حيدرآباد ۾ نامور مصور ”ع ق شيخ“ جي ورسي تقريب
سنڌ جي نامياري مصور عبدالقادر شيخ جي ٽيويهين ورسي تاريخ 30 آگسٽ 2014ع تي ڇنڇر جي ڏينهن سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ملهائي ويئي، جنهن ۾ سنڌ جي نامياري ڏاهي رسول بخش پليجي، حميد سنڌي، نصير مرزا، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، نجمه شيخ، نذير ناز، محمود مغل، تاج جويي، محسن جويو، سهڻي پارس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آئون پروگرام ۾ شام جو ڇهين وڳي ويس، پروگرام ۾ مهمان اچي رهيا هئا ايتري ۾ رسول بخش پليجو ، سيد عالم شاهه ۽ امجد پليجو صاحب پروگرام ۾ پهتا. منهنجي سيد عالم شاهه سان ڪچهريءَ ٿي، ورسي تقريب شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌ ميوزيم جي عجائب گهر ۾ “ع ق شيخ” جي هٿ جي ٺاهيل تصويرن جي نمائش ڪئي ويئي، جنهن ۾ اسان رسول بخش پليجي جي ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ، حميد سنڌي جي ڪتاب ويريون، قاضي خادم جي ڪتاب زوال ۽ ٻين مختلف ڪتابن جي ٽائيٽلن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي تصويرون ڏٺيون. تصويرن جي نمائش دوران رسول بخش پليجي ۽ حميد سنڌي سان گڏ ڪافي ماڻهن تصويرون ڪڍرايون. تصويرن واري سيشن کانپوءِ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ داخل ٿياسين. جتي ورسي تقريب جو آغاز راڳي ذوالفقار ڀٽائي سائين جي وائي سان ڪيو. نجمه شيخ چيو ته بابا ع ق شيخ اسان نياڻين کي پٽن جيان پاليو. اسان کي پڙهائي لکائي هن قابل بڻايو. تاج جويي چيو ته ع ق شيخ ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ گڍڙي ۾ ڄائو. هُو هڪ ڊرائنگ ٽيچر جڏهن حيدرآباد ۾ لڏي آيو ته رسول بخش پليجي، محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين کوڙ سارن اديبن ۽ شاعرن سان ڪچهريون ڪندو هو. ع ق شيخ ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ سميت مختلف ڪتاب گهرن جي ڪتابن جا ٽائيٽل ٺاهيندو هو. اڄ جي دور ۾ ٽائيٽل ڪمپيوٽر تي ٺاهيا ويندا آهن پر ان دور جي ڳالهه ئي ڪجهه ٻي هئي. سنڌي ادبي بورڊ وارن کي گهرجي ته اُهي ع ق شيخ جي ٺاهيل تصويرن جو هڪ ڪتاب ڇپرائين ته جئين ع ق شيخ جو پورهيو ضايح نه ٿئي. ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ چيو ته ع ق شيخ جهڙا انسان روز روز ناهن پيدا ٿيندا، اسان کي اهڙن ماڻهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، رسول بخش گچيراڻي چيو ته ع ق شيخ هڪ ايماندار ۽ وقت جو پابند انسان هو، ڊرائنگ جي ماهر قاضي چيو ته هينئر جيڪو ڪاشيءَ جو ڪم ٿي پيو ان ۾ منهنجو ڪم اهم آهي، ع ق شيخ منهنجو اُستاد هو. اسان وٽ ته سنڌ جو نقشو به ڪير صحيح نٿو ٺاهي سگهي. جڏهن ته اسان جي دور ۾ اسڪول جا ٻارڙا به سنڌ جو نقشو بهترين ٺاهيندا هئا. نصير مرزا چيو ته ع ق شيخ نه صرف هڪ سٺو مصور پر بهترين افساني نگار به هو، هُو سادي زندگي گذاريندو هو، جنهن جي شخصيت تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان منهنجو ڇپيل ڪتاب “ع ق شيخ ڪوهه ڪاف شيخ” پڙهڻ وٽان آهي. اهڙي انسان جي جيڪڏهن حڪومت ورسي نٿي ملهائي ته اسان کي چندو ڪري به ملهائڻ گهرجي، طبيعت ٺيڪ نه هجڻ سبب پروگرام جي صدارت ڪندڙ رسول بخش پليجي صاحب اڳواٽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئون مصوري واري فن ۾ ايترو ڄاڻان ئي ڪون. تنهن ڪري مصوري جي لحاظ کان هن پروگرام مون جهڙو ٻيو اڻ پڙهيل هوندو ئي ڪون. ع ق شيخ مصوري جي فن جو ته ماهر هو ئي پر هن جا افسانا اڄ به سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. مصوري ۽ جنگ جي فن ۾ اسين ڪمزور رهيا آهيون. جنگ ۾ ته اسين ايترا ڪمزور رهيا آهيون جو اسان کي جيڪو آيو پادر هڻي ويو هروڀرو ڪڇياسين ئي ڪون، ايتري قدر جو اڃان تائين اسان جا ماڻهو مخدو بلاول جي شهيد ٿيڻ تي فخر ڪن ٿا. ان جي جڳهه تي مخدوم بلاول ظالم کي مٿي ۾ سر هڻي ها ته اهو وڌيڪ بهتر رهي ها. اسان وٽ لطيف سائين جي بيتن ۾ اهو چيو آهي ته جنگ ۾ مري اچجان پر واپس جئيرو نه اچجان. آئون هال ۾ ويٺل ماڻهن کي گذارش ڪندس ته اُهي سن زو جو لکيل ڪتاب “ويڙهه جو فن” جنهن کي عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو آهي اُهو ضرور پڙهن باقي مون کي خبر آهي ته اوهان جو ڪتابن سان گهڻي ڀاڱي واسطو ئي ناهي پيا ڌارين جي غلامي ڪندا. مهرباني ڪري پنهنجو پاڻ کي هوشيار ۽ خبردار رکو، دنيا ۾ ٻه عالمي جنگيون 1914 کان 1918 تائين، 1939 کان 1945 تائين لڳي چڪيون آهن. هاڻي سامراجي قوتون ٽئين عالمي جنگ جي تياري ۾ آهن. آئون سڀاڻي هجان يا نه هجان منهنجي اِها ڳالهه ياد رکجو ته رسول بخش پليجي اسان کي ٽئين عالمي جنگ لڳڻ جي حوالي سان اڳواٽ ئي ٻُڌايو هو.
پليجي صاحب وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ نول راءِ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي سامهون گول بلڊنگ ۾ ويهي ع ق شيخ، ابراهيم جويي سان گڏجي موسيقي ۾ نوان لاڙا آڻي شيخ اياز جي انقلابي گيتن جون ڌُنون تيار ڪيون. اوهان کي ته ٽي وي چئنلن جي بدران اخبارن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اخبارن ۾ وڏي ڄاڻ هوندي آهي، انهن کي پڙهڻ سان اوهان کي مسئلن ۽ مختلف موضوعن تي وڏي معلومات ملندي. تاريخ ۾ جن به اجتمائي فائدي لاءِ ڪم ڪيو آهي اُهي اڄ به عوام جي دلين ۾ زندا آهن، انهن ۾ ع ق شيخ به شامل آهي، بزم روح رهاڻ جي صدر حميد سنڌي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماضي ۾ جيڪي به سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ٿيا، تاريخ شاهد آهي ته انهن ۾ اسين پيش پيش رهياسين. رسول بخش پليجو ۽ ع ق شيخ جهڙا ماڻهو اسان جا اُستاد رهيا آهن، انهن جيڪو سنڌ جي لاءِ جاکوڙيو آهي. ان جي وڏي تاريخ آهي، منهنجي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي دعا ڪريو ته منهنجي قلم جي سگهه برقرار رهي. حميد سنڌي تقرير کانپوءِ پروگرام پڄاڻي تي پهتو حميد سنڌي صاحب اسٽيج تان لهي هيٺ لٿا، مون کي چيائين ته چيتن مون تنهنجو ذڪر پليجي صاحب سان ڪيو هو ته اوهان جو سياسي شاگرد چيتن اسان وٽ بزم روح رهاڻ ۾ ريگيولر ايندو آهي. جنهن تي پليجي صاحب چيو ته اسان جي ماڻهو جي پارت آهي، حميد سنڌي جا اهي لفظ ٻڌي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن پروگرام ۾ منهنجي دوستن مير نهڙي، عابد سيال، مڪيش ڪمار، سلطان نهڙي، منظور نهڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ع ق شيخ جي مصوري موهي وڌو مون،
جنهن ۾ آهي مون، سهڻي پنهنجي سنڌ ڏٺي.
(چيتن ميگهواڙ)