سنيل ڪمار سوناري جي ياد ۾ “تعزيتي ميڙاڪو”
ساماري روڊ ۾ مالهي، ميگهواڙ، کتري، مهيشوري، اوڏ، ڪولهي، ڀرڳڙي، قريشي، راجپوت، سميت مختلف برادريون رهن ٿيون. پر اسان وٽ سونارن ۾ صرف سروپچند سوناري جو هڪڙو ئي گهر آهي، جنهن جي گهر سنيل ڪمار 16 جون 1988 ۾ جنم ورتو، جنهن شروعاتي تعليم ساماري روڊ مان ئي پرائي جتي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هُن انٽر 2004 ۾ مٺي شهر مان ڪئي، هُن اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي مان 2008 بيچلر ڪئي، هُو منهنجي دوست پريم ڪمار مالهي ۽ مٺي جي دسرت ولد جيرام جو گهاٽو دوست هو، هُن سان گڏ ساماري روڊ ۾ ڪافي دوست پڙهيا جن ۾ سڪندر ڪالرو، سورج جئپال، ڪپيل مهيشوري، ونود مهيشوري، فدا چانڊيو، افضل ملاح جن مان واشديو مالهي ۽ شهديو مالهي انڊيا لڏي ويا، هن سان منهنجي دوست رميش مالهي جي به دوستي هئي، جيڪو پڻ انڊيا لڏي ويو. رميش مالهي منهنجو نظرياتي دوست هو، جنهن جي انڊيا وڃڻ سان مون کي تمام گهڻو ڏک پهتو.
سنيل ڪمار ڪراچي ۾ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ نوڪري ڪندو هو، اُن جي ڏياري تي شادي به رٿيل هئي، اتفاق سان هي ساماري روڊ مان پنهنجي والدين سان گڏ مٺي گهمڻ ويل هو، جتي هن والدين کي چيو ته اوهان ڀلي ڳوٺ وڃو آئون سلام ڪوٽ سنت نيڻون رام جي ميلي تي ڀيڻايي سان گڏ گهمڻ ٿو وڃان واپسي ۾ اِهي ميلو گهمي آيا پئي ته بدين روڊ تي پنگريي کان اڳتي تاريخ 14 سيپٽمبر 2014 تي ڀوڄاڪر اسٽاپ وٽ شام جو چئين وڳي هنن جي ٽوڊي ڪار جو کيکڙي سان خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ٿي پيو، جنهن ۾ٽنڊي باگي جو نريش ڪمار ولد ڪيتاور ۽ نوجوان سنيل ڪمار ديهانت ڪري ويو، جنهن جي خبر مون کي مڪيش اوڏ ٻڌائي، مون جڏهن هريش مالهي کان پُڇا ڪئي ته ان ٻڌايو ته خبر بلڪل سچي آهي سنيل ڪمار هن دنيا ۾ هاڻي ناهي رهيو، اهي لفظ ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ڇاڪاڻ ته هي ساماري روڊ جو سُلڇڻو ڇوڪرو هو، هريش مون کي رات جو ٻارهين وڳي ميسيج ڪيو ته هاڻي سنيل ڪمار جي ارٿي سندس گهر وٽ پهچي وئي آهي، ارٿي کي آئون ايمبولنس مان لاهيان پيو، صبح جو اُٿيس ته سنيل جي وڇڙي وڃڻ تي مون کي ويڳاڻپ محسوس ٿي رهي هئي سوچيم پئي ته سنيل جو ڏک نه صرف سنيل جي ماتا کي پر اسان جي شهر ساماري روڊ ۾ سڀني مائرن کي ٿيو. تڏهن منهنجي ذهن تي شاعري جي ديوي جي معرفت اهي سٽون تري آيون،
سنيل جي وڇوڙي جو وريو اهڙو واءُ
اڄ مرڪي نٿي ماءُ، ڪنهن به مٺڙي لال جي
(چيتن ميگهواڙ)
بهرحال ڏينهن جو مون کي دليپ ڪمار مالهي ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته سنيل ڪمار جي ارٿي کي ساماري روڊ جي نبي سر واهه جي ڀرسان مساڻ ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو آهي، جتي ساماري روڊ جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مهيني کان پوءِ ڏياريءَ ايندي ئي پريم چيو ته سنيل ڪمار جي ياد ۾ عوامي تحريڪ پاران ضرور ڪا تقريب ڪوٺائجي. پريم ڪمار جي اُن ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ساماري روڊ ۾ کيمچند مالهي جو هارڊ وهير وارو دُڪان جتي هر روز شام جو ساماري روڊ جا نوجوان گڏ ٿيندا آهن، اُتي ويهي مختلف دوستن جي متفق راءِ سان فيصلو ٿيو ته تقريب 24 آڪٽوبر 2014 تي ڏياري جي ٻئين ڏينهن شام چئين وڳي منعقد ڪئي وڃي،
ٻئي ڏينهن مون (چيتن ميگهواڙ) پريم ڪمار ۽ هيرالال مالهي گڏجي ساماري روڊ شهر جي سماجي ماڻهن، شاگردن ۽ واپارين کي تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت جو سڏ ڏنو، شام جو ٽئين وڳي آئون ۽ ڌنراج مالهي ريواچند مالهي جي گهر وياسين، جتي ٻاهر اوطاق ۾ اشوڪ مالهي صفائي ڪري رهيو هو، مون اشوڪ کي چيو صفائي آئون ٿو ڪريان پر ان مون کي صفائي ڪرڻ نه ڏني چيائين ته اهو ڪم آئون پاڻ ڪندس، شام جو چئين وڳي دوستن تقريب ۾ پهچڻ شروع ڪيو، ساڍي چئين وڳي تعزيتي ميڙاڪي ۾ سرڳواسي سنيل ڪمار کي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪاروائي جو آغاز ٿيو. جنهن ۾عوامي تحريڪ جي اڳواڻ هريش مالهي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏنا. مون شيخ اياز جي “ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيڙا” وائي پيش ڪئي. تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙ سنيل جي گهر ڀاتين سميت ساماري روڊ جي ڊاڪٽرن، واپارين ۽ شاگردن سنيل ڪمار جي فوٽو اڳيان ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.ان کانپوءِ تقريرون ٿيون. پريم ڪمار مالهي آجياڻي تقرير پيش ڪندي چيو ته سنيل ڪمار هڪ ذهين شاگرد هو. هر ڪنهن جي عزت ڪرڻ ان جي بهترين عادت هئي. ڊاڪٽر رميش ڪمار چيو ته سنيل ڪمار جي ديهانت ۾ اسين سندن والدين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ماستر هوٿي رام جئپال چيو ته سنيل جهڙا نوجوان اسان جي شهر ۾ ڪي چند هوندا پر سنيل اسان کي ياد رهندو. ڊاڪٽر سروڻ ڪمار چيو ته سنيل ڪمار هڪ باادب شاگرد هو، جنهن کي وساري نٿو سگهجي، تقريب کي خطاب ڪندي مون (چيتن ميگهواڙ) چيو ته سنيل ڪمار يقينن هڪ بهترين نوجوان هو، هو نه صرف پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن روشن ۽ مدن جو ڀاءُ هو پر هو اسان جو به ڀاءُ هو، جيڪو اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي، ان جي ياد ۾ مختلف دوستن کان تاثرات لکرائي يادگيري خاطر ڪتاب ضرور ڇپرائجي، سنيل جهڙي نوجوان جي وفات کانپوءِ اسان کي سمجهڻ کپي ته دنيا فاني آهي، مرڻ کان پوءِ اسان سان گڏ ڪا به شي نه هلندي، تنهن ڪري اِها مختصر زندگي اجتماعي طور ٻين جي ڪم اچي ته بهتر آهي، هريش مالهي چيو ته سنيل هڪ شريف ۽ سمجهدار نوجوان هو. گوندا گر چيو ته سنيل .راند توڙي تعليم ۾ اسان کان به هوشيار هو، منهنجي ڪلاس فيلو مڪيش ڪمار مالهي چيو ته سنيل ۾ اوچ نيچ نه هئي هُو صرف انسانيت ۾ يقين رکندو هو، هنسراج مالهي چيو ته سنيل دوستي ۾ ڏک سک جو ساٿي هو، راجا مگهن ميگهواڙ چيو ته سنيل هڪ فرمانبردار شاگرد هو، خليل احمد ڪنڀار “اي سنڌ تو کي الوداع” گيت پيش ڪيو، جنهن دوران تقريب ۾ ويٺل ماڻهو سڏڪي پيا. سنيل جي والد سروپچند چيو ته آئون عوامي تحريڪ ساماري روڊ جي نوجوانن جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي سرڳواسي پُٽڙي سنيل جي ياد ۾ هي تقريب ڪوٺائي، آئون ڪوشش ڪندس ته ان جي نالي سان ساماري روڊ ۾ ڪا لائبريري يا پاڻي جو ٽانڪيون ٺهرايان. عوامي تحريڪ ضلعي عمرڪوٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر هرلال امر چيو ته سنيل انسانيت ۾ يقين رکندڙ هو. مون کي اهڙي نوجوان تي فخر آهي آئون سندس ياد ۾ هڪ هزار ڪئلينڊر ڇپرائيندس، آخر ۾ عوامي تحريڪ ساماري روڊ جي صدر پريم مالهي ڪمار هڪ دفعو ٻيهر سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا. پروگرام ۾ خوشيءَ ڪماري، کيمچند مالهي، پرڪاش ريواچند، مڪيش ڪمار اوڏ، نندلال اوڏ، لالچند ميگهواڙ موتي لال، پرڪاش، جلال، جئپال مالهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.