بزم روح رهاڻ” ۾ ڏاڏي فتح خان جي ياد ۾ ورسي تقريب
بزم روح رهاڻ جي هفتيوار گڏجاڻي 4 سيپٽمبر 2016 بروز آچر تي برک ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جي صدارت ۾ سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏي فتح خان جي ياد ۾ حميد سنڌي جي گهر حيدرآباد ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ خاص مهمان قاضي خادم ۽ ميرل شاهه هئا، پروگرام ۾ ڪافي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي کي ابتدائي ڪلمات ۾ برک اديب حميد سنڌي سڀني دوستن کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيائين ته ڏاڏو فتح خان هڪ عوامي ماڻهو هو، جنهن کي جهر جهنگ جا ماڻهو اڄ به سڃاڻن ٿا. ان جو انتهائي اهم ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي عوام تائين پهچائڻ هو. هُن شاهه جي فڪر کي عام ڪيو ۽ ان جي آواز ۾ ڪمال جي ڪشش هئي، علي نواز پلي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آئون تمام خوش قسمت ماڻهو آهيان جو مون کي ڪافي عرصو ڏاڏي فتح خان سان گڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. اسان سائين جي ڪچهري ۾ تمام گهڻو ڪجهه سکياسين، سائين جي ڪچهري جي ڪري ٻهراڙي جا ماڻهو به شاهه جي شاعري جا حافظ ٿي ويا، پروفيسر الهڏني سومري سيد صالح محمد شاهه جو پروفائيل پڙهي ٻڌايو، طالب ڀنڀري گڏجاڻي کي شاهه لطيف جي وائي ترنم ۾ ٻڌائي. محمد حسن ڏاهري گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڏاڏو فتح خان اسان سڀني جو اُستاد هو، هن ريڊيي تي اسان کي گهر ويٺي علم ڏنو، هن جون ٻُڌل ڪچهريون اسان جي ذهنن مان اڄ به نٿيون وسرن. علي اڪبر شائق هڪ نظم پڙهي ٻڌايو، پروفيسر خليل پرهياڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سيد صالح محمد شاهه هڪ بهترين ماڻهو هو، جنهن جي ڪردار کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، هو هميشه حاضر دماغي سان جواب ڏيندو هو. ريڊيي پاڪستان حيدرآباد تي اُن کي صرف 250 رپيا ڏهاڙي ڏني ويندي هئي. هن جي هر انداز ۾ معنيٰ ۽ مقصد سمايل هوندو هو. اسان ساڻس گڏ ڪافي وقت گذاريو، هن جون ڪچهريون ٻُڌي ڪيترن ئي ماڻهن ۾ ماڻهپو پيدا ٿيو. منير کوکر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڏاڏو فتح خان نه صرف پنهنجي آواز ۾ پر ڪردار ۾ به ڪمال جو ماڻهو هو، واحد ڪانڌڙي گڏجاڻي ۾ هڪ غزل پيش ڪيو. مون (چيتن ميگهواڙ) پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪيترائي ماڻهو پڙهي لکي پنهنجي روزمرهه جي زندگي ۾ رُڳو پاڻ کي خوش رکندا آهن، چوڻ جو مطلب ته انهن جي تعليم ذاتي فائدي لاءِ هوندي آهي ڏاڏي فتح خان جهڙا سنڌ ۾ تمام گهٽ ماڻهو هوندا جن پنهنجي زندگي ۾ حاصل ڪيل تعليم جو فائدو هاري، مزدور پورهيتن ۽ عام ماڻهن کي ڏنو هوندو، تنهن ڪري اهڙن ماڻهن کي هن ڌرتيءَ تي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي، مون کي اهو شرف حاصل آهي ته مون به پنهنجي امان ۽ بابا سان گڏ شام جي وقت ڪيتريون ڪچهريون ريڊيي تي فتح خان واري اوطاق ذريعي گهر ويٺي ٻُڌيون، ڏاڏو فتح خان تمام گهڻ پڙهيو ماڻهو هو ۽ هُن انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي هئي پر ڪڏهن به ڪچهريءَ دوران ٻئي ماڻهو کي لقاءُ نه ڏنو ته آئون اوهان کان وڌيڪ ڄاڻان ٿو، ڏاڏو فتح خان اڄ به هارين، نارين ۽ مزدورن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ زندهه رهندو ڇاڪاڻ ته هو عوام دوست ماڻهو هو کيس عام ماڻهو سان محبت ڪرڻ جو هڪ زبردست ڏانءُ هو. وڪيل روشن سندر چانڊيي چيو ته ڏاڏي فتح خان سان ڪچهري ڪرڻ جو مون کي ڪيترائي ڀيرا موقعو مليو، هُو واقعي ئي محبتي ماڻهو هو، افسوس اهڙي ماڻهو کي ثقافت کاتو وساري ويٺو آهي پر عام ماڻهن جي دلين ۾ ڏاڏو فتح خان اڄ به زندهه آهي. مولابخش محبتي چيو ته مون به ڏاڏي فتح خان جي ڪچهرين مان ڪافي ڪجهه سکيو، ڏاڏو بلڪل سادو ۽ سچو ماڻهو هو، اهڙا ماڻهو عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آهن. ناصر بلوچ چيو ته ڏاڏي فتح خان جي هوندي ڳوٺن ۾ شام جي وقت ڪيترائي سُگهڙ توڙي مارو ماڻهو فتح خان جي اوطاق پروگرام مان لاڀ حاصل ڪندا هئا، هن وٽ وسيع علم هو، جنهن جي ڪچهري مان ڪيترائي ماڻهو علم جي اُڃ اُجهائيندا هئا. اڪرم بخارائي چيو منهنجي به اها خوشنصيبي هئي جو مون ڏاڏي سان گڏ ڪچهريون ڪيون، واقعي هو اسان جو اُستاد هو. اڪرم بخارائي هڪ نظم به ڏاڏي تي لکيل پيش ڪيو. ميوي مل ميگهواڙ چيو ته مون کي اڄ تمام خوشي ٿي آهي جو آئون عبدالمجيد ملاح صاحب سان گڏ بدين شهر مان اچي بزم روح رهاڻ جي هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. حميد صاحب مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو اهو مون لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهڙا پروگرام اسان جي سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ ٿيڻ کپن. اياز لغاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڏاڏي فتح خان جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ هاڻ اهو ريڊيي پاڪستان حيدرآباد تي رس چس ناهي رهيو، ڏاڏي جي هوندي ڪچهري جو مزو ئي ڪجهه ٻيو هوندو هو، سليم چنا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مون ڏاڏي فتح خان جون ڪچهريون جام ريڊيو تي ٻڌيون، هُو واقعي ئي وڏو ڄاڻو ماڻهو هو، هن کي ماڻهن سان ڳالهائڻ جو وڏو ڏانءُ هو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي فتح خان جي اوطاق پروگرام ذريعي هن ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي علم سان نوازيو ڪيو. شاعر علي عاجز ڏاڏي فتح خان جي شخصيت ۽ تعليم جي سُڌاري لاءِ لکيل هڪ نظم ٻڌايو.جنهن تي سڀني دوستن کيس خوب داد ڏنو، راڳي عزيز چنا بزم جي گڏجاڻي ۾ هڪ گيت پيش ڪيو، گلشن لاڙ مخزن جي ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح چيو ته ڏاڏو فتح خان پنهنجي حياتي دوران اسان جي بدين ضلعي ۾ مختلف محفلن توڙي ميلن ۾ ڪافي ڪچهريون ڪري ويو هو، جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين پر اسان لاءِ اهو اعزاز آهي ته اسان ان کي ننڍي هوندي روبرو ڪچهرين ۾ ٻُڌو، هو شاهه عبداللطيف جي شاعري وڏو حافظ هو، ان کي ڏسي ٻيا ماڻهو به شاهه جي شاعري جا حافظ بڻيا، اهڙي ماڻهو کي حميد سنڌي صاحب هر سال ياد ڪري ڏهاڙو ملهائي ٿو کيس جس هجي، حافظ جنيد راڄڙ چيو ته اها ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي اهڙن املهه ماڻهن جي نه حياتي ۾ قدر ڪري ٿي نه ئي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ڪا پروگرام ڪرائي ٿي، اها سندس ناڪامي آهي، سنڌ حڪومت ۽ مختلف ادارن کي گهرجي ته اُهي ڏاڏي فتح خان جهڙي اُملهه ماڻهو کي سندس ورسي تي ته گهٽ ۾ گهٽ ياد ڪن پر افسوس اهي اهڙن عظيم ماڻهن کان لاتعلق بڻيل آهن، حميد صاحب کي سلام آهي جو هو هر هفتي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن اديب توڙي شاعر کي هتي دوستن کي گڏ ڪري ياد ڪري ٿو. سيد ميرل شاهه چيو ته ڏاڏو فتح خان منهنجو مامو هو، تنهن ڪري مون کي ساڻس گڏجي سفر ڪرڻ توڙي ڪچهريون ڪرڻ جو وڌ کان وڌ موقعو مليو، هو نه صرف قولن ۽ ڪچهرين جو وڏو هوشيار پر پنهنجي ڪردار ۾ به عظيم هو، هُو پنهنجي زندگي ۾ تمام سادو انسان هو، هُو ڀاڄي به پنهنجي هٿن سان رڌندو هو، ٻارن سان تمام گهڻي محبت ڪندو، منهنجو ادب ڏانهن لاڙو به ڏاڏي فتح خان جي ڪري ٿيو، آئون ٿورائتو آهيان حميد صاحب جو هن مون کي هن پروگرام ۾ عزت ڏني، مهمان خاص قاضي خادم چيو ته ڏاڏي فتح خان جي آواز ۾ وڏي ڪشش هئي، هن ريڊيي جي معرفت ماڻهن کي گهر ويٺي علم ڏنو، هن جي جڳهه ٻيو ماڻهو نه والاري سگهندو، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي خوشبو هوندي آهي، اسان کي اهڙن ماڻهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، آخر ۾ حميد سنڌيءَ صدارتي خطاب ۾ چيو ته ڏاڏي فتح خان کي ياد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي زندگي جا قيمتي پل عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان بي انتها محبت ڪرڻ ۾ گذاريا، اهڙا ماڻهو اڄ جي دور ۾ ملڻ مشڪل آهن، اميد ته اهڙن ماڻهن کي ياد ڪرڻ وارو سلسلو بزم روح رهاڻ ۾ اوهان جي ساٿ سان جاري رهندو.