ڊگهڙي ۾ شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي ۽ “تعليمي ڪانفرنس”
هي اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن آئون اَمرڪوٽ جي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران اَمرڪوٽ شهر جي چندي رام پاڙي ۾رهندو هئس ته اچانڪ مون کي پنهنجي دوست ڊاڪٽر هرلال امر فون ڪري ٻڌايو ته پاڻ کي تاريخ 13 فيبروري 2009 تي ڇنڇر جي شام ڊگهڙي لڳ شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي ۾ هلڻو آهي، جنهن ۾ تعليمي ڪانفرنس پڻ رکي وئي آهي، جتي ڪانفرس ۾ عوامي تحريڪ جا سربراهه رسول بخش پليجو صاحب صدارتي خطاب ڪندا، مون کي اِهو ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته مون کي ڪنهن ٻڌايو هو ته جنهن رسول بخش پليجي جي تقرير ناهي ٻڌي اُهو ائين سمجهو ڄميو ئي ناهي، تنهن ڪري منهنجي اِها خواهش هئي ته آئون به پليجي صاحب روبرو کي ٻُڌي گهٽ ۾ گهٽ ڄمان ته سهي، مون پنهنجي دوست هريش مالهي جيڪو اُن وقت اَمرڪوٽ ۾ رهندو هو، اُن کي ڊگهڙي هلڻ جي صلاح هنيم ته ان چيو آئون ڪجهه مصروفيتن سبب نه ٿو هلي سگهان. پوءِ آئون عمرڪوٽ مان ٽئين وڳي بس ۾ چڙهي ساماري روڊ پهتس. جتان وهنجي سهنجي ساماري شهر ويس، جتي منهنجو دوست ڊاڪٽر هرلال امر، نول راءِ ميگهواڙ، نور محمد خاصخيلي ۽ ٻيا دوست ويٺل هئا، جن ٻڌايو ته شهزور گاڏي جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ايتري ۾ گاڏي آئي اسان ان ۾ چڙهي روانا ٿياسين، شهزور ۾ مختلف دوستن شاعري ٻڌائي پئي مون به اُستاد بخاري جا ٻه گيت سرمد سنڌي جي آواز ۾ ٻُڌايا، ائين ئي خوشي خوشي ۾ اسين سوا ڪلاڪ ۾ ڊگهڙي شهر جي ڀرسان هڪ شادي هال “فرينڊس گارڊن” ۾ پهتاسين، جتي لائيٽنگ جي سينگار سان کجين جا وڻ پئي چمڪيا، ٻاهر رڳو گاڏيون ئي گاڏيون بيٺل هيون، دل پئي چيو ته يڪدم هال ۾ داخل ٿجي پر رضاڪارن جي ڳالهه کي مڃيندي اسين آهستي آهستي هال ۾ داخل ٿياسين ته جيئن ڪنهن پوڙهي يا ٻار کي ڌڪو نه اچي، اندر داخل ٿيندي ڏٺم ته زاهد ٻٻر ۽ وڪرم ميگهواڙ وارا زور زور سان نعرا لڳائي رهيا هئا هر دور وڙهيو جو پليجو ۽ ڪين نه وڪيو جو پليجو، پاڻي لاءِ وڙهيو جو پليجو، مهراڻ جو ليڊر پليجو، گلن جي ورکا پليجو، اسين اهي نعرا ٻڌي جوش ۾ اچي وياسين، جئين ئي اسٽيج تي نظر پئي ته رسول بخش پليجو صاحب ڪاري ڪوٽ ۽ مائو ڪيپ سان صدارتي ڪُرسي تي ويٺل نظر آيا، مون هميشه پليجو صاحب جا اخبارن ۾ فوٽو ۽ جلسا ڏٺا هئا پر هي پهريون ڀيرو هو جو آئون پليجي صاحب کي ۽ عوامي تحريڪ جي جلسي کي روبرو ڏسي رهيو هئس، دل صفا باغ بهار ٿي وئي اکيون خوشيءَ سان ڀرجي آيون ته ڪيئن نه اڄ آئون هڪ وڏي مفڪر عظيم انسان کي روبرو ڏسي رهيو آهيان، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن پهرين خواب ڏسي رهيو هئس، اُهو رسول بخش پليجو جنهن لاءِ الطاف شيخ به پنهنجي ڪتاب “ڏيهه پرڏيهه جي سفر” ۾ لکيو آهي ته رسول بخش پليجي جا آرٽيڪل جڏهن مون پرڏيهه ۾ رهڻ دوران اُتي جي انگريزي اخبارن ۾ پڙهيا ته حيران ٿي ويس ته اسان جي سنڌ جو پليجو صاحب ڪيڏو نه قابل انسان آهي، جنهن جي مضمونن کي پرڏيهه جي اخبارن جا ادارا نه صرف خوشي سان ڇاپين ٿا پر اُتي جا ماڻهو پڙهن به شوق سان ٿا، الطاف شيخ وڌيڪ اُن ۾ لکي ٿو ته مون کي رسول بخش پليجي جي تقرير ٻڌڻ جو تمام گهڻو شوق آهي پر افسوس پرڏيهه ۾ نوڪري هجڻ ڪري اهڙي ڄاڻو مقرر کي ٻڌڻ جو موقعو ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿئي ٿو، تنهن ڪري حيدرآباد ۾ رهندڙ بيچلر شاگردن کي گهرجي ته اُهي رسول بخش پليجي صاحب جي تقرير روبرو ضرور ٻڌن حيدرآباد ۾ رهي جنهن رسول بخش پليجي جي تقرير نه ٻُڌي ته ائين سمجهو اُهو حيدرآباد ۾ رهيو ئي ڪونهي،
آئون ۽ ساماري مان آيل دوست سوين ماڻهن جي مِيڙ کي پار ڪري اسٽيج جي اڳيان وڃي ويٺاسين، جتي احمد مغل جي ڳايل گيت تي ٻه ٻارڙيون مهمانن کي آجيان ڪرڻ لاءِ ٽيبلو پيش ڪري رهيون هيون، جنهن کي ڏسي مڃيوسين ته واقعي تعلقي ڊگهڙي جي عوامي تحريڪ ۽ ايس ايس ٽي جي دوستن رائيچند مهراج، پرڀو مهراج، لال جروار، انور نوحاڻي، سجاد اختر ٽالپر، حيدر جروار، نويد جروار، وڪرم ميگهواڙ، حسن خاصخيلي، لياقت ٽالپر، پرويز علي جروار، نعيم جروار ۽ ٻين شاگردن پروگرام کي علمي، ادبي، سياسي ۽ پرڪشش بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي.
ايس ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ مصطفيٰ هنگورجي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسين جڏهن يونيورسٽين ۾ ايس ايس ٽي پاران رسول بخش پليجي صاحب جو ليڪچر رکرائڻ جي پروفيسرن کي ڳالهه ٿا ڪريون ته انهن جون ڄنگهون ڏڪڻ شروع ٿي وينديون آهن، آخر رسول بخش پليجي صاحب جي ليڪچر سان اوهان کي ايڏو ڊپ ڇو ٿو ٿئي؟ ان ڪري ته پليجو صاحب سچ ٿا ڳالهائين؟ آخر ڪيستائين اوهان ڪوڙ جي سهاري هلندو؟ سچ جي فتح ته يقينن هڪ ڏينهن ٿيڻي ئي آهي، جلسي کي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زاهده شيخ خطاب ڪندي چيو ته مهرباني ڪري سڀ امن پسند ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ هرو ڀرو ڪنهن کي به پنهنجي هٿن سان نقصان نه پهچايو. اوهان جو جيڪو به دوست يا ڀاءُ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هجي ۽ گهر اچي اوهان کي ٻُڌائي ته آئون يونيورسٽي ۾ روز ڪڙهائي سان ماني کايان ٿو، ڪپڙا مفت ۾ ڌوٻي کان ڌورايان ٿو ته پوءِ اوهان اهڙي دوست کي صاف صاف چئي ڇڏو ته تون اسان جو ڀاءُ نه پر غنڊو آهين. تون اسان جو دوست نه پر دشمن آهين، جذباتي تقرير ڪندي زاهده شيخ کي کنگهه ٿيڻ ڪري طبيعت خراب ٿي پيئي ۽ چيائين ته منهنجي طبيعت اجازت نٿي ڏي توهان جي مهرباني. انور نوحاڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته رسول بخش پليجي ننگرپاڪر تائين پنهنجي ڏاهپ جو پرچار ڪري اُتي جي غريب ڪولهين ۽ ميگهواڙن کي جيڪا علم جي طاقت ڏني آهي اُها قابل فخر آهي، جنهن جي بنياد تي ننگرپارڪر جا ميگهواڙ ۽ ڪولهي ڪنهن ظالم جي آڏو نه ٿا جُهڪن. انهن مان عوامي تحريڪ جو سرگرم ڪامريڊ مگهنو ڪولهي به هڪ آهي، جلسي ۾ شير محمد هاليپوٽي هڪ نظم پيش ڪئي. حيدرآباد جي مسلم ڪاليج جي ليڪچرار ڪالم نويس ۽ ڊراما نگار حفيظ ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته اسان جي نصابي ڪتابن ۾ گهڻي ڀاڱي رڳو ڪوڙ لکيو ويو آهي، تنهن ڪري ڪيترن ئي استادن پاران مجبورن اهو ڪوڙ ٻارن کي پڙهائڻو ٿو پوي سچ اهو آهي ته اُستادن کي گهرجي ته اُهي پڙهائڻ جي دوران ڪوڙ کي هڪ پاسي رکي شاگردن کي سچ پڙهائين. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اوهان کي بزدلي واري ننڍ مان سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ پنهنجا بنيادي حق ڇني وٺڻا پوندا. انهي لاءِ توهان کي پاڻ ۾ هڪ ٿيڻو پوندو. ان کانپوءِ جلسي جي آخر مقرر عوامي تحريڪ جو سربراهه نامور سياستدان رسول بخش پليجو جنهن جي لاءِ هي سڄو ميڙ گڏ ٿيو هو، ان جو ڪافي دير کان ماڻهن جو هجوم ڏاڍي شدت سان انتظار ڪري رهيو هو، ان کي جڏهن پرجوش نعرن سان سڏ ڪيو ويو ته سڄو پنڊال اُٿي بيٺو چارو طرف نعرا لڳي ويا هر دور وڙهيو جو پليجو، “ڪين نه جهڪيو جو پليجو” وڙهندو ئي رهيو جو پليجو، پاڻي لاءِ وڙهيو جو پليجو، هارين جو ليڊر پليجو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي شاگردن به نعرا هنيا ڪاليج ٽو يونيورسٽي ايس ايس ٽي، ايس ايس ٽي، ايوري وهير ايوري سٽي، ايس ايس ٽي ايس ايس ٽي، زوردار نعرن کان پوءِ رسول بخش پليجو صاحب اسٽيج تي اچي سڀ کان پهرين جلسي ۾ ويٺل سڀني ڀائرن، ڀينرن، شاگردن ۽ ٻارن کي جيئي سنڌ چئي مخاطب ٿيندي چيو ته رات تمام گهڻي ٿي چُڪي آهي اوهان اهڙي سيءَ ۾ سوير کان وٺي ايڏيون ڊگهيون تقريرون وڏي صبر سان ٻُڌيون آهن. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، اسان کي اُميد آهي ته اوهان گهڻو ڪجهه سکيا هوندا ڳالهه دراصل اها آهي ته رڳو گهوڙا گهوڙا ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، ڪنهن بيمار کي بغير ڪنهن چڪاس جي رڳو پيا گوريون ڏيندا ته مسئلو صحيح معنيٰ ۾ حل نه ٿيندو، تنهن ڪري بيماري جي پهرين پرک ڪجي ته اصل مرض ڪهڙو آهي؟ ان کانپوءِ ئي ان جو علاج صحيح ٿيندو. هڪ ڳالهه سڀني کي ذهن ۾ رکڻ کپي ته اسين عوامي تحريڪ وارا هرو ڀرو ڪنهن جي خلاف نه آهيون نه پ پ پ وارن جي، نه مسلم ليگ وارن جي، نه ڪنهن مذهب جي ۽ نه ئي ڪنهن وڏيري جي بلڪ اسين صرف غلط ماڻهن جي خلاف آهيون، جيڪي پنهنجي ڌرتي ماءُ سان غداري ڪن ٿا، باقي جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي عوام سان سچا آهن، اُهي اسان جا ڀائر آهن. آمريڪا جنهن جي خلاف سڄو جهان کڙو ٿيو بيٺو آهي، ان ۾ به جان ايف ڪينيڊي جهڙا بهترين ماڻهو پيدا ٿيا والس وئٽمين جهڙا شاعر پيدا ٿيا، وڏيرو ته غلام محمد ڀرڳڙي به هو جنهن پاڪستاڻ ٺاهڻ ۾ قائداعظم محمد علي جناح جهڙن ليڊرن جو دل کولي ساٿ ڏنو. اسين انهي جي خلاف نه آهيون، اسين صرف انهن ماڻهن جي خلاف آهيون جيڪي غريبن کي ڏکوئين ٿا. انهن جو رت پئين ٿا ۽ انهن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ نه ٿا چاهين. اڄ جيڪا عاشق جوڻيجي جي ورسي ملهائي پئي وڃي ان کي آخر ڇو ماريو ويو؟ ان کي اُن ڪري قتل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته هو تعليم دوست ماڻهو هو، بدمعاش ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي تنهن ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏيائين، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اُنهن قاتلن کي چماٽ به نه لڳي. اڄ جيڪا هتي عاشق جوڻيجي جي ورسي سان گڏ “تعليمي ڪانفرنس” سنڌي شاگرد تحريڪ پاران ڪوٺائي وئي آهي ڇا اهو انهي ڪري ته اسڪول ۾ شاگرد پڙهن نه ٿا، يا اُنهي ڪري ته اُستاد پڙهائين نه ٿا؟ يا والدين سهڪار نه ٿا ڪن ان ڪري؟ اسين ننڍا هوندا هئاسين ته واڻيا سيٺ چوندا هئا ته ڄٽ ۽ ڦٽ ٻئي ٻڌا چڱا، غريب جي ٻار کي ته اصل تعليم ئي نه ڏيو، وڏيرا زميندار چوندا آهن ته ڪولهين، ڀيلن ۽ ميگهواڙن جا ٻار جيڪڏهن پڙهي پيا ته ٻنيون ڪير آباد ڪندو؟ اهي جڳهيون ڪير ٺاهيندو؟ تنهن ڪري غريبن کي تعليم ڏيو ئي نه، جي ڏني ته اهي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي کُلي عام بدمعاشي ڪرڻ نه ڏيندا.
اسين سياست جا اسپيشلسٽ آهيون اسان جو ڪم ئي اهو آهي ته اسين سياست کي سمجهون ۽ اوهان جهڙن کي سياست جا گُر سمجهايون. اسين هيل تائين پيا شهيد شهيد ڪري خوش ٿيندا پيا اچون، جيڪڏهن گهر جو سربراهه شهيد ٿي ويو ته پوءِ گهر ڪير هلائيندو؟ اسان کي گهرجي ته اسين هاڻ شهيد ٿيڻ بجاءِ فاتح ٿيون. اوهان جيڪڏهن اڃان تائين پيا علم دشمنن کي ووٽ ڏيندا پيا ايندا ته اسان جي ملڪ کي ڪالاباغ ڊيم جهڙيون بلائون وڪوڙي وينديون. تنهن ڪري دوستو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين بيوقوفن جي پويان هلڻ جي بدران پاڻ مُڙسي ڪريون، خطاب پوري ٿيڻ کانپوءِ سڀني شاگردن پليجو صاحب سان وڃي اسٽيج تي هٿ ملايو ۽ آٽوگراف ورتا. آئون به اسٽيج تي ويس ۽ پليجو صاحب کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو هٿ ڏنم دل خوش ٿي ويئي. ان کانپوءِ آئون عوامي تحريڪ ۾ جهڙوڪر شامل ٿي ويس. رات جو جلسي ۾ ڪاپڙي مئگزين ۽ هڪ سي ڊي وٺي اسين سڀ واپس شهزور ۾ چڙهي ساماري شهر پهتاسين. رات جو ڊاڪٽر هرلال امر جي گهر رهيس ۽ صبح جو سامارو روڊ پهتس.