9
ان ئي زماني ۾ نون ستارن جي ميڙي چونڊي گڏ ڪيل اتحاد پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا، جن کي ڀُٽي جي ضرورت هئي تن جي هاڻ ڀٽو صاحب ضرورت ڪونه رهيو، ته ضياءَ جي نالي ۾ ساڄي ڌُر جي سڌي پِڌي فوجي سرڪار جوڙيندي، ڀٽي صاحب کي جيل ۾ واڙيائون، وڏا ڪِيس ٿيڻ شروع ٿيا، منهنجي عمر ايستائين سترهن کن ورهيه هئي، پر سچي ڳالھ اها آهي ته مون کي سياست جي ڪائي سُڌ ٻُڌ ڪانه هئي، ملڪ ۾ ڇا پيو وهي ڇا پيو واپري، ان جي اون ئي ڪونه هوندي هيم. جيتوڻيڪ جيرام جو ڏنل ڳاڙهن ڪتابن جي پڙهڻ سان ذهن تي طبقاتي فرق، طبقاتي سماج جي بابت ٿور گهڻي پروڙ پيم پئي.پر اصل ڳالھ اها به هئي ته غربت ۽ پيٽ جي پاندي پوري ڪرڻ جي اُون ۾ ٻي ڪا ڪل ئي ڪانه هيم.
ربيع 1978 ۾ ڇهه ايڪڙ ڪڻڪ پوکي هيم، ان سال ڪڻڪ جو نئون ٻج آيو هُيو، اُن کي ماڻهو چون پيا ڪارتُهي ڪڻڪ. اُن ڪڻڪ جي سَنگَ جا سِرا ڪارا هوندا هُيا ۽ جسم کي لڳڻ سان منجهانئُن تمام گهڻي خارش ٿيندي هُئي. ايتري قدر جو جسم تي کَنِهي کَنِهي ڊَٻڙ ٿي ويندا هُيا.ٻين فصلن جيان معمول جي جملي مرحلن مان اُڪرِي، جڏهن اها ڪڻڪ ڀٽاريِ پَڪِي، ته هر سال جيان، اسان جي گهر جي سمورن ڀاتين گڏجي لابارو ڪيو، ڪڻڪ جي وَلِ جون ڀَريون مَٿن تي ڍوئي، موجوده پرائمري اسڪول واري جڳهه تي کَرو ٺاهيوسين. اُن زماني ۾ ڪڻڪ ڳاهڻ جا ٿريشر ڪونه آيا هُئا، ڪڻڪ جي ول گول دائري ۾ رکي، وڏو ڦيڙهوٺاهبو هُيو. ڪڻڪ ڀٽاري آڀُن ۾ ايندي هئي، ته هاريءَ کي اچي ڊنگهر ڳولڻ جي اُڻ تُڻ ورائيندي هئي ۽ لاباري جي تيارين کان اڳ ئي پري پري کان ڳولهي ڦولهي، ڪنڊِيءَ جي وڻ جو ڊنگهرُ وڍبو هيو. ان ڊنگهر کي گِهِلي ٻنيءَ ۾ آڻي مٿانئس وزن ڏئِي رکبو هيو. لابارو پورو ڪري، وَل ڍوئي، وڏو ڦيڙهو ٺاهي، ڪنهن سومر جي منجهند کان بادشاھ پِير دستگير جي نالي پنجين روپئين جون ريوڙيون ورهائي، پوءِ هَلَر شروع ڪبي هئي، پهريائين ڦيڙهي جي چوٽ تي چڙهي، اُن جي چوٽيءَ تان ٿوري ٿوري ڪڻڪ جي ول لاهي، ڦيڙهي جي گول دائري ۾ زمين تي پکيڙبي هئي، ان بعد ڪنڊيءَ جي سُڪل ڊنگهرَ جنهن کي ڦرشو به چوندا هيا، ان تي ٿورڙي وَلِ وڇائي، ڊنگهر جي ڪنهن سَگهيءَ اَنگههُ يا ٻيلانگھيءَ۾ سنگهر وِجهي، ڏاند ن جي ڪُلهن تي چڙهيل پاڃاريءَ ۾ سنگهر قابو ڪَبي هئي. ڪنڊِيءَ جي ڊِنگهر جي اَنگهائين ڪَنڊَن ۽ ڏاندن جي پيرن، سبب اپريل جي لُڪن ۾سُڪي ڀُڳڙا ٿيل وَلِ ڀُرندي ويندي هُئي، رَکي رَکي ٻِيانيءَ سان ڀُرندڙ وَلِ کي اُٿل ڏبي رهبي هئي. تان جو اها وَل بُوهه ٿيندي ويندي هئي، ايئن وري مٿان ٻي وَل لاهبي هئي. وَل لاهڻ جي اهڙي عمل کي چئبو هيو پَڳَرَ وجهڻ ٻِيانيءَ يا ٽنگڙيءَ سان اُٿل ڏيڻ کي چئبو هيوٽوپَ ڏيڻ. ائين سئوکن مڻ ڪڻڪ، وڌ ۾ وڌ، ويهن، پنجويهن ڏينهنِ ۾ وڃي ڳَهَندي هُئي. پوءِ ڳاهيل ڪڻڪ مان بوهه ۽ انُ، الڳ ڪرڻ لاءِ ان کي ڍِڳُ ڪري ڌڙو ٺاهبو هيو، جڏهن سڻائي واءُ لڳندي هئي ته ٽنگڙيءَ ذريعي وائُر شروع ڪبي هئي. وائُر دوران، اڌ ڀُريل سنگ، ٻَٻُر جي سنهيءَ ۽ سائيءَ ڊِنگهريءَ سان ٽاري الڳ ڪبا هيا، انهن کي ڪَڏا چئبو هيو. وائُر پوري ڪري، پوءِ اُنهن ڪڏن کي پکيڙي، وچ ۾ ڪاٺ جي مُني کوڙبي هئي، جنهن چوندا هُيا ميڙهِه. پوءِپنج ست ڏاند هٿ ڪري، تن کي پاڻ ۾ سلهاڙي، هڪ ڏاند کي ميڙهه سان ٻڌبو هيو، جنهن کي چئبو هيو ميڙهي ڏاند. انهيءَ ڪَڏنِ ڀورِڻ وارِي هَلر کي گھڻو ڪري گانبولِي چئبو هيو. جڏهن اهي ڏاند ڪَڏَن مٿان هلندا رهندا هئا، ته ڌڻي جهونگاريندو رهندو هيو، هلي ملهي، هلر هلي، رَکي رَکي ڪڏن کي اُٿل به ڏيندو رهندو هيو، ته سنگ ڀُري ويندا هئا. ٻئي ڏينهن انهن کي به وائُري اهي صاف ٿيل داڻا اَنَ جي راهه ۾ وجهبا هُيا. اهو سمورو عمل اپريل جي جهولن ۾ شروع ٿي، مئي جي وچ ڌاري پُڄاڻيءَ تي پهچندو هُيو.
ڪڻڪ جي کَري تي هڪڙو ماڻهو چوڪيدار ڪري رکبو هيو، جنهن کي عام طور ڪانگ تَڙو چئبو هيو، انهيءَ ڪانگ تڙي وٽ هڪڙو ڪاٺ جو ٺهيل زمينداري ٺَپو هوندو هيو. هُن جي ذمي اهو ڪم هوندو هيو هيو ته اَن جي تيار ٿيل راھِ تي پاسن کان ٿورڙي وِٿيِرڪِي مِٽي وجهي، اُن جي مٿان اُنهيءَ ڪاٺ جي ٺپي کي رکندو هيو ته ڪاٺ تي اُڪريل اکر لِکجي ويندا هيا. معني ته راھ تي ٺپو لڳي چُڪو. هاڻ ته ٿريشرن جي اچڻ بعد اڳيان رواج ئي مَٽجي ويا آهن. نه ته اڳئين زماني ۾ ڪڻڪ جي کَري جي بَٽئي ڪرڻ وقت جيڪي هاري اَنَ جي ڌڙن جون ڪانبيون ڀرڻ لاءِ اَن جي راھِ ۾ ويهندا هيا، تن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪونه هوندي هئي، مٿي تي ڪپڙو ٻَڌل هوندو هُين، پير اگهاڙا ڪندا هيا، چوندا هيا ته ايئن ڪرڻ سان اَن مان برڪت ڪونه ويندي. بادشاھ پير جي نالي ريوڙيون يا نقل ورهائي، پوءِ بسم الله ڪري پهرين ڪانبِي، بادشاھ پير جي نالي جي اَن سان ٽُٻُ ڪري ڀَربِي هئي، پوءِ هڪڙو همراھ اها ڪانبي کڻي گول راه ۾ ڪڻو ڪڻو اَنُ هارِيندو، ڄڻ ته راھِ ڀڃڻ جو اعلان ڪندو ويندو هيو. اُن ڪانبيءَ جوباقي بچيل اَنُ بادشاھ پير جو ڌڙو ڪري الڳ رکبو هيو، جنهن جي نالي خيرات ڪبي هئي، پوءِ تور شروع ڪبي هئي، اڳئين زماني ۾ سڀ ڪم آهت تي ٿيندا هيا، سڀ ڏيتيون ليتيون کري لٿي ڪبيون هيون، اُن ڪري سڀني آهتين، يعني واڍي، موچي، لوهار، ڪنڀار، درزي ۽حجام کي کري بٽئيءَ ڪرڻ جو اطلاع ڪيل هوندو هيو، هرڪو پنهنجو آهت وٺي خوش ٿي روانو ٿيندو هيو، مسيت سڳوريءَ، غريب غربي، سيد توڙي اوڙي پاڙي جي رن زال لاءِ به ڌڙو ڪڍي رکبو هيو. چڱن زميندارن جو رواج هوندو هيو ته پَٽَ ۾ کُڙيءَ ٻوڙ جيترو اَنُ هاريءَ جي ڪُڍِيءَ لاءِ ضرور ڇڏيندا هيا. جيڪا مايون اچي ميڙي ٻه ٽي ٻوريون اَنُ گڏ ڪنديون هيون.کري جي بٽئيءَ جو ٻُڌي اوڙي پاڙي جا ٻارڙا ماڪوڙين جيان سِرڪي اچي پُڄندا هيا.ڪنهن کي ڪو دڙڪو ڪونه ڏبو هيو، آخر ۾ پَٽُ ميڙي هرهڪ ٻار کي قميص جي جهوليءَ ۾ ٻُڪ ٻه ٻُڪ ان ضرور ڏبو هيو، جنهن کي خوراڪ يا کڙاڪ چوندا هيا.ڪنهن کي به کري تان خالي ڪونه موٽائبو هيو، پوءِ ڀل ته هاريءَ کي ونڊيءَ جي ڪڻڪ مان ڪجھ بچي يا نه بچي.همراه ٺَلهي ڳُوڻ ڪُلهي تي کڻي واپس ورندي به چوندو ويندو هيو ته ادا خير آ، نوان پراڻا ته ٿياسي.
سو ڳالهه پي ڪيم کَري ٺهڻ جي، ڪڻڪ ڀٽاري ڍوئي، کرو ٺاهي، اپريل جي وچ ڌاري هلر شروع ڪيم. ڪار تُهي ڪڻڪ جا تکا سرا، سخت جهولن ۾ جِسم کي لڳن ته شديد خارش ٿئي. منهن کان وٺي سڄو جسم ڊٻڙ ٿيو پوي، هلر هلندي، هر روز دعائون گهُران، منهنجا مولا_مِهر ڪَر، ٻيو ڪو ڌنڌو ڏي، هِن ڪَمَ مان جانِ ڇڏاءِ!!!
هڪڙي ڏينهن هلر پي ڳاهيم ته بابا منجهند جي ماني آندي هئي، لوڻ، بصر، لَسي ۽ ماني، کري لڳ ننڍڙيءَ ٻُٻُريءَ جي ڇانَوَ ۾ ٿي ويٺاسين. مُڪ سان بَصر ڀَڃي، مٿس لوڻ ٻُرڪي، لسيءَ ۽ ماني سان گڏ کائڻ شروع ڪيم. اُڀرندان اڇيءَ ٽوپيءَ سان ڪو ماڻهو ايندو ڏِسي، بابا چيو پُٽ، ڏِسُ اهو ڪير پيو اچي؟
گوڏن ڀَرِ نَرو کڻي ڏِٺم، سائين گل حسن جروار آهي بابا، ايئن چئي، ماني کائڻ لڳس. سائين گل حسن، تن ڏينهن ۾ سي پوٺو جي اسڪول ۾ ماستر هُيو، سو اسڪول جي موڪل ڪري واپس پئي وريو، ويجهو آيو ته وڌي ملياسين. منهنجي ڳاڙهي چمڙي ڪڻڪ جي خارش سبب ڊَٻڙ ٿيل ڏسي، بابا کي چيائين، اڪبر، امير بخش هوشيار آهي، گڏوگڏ مئٽرڪ به پاس آهي، تون ڪٿان پندرهن سئو روپيه هَٿِ ڪري اَچُ، ته آئون سڀاڻي ئي ماستري وٺي ڏيانس. سائينءَ جي ڳالھ ٻڌندي ئي، اسان ٻنهي جي ڪوماڻل چهرن تي الائي ڪٿان کوڙ ساري مسڪراهٽ اچي وئي. دِل ئي دِل ۾ ڏاڍا خوش ٿيندي، سائين سان ها ڪئي سون. سائين ويو، ته خوشيءَ ۾ هَلَر نه پئي هلي، ڏاند کولي، گهر اچي، امڙ سان ڳالهه ڪئي سون. امڙ به ڏاڍي خوش ٿي، اصل واهه واهه پئي ٿي. پر سوال اهو پيدا ٿيو ته آخر اُهي پندرهن سئو ڪٿان اچن؟ گهر ۾ ته پندرهن روپيه به ناهِن. ڏئي وٺي هڪڙي ٻارن کي کير پيارڻ جيِ ٻَڪري وِڪيِ سون، سا به مُرڳهين ٽِن سَوَنِ ۾. امان جو چانديءَ جو هَسُ، جيڪو الائي ڪيترين پيڙهين کان وڏڙين جي ڳِچين جو سينگار ٿيندو پئي آيو، سو به هَليو ٽِن سَوَن ۾. نوسئو اڃان به کُٽا ٿي، الله ۾ آسرو رکي رات جو سُمهي پياسين. سِج اُڀريو ته جهوليِ جهلي، برادريءَ جي ماڻهن ڏانهن پلاڻيوسين. هڱورني ۾ لهندي ئي مُنهن ۾ غفور مليو، بابا کان احوال ورتائين ۽ کلندي کلندي کيسي مان ڇهه سَوَ ڪڍي ڏنائين، بابا چيس، ابا تون ته اسان کان به وڌيڪ غريب آهين، هي پئسا ڪِٿان آندئي؟ ؟ چيائين ماما، هڪڙوپوڙهو ڏاند ڇهن سونِ ۾ وڪيو هُيم، اڄ انهيءَ جا پئسا مليا هيا، توهان جو ڪم ٿئي، پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان، اڳتي وياسين، چار سئو مرحوم گل بيگ ڏنا، سئو اڃان به کُٽي پيو، بابا چيوهلُ، اهو سئو ماستر گل حسن کان ئي اُڌارو گُهرنداسون.
هڪلي هوڪاري، سائينءَ وٽ پهتاسين، جنهن اوڏيءَ مهَل ئي ميرپورخاص هلڻ جو چيو.ان ڏينهن شام جا ٽي ٿيا هُيا، چوٿين مئي 1978 جو ڏينهن هُيو، جو اسان وڃي، ايس ڊي اي او جي آفيس ۾ پُهتاسين. اُن زماني ۾ ماستر ڀرتي ڪرڻ جا اختيار، ايس ڊي اي او جا هُيا، اڄڪلھ ته اُهي وزير اعلئ وٽ به ڪونهن. سائين گل حسن، احوال ڏيندي مون ڏانهن آڱر کڻي چيو ته هيءَ منهنجو شاگرد، غريب ۽ هوشيار آهي، مون هنن کي اوهانجي مٺائيءَ لاءِ، پندرهن سئو روپيا چيا هيا، پر هنن مسڪينن کان ٿيا ئي ”چوڏهن سئو“ آهن. مهرباني ڪري هن کي ماسترڪريو“.
ايس ڊي اي او صاحب گهنٽي وڄائي، هيڊ ڪلارڪ کي گهُرائي ۽ هدايتون ڏنيون. مون کان سرٽيفڪيٽ ۽ درخواست ورتائون. آرڊر ٺهيو، صحيح ٿي، ٺپو لڳو، روانگي رجسٽر ۾ چڙهيو، نمبر لڳو، پنو منهنجي هٿ ۾ مليو، خوشيءَ مان اُڇلان پيو، ٻَهڪان پيو. بابا ڏي نهاريم. خوشي جا لڙڪ اکين مان اُٿلڻ تي هُجنس. آرڊر کڻي شام جو خوش خوش گهر موٽياسين. امان ڏاڍي خوش ٿي. ماساتِ خوشيون ڪيون. پنج سيرڪڻڪ دڪان تي وڪڻي، چانور خريدي ڳُڙ جو تاهِري ڀَتُ رَڌي، معصومن کي کارائي، الله جا شڪر ادا ڪياسين. اوڙو پاڙو، پُڦيون، ماسيون مبارڪون ڏيڻ آيون. ڇِنل کَٽَ تي ويهي، ايئن پيو مبارڪون وصول ڪيان، ڀانءِ وَري گهوٽ ٿيو هُجان. ڀانءِ ڪو حَج ڪَيو هُجيم، ڀانءِ ڪا وڏي کيپ کَٽي هُجيم.
سرڪاري ملازمت ماستريءَ جي پهرين پوسٽنگ، گل محمد رند جي ڳوٺ ٿي هئي. جيڪو ڳوٺ رتن آباد ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ طرف ڪاڪ بنگلي کان به اڳتي هوندو هيو. هَڪلي، هوڪاري اتي پُهتس. انهيءَ ڳوٺ جا جملي ماڻهو رند ٻروچ هيا، سنهڙا، سيپڪڙا، سنهڙن آوازن وارا، سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هُجن.نائين درجي جا هم ڪلاسي زمان ۽ شريف رند به ڏٺم ته خوش ٿيس. اسڪول بند پيل هيو، چيائون ته اسڪول جي چاٻي ۽ چارج چاچي تاج وٽ آهي. چاچي تاجَ جو ڏَسُ نڪو هيو پَتو. رات ٿي وئي ته اوطاق تي ڪچهري مَتيِ، راڄ مُڙسن جا اچي ڪَٺا ٿيا، مانيءَ جي مهل ٿي ته ماني به آئي، پر هجن ٻه سنهڙا ڦُلڪا ۽ انهيءَ سان گڏ ٻوڙُ به هيو، ٻن ڦُلڪن مان منهنجو ڍوءُ ته ڪونه ٿيو هيو. پر رندن جي ڳوٺ ۾ پهريون ڏينهن هجڻ جي ڪري حجاب ۾ وڌيڪ ماني ڪونه گهريم، سوچيم ته ٻروچ الائي ڇا سمجهن ته مُڙس بنهي ڪو پيٽي آهي.
ان رات ڪچهريءَ ۾ هڪڙو سهڻو ۽ اڇڙو ڇوڪرو آيو، وڏا وار هُجنس، چيائون پئي چاچو تاج آهي، ڏسڻ ۾ سَڀني کان ننڍو پئي لڳو ۽ سڀني چاچو پئي چيو، آئون حيران پئي ٿيس!!، ته هي ڇا قصو آهي؟ سڀني کان ننڍو ۽ سڀني جو چاچو. رسمي عليڪ سليڪ بعد، اسڪول جي چاٻي ڏئي چيائين، ماستر هاڻي تون ڄاڻ تنهنجو اسڪول ڄاڻي، اسان جي الهواهي. چاچو تاج اصل ۾ تاج بلوچ هيو، تاج رند هيو، اڳوڻو ڪميونسٽ ۽ هاڻوڪو سگا جو اڳواڻ. تاج بلوچ تن ڏينهين نئون نئون، مليريا کاتي ۾ نوڪريءَ سان لڳو هيو، ڳاڙهو ڳٽول خوبرو جوان هوندو هيو، سنڌ يونيورٽيءَ مان ايم اي انگلش۾ ڪيل هيس. چون ٿا ته ووٽرلسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپڻ ۽ ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪن ۾ تاج بلوچ، اسان واري لڏي جي شاگرد ونگ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ هوندو هيو، ۽ عزيز مهراڻويءَ سان گڏجي اوچتو جلسن ۾ وارد ٿيندو هيو، ڏاڍي ڀلوڙ تقرير ڪري اسٽيج تان لهي، ننڍڙي ٻار جيان خلق جي وچ ۾ الوپ ٿي ويندو هيو. پوليس ۽ سي آئي ڊي جا ماڻهو تاج بلوچ جي پويان نُوسيندا وتندا هيا ۽ هيءُ همراھ هنن جي آڏو ٻارن جيان ٺينگ ٽپا ڏيندو گم ٿي ويندو هيو.
چون ٿا ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن شاگردن علي مردان شاھ ۽ جان محمد کيڙو جي مارجي وڃڻ واري ڪيس ۾ پوليس کيس ڳوليندي اچي ڳوٺ پهتي هئي، هيءُ همراھ به ڪو اوطاق آڏو وڻن جي ڇانوَ ۾ کٽ رکي ويٺو هيو، اوچتي پوليس ڏسي، ڀڙڪو کائي پاسي ۾ بلورن سان راند کيڏندڙ ٻارن سان گڏجي راند کيڏڻ شروع ٿي ويو، پوليس جي آفيسرن کيس ۽ ٻين ٻارن تي به زور ڀريو، ته ٻڌايو تاج بلوچ ڪٿي هوندو؟ همراھ پنهنجو پاڻ ئي پوليس کي ورنديون ڏيندو رهيو ته چاچو هتي آيو ئي ڪونهي، يونيورسٽيءَ پڙهڻ ويو آهي. جيتوڻيڪ تاج هينئر ڪافي پوڙهو ٿي ويو آهي، پر سندس جذبا اڃان به جوان آهن، سگا ميرپورخاص کان وٺي ٻين کوڙ سارين تنظيمن ۾ جيڪر تاج بلوچ نه هجي ته اهي ڪاغذي هجن.سندس ڪمٽمينٽ جو اڄ به اهو حال آهي، جو ڪوبه ڏکيو ڪم سندس ذمي ڪري وڃي ٻانهن سيراندي ڪري سُمهي رهو. تاج ڄاڻي ته ڪم ڄاڻي. گھڻن پراڻن يارن جيان نه گھڻي ڦَلَرِ يا اجائي ڊيگھ ويڪر ڪونه ڪندو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻو آهيس، ڪنهن يار دوست کان جي شڪايت به آهي ته اها به هوريان هوريان ۽ لڳ ڀڳ ڪَنَ ۾ چوڻي آهي، ڇو جو ڀتين کي به ڪن آهن. ٻيو ڪو به ڀئو ڪونهي، پر متان ميار ملي وڃي.ۡڪهڙوبه سنڌ جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ٿيندڙ پروگرام هجي، ڪٿان نه ڪٿان خبر رڳو پوي. چاچو تاج، انهيءَ پروگرام جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾، هٿ ۾ هڪڙي ٻه اخبارون ويڙهيو ويٺو هوندو.جي ڳالهائڻ يا تقرير جو چيائونس ته سڀني کي سچ منهن تي ئي چئي ڇڏيندو. اُتي وري ڪنهن جي رک رکان ڪونه ڪندو. ڀلي ڪيڏو به وڏو ماڻهو يا ڪامورو هجي.ٻُڌو اٿئون ته وڏي ڀاءُ حاجي نور محمد کان پوءِ هاڻي گھڻو وقت ڳوٺ کي ڏئي ٿو. رب ڪري جتي به هجي سندس آواز جو دٻدٻو ۽ جذبا جوان هجن. ۽ پيريءَ ۾ پاڻ جهڙا ڏهاڪو کن تاج به پنهنجي ڳوٺ ۾ پيدا ڪري وڃي. ته اهو سنڌ تي سندس وڏو احسان هوندو.
انهيءَ ڳوٺ ۾ ئي تاج بلوچ جو ڀائيٽو ابوبڪر رهندو هيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ رهيو هيو، ۽ انهيءَ زماني ۾ هڪڙي ٻئي سوٽ، اسماعيل رند سان گڏ ووٽرلسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپڻ واري تحريڪ ۾ يا ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ گرفتاري ڏئي جيل ڪاٽي آيو هيو. پوءِ ابوبڪر به سُرخو ٿي ويو هيو، ڪامريڊن جي گهڻو ويجهو رهيو هيو، اڄڪلھ جيتوڻيڪ هو چڱو موچارو وڏيرو ٿي ويو آهي، ڀانيان ٿو ته کوڙ سارا حج ۽ عمرا به ڪري آيو آهي، تڏهن به روزاني عوامي آواز ذريعي ورهين کان پنهنجي اندر جو اوٻر عوام آڏو آڻيندو رهي ٿو. يار وٽ رک رکاءُ ڪونهي، جيڪي محسوس ڪيو سو ٻُوٿ تي چوڻو آهي، پوءِ ٿوري گهڻي رومال ۾ ويڙهي ڇو ڳالھ ڪجي. اصل ڪجي ته سڌي راند سونٽي جي ڪجي نه ته ڪجي ئي نه. مون سان گهڻو ويجهو رهڻ جي ڪري، منهنجي لِکت سُڃاڻي ويندو آهي، ڀلي پوءِ اها ڪهڙي به نالي سان لِکي هجيم. گھڻا ورهيه پوءِ ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ هڪڙي پريس ڪانفرنس پئي ڪئي. جيڪا لِکيل منهنجي هئي. انهيءَ پريس ڪانفرنس دوران آئون به ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويٺو هيس.سوالن جوابن جي وقفي ۾ ابوبڪر کانئس هڪڙو بنهي ڏکيو سوال ڪيو. ته همراھ مُنجهي پيو، هڪڙي ٻه ڳيت ڏنائين، نيٺ ابوبڪر چئي ڏنس، ته سائين ايئن چئو، ته اهي سِٽون امير بخش لِکيون ئي ڪونه هيون.
سو انهن رند بلوچن جي اوطاق تي روزانو رات جو ڪچهريون مَچنديون هيون. روزانو، نوان نوان مُهانڊا ايندا هيا، نوان نوان چهرا ايندا هيا، الاهي ڪتاب پڙهيل لکيل۽ داناءُ ماڻهوالائي ڪٿان ڪٿان اچي نڪرندا هيا. فضول ڪچهريون ڪونه ڪندا هيا، اڪثر ڪري سندن مُک موضوع ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون هُوندو هيو، سندن واتان سُرخ انقلاب جون ڳالهيون ٻڌندو هيس، سوشلزم جون ڳالهيون ٻڌندو هيس، مسڪين ماڻهن جي دردن ۽ درمانن جون ڳالهيون ٻڌندو هيس. بلڪل اهڙيون ڳالهيون، جهڙيون جيرام به اڳي مون سان ڪندو رهندو هُيو. نيٺ ڳالهين ڳالهين ۾سڀ ڳالهيون کُلنديون ويون، خبر پئي هوسڀيئي ڪامريڊ هُيا. هن ملڪ جي ڪورٽ سڳوريءَ پاران پابندي مڙهيل ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ڪارڪن. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جا ڪارڪن، حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جا ڪارڪن ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ڪارڪن. هُنن جا ڪچهرين ۾ ڪَيل قصا ٻڌندو رهُيس، هُنن جا آندل ڪتاب پڙهندو رهُيس، ذهن تي هٿوڙا لڳڻ شروع ٿيندا هيا، نيٺ ذهن کُلندو ويو، ۽ مَنَ تي چڙهيل ورهين جي ڪَٽُ ايئن ڌوپڻ لڳي، جيئن فوجي بندوق کي ڪوسي پاڻيءَ مان ڌوئڻ مهل ڪٽ ڳاري لاهيندا آهن. ۽ پوءِ رندن جي ڳوٺ ايندڙ يارن پاران مون لاءِ ڳاڙهن ڪتابن جون ڀريون اينديون رهيون، تان جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو خفيه ڇپجندڙ ۽ ترجمان پرچو هلچل به منهنجي هٿن تائين اچي پهتو هيو، نيٺ ٿيندي ٿيندي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ترجمان سرُخ پرچم به رِڙِهي اچي رَسيو.جنهن جي ڇپڻ وارن لاءِ الائي ڪيترن ورهين کان يارڙا نوس نوس ڪندا پئي وتيا.
تن ڏينهين تاج بلوچ جي ڀاءَ حاجي نور محمد رند جي اوطاق هلندي نه پر جيئن جو تيئن وَهندي هئي.مون پارا ڪيئي اُڙيا ٿُڙيا، مفت جون مانِيون کايو، وڏيون اوڳرايون ڏَيو، کَٽُن تي اَهليا پيا هوندا هيا.ڪجھ دائمي مهمانن ۾ مون کان سواءِ ٿر جي ڳوٺ چوڻهيار جا ٻه سميجا ڀائر محمد خان ۽ سونهاروخان به هوندا هيا. جيتوڻيڪ تن ڏينهين، سونهارو سميجو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽريءَ واري شعبي ۾پهچي، ڪامريڊن جي وَرِ چڙهي چڪو هيو، پر اڃان ترقي ڪري ساغر سميجو ڪونه ٿيو هيو. ان زماني ۾ رندن وٽ ايندڙ عام سنڌي اخبارن ۾ ڪامريڊ غلام حسين شر ۽ مانڌل شر جا نالا ۽ خبرون پڙهندو ايندو هيس. سو هڪ ڏينهن سونهاري سميجي کان پڇيم ته يار انهن مڙسن کي سڃاڻين ٿو؟ جنهن تي ٺھ پھ وراڻيو هيائين ته اهي به اسان واري لڏي جا ڪامريڊ ئي آهن. بس، پوءِ ڳالھ آئي وئي ٿي وئي هئي. جيتوڻيڪ منهنجي انهيءَ پُڇا پويان نسل پرستي يا شر پرستي ضرور شامل هئي.الائي ڇو دل ۾ايندو هيم ته انهن مڙسن سان مِلان ۽ دوستي رکان.انهيءَ ڳالھ کي ڪافي ڏينهن گذري ويا هيا، ڪجھ وقت بعد سونهارو به يونيورسٽيءَ هليو ويو هيو، ۽ اُتي وڃي ڪا لَڪڙ تار ڪئي هيائين. هي جو اڄڪلھ مختلف فرقن جا تبليغي گروھ نوجوانن کي پاڻ ڏانهن لاڙڻ لاءِ جتن ڪندا وتن، تيئن تڏهن ڪامريڊ ايئن ڪندا هيا، اصل شل نه ڪنهن سان ڪو ڪوڙو سچو، انڌو منڊو واسطو نڪرين. مڙس راتورات چَنبن ۾ چائجي ويندو هيو. مون سان به اهائي ڪار ٿي هئي، سونهاري جي دُکايل دونهينءَ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هيو. هڪڙيءَ رات اسڪول کان موڪل ڪري ڳوٺ آيل هُيس ته منهنجيءَ ڀونگيءَ نما اوطاق ۾ ٻه اڻ ڪوٺيا ڪامريڊ اچي سهڙيا هيا. هڪڙوهيو سنڌ يونيورسٽيءَ جو باٽنيءَ جي شعبي وارو موجودھ پروفيسر ڊاڪٽر شير محمد مڱريو. ۽ ٻيو هيو ڪامريڊ غلام حسين شر. نالا ٻُڌندي ئي ٻَکجي پيو سانِ، ڀانءِ ورهين کان وڇڙيل مليا هجون.ڀانءِ ڪا پراڻي ياراني هجي.
تنهن زماني ۾ مولابخش کوسي ۽ محمدعلي ٽالپر وارو لڏو، رسول بخش پليجي کان رُسي نڪتو هيو، ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي نالي سان پنهنجي ڌار تنظيم جي ديڳڙي چاڙهي هيائون.سي جيرامداس اٻوجهي معرفت مون تي ڦيڻا رکڻ ۾ لڳا پيا هئا. ۽ مون ۾ شعور جي انڌي منڊي سُڌ ٻُڌ آندي به جيرام هئي، پر شر پرستيءَ ۾ جيرام ۽ انهيءَ جي دوستن کي ڇڏيم اُتي ئي ۽ پاڻ وڃي هنن ڪامريڊن سان گڏيس.
تنهن زماني ۾ شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي پاڙيسريڻ شيرين سومريءَ جي واقعي سڄي سنڌ کي لوڏي وڌو هيو. ٻين سان گڏ مون وارو يار سونهارو سميجو به ترقي ڪري ساغر سميجو ٿي وڃي تُرم ۾ پهتو هيو. هڪڙي رات جو سپاف لاڙڪاڻي جي ٽن شاگرد اڳواڻن ايازسومرو، اسد ابڙو ۽ احمد علي سومري کي ڪاري ٽوپي لِڪائي ڇَپائي ميرپورخاص جي جيل کڻيو پئي آئي. ڪامريڊ غلام حسين شر روپوشيءَ ۾ روپ مَٽائي بلوچستان پئي ويو. روهڙيءَ جي اسٽيشن تي سنگهرن ۾ سلهڙيل مڙس ڏسي روح نه رهيس، وڃي صوبيدار سان عليڪ سليڪ ڪيائين.صوبيدار صاحب به ڪو هجي پير پاڳاري جو مريد، جيئن ئي هُن ڪامريڊ کي اها ڳالھ ٻڌائي ته هيءُ همراه ڀيڄ پاڳارا چئي ٻَکين پئجي ويس.ٻَڌل همراهن جا نالا ذاتيون پُڇي، اُتان ئي اسان واري لڏي ڏي خط روانو ڪيائين ته مُڙسن جي وڃي واهر ڪريو. متان پاڻ کي هيکلو سمجهن. ڪامريڊ جو خط مون وٽ ڇا پهتو هيو، ڄڻ هنڌين ماڳين لڪڙ تار هلي وئي هئي، خط ملڻ جي ٻئي ڏينهن کان ئي، جيل تي همراهن جي ملاقاتين جي لانڍ لڳي وئي هئي.مڙس وائڙا هجن ته هن شهر ۾ نه ڄاڻ نه سڃاڻ، هي ڪيترا ملاقاتي پيا اچن. پوءِ جڏهن اهو ٻڌايوسونِ، ته روهڙيءَ جي اسٽيشن تي جيڪو صوبيدار جو جماعتي مليو هيو، سو اصل ۾ ڪامريڊ غلام حسين شر هيو ۽ ان ئي هيءُ ممڻ مچايو آهي.تڏهن سپاف جا هي نوجوان، ڪامريڊ ۽ ڪامريڊن جي خلوص تي حيران ٿي پيا هيا. گهڻو پوءِ احمد علي سومرو ويچارو ته ڪنهن ظالم جي گوليءَ جو نشانو ٿي ويو هيو، اسد ابڙو شايد ڊاڪٽري پيو ڪري، باقي اياز سومرو اڄڪلھ جو سنڌ جو وزيرِ قانون آهي. اهو به الائي ميرپورخاص جيل جي ملاقاتي ڪمري جي ڄارين مان اسان جون ڏِنل اخبارون سُٿڻ جي وَرَنِ ۾ لڪائڻ وارو ڪارڪن اياز آهي يا وقت جي وِير ۾ لُڙهي سچ پچ به وزير ٿي ويو آهي.
ها سچي هڪڙي ٻي به ڳالھ ياد آئي اٿم، سا به ڀانيان ٿو ته ڪندو هلان. اياز سومري وارن سان هڪڙيءَ ملاقات دوران اتي جيئي سنڌ جا ڪي اڳواڻ مليا هيا، هڪڙي جو نالو به ڌنڌلڪو ياد ٿو اچيم، الائي غلام رسول زرداري هيو يا غلام رسول ڏاهري. مُڙس اصل بيٺي بيٺي چنبڙي پيو، چئي ڀائو تون اسان جي جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيءُ. خير اوڏي مهل ته ٻروچ کان ٻروچڪيون گُھتون گوهيون هڻي جان ڇڏائي هيم.پر گھڻن ڏينهن بعد جڏهن آئون پڪو سُرخو ٿي چڪو هيس، تڏهن جيئي سنڌ وارن، انهن همراهن جي لڪڙ تار تي جيئي سنڌ جي آريسر واري لڏي جا ٻه چڱا موچارا مهانڊا اقبال ڪيهر ۽ تيجڏان چارڻ، مون کي جيئي سنڌ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اچي ڳوٺ نڪتا هيا، مانيءَ ٽڪيءَ کان پوءِ جڏهن حال احوال ٿيا هيا ته مڙسن پنهنجي ماجرا ٻُڌائي هئي. ۽ پوءِ مڙسن قوم پرستيءَ جي حق ۾ دليلن ڏيڻ سان وسان ڪونه گهٽايو هيو، سموري رات ساڻن ڪچهري هلي هئي، آئون ڦِريو ڦِريو وريو چوانِ، اوهانجي ڳالھ صحيح هوندي پر مونکي سمجھ ۾ئي ڪونه ٿي ويهي، همراه جتان ڳالھ کي ڇڏين وريو اُتان کان بيهن. پر منهنجو قصو وري به ساڳيو، سهي جي ٽن ٽنگن وارو.همراھ حيران به هجن ته هيڏي دماغ واري مڙس کي ڳالھ ڇو ڪونه ٿي سمجھ ۾ اچي.تن ڏينهين آئون ٿورو ٿورو چور پُٽ به هوندو هيس، مون وٽ حاجي رمضان مري به رهيل هيو.اسان وارا قصا ٻُڌي ٻڌي حاجي رمضان چوي، يار حيرت آهي، آئون ٺُپ اڻپڙهيل آهيان، سو به ڳالھ سمجهي ويو آهيان.تون پڙهيو لِکِيو به پِڙُ ڪڍيو بيٺو آهين، ته سمجهان ڪونه ٿو. هاڻ کيس ڪهڙو جواب ڏيان، آئون سمجهي سُڻِي پيو حرامپائي ڪريان. بس مون کي جو سمجهڻو ڪونه هيو سو سَمڌُس به ڪونه. اها رمز هنن کي به ڪونه آئڙي هئي. وري گڻا ورهيه پوءِ تيجڏان ته وطن ڇڏي بي وطن ٿي هندستان هليو ويوهيو، باقي اقبال ڪيهر سان عمرڪوٽ ۾ بينڪ جي نوڪريءَ دوران وڏيون ڪچهريون قائم ٿيون هيون. تنهن کي جڏهن اصل ڳالھ ٻُڌائي هيم، ته حيران ٿي چيو هيائين، مار پوئي تون ته ڪو وڏو لاھ آهين. تنهن رات ته اسان ٻنهي توکي ٿلهي دماغ وارو ڪورو ڄٽ سمجهيو هيو.پر تون اسان سان پَٽي ڪري ويو هئين. ايئن چئي پنهنجي اشهد آڱر وات تي رکي چوي، اسان کي اها ڪل ئي ڪونه هئي ته ڪامريڊن ۾ به ڪا ايڏي ڏاهپ ۽ لِڪ هوندي.
ڳالھ پئي هلي، ڪامريڊ غلام حسين جي، همراھ کي چِڙ جا گھوڙا هوندا هيا، شل نه ڪنهن سان ڪنهن ڳالھ تي اَڙجي، اصل وڻ گھوڙو ٻڌڻ ئي ڪونه ڏيندو هيو. غلام رسول سهتي تي ته اصل اُلڙيءَ ڪُهاڙيءَ جيان ايندو هيو. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي اهم پناه گاه، بلوچستان، جتي صوفي عبدالخالق جي اثر هيٺ ٻنهي صوبن جي دنگ تي وهندڙ واه جي ڪپ تي کٽ رکيو سُتو پيو هوندو هيو، جي هيءَ پوليس آئي ته هوڏانهن هليو ويندو هيو ۽ جي هوءَ پوليس آئي ته هيڏانهن.صوفي تن ڏينهين پارٽيءَ جي پولٽ بيورو جو ميمبر هيو، هڪ ڀيري ڪامريڊ ان تي به ڪاوڙجي پيو۽ چيائينس ته، صوفي! تون به ڊِنگھرن تي اَٽو هاريندو وتين. اسان جي ڳوٺ جي امرئي مينگهواڙ جي مٿين خاني جا ڪجھ نٽ ڍرا هوندا هيا، سو ڪامريڊ جي ڪچهريءَ ۾ اڪثر ويٺو وڏيرن تي ٿيندڙ وَٺُ ٻڌندوهيو، تنهن هڪ ڏينهن ٺوڪي کڻي زَٽُ هنيو ته فلاڻي وڏيري اسان جي ڦٽيون چونڊيندڙ لاهيارن کي يرغمال ڪري ورتو آهي. همراھ بندوق کڻي اٿيو، پوءِ جيسين ڪوڙ، ڪوڙ ٿئي ۽ سچ سچ ٿئي تيسين مڙس کي روڪڻ ۾ جيڪي اسان ٻک وڌا سي رب ٿو ڄاڻي، ٻيا جيڪي حياتيءَ آهن سي.
رحمدل به ايترو جو هڪڙي ڀيري مرحيات عرس ڪانهئي جي زمين جي ڦڏي ۾ سندس گھر تي رات جو پهرو پئي ڏنائين جو مرحيات عرس چيس ته ڪامريڊ مون وٽ کائڻ لاءِ اٽو به ڪونهي ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟ ڪامريڊ ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ پنهنجي ٿيلهي مان چانديءَ جا ٻه وزني پير ڪڙول ڪڍي ڏنائينس. الائي اهي پنهنجي ٻچڙن جا هيس يا ٻئي ڪنهن جا؟ تن ڏينهين ڪامريڊ تي پارٽي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ غير قانوني ذريعا استعمال ڪرڻ جهڙا ڪجھ غلط الزام به لڳا هيا. حقيقتون هڪڙو رب ٿو ڄاڻي ٻيا پارٽيءَ جا اهي ذميوار جيڪي فنڊ استعمال ڪندا هيا.
هو جڏهن هتان کان ڪراچيءَ ويو هيو ته ڏاڙهي رکيل هيس، وار وڏا هيس، اُتي لطف ۽ امام بخش پيرزادن جي گھران جهلجي پيو هيو، پر پاڻ کي پيرزادو ۽ لطف وارن جي ٻڪرين جو ڌراڙ ٻُڌائي ڇُٽي ويو هيو. ۽ وري به هتي ئي آيو، ته مٿو، ڏاڙهي ۽ مُڇون ڪوڙيل هيس، مٿي تي ملنگن واري رليءَ جي ٽُڪرين جي ٽوپي پيل ۽ هٿ ۾ کجيءَ جو ڇٻو هيس. رمضان ڪانهئي جي هوٽل ۾ ڇهين آنين ڪوپ واري چانھ پئي پيتائين. آئون کيس ڪونه سڃاڻي سگھيو هيس. تڏهن هوريان هوريان منهنجي پويان ايندي سڏ ڪيوهيائين، آواز مان سڃاڻي چيو مانس، ڪامريڊ تون ته جھلجي ويو هئين.! تڏهن وراڻيوهيائين ته انهيءَ قصي کي ڇڏ، منهنجو ڀاڙو کُٽل هيو تڏهن توڏي آيو آهيان. نه ته يارڙا نوس نوس ڪندا پويان ايندا هوندا. اهو سندس اچڻ آخري هيو.
ناري جي اورينءَ ڀر تي بان واه جي ٻنهي ڪپرن جي ڍاڪي ۾ اڪثر ڪري شر قبيلي جا گھر ڏسي پير پاڳاري جو ننڍڙو خليفو مرحيات حاجي شفي محمد راهو چوندو هيو ته هي بان جي ڍاڪي ۾ صرف انهيءَ ڪري ٿا رهن جو ڪاريون ڪري ماريل مائين جا لاش لوڙهڻ ۾ سولائي ٿي ٿئين. سو انهيءَ قبيلي مان هي جُنگ جوان پيدا ٿيو هيو، جنهن اميد خاتون ۽ حسن بانو، شرياڻين کي، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪوٽا تي ماسڪو پڙهڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو، گھڻن کي اها خبر ڪانهي ته اميد خاتونءَ جي لکيل مينگھي فقير کان ماسڪو تائين جي پويان ڪهڙو اهم ڪردار هيو.
اهو ڪامريڊ جڏهن 21 آگسٽ تي گذاري ويو ته ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ اسان واري ڪامريڊ لڏي مان وڙلي ڪي هيا، نه ته ٿيو خير. ٻيو ته ٺهيو پر ٽُٽندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آخري سيڪريٽريءَ ڄام ساقيءَ کي به سال کان پوءِ آئون ئي سندس تڏي تي فاتحي وٺي ويو هيس.تڏهن سندس والد مرحيات عبدالرزاق جي سامهون ويهندي اسان جون ڦڪائيءَ ۾ اکيون هيٺ هيون. ان ڪامريڊ جون ڪيئي ورسيون آيون ۽ خاموشيءَ سان گذري ويون.بس جيڪي چُلھ تي سي دل تي، جيڪي اُسريا سي وسريا واري ڪارِ آهي هن زماني ۾.
ڳالهه پئي ڪيم رندن جي ٻن ڦُلڪن جي، سي به صفا سنهڙا، اصل ڪاغذ جهڙا هوندا هيا، جن مان منهنجو ڍوءُ ئي ڪونه ٿيندو هُيو. نڪو ئي وري حجاب ۾ ٻي ماني گهرندو هيس. بس مڙوئي اڌ بک ته اڌ ڍئوءَ تي پئي قصو هليو. ان زماني ۾هرروز رات جي مانيءَ کان پوءِ، رند، هڪ ٻئي کي سَڏ ڪندا هُيا. سنهڙي آواز جا سڏ، هلو ڙي هلو، سِگها ٿيو هلو!!.آئون ڏسندو هُيس ته هو هر روز ساڱريءَشاخ يا ڪنهن ٻيءَ شاخ مان پاڻي چوريءَ ڪرڻ لاءِ، ڏهاڪوکن مُڙس وٺي رٻڙ جو پائيپ پاڻيءَ ۾ لاهڻ لاءِ، ڪامريڊ ابوبڪر جي اڳواڻيءَ ۾ويندا هُيا. پنهنجو چوريءَ وارو ڪاج پورو ڪري اهو رٻڙ جو پائيپ وري اچي اوطاق ۾ ڦٽو ڪندا هيا. هڪڙي ڏينهن اهو پائيپ کڻي ڏٺم، مشڪل سان ڏيڍ مڻ کن وزن هُجيس. تن ڏينهن آئون اڍائي مَڻي ڪڻڪ جي ٻوري ملا مليءَ کڻي ويندو هيس. سو هڪڙي ڏينهن دِل ٻڌي، ٺوڪي حاجي نور محمد جي سامهون ئي ابوبڪر کي چيم، ڀائو، هي جو هيترا ماڻهو پائيپ کڻڻ لاءِگڏ ڪرين ٿو، ان کان ته مون کي ڍوءَ تي ماني کاراءِ. آئون اڪيلوئي اهو پائيپ کڻي شاخ ۾ لڳائي ڏيندوسانءِ. حاجي نور محمد جي ڳوٺ وارا رند ٻروچ، سمجهُو ماڻهو هُيا، مون ماستر کان پائيپ ته ڪونه کڻايائون پر پوءِ هميشھ لاءِ مانيون ٻن بدران چار اچڻ شروع ٿيون. تڏهن وڃي منهنجو به ڍئو ٿيو.
اهو وقت ايئن گذريو جيئن ڪالهوڪو ڏينهن، انهيءَ کان اوڻٽيهه ورهيه پوءِ وزير اعليٰ سنڌ جي، ايڊيو ڪيشن مانيٽيرنگ ٽيم جي ميمبر جي حيثيت ۾ ساڳيو اسڪول وڏي دٻدٻي سان وڃي وزٽ ڪيو هيم. ۽ هيڊ ماستر کي چيم پراڻو رڪارڊ ته ڏيکار. ويچارو ڏڪندي، ٿِڙندي، ٿاٻڙندي، سوتليءَ سان ٻڌل مِٽيءَ هاڻن رجسٽرن جي ڀَرِي کڻي اچي آڏو بيٺو.1978 جي ماسترن جي حاضريءَ جو رجسٽر کوليم، پنهنجون صحيحون ڏٺم. نيڻ ڀرجڻ لڳا، پنهنجي نالي تي آڱر رکي ماستر کان پُڇيم ته ڀائو، هن ماستر جي خبر اٿئي ته هينئرڪٿي آهي؟ ؟ وراڻيائين، سائين ٻُڌو اٿم گهڻو اڳ ماستري ڇڏي ويو هو. هاڻي الائي ڇا ٿو ڪري سا خدا کي ئي خبر آهي. تڏهن نيڻن مان نير وهي هليا هيا، وزير اعلي جي ٽيم جا باقي ميمبرحيران۽ پريشان هجن، ته هن سان ويٺي ويٺي ڪهڙي ماجرا ٿي آهي؟ نيٺ گھڻي اسرار تي ٻُڌايو هيو مانِ ته اهو ماستر آئون آهيان ۽ اُن دور جي غُربت جا ڏينهن ياد ڪري لُڙڪ لَڙيا اٿم.