اسان وٽ شاعرن ۽ اديبن جا پنهنجين لکڻين ۾ موضوع ئي تبديل ٿي ويا، اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ڪشنچند بيوس، حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد، ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجي سميت سڀني اديبن، سياستدانن جي نثر ۽ شاعرن جي شاعري ۾مزدورن پورهيتن ۽ محنت ڪش عوام جي دردن جي وڪالت ٿيل آهي، مون کي هن هال ۾ سوين ماڻهون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، اُميد ته هن ڪانفرنس جا سماج جي سڀني ماڻهن سڀني تي هاڪاري اثر پوندا. انجمن ترقي پسند مصنفين خيبر پختون خواهه جي صدر ثناءُ الله شميم چيو ته سوشلسٽ انقلاب اچڻ سان اسان وٽ اديبن ۽ شاعرن جي دل ۾ خوف ختم ٿي ويو، اها هڪ وڏي ڪاميابي هئي جو شاعرن ۽ اديبن مظلوم عوام لاءِ لکڻ شروع ڪيو، ناول نگار منظور ٿهيم سوشلسٽ انقلاب جا سنڌي ادب تي اثر جي موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته ڪشنچند بيوس اسان وٽ شاعري ۾ نوان موضوع کڻي آيو افسوس ان وقت جي عروضي شاعرن ان کي شاعر مڃڻ کان به انڪار ڪيو. اسان جي سنڌي ادب ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، امرجليل، نسيم کرل، شيخ اياز ۽ استاد بُخاري جي شاعري ۾سوشلسٽ انقلاب واري اثر جي خوشبوءَ اچي ٿي، هن چيو ته آڪٽوبر انقلاب اڄ به جاري آهي، ڇو ته اهو انقلاب زار شاهي ۽ طبقاتي ظلم جي خلاف هو، آڪٽوبر انقلاب کانپوءِ سنڌي ادب کلي اڀري سامهون آيو. هن چيو ته سنڌ ۾ ون يونٽ جي تحريڪ تمام وڏي تحريڪ هئي، ون يونٽ جي تحريڪ ۾ اديبن وڏو ڪردار ادا ڪيو، 1970ع وارو دور سنڌ جو مزاحمت وارو دور هو. هن چيو ته سنڌ آڪٽوبر انقلاب کي تيزي سان قبول ڪيو، ڇو ته سنڌ جا سياسي، سماجي ۽ معاشي رشتا به اوائلي زمينداري نظام تي بٺيل هئا، هن انقلاب حقيقت ۾ جاگيرداري رشتن جي خلاف لکڻ جي حوالي سان روسي ۽ سنڌي ليکڪن وچ ۾ هڪ عظيم انساني ٻنڌڻ پيدا ڪري ورتو. هن چيو ته سنڌ ۾ ادب ۾ مزاحمت ۽ آفاقيت جا بنياد ڄيٺ مل پرسرام، خان چنڊ درياڻي، لعل چند، لعل پشپ، آتم ڪرشن کٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، عبدالڪريم گدائي، جمشيد مهتا، سائين جي ايم سيد ۽ محمد عثمان ڏيپلائي رکيا. ان شيخ اياز جي شاعري کي پنجابي ۾ ترجمو ڪندڙ پنجاب جي ترقي پسند اديب ۽ دانشور احمد سليم “آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا منٽو تي اثر” جي عنوان سان مقالو پڙهندي چيو ته انجمن ترقي پسند مصنفين تنظيم 1949ع ۾ سعادت حسن منٽو کي رجعت پسند چئي پنهنجي تنظيم کان الڳ ڪيو ۽ 1952ع ۾ وري کيس ٻيهر شامل ڪيو ويو، ان جي باوجود سعادت حسن منٽو برصغير ۾ پهريون اديب هو، جنهن سوويت انقلاب جي نظريي کي پنهنجين لکڻين ۾ عام ڪيو ۽ سعادت حسن منٽو ۾ ڀڳت سنگهه واريون صلاحيتون موجود هيون، هن روسي افسانن کي اردو ادب ۾ ترجمو ڪري عام ڪيو. هن چيو ته آڪٽوبر انقلاب پوري دنيا جي سماجي، معاشي ۽ تهذيبي حالتن تي تمام گهڻا اثر ڇڏيا، هن برصغير ۾ انقلابي تحريڪن کي جنم ڏنو، ادب ۽ فن جي محاذ تي ان جا اثر غير معمولي هئا. هن چيو ته سعادت حسين منٽو روسي ادب نمبر شايع ڪيا. هن چيو ته مشهور افسانه نگار سعادت حسين منٽو روسي انقلاب جو تمام وڏو مطالعو ڪيو، روس انقلاب لاهور تي به پنهنجا وڏا اثر ڇڏيا. هن چيو ته منٽو ئي سردار جعفري کي ميڪسم گورکي سان متعارف ڪرايو هو، منٽو روسي ادب تي تمام وڏو ڪم ڪيو، هن آخر ۾ مارڪس جي لکڻين جو مجموعو عوام سامهون آندو. هن چيو ته روسي انقلاب جي اثر جو نتيجو ان ۾ نڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ تمام گهڻيون ٻوليون ڳالهايون ته وڃن ٿيون پر لکيون نٿيون وڃن، انجمن ڪوشش ڪري ته انهن سڀني ٻولين جي ترقي لاءِ ڪم ڪري. اهو ترقي پسند سوشلسٽ انقلاب جي اثر جو ڪمال هو جو منٽو جي ڪهاڻين جي ڪري تمام گهڻن سنڌي شاعرن ۽ اديبن سميت عام پڙهندڙن جو اُردو ادب ڏانهن لاڙو پيدا ٿيو، جنهن کي پڙهي سنڌي اديبن به بهترين ڪهاڻيون لکيون. انجمن ترقي پسند مصنفين حيدرآباد جي اڳواڻ مرزا سليم بيگ ترقي پسند شاعري تي پنهنجو مقالو پڙهيو، هن چيو ته آڪٽوبر انقلاب اردو، سنڌي، پنجابي ۽ سرائيڪي شاعري تي وڏو اثر ڇڏيو، فيض احمد فيض جوش مليح آبادي ۽ شيخ اياز پنهنجي شاعري ذريعي سوشلسٽ انقلاب جي نيئن ۽ انقلابي خيال کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. انجمن ترقي پسند مصنفين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر سيد جعفر احمد مارڪس ۽ لينن جي ڳوڙهي اڀياس سان ڳالهائيندي چيو ته اهو آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو ئي ته ڪمال هو جو ان جو اثر برصغير جي اردو، سنڌي، هندي ۽ بنگالي سميت هر ٻوليءَ تي ٿيو ۽ اسان وٽ هر ٻولي جا شاعر ۽ اديب پاڻ ۾ هڪ ٿي ويٺا، سويٽ انقلاب ۽ فرانس انقلاب جا دنيا تي اهڙا اثر ٿيا جو اسان جي معاشري ۽ انسان ۾ وڏي تبديلي آئي، سوشلسٽ انقلاب هڪ واقعو نه پر اهو سلسلي انقلاب هو، ان کي جنت نه ٿو چئي سگهجي ان کي انساني تجربو چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪي غلطيون به ٿي سگهن ٿيون ته ان ۾ ڪي ڪاميابيون به ٿي سگهن ٿيون، پاڻ ۾ ٻڌي ڪري دنيا اڳيان هيڪڙائي جو مظاهرو ڪيو، اڄ اسان کي گهرجي ته پاڻ ۾ هڪ ٿي جاگيردارن ۽ سرمائيدرن جي خلاف قلم کڻي ويڙهه ڪريون. هن تقريب جي صدر سليم راز پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اوهان سنڌ وارا ڏاڍا خوش قسمت آهيو جو اوهين اهڙا پروگرام ڪرائي کلي عام ڳالهايو ٿا، اسين اهڙا پروگرام ته ڪريون ٿا پر جيڪي اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ اچن ٿا ڇا انهن جي ذهنن تي ڪي اثر به پون ٿا؟ ڇا اُهي پاڻ کي تبديل ڪن ٿا؟ يا صرف وندر خاطر اهڙا پروگرام ٻڌي هليا وڃن ٿا. اوهان شاهه لطيف جي شاعري کي ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ اوهان وٽ ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي شاندار هٿيار آهي، جنهن جي شاعري ۾ تمام وڏي طاقت سمايل آهي، هن پنهنجي شاعري ۾غريب عوام جي وڪالت ڪئي آهي ۽ وڏيرن جي وڏيرائي ۽ جاگيرداري کي ننديو آهي پر افسوس امير ۽ غريب ٻئي هڪ هنڌ بيهي ڀٽائي جي شاعري کي سمجهڻ کان بغير ٺلهي عبادت ڪن ٿا، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. اسان کي سيڪيولرزم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ سڀني مذهبن جو احترام برابري جي بنياد تي هجي، اُهو صرف آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب پوءِ ايندڙ نظام سان ئي اچي سگهي ٿو، اسان کي کاٻي ڌر جي ماڻهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ان ۾ ئي اسان جي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي آهي، مون کي ڏک ٿيو آهي ته پاڪستان جي ٻين صوبن جي نسبت سنڌ ۾ غربت تمام گهڻي آهي، هن تقريب جي ڪارروائي ڪامريڊ اقبال هلائي.
منجهند جي ماني کانپوءِ ٻي تقريب جو آغاز ٿيو، تقريب جي ڪارروائي انيس زيدي هلائي، جنهن جي صدارت شاعر احمد سليم ڪئي، جنهن ۾ زيب النسا زيبي چيو ته اڄ مون کي هي پروگرام ڏسي ۽ ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، اُميد ته اهڙيون ڪانفرنسون اسين اڳتي هلي به ڪرائينداسين. سڪندر بختيار کوسي مقالو پڙهندي چيو ته اسان وٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل ۽ سامي جي شاعري ۾ تمام گهرو فڪر سمايل آهي، جنهن کي سوشلسٽ انقلاب واري اثر کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. تقريب ۾ ڳالهائيندي نامياري ليکڪه ۽ ڪالم نگار زاهده حنا مقالو پڙهندي چيو ته روس جو انقلاب نه اچي ها ته گڏيل هندستان ۾ ترقي پسند ادب ۽ انقلابين جا جيڪي به نالا اڄ موجود آهن، اهي به نه هجن ها ۽ هتي ڪا به تبديلي نه اچي ها، روس انقلاب هندستان جي نوجوانن جا ذهن تبديل ڪيا، هتي تبديلي جا خواب کڻي نوجوان اڳتي وڌندا ويا. هن چيو ته هندستان جو انقلابي اڳواڻ ايم اين راءِ ئي هو جنهن لينن سان به اختلاف ڪيا. هن چيو ته روس انقلاب بابت صحافي جان ريڊ دنيا کي جهنجهوڙيندڙ 10 ڏينهن جي نالي سان ڪتاب لکيو، جنهن تي وري فلم به ٺهي هئي، روسي انقلاب برصغير ۾ روشني پيدا ڪئي، ڪيترائي ذهن روشن ٿيا، نامياري ليکڪه امر سنڌو مقالو پڙهندي چيو ته ترقي پسند تحريڪ جون فڪري پاڙون مارڪسي فڪر ۾ ئي پروڙيل آهن، اهڙي فڪر سوويت يونين جي انقلاب جي صورت ۾ هڪ اميد ۽ خواب اڳيان آندو. هن چيو ته ويهين صديءَ ۾ غلام ۽ ڌڪاريل نسلن، مزدورن ۽ عورتن جون ڪاميابيون سوشلسٽ انقلاب جي صورت ۾ تعبير ٿيون. هن انقلاب ادب ۽ اديب جي جانبداري کي واضح ڪيو. هن چيو ته اوڻيهين صدي ۾ اُٿندڙ ادبي تحريڪون غير جانبداري تي بضد هيون، جڏهن ادب زندگي جو آئينو ٺهيو ته اديب ۽ ادب جي زندگي جو نامياتي رشتو ٻيهر تشريح ڪرڻ لڳو. هن چيو ته ساڳي صديءَ ۾ ڊارون ۽ فرائيڊ مذهب ۽ خاندان جي بنيادي تصور کي ڌجڪو هنيو، اتي ڪارل مارڪس رياست تي تنقيد ڪندي انساني معاشري جي مڪمل تصوير پيش ڪئي. هن چيو ته ويهين صدي جنگين جي صدي هئي، جنهن ۾ ظلم جي انتها هئي پر هن صديءَ جي شروعات ۾ ئي هارين ۽ مزدورن بغاوت ڪئي، سماج ۾ سجاڳي آندي، پر انهن وٽ ان وقت ڪو به بينر ۽ ڪو پليٽ فارم يا نالو نه هو. هن چيو ته ورهاڱي کان اڳ ۾ هندستان ۾ انجمن ترقي پسند تنظيم کي نوجوانن دل سان قبول ڪيو، جنهن ۾ سجاد ظهير ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته 1935ع ۾ سنڌ ڄائي حشو ڪيولراماڻي لنڊن ۾ وڃي سنڌي ترقي پسند ادب جي نمائندگي ڪئي، سنڌ ۾ به اديبن جي انجمن جا بنياد پيا، حميرا اشفاق مشهور شاعر اختر راءِ پوري بابت مقالو پڙهندي چيو ته آڪٽوبر انقلاب جي شروعات ۾ ئي هندستان سميت پوري دنيا جي ترقي پسند ذهنن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو. هن چيو ته 1920ع جي وقت معاشي بدحالي هئي، جڏهن ته 1930ع کانپوءِ نازي آمريتن جمهوريت جو تختو اونڌو ڪري پوري دنيا ۾ وحشت پکيڙي، روس جي انقلاب هندستان جي به نوجوانن کي متحرڪ ڪيو. هتي جي اديبن ۽ شاعرن ترقي پسند ادب تخليق ڪيو، ترقي پسند ادب انسان کي زندگي گذارڻ جو ڏانءُ ڏنو. هن چيو ته زندگي جي مقصد کان هٽي ادب جي منزل ڳولي نٿو سگهي، هڪ انسان ۽ هڪ اديب ۾ فرق ناهي، جڏهن ته صرف فرق اهو آهي ته هڪ پنهنجي سماج جي ترجماني ڪري ٿو ٻيو ان ترجماني مان متاثر ٿئي ٿو، ادب جو مقصد اهو ٿيڻ گهرجي ته اهو ادب انهن جذبن جي ترجماني ڪري جيڪي سماج کي ترقي جي راهه ڏيکارين. ترقي پسند ليکڪ سڪندر بختيار کوسي چيو ته روسي انقلاب ٻين ٻولين وانگر بلوچي زبان تي پنهنجا اثر ڇڏيا، جڏهن ته بلوچي ٻولي جي شاعري جو اثر قبائلي جنگن تي اثر پيو، بلوچي رومانوي شاعري به آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ بلوچي زبان ترقي نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته شهيد نواب اڪبر بگٽي بلوچي زبان کي اسڪولن ۾ رائج ڪيو، پر الفابيٽ نه هجڻ ڪري اهو منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو، سوشلسٽ انقلاب کانپوءِ بلوچي ٻولي جي شاعري تبديل ٿيڻ لڳي، سامراج ۽ استحصال خلاف شاعري سرجڻ لڳي. هن چيو ته سنڌي شاعري به روسي انقلاب جا اثر قبول ڪيا، سنڌي ادب ۾ فڪري مخالفت شروع کان هلندي پئي اچي، هڪڙا شاعر اقتدار جي پشت پناهي حاصل ڪري حڪومت جي نمائندگي ڪن ٿا، جڏهن ته گهڻا اديب اقتدار جي نمائندگي نٿا ڪن ۽ مظلومن جي ڳالهه ڪن ٿا. هن چيو ته اڍائي سئو سالن کان سنڌي ادب ۽ شاعري تي ترقي پسند ادب حاوي رهيو آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي کانپوءِ اهو نعرو لڳو ته دنيا جا مزدورو هڪ ٿي وڃو، جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهڻو وقت اڳ يونيورسل جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته ڪامريڊ فيض احمد فيض، سيد سبط حسن، محمد علي صديقي ۽ ٻين ترقي پسند فڪر ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سنڌي ادب ۾ ابراهيم جويو جون خدمتون سڀ کان نمايان آهن. اردو ادب جي ترقي پسند ليکڪه زيب النساءِ زيبي چيو ته ترقي پسند ادب حقيقت نگاري، انقلاب ۽ انساني آزادي جو درس ڏئي ٿو، ترقي پسند ادب جا خالق ڪارل مارڪس، مائوزيتنگ ۽ لينن آهن، روس جي انقلاب جا بنياد به ترقي پسند ادب جي ذريعي ئي پيا. هن چيو ته ترقي پسند ادب سان لاڳاپيل شاعر ۽ اديب ڪنهن به مخصوص نسل ۽ قوم جا نمائندا نه هوندا آهن، پر اهي سموري دنيا جي مظلومن سان ٿيندڙ ظلم، جبر ۽ ناانصافين خلاف بغاوت جو علم بُلند ڪندا آهن. هن چيو ته روسي ادب جا سنڌ تي به وڏا اثر پيا، حيدر بخش جتوئي ترقي پسند ادب جو حامي هو، جنهن هارين لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ بيت لکيا، جڏهن ته تنوير عباسي، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، اُستاد بخاري، نياز همايون ۽ ٻيا سنڌ جا باغي شاعر آهن. هن چيو ته وفاق ننڍن صوبن جا حق غضب ڪري رهيو آهي، ننڍن صوبن ۾ محرومي وڌي وئي آهي، چئني صوبن جو هال ساڳيو ئي ٿي ويو آهي، ان جو سبب هڪ طبقي جي حاڪميت آهي، ان ڪري سماج ۾ انقلابي تبديلي جي ضرورت آهي. آخر صدارت ڪندڙ شاعر احمد سليم چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون اڄ به آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو مسافر آهيان، اڄ وارو پروگرام ڏسي منهنجا ٿڪ لهي ويا آهن، آئون سنڌ جو حصو آهيان، سنڌ جا ماڻهو مون کي اڄ به وڏي عزت ڏين ٿا، سنڌ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو شاعر پيدا ٿيو، جنهن جي شاعري ۾ سيڪيولرزم ۽ رواداري جا بهترين مثال بيان ٿيل آهن، ڪميونسٽ پارٽي جي گڏجاڻين ۾ آئون هر ڀيري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ذڪر ڪندو آهيان، مون کي ڪميونسٽ دوست چوندا آهن ته سليم صاحب اوهان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ايترو ذڪر ڪريو ٿا پارٽي ۾ جوائن ڪرائيندو ڇا؟ ته مون ٺهه پهه جواب ڏنو ته اوهين پارٽي وارا شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي جوائن ڪريو. اهو ٻڌي سڀني ماڻهن مُسڪرايو.انجمن ترقي پسند مصنفين پاران آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اثر واري هي تقريب تمام شاندار ٿي گذري جنهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي، همسري مخزن جي ايڊيٽر زاهده ابڙو، ڏامرو مل ميگهواڙ، محمد قاسم، هشمت، دليپ ويراچ، تيرٿ ڪمار، ڪامريڊ مظهر، راڌا ڀيل، پشپا ڪماري، يشونت ميگهواڙ، لڪيش ڪمار مهاراج، نريش ڪمار، ڊاڪٽر دائم جئپال ۽ ٻين شرڪت ڪئي.