22
تن ڏينهين پُوزيون ڏئي سنڌيءَ ۾ لکائڻ شروع ڪرايوسونس. ڪاوش ۾ ڇپيو ته وهواھ ٿي وئي. هڪڙو، ٻيو، ٽيون پوءِ ته لانڍ لڳي ويس، مڙس ملان نيڪوءَ ۽ نيڪئي مان ڦري ارباب نيڪ محمد ٿي پيو.
هڪ ڏينهن اوچتو ڦيرو آيس گم ٿي ويو، مهينو ٻه مهينا، ڏس نه پتو، مار پويس ويو ڪيڏانهن؟ ڪچهريون ئي اُٻاڻڪيون ٿي پيون. مهيني ماس ظاهر ٿئي، سڀني سان مليو، گم ٿيو وڃي، ڪنهن چيو جهڙو اوپن جيل جو قيدي هجي، پيرول تي اچي مڙني سان ملي، واپس هليو ٿو وڃي.سال کن اهو سلسلو هلندو رهيو، ڪڏهن ٻُڌون ته تبليغين سان گڏ پيو هلي، ڪڏهن سائي پٽڪي وارن سان، ڪڏهن اهل حديث وارن سان ته، ڪڏهن بريلوين سان، ڪڏهن ٻُڌون ته درگاهون وسايو ويٺو آهي. سال کن کان پوءِ واپس وريو ته افعال ساڳيا ئي هيس پر سونهاري ڪاريءَ مان ڳاڙهي ۽ ڊگهي هُجيس، سنڌي ٽوپيءَ بجاءِ ململ جو سفيد پٽڪو هجيس. ِهاڻ ارباب نيڪ محمد مان ڦِري، حضرت نيڪڻ فقير نقشبندي، قادري، چشتي الائي ڇا ڇا ٿي پيو هجي، سنگت چيو هاڻ هيءُ مُلي ۽ صوفيءَ جو ڪاڪٽيل ٿي پيو آهي،
زال مري وئي هجيس، مائٽن ميڙون ڪري ٻي ٿي پرڻايس، مينهڙي سلطان مان، چئي اوهان چنڊال چوڪڙيءَ وارن کي ڪو سڏُ ڏيندس ڇا؟ حرامي آهيو، ڪندئو اتي ئي پٽڪو ڌوڙ. مُڙڻ وارا اسان به ڪونه هياسين جيپ ڀاڙي ڪري سڄي رات، سڄي ٿر ۾ مينهڙو سلطان ڳوليوسين، پرمينهڙو سلطان نه مليو جو پنهنجي يار کي ٻيءَ شاديءَ تي جڳ کان وِيل ٿيڻ جون واڌايون ڏئي سگهون، ورندي ڏينهن صديق ساند، الائي ڪنهن ٻئي اخبارن کي خبر جاري ڪري ڇڏي ته ارباب نيڪ محمد شادي ڪري هني مون ملهائڻ واسطي ڀوڏيسر جي مسجد طرف روانو. الائي ڪهڙي اخبار ايئن جو ايئن خبر ڇپي به ڇڏي. تڏهن مُلو اچي بگڙيو، پر ڪاوڙ رڳو ايتري جو ٻه ٽي گاريون ۽ آخر ۾ ڌُوڙ اٿانوَ ٻُوٿ ۾. الله الله خير صلا.
بدرابڙو ۽ مرحوم انور پيرزادو منهنجي ڳوٺ آيا، مُلي سان ڪچهري ڪيائون، هُن جي حوالن تي بدر ته صرف معصوم مسڪراهٽ سان مسڪرائيندو رهيو، باقي انور سائينءَ کي مُلو دل ۾ ويهي ويو، جڏهن به ويجهيءَ ڇِڪ ۾ اچي ته چوي ٻيلي مُلي کي ڳول ته ڪا روح جي ڪَٽُ لاهيون. ڪچهري مچي ته مُلي جا ٽَهڪ، هوڪريا ۽ گاريون، مڙس ادب جون جُملي حدون اورانگهيو بي ادبيءَ جي انتها تي پُهچيو وڃي.
سڀني فرقن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ سان الائي اسان جي صحبت جا اثر سان مُلوصفا ڀلوڙ ماڻهو ٿي پيو، ڀيلن، مينگهواڙن سان گڏ ويٺو کائي، ٻيا مُلا حيران!!، ڪن ته ڇا ڪن؟ هڪ دستار بند عالم ويٺو ايئن ڪري ڪهڙي تعزير ڪڍن ۽ ڪيئن ڪڍن؟ هڪ ڀيري سهيل سانگيءَ گڏجي منهنجي ڳوٺ ۾ جيرام وٽ والدھ جي مرتئي تي ويهڻ آيو، مينگهواڙن روح افزا جو شربت آندو، مُلي کي ڏيڻ کان لهرائين پيا، سهيل ۽ مونکي شربت ڏيڻ کان اڳ ئي مُلي ڀڙڪو ڏئي ٽِري تان هڪ به نه پر ٻه گلاس کڻي مينگهواڙن کي دلجاءِ ڏني ته ٻيلي پاڻ اهڙا مُلا ناهيون. هاڻ به هت اچي ته ڇن جي ڀيلن ۽ رگهي جي ڳوٺ مينگهواڙن جي هٿن جا ٿڦيل لولا اکين تي رکيو پوءِ کائي، خلق چوي هي ڪهڙو مُلو آهي. هن ڄڻ ڪجھ ٻڌو ئي نه هجي.
ڪڏهن ڪڏهن اسان جي چرچ تي ڪُڌا ڪم به ڪريو وڃي پوءِ وتي توبهائون ڪندو.چوڪڙيءَ ۾ علي مراد آريسر ڪنجوسن جو سردار هجي، ٿر گهمڻ وياسين، سڀني چيو علي مراد ماني کارائيندو، مڙس پِڙُ ڪڍي بيٺو، صلاح بيٺي ڪُڻن جي، همراھ مُلي کي ديندار سمجهي مٿس اعتبار ڪيو، چي ڪوبه ويجهو نه وڃي مُلو ئي پرچيون ٺاهيندو، مُلو به ڪڙهيو ويٺو هجيس، سڀ پرچيون ٺاهيائين علي مراد جي نالي جون، مُڙس اعتبار ۾ڪُسي ويو، مُلي، ماني نه کاڌي، اڙي مار ڪا پوَئيِ ڪيڏانهن مري وئين؟ چئي ٻيلي هيڏو گناھ جو ڪم ڪري ديانتداري وڃايم، سو ويو هيس مسيت ۾ ڌڻيءَ کان بخشائڻ.
پنهنجي فن خطاطيءَ سان مون سان چرچن ۾ الائي ڪيتريون جُٺيون ڪيائين، چندي جا چيڪ بوڪ، اخبار عالم کان وٺي علي بابا جي عدالت تائين پمفليٽ پکيڙيائين، ايتريون ئي منهنجون به سَٺائين، پر اڄ تائين نه رُٺو ۽ نه مون کي رُسڻ ڏنائين.
انهيءَ قصي کي ويھ ورهيه گذريا، وڻ وڻ جي ڪاٺي هُياسين، وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿياسين، مُلو نه بدليو، نه ڀيرو ڀَڳائين، مهيني ماس منهنجي سڪ ستائيندس ته بنان ٻڌائي اوچتو هليو ايندو، رات رهندو، ٻه راتيون رهندو، ڪچهريون ٿينديون، سڪ لٿي، فجر جي نماز پڙهي بنان موڪلائي ڪندو جوڳي رمتا ڀلا. دل ٿي چوي شال سونهاريءَ سنڌ جا سڀ مولانا ارباب نيڪ محمد جهڙا ٿي پون ته سنڌ جي سينڌ اُجري ٿي پوي.
ان زماني ۾ اسان جي چوڪڙيءَ ۾ ٻيو يار هيو، شفي فقير. جنهن اڳتي هلي وڏو نالو ۽ ناڻو ڪمايو، ناڻو ته شفيءَ، جيئن جو تيئن ڪمايو، پر نوڙت ۽ نيازمندي، شفيءَ کي الائي ناناڻن مان ملي هئي يا ڏاڏاڻن مان. سا ته رب ٿو ڄاڻي؟ سڄيءَ سنگت سان شفيءَ ڪڏهن به ٻُوٿ بڇڙو ڪري نه ٻوليو، نه وڻيو ته صرف لائق ٿيٻي کي نه وڻيو، مڙس کي شفيءَ جي ڪنڌ جي سِيٽ تي ڪالھ به اعتراض هيو اڄ به آهي. خير اُنهيءَ قصي کي اُتي ڇڏي پاڻ هلون ٿا اڳتي، مون کي اڄ ڏينهن تائين اها به خبر ڪونهي، ته شفي ٿري مڱڻهارن جي ڍانڍي نُک مان آهي يا لَنگهن مان. بس اها خبر اٿم ٿه هن جا وڏڙا به ارباب نيڪ محمد جي وڏڙن جيان پَريان ڀَڄِي اچي گَڊڙي ۾ آباد ٿيا هيا، مولوي محمد حسن ميڙاسَر واري جي گڊڙي ۾ رات جي پيٽ ۾ جوڙيل ڪَکائين مَسيت ۾ ڪجھ ڏينهن نمازون پڙهي، بکئي پيٽ سانگي رِڙهندا رِڙهندا اچي نيو ڇور پهتا هيا، منهنجي ڦوھ جوانيءَ ۾ شفيءَ سان سڃاڻ ڄاڻ تڏهن ٿي جڏهن شفي، شفي نه پر شفيو مـڱڻهار هيو، سنڌ ۾ آباد عام مڱڻهارن جيان اوراڙ پراڙ ۾ ڀَتَ ڳوليندو وتندو هيو، پر بقول لائق ٿيٻي جي قومي راڳي جمن دربدر سان دُهل وڄائيندو وتندو هيو، اهڙي ئي ڀَتن ڳولڻ جي شوق مان منهنجي ماروٽ ۽ اوجي ڊي سي ايل جي موجودھ چيف انجنيئر خان محمد، ٺوڪي هڪڙي ڪوڙي ڀَتَ جي دعوت ڏنس، همراھ مقرر ڪوڙي تاريخ تي مڱڻهارن جوولر وٺي اچي پُڳو. تن ڏينهين اسان وٽ سُڃائيءَ جو راڄ هجي، صَفا تتڙينگ هُجون، اٽي جا خالي تَس ڏکڻ جي لُريءَ ۾ واڄٽ پيا ڪن. گهرن ۾هنڌُ نه ٽپڙ هُجي. ولر مڙسن جو ڏسي حال گهڙي ته دَهلجي وياسين. مٿان بابي جا دڙڪا ته گهر ۾ لولي جو لوڻ نه لڀي مڙس وتن ماڻهن کي دعوتون ڏيندا. بابي جي دڙڪن کان پُسيل ڪوئي جيان ڪنڌ لڪائيندي ۽ ڇَپندي، جيئن تيئن ڪري پاڙي مان پِن جا ٽُڪر گڏي مڱهڻارن جي وَلر جو پيٽ ڀريوسين. سَنجهو اڃان مَس ٽريو ته همراهن کوليا ڌُڪڙ۽ باجا. هڪڙي چوڻي آهي ته مَلھ ۽ مڱڻهار سان ياري رکبي ته ٻنهي مڙسن جي اک هوندي يار جي کِيسي ۾. سو ان رات ها، ڪرڻ سان هنن مڙسن جي به اک هئي اسان جي کِيسن ۾، خير سان اُتي ته اڳي ئي مائي ڀينگ صاحبه پنهنجو ديرو ڄمايو ويٺي هئي. ڪلاڪ ٻه رِينگٽ هليا، نه ڪجھ مِليو، نه فقيرن ۾ جوش جاڳيو. کيل ختم ٿيو، اُنهيءَ ولر مان ٻين ته الائي سمجهيو يانه پر شفي سمجهي ويو ته مڙس رڳو ڪپڙن ۾ ڍڪيا وتن. ايئن شفيءَ سان ياري ٿي، ياري به هوريان هوريان وئي لوهان لوھ ٿيندي، منهنجي چوڪڙيءَ جا جملي يار اڄ سوڌو مونکي راڳ جو وڏو پارکو سمجهن، پر حقيقت اها آهي ته اڄ ڏينهن تائين مونکي راڳ جون رَمزون ٺُپ ڪونه سمجھ ۾ اچن. نه ئي آئون راڳ جو پارکو، آهيان، نه ڄاڻان ڀيرويون نه مالڪونس، نه ٽِڪا نه سرگم نه ليءِ. بس شفيءَ جي ٻوهياڙن ۾ الائي ڪهڙو سُرور آهي، جو جُهومي اٿندو آهيان. تن ڏينهين شفي، اوڙي پاڙي جي ڀَتَن ۾ اچي ڳائڻ شروع ڪيو هُجي، راڳ لڳي نه لڳي، خلقون رسمون پوريون ڪرڻ لاءِ، هڪ ٻئي جون وريون لاهڻ لاءِ وٺيو گهورُون ڪن، آئون ڏوڪڙن کان وانجهيل ماڻهو ٻُوٿ لاهيو ويهان، شفي، وڏي ڪاريگريءَ سان گهور وٺڻ واري فقير جي ڪَن ۾ ڦُوڪ ڏيو ڇڏي، پوءِ اهو ڀاڳ ڀريو وڏو نوٽ کُليو ڪرائڻ جي بهاني سان منهنجي جهوليءَ ۾روپئي روپئي جو دَستيون وجهيو وڃي۽ آئون ڌڙاڌڙ گهورون ڪريو راڄن ۾ پنهنجي ليءِ بيهاريو وجهان. جنهن سال خلقن جا فصل ڀلا ٿين ان سال ڀت به کوڙ ٿيو پون. بس اهو ئي مُکا ميلي جو ذريعو هجي منهنجو ۽ شفيءَ جو۽ اسان جي يارانيءَ جو، ورهيه گذرندا ويا، شفيءَ کي شادي فقير، راڳ جا گُر سيکاريندو، ڀَتن سان گڏ قومي ڪاڄن ۾ لاهيندو ويو ۽ شفي وري پنهنجن مِٺڙن آلاپن سان ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو ويو. ويتر وري جو شادي فقير جو ڀاءُ نياز فقير طبلي تي گَڏِيُس ته مڙس کي ڀانءِ چار چنڊ لڳي ويا، نياز سان نينهن اهڙا اٿس، جو ٽِڪَن، ماترائُن۽ سَرگَمن تي هڪ ٻئي ڏي اهڙي ته معني خيز ۽ معصوم مُسڪراهٽ سان نهاريندا، ڄڻ ڪي ورهين جا وڇڙيل محبوب هجن. جيئن شفي، ترَقيءَ جون منزلون طيءِ ڪندو، سڃائيءَ ۽ ڀينگ کي پوئتي ڇڏي وڌندو ويو، تيئن آئون به وقت جي وير ۾لُڙهندو، ڪامورو ٿي ڪاري پاڻيءَ جي سزا وٺي امراڻي پهتس، ته ٻين پراڻن يارن سان گڏ شفي به اچي اسان جي سنگت ۾ سَلھڙيو وارد ٿيو، هاڻ شفي، اُهو شفي ڪونه هيو جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڀَتَ ڳوليندو وتندو هيو، پر ان جي اُبتڙ هاڻي ڀَتَنِ وارا کيس ڳوليندا وتندا هيا. مٿان مڙس ۾ ڦيرو وري اهو به آيو ته ڪاري واسڪوٽي پائڻ ۽ پائيپ پيئڻ شروع ڪيائين, معنئ مڙس ٿيو وڏو ماڻهو. ٿورو ڪَنڌُ به سِيٽجيِ ويُس، ڪنڌُ به ٿو نه سيٽي مڙس پنهنجيءَ محنت سان ٿوم مان زعفران ٿيو هو. ڪنهن ٿورو ڪري اڳتي ڪونه آندو هيس، ڏسڻ واري خلق ڏسندي رهي، شفي، هرڪنهن کي هٿ جوڙي اڳتي هلندو ويو.
ياد اٿم ته ٿر تي وسڪارا ٿيندا هيا ۽ ٿر جي واريءَ مان ڀيڄ ڀنيءَ جي مٺڙي مھڪ اٿندي هئي، هنڌين ماڳين همرچا گونجندا هيا، غربت جي ماريل ماروئڙن جي مُک تي مُرڪون اينديون هيون، ته اسان جي چوڪڙيءَ جا سڀ يار وڍيندا هياسون ڀِٽُن جي پنڌ کي. اڄ به امرڪوٽ کان اڪ وڍي تائين، امرڪوٽ کان ڇور تائين، مانڌل کان اکيراج تائين، ٻانڌي کان گوئينداڻي تائين، ڪَسَ جون جملي ڀِٽون، ڪَنڊا ۽ ٻَٻُر انهي جا گواه آهن، ته ڪيئن نه ڀيڄ ڀِنيءَ جي مَهڪار ۾ اسان جي چوياريءَ جو چتون شفي، هلندي هلندي، بنان ڪنهن ڌُڪڙ باجي جي، ڪهڙيون نه مِٺڙيون لاتيون ٻوليندو هيو. خاص ڪري حليم جون هي سٽون اهڙي رومانوي ماحول ۾ مِڙني کي جِنجهوڙي وجهنديون هيون ته هاءِ هَٺيلا هوڏيِ پريتم، مُند ملهاري تون رِيسارو.تڏهن ڀِٽُن تي ڊوڙندي هر ڪنهن کي پنهنجا پرين ياد ايندا هيا، وسندڙ وڏڦڙي ۾ مِڙني جي ڀِنل اکين مان، ڪنهنجي لُڙڪ لاڙڻ جو پتو ئي ڪونه پوندو هيو.
حليم تان ياد آيو، ته اسان جي چوڪڙيءَ جي ئي فرمائش تي شفيءَ حليم کي ڳائڻ شروع ڪيو، ته ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم ٿي پيا.ڪڏهن ڪڏهن مڙس ڳنڍجيو پونِ، هو چوي تون منهنجي ڪري مشهور آهين هي چوي منهنجي ڪري، تڏهن اسان پارو ڪو وچ ۾ پئي جيسين ٻنهي کي اهو نه چوي ته ٻيلي ٻئي ڪِي ڪِينهيو، ڦينگرجو ڇا تي ٿا. تڏهن وڃيو مُڙسن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ۽ جهيڙو کُٽينِ.
تن ڏينهين مون ۾ پٽيل پائيءَ جي پِٽَ هجي، پرايا سور پنهنجي ڳچيَ ۾ وجهڻ جو شوق بنهي زور هجيم.سو اهڙي شوق ۾ ايندن ويندن جا فيصلا زوريءَ ڪندو وتندو هجان، هڪڙي ڏينهن هڪڙو بس جو مالڪ۽ ڊرائيور پنهنجي ٽرڙپائيءَ تي پادر کائي وڃي ٿاڻي ۾ بند ٿيو، ڪنهن اچي مونکي مدد جو چيو، آئون اهڙن قصن لاءِ ٻاڙيو ويٺو هيس، سو هم نه تم ڪيم ٿاڻي وارن کي فون، اهي به ڪي بيزار ٿيا ويٺا هجن، چيائون ڀائو اسين ٻِنهي ڌُرين کي اوهان ڏي ٿا موڪليون، فيصلو ڪري ڇڏيونِ، ته معاملو ليءِ مِٽي ڪريون. ٿاڻي ۾ واڙيل مڙس بنهي ڪو ڳالهائڻ جو ملوڪ هجي، جيڪو گُفتو ڪڍي ڀانءِ موتي پيا ڪرن. مڙس حوال ڏيندي ئي اهڙا ٻول ٻوليا جو جهڙوڪر ٻه ٽي گاريون، مون کي به ڏئي چڙهيو.منهنجي ٻروچڪي رَڳَ ٿِڙي، پادر لاهي اٿيس، اصل گِگَ پئي ڳَڙيم، ڌڪا ڏئي ڪڍيو مانِ. ڇا جا فيصلا؟ ڇا جو قصو؟ همراهن ڀَڄِي جانِ ڇڏائي. اُنهيءَ فيصلي مهل شاه مراد کوسو، ڪو مون سان ملڻ آيو هيو، سو سڀ ٻول ٻُڌي اَڇا اَڇا پير ڏئي کِسِڪِي ويو، ۽ لَڪَڙَ تار ڪيائين چنڊال چوڪڙيءَ کي، ڳالھ هٿ آئي، شفي فقير کي. تڏهن احساس ٿيم ته انگريز چريا ڪونه هيا، جو ڍنڍورا ڏيارڻ لاءِ مڱڻهارن جون ۽ انهن جي دُهلن جون خدمتون وٺندا هيا. شفيءَ به ايئن ڍنڍورا ڏنا، ايئن ڍنڍورا جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن فيصلي ڪرڻ کان ارواح ئي کَٽو ٿي ويو. ٻيڙي تريس، جنهن پروگرام ۾ وڃان اسٽيج تان اعلان ڪري سردار خادم حسين جتوئي(دوئم) پُهچي چڪو آهي، جنهن کي به ڪو فيصلو ڪرائڻو هجي، ته ساڻس رابطو ڪري.
سنڌ ۾قديم رواج آهي ته مڱڻهارن کي ماڻهو راڄ جي نياڻي چوندا آهن، ڀَتن پوتَن ۾ کانئن پُوئا پات ڪونه وٺن، پر هِن مُڙس کان سنگت، سَڄِي رات ڳارائي، صبح جو ڏنڊي جي زور تي، پُوئو به وٺيو ڇڏي. گهڻا سال اڳ، جسقم جي ڪامريڊ جميل جي شادي هجي، وڏا وڏا راڳي ڪوٺيل هجن، هيءُ همراھ مون سان گڏ بس ۾ هليو، چيو مانس جي ڳارايائون ته؟ وراڻيائين ادا، اسين مڱڻهار آهيون ۽ مڱڻهار جو ٻار روئيندو به سُرَ ۾ آهي، تون مولا تي رک. ۽ پوءِ ٿيو به ايئن، مڙس محفل لُٽي اٿيو.پاڻ، پٽ جو ڪاڄ ڪيائين، ته خلقون پيون کِلن، چئي مڱڻهارن جو ڪهڙو ڀَتُ؟ ميان هنن ڏُومن سڄي ڄمار ماڻهن جا ڀَت کاڌا، هنن کي ڪهڙي خبر ته ڀَت ڪيئن ڪجي؟ مڙس جي راهُوڻي اهڙي هجي جو شاھ عنايت جي گادي نشينن کان وٺي صوفي صديق جا گادي نشين ڪاڄ ڌڻي ٿي بيٺا، خرچ پکا به سڀ انهن جا، ان رات نيوڇور جي رهواسين، پنهنجي حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو.نيو ڇور جا ننڍڙا روڊ رستا بلاڪ ٿيندي ڏٺا. ته کين ڏندين آڱريون اچي ويون، تڏهن اهڙن چڱن چڱن مُهانڊن وٽس ويندي، اسان تي کِلُون پئي ڪيون ۽ واپس ورندي پئي چيائون ادا ذات تي ڏات ڪانهي!!
انهن قصن کي ورهيه گذري ويا، اسين سڀ پُٽن پوٽَن وارا ٿي وياسين، پر جوانيءَ وارا اهي اَنگل ۽ چِلولائيون اسان مان اڃان ڪونه ويون. اڄ به جتي به جنهن به پروگرام ۾ ملون ساڳيا ڌوڙيا لايو بيٺا هُجون. هڪڙي سا منهنجي رڳ هٿ ڪئي اٿائين، هاڻي هر پروگرام ۾ مون کي ڏسي اياز جا ٻه گيت ضرور ڳائي، پهريون گيت، ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوِءِ، توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون، جنهن تي منهنجي اکڙين مان ڏَلھ ڳوڙها روان ٿيو پونِ، ۽ ٻيو گيت چوي، سَکي پِيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي. انهي گيت تي جيڪو ماڻهوهنجون هاري، اهو منهنجي ۽ شفيءَ جي وچ ۾ راز رهڻ گهرجي، جيڪر اهو راز کليو ۽ اُهو ماڻهو ظاهر ٿيو، ته وڏا ڪِنَ ٿيندا.
سو اهو شفي، اڄڪلھ سنڌ جي راڳين جو سرموڙ ٿي پيو آهي، شاھ عنايت شهيد جي پِڙ ۾ پنهنجي ٻاريءَ وارو ٿي پيو آهي، جيئن ٿي مانُ ۽ مريادا مليس، تيئن ٿي نِوڙت ۽ هٿ جوڙ وڌيس، رولو آهيس نه آهيس هڪڙو، ته مڙس ڪنڌ کي سِيٽي ٿو هلي. رب ڪري اڃان به وڌي ويجهي، سنڌ جي سينڌ سنواري گڏوگڏ پنهنجي سڪندر کي سنڌ جو سڪندر ڪري وڃي.
ان دور جو ٽيون يار هيو، روحل واءِ جو رهواسي، عبدالحليم ساند المعروف حليم باغي. روحل واءِ جي زرخيز مٽيءَ، الائي ته ڪيترن ايامن کان سنڌ ديس کي املھ هيرا پئي ارپيا آهن. گذريل زمانن جون ساروڻيون سارينداسون ته ڏسڻ ۾ ايندو ته روحل فقير کان وٺي ڀلوڙراڳي ۽ هرفن مولا شاعر جمن دربدر.ڪچهرين جي مور، سگهڙ ۽ عبدالواحد آريسر جي لاڏلي مرهيات ڀليڏني فقير ساند کان وٺي هميشه ابتا ٻول ٻولڻ ۾ ڀَڙُ الھبچائي ساند تائين، حليم باغيءَ کان حاجي ساند تائين، هن ئي مٽيءَ جا جنَميل يا هتي اچي آباد ٿيندڙ آهن. حليم به ان ئي مٽيءَ جو نازڪ ٻَچِڙو آهي.
حليم جو نالو مزاحمتي شاعريءَ ۽ ڀلوڙ شاعريءَ جي حوالي سان پڙهندو ۽ ٻڌندو ايندو هيس.پر ساڻس ڏيٺ ويٺ ڪڏهن به ڪونه ٿي هئي. ڀانيان ٿو ته اهو 1989 جو سال هيو جڏهن امراڻي ۾ نوڪريءَ سانگي ديرو ڄمايو هيم. تڏهن سرءُ جي هڪڙي اداس شام جي وقت، ثاقب آريسر، هُن کي مون سان ملائڻ وٺي آيو هيو، سادڙو، سٻاجهڙو معصوم چهرو، ان معصوميت جي پويان هزارين دک، هزارين درد ۽ لکين لڪل پيڙائون پلڪن پڙهي ورتيون هيم. ثاقب ويچاري کي سڄي عمر اها ڀُل رهي هئي، ته آئون حليم واري لَڏي جو ماڻهو آهيان۽ نه ئي مون به ڪڏهن کيس پنهنجي اصليت بابت ڪجھ ٻڌايو هيو. ڇاڪاڻ جو اسانڪميونسٽن کي هميشه مٿان کان پارٽي لائين ڏيندي هئي ته پنهنجي اصليت لِڪائجو. ۽اها به پارٽيءَ جي لائين هئي جو آئون ثاقب جون ڪميونسٽن کي ڏنل ڪچيون، اُگهاڙيون ۽ واهيات گاريون آرام سان هضم ڪري ويندو هيس. نه ته ڇا ثاقب؟ ڇا گار؟ ڇا آئون؟ !
خير، تعارف دوران جڏهن ثاقب، حليم کي اهو چيو ته هِن جو واسطو به اوهان واري لڏي سان آهي.سو جيئن ئي ثاقب اهي اکر اچاريا ته ڀوڪپائيءَ مان منهنجي وات مان نڪتو نه سائين ثاقب نه، ان زماني ۾ منهنجي نظر ۾ جهڙي تنهنجي جماعت هئي تهڙي حليم جي!!.. مون کي ڪهڙي ڪَل ته کَکَر ۾ کَڙو لڳي چُڪو۽ لڳو به وِچَ ماناري ۾؟ هن ناچيز جي زبان مان اهي اکر نڪرڻ ۽ حليم جو بِگڙَڻُ، بِگڙَڻُ به ڪهڙو، اصل الله ڏئي امانُ، اڻ واقف هوندي به مُڙس هَڻي وڃي هنڌُ ڪيو. وڏيون آزيون، ميڙون، منٿون گِيسيون ۽ پلاند وجهي مُڙس کي پرچائڻو پيو. تن ڏينهين سڄيءَ سنڌ ۾ حليم جون حسين آباد چوڪ تان وڃي ورڻ واريون خبرون عام هيو.خلقِ خدا سان گڏ ماما جمن به چوندو وتندو هيو، ته انهي ڏوھ جو ڏوهاري لائق ٿيٻو آهي. ماما جمن چوندو هيو ته ڪشميرين جي محبوب ليڊر جو نالو ۽ حليم جي محبوب ليڊر جو نالو ساڳيو هيو، جڏهن اهو ڪشميري پنهنجا سئو ورهيه پورا ڪري چَلتو ٿيو ۽ لائق کي خبر پئي ته هُن شيطان انٽرنيشنل هاسٽل ۾ گهري ننڊ پيل حليم کي ڌونڌاڙي جاڳائيندي، ڪشميريءَ جي راھِ رباني وٺڻ جا جُملا اهڙي عجيب انداز ۾ چيا، جيئن حليم اُن کي پنهنجي محبوب جو مرتيو سمجهي. بقول ماما جمن جي ٿيو به ايئن، لائق جا اهي اکر حليم تي وڄ جيان ڪڙڪيا ۽ مُڙس شِيخ ٿي ويو، شِيخ ڇا پر ذري گهٽ پاڻ به هَلي چُريو هيو.مون جڏهن لائق کان ماما جي اهڙن الزامن جي تصديق لاءِ، ماما جمن جي ويٺي ئي سوال ڪيو هيو، ته هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ ورندي ڏني هئي اي، ! ويٺو ٻُڌ هِنِين جا احوال؟ !!. هُن ته بائيو ڪيمسٽريءَ وارو گهوش جو لکيل خُشڪ ڪتاب پئي پڙهيو ۽ دماغ جا پردا خشڪ ٿي ويا هُيس. هِنِيِن هَرُوڀرُو کڻي مون تي ڪارنهن جو ٺِڪَرُ ڀَڳو آهي. باقي ڳالھ ۾ ڪي ڪينهي.!!
ثاقب جي سامهون اُن اڻ ٿيڻيءَ ٿيڻ جي ڪري، حليم جي دِل مان غير ڪڍڻ لاءِ مون کي روحل واءِ جا کوڙ سارا پنڌ ڪرڻا پيا. تڏهن وڃي حليم جي دل ۾ ويٺل معصوم ٻار مون سان ريڌو. ايئن رِيجهندي رِيجهندي همراھ مَس وڃي منهنجو يارُ ٿيو، يار به اهڙو جو اصل وڃي ٿيا ست خير. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن مونکي ڪڏهن به سڄي نالي سان نه سڏيائين، هميشھ ڍاٽين واري لهجي ۾چوندو اميرو.
خير، هَلُون ٿا اڳتي. مرحوم معصوم سانگهڙائيءَ، سانگهڙ ۾ وڏو مشاعرو ڪرايو هيو، سڄي سنڌ جا شاعر ۽ شائقين اچي ڪَٺا ٿيا. اسين سڀ يار به گڏجي اُتي وياسين. حليم کي اعزازي مهمان ڪري اسٽيج تي ويهاريائون، سامعين جي پهرينءَ صِف ۾ اسان ويٺل هُجون، يارُ جڏهن صوفا تي ٽَنگَ ٽَنگَ تي چاڙهي بالم بڻجي ويٺو، ته سندس بُوٽ جي نوڪ ادل سومري ( مهمان خصوصيءَ) جي مُنهن کي بلڪل ويجهو پئي محسوس ٿي. لائق جي شيطان دماغ اها ڳالھ نوٽ ڪري، هڪڙي والنٽيئر هٿان اسٽيج تي پرچي ڏياري موڪلي ته ٻيلي، ٽَنگَ هيٺ ڪر، مُڙس جو مُنهن ٿو ڀڃين. حليم پرچي پڙهي، وائڙن جيان پنهنجي اُڀي ٽَنگَ ۽ بُوٽ طرف ڏٺو، پوءِ شَڪِي ٿي ڏيڍين اکين سان سامهون ويٺل خلق ڏي ڏسندي، ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ اسٽيج تان لهي ويو. جيستائين مرحوم معصوم، اسان کي اڳين سيٽن تان نه اٿاريو، ايستائين پِڙُ ڪڍي بيٺو رهيو، چئي هي ڪافر اِتان اُٿندا ته اسٽيج تي ويهندس نه ته نه. ۽ جڏهن اسٽيج تان ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل ڦُڙي ڦُڙي جو حساب ٿيندو، جهڙو ڀلوڙ شعر پڙهيائين، ته اسان اُٿي بيهي تاڙيون وڄائي داد ڏنس، هيٺ لٿو ته مُڙس جي ڪاوڙ ڪافور هجي، معصوم ٻار جيان مسڪرائيندي چيائين، لخجي لعنت اٿانوَ ڪافرو۽ بس جهيڙو ئي ختم.
هڪ ڀيري، ٽائون ڪميٽي عمرڪوٽ ۾ ادبي سنگت پاران ڪوٺايل ڪنهن سَندي ئي پروگرام ۾ شعر پڙهيائين، رت ديس تُنهنجي راھ ۾ جي ڦُڙو ڦُڙو ٿي وهي وڃي، ته تمام گهڻو داد مِليس، اسٽيج تان لهي اسان جي وچ ۾ ويهي سگريٽ جا ڊگها ڊگها سُوٽا هڻڻ لڳو، اوچتو، لائق، ڪَنَ ۾ ڪجھ چيس. جهڙي جذباتي ڪيفيت ۾ اسٽيج تان شعر پڙهيو هيائين، ان کان وڌيڪ جذباتي انداز۾ لائق کي زن دختر گاريون ڏيندو اٿيو هليو ويو. اڃان ڪلاڪ کن مس گذريو ته کِلندو کِلندو وري اچي، ساڳيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو.ويهندي ئي لائق جي ٻُوٿ تي ٻن آڱرين جو وِڪٽري نشان رکندي، وڏو ٽَهڪ ڏئي چيائين ڌوڙ اٿئي ٻُوٿ ۾. پُڇيو مانس حليم، اڄ صبح، صبح ڪنهن هيڪلي وڻ هيٺان گُذريو هُئين ڇا؟ ته وڏو ٽهڪ ڏيئي مُنهن، منهنجي ڪَنَ جي ويجهو ڪندي هوريان هوريان چيائين، يار هن حراميءَ منهنجي انهيءَ شعر مان رَتُ جو اکر ڪڍي ڪِني پاڻياٺ جو اکر ٽُنڀي ابتي پيروڊي ٺاهي ٻُڌائي، ته بِگڙي پيس.
ان زماني ۾ اسڪولي ٻارن جيان اسان جو روز وڙهڻ ۽روز پرچڻ هوندو هيو، پر پوءِ به هُن جي اسان کان سواءِ نه سري نه ئي اسان جي هن کان سواءِ. جڏهن سنڌي ادبي سنگت، عمرڪوٽ جو سيڪريٽري ٿيو، ته سنگت پاران جيڪو به ڪاڄُ ڪري، حليم اسان کي دعوت ڪارڊ ته ضرور موڪلي، پر شرارت ڪندي هيٺان لِکِيو به ڇڏي ته مهرباني ڪري اچڻ جي زحمت نه ڪندا. ايئن رُسندي پَرچندي، کِلندي، ڪُڏندي اسان جي ياريءَ کي سَتَ اَٺ ورهيه لنگهي ويا. ان سڄي عرصي ۾ شاعريءَ جي ڏات رُٺل رهي.۽ پوءِ جيئن وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏي هياسين تيئن وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جيان ٽِڙِي پکڙي وياسين، انهن قِصن کي ڳَچُ ورهيه ٻيا به گذري ويا، تڏهن هڪ ڏينهن ڪاوش اخبار ۾ خبر پڙهيم ته مشهور مزاحمتي شاعر حليم باغيءَ تي قاتلاڻو حملو. تڏهن ملڪ ۾ موبائل فون ڪونه هُيا، اُن ڪري وڻ وڻ جي ڪاٺي هنڌان هنڌان هلي، روحل واءِ پُهتي. زخمي حليم کان پڇڻ لاءِ. تڏهن ماما جمن ۽ مرحيات ڀليڏني فقير ٻڌا ٽهڪ ڏئي زخمي ٿيڻ جو قصو اجهو هينئن ٻُڌايو. ٻيلي ! تنهن ڏينهن وِرانڊ جو هي اوهانجو شينهن مڙس( حليم) ٽَنگ کي لوڏا ڏيندو، روحل واءِ ٿي آيو، ڪي اِسڪُوليا، موڪل کان پوءِ گَهرين پئي ويا، ۽ کُٽي ٿي کڻين جو همراھ جي لوڏ ڏي ڏسي اَهل ڪري ايئن ئي هَليا، ۽ هيءُ مُڙس بِگڙي پيو. هُوڙيائي ڪري وڃي اسڪولين کي چِنبڙيو، اڳيان ڇورا به هيا ڪي سَگها، سو جان ڇڏائڻ لاءِ هٿوڦاريون هڻي، مُڙس کي ڪيري وٺي ڀڳا، اهو آهي اوهانجي مزاحمتي شاعر تي قاتلاڻي حملي جو احوال.ان مهل اسان مڙني ڏيڍين اکين ڏٺو ويٺي ته حليم کي ماما جمن ۽ ڀَلوءَ فقير جي اهڙين ڳالھين تي به جُوجڪيون پئي چڙهيون. پر مُڙس وڏن جي آڏو، ڪري ته ڇا ڪري؟ چوي ته ڇا چوي؟
تن ڏينهين، مُلي نيڪوءَ سان منهنجي گهاٽي سنگت تان، حليم، هميشه مون کي ٽوڪيندو هيو ته اميرا ! مُلي(ارباب نيڪ محمد) سان الائي ڪهڙو رشتو اٿئي؟ خبر ئي ڪونه ٿي پوي، !! ڏينهن رات مُلان جي اڳيان پويان آهين، ٽهڪ ڏيندو ويندو هيو ۽ پنهنجي معصوم ادائن سان، سگريٽ جا وڏا وڏا سوٽا هڻندو، الائي ڇا ڇا چئي ويندو هيو، ۽ پوءِ اسان جي پِڙ ڇڏڻ ساڻ ئي، مُلو نيڪُو، حليم کي بحري باز جيان چنبن ۾ چائي ويو، گهڻن ورهين کان مڙسن جي ٻکوٻک هجي، ڪل تڏهن پيم جڏهن، هن ڀيري روحل واءِ ويس ته سج لٿو پئي، پري کان ڏٺم ته ماما جي اوطاَق آڏو، ٻه چار مُڙس واريءَ تي انگوڇا وڇايو نماز پيا پڙهن، ويجهو وڃڻ سان دنگ رهجي ويس. ڇا ٿو ڏسان ته سدائين مُلي نيڪوءَ تي ڪاوڙيل حليم، مُلي نيڪوُءَ جي پويان صف بند ٿيو، انتهائي باادب طريقي سان نماز پيو پڙهي.تڏهن نماز بعد چيم حليم، چئبو ته ڀاڳين جا ڀاڻا ڪڏهن خالي ناهن ٿيندا، آئون ويس ته تنهنجو به روح نه رهيو۽ مُلي نيڪوءَ سان ٻکجي منهنجي جاءِ وڃي والاريئي.!!
ڪجھ وقت اڳ ڪنهن پرائويٽ چينل تان حليم ۽ ماما جمن بابت هڪ ڊاڪيومينٽري ڏسندي اکين ۾ لڙڪ اچي ويم. سوچيم، ويهارو ورهِيه گذري ويا حليم اڃان به انهن حالن ۾؟ ؟ اهو حليم جنهن تي سنڌ ۽ سنڌي ناز ڪن ٿا، جيڪو جهرن جهنگن ۽قومي ڪاڄن ۾ جيئن جو تيئن ڳائجي ٿو، ڀانئيان ٿو ته تنهن حليم کان ڪڏهن ڪنهن سنڌي قوم جي رهبر، ڪنهن قومي ڪارڪن، ڪنهن انقلابيءَ جوڌي ڪڏهن اهوبه پڇڻ گوارا ناهي ڪيو ته هو ڪهڙي حال ۾۽ ڪيئن پيو وقت جو گاڏو گيڙي؟ ڪيئن ۽ ڪٿان ۽ ڪهڙي هنڌان پنهنجي خطرناڪ بيماريءَ جي مهانگي علاج جو بِلو ٿو ڪري؟ ڀانيان ٿو اها خبر هڪڙِي حليم کي، ٻي حليم جي رب کي ۽ ٽين حليم جي اُنهيءَ اڳوڻي قومي ڪارڪن يار کي هوندي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڏُک سُک ۾ ساڻس سَلهڙيو هلي.ايتري خبر مون کي به آهي ته اُن علاج جا وسيلا ڳوليندي هنن ٻنهي يارن سان وڏن ۽ ناميارن ماڻهن اهڙيون ته جُٺيون ڪيون جو مُڙسن، ميڙُون ڪري جانِ آجي ڪرائي. ڪاش حليم ڪنهن ٻئي هنڌ پيدا ٿئي ها ته اهڙي خوبصورت شاعريءَ تي قوم جو هيرو ٿي وڏن اعزازن ۽ وڏي ڌَن سان نوازجي ها. ها، اها سا پڪ اٿم ته پنهنجين روايتن پٽاندڙ، پوءِ( خدا نه ڪري جو ايئن ٿئي) حليم کي الائي ڪهڙا ڪهڙا لقب القاب ڏينداسين. اسٽيجن تي اچي مائيڪ ٽوڙي گهاٽي يارانيءَ جا ادبي لفظ ٻولي ٻه چار لڙڪ لاڙينداسين. خدا نه ڪري.
۽ جڏهن عمرڪوٽ جا وڻ وسايا هيم تڏهن عمرڪوٽ يا انهيءَ جي آسي هڪڙي جمن دربدر سان ٿوري گهڻي اڳ۾ به واقفيت هيم.
تن ڏينهين اليڪشنون ٿيون هيون، پيپلز پارٽِيءَ جو هڪڙو سُکيو ستابو، وڏيرو فنڪشنل ليگ جي گهڻ پڙهئي، ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي اسڪولي ٻارن جيان پڙهائيندڙ قانوندان کي هارائي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچي، وزير به ٿيو هيو. وزير ٿيڻ سان سندس رَوَين ۾ پڻ ڪافي تبديلي آئي هئي، موصوف، هرهڪ آفيسرسان انتهائي تيز ۽ تُند لهجي ۾ ڳالهائيندو هيو. جڏهن دڙڪي جي انداز ۾ ڳالهائيندو هيو ته، ڪامورڪي لَڏي جي بدن ۾ ڪنبڻي اچي ويندي هئي. جيتوڻيڪ عمرڪوٽ، سک ۽ سڪون وارو شهر هيو، گهڻا تڻا ماڻهو ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي هنگامن سُوران هتي بدليون ڪرائي ايندا هيا. هاڻي هن نئين صاحب جي داٻن، سندن مَتيون ئي مُنجهائي وڌيون هيون. جيتوڻيڪ هن کان پهرئين دور ۾ به کاروڙو سرسبز هيو ۽ سندس ويجهي عزيز جي هلندي پڄندي هئي، جيڪو تن ڏينهين هارائيندڙ گهڻ پڙهئي قانوندان جو اعتماد وارو ماڻهو ليکيو ويندو هيو. هنن ٻنهي پارٽين جي ۾ماڻهن جا عجيب رواج هيا، هڪڙي ڌر جا ماڻهو هميشه ڌيرج ۽ اخلاق ۽ پئسو هلائي آفيسرن کان جائز توڙي ناجائز ڪم وٺي ويندا هيا، نه ڪي داٻن، دڙڪن ۽ بدلين سان. ٻي ڌر وري داٻن سان اهو ڪم ڪندي هئي، ٿي سگهي ٿو ته داٻن ڏيڻ واري ڌر پاڪستاني سياست ۾ تمام گهڻو ڀوڳڻ باعث انهيءَ احساس محروميءَ جي ڪري ايئن ڪندي هئي. مزو اهو هوندو هيو ته عمرڪوٽ جي سياست جو مرڪز پوءِ به کاروڙو ئي هوندو هيو. اوطاق هوءَ هجي يا هيءَ، پر ماڻهن کي پنڌ کاروڙي جو نصيب ۾ لِکيل هوندو هيو.اسان جو پراڻو يار ڪامريڊ گوپال سنگھ سوڍو ته وڏي واڪ چوندو وتندو هيو ته ادا کاروڙي جي سيدن سان نه دوستي ڀلي نه دشمني ڀلي. ڳالھ پئي هلي جذباتي سائينءَ جي وزيرٿي ڪامورڪي لڏي کي داٻن ڏيڻ جي. خدا مونکي بچايو جو ڪڏهن سندس وَرِ ڪونه چڙهيس. سندس والد مرحوم ۽ ڀاءُ انتهائي ٿڌا، مٺڙا ۽شرافت جا پتلا هوندا هيا. تن سان کوڙ ساريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون.۽ ساڻن وڏي حجت به هوندي هئي
انهيءَ وقت عمرڪوٽ جي ڪاليج جو پرنسپال سائين مدد علي لغاري هوندو هيو، منهجي عمرڪوٽ جي ڪاليج جي پروفيسرن کان وٺي پٽيوالن سان دوستي هوندي هئي. آئون اڪثر ڪري شام جو بيڊمنٽن راند ڪرڻ لاءِ ڪاليج ويندو هيس. انهن ڏينهن ۾ منهنجي جماعتي يار سليم مهر، جو موجودھ روحل بس اسٽينڊ جي سامهون وارو گلشن سليم ڪنهن مالهيءَ جو انبن جو باغ هوندو هيو. تنهن مالهيءَ اها باغ واري زمين ويڪوُ ڪئي، ته سليم، توکان مونکان هُن کان هِن کان جهٽي پٽي، اهو باغ خريدي، وڏي وٺ وٺان بعد ان ۾ گلشنِ سليم جي نالي سان پلاٽنگ منظور ڪرائي هئي، تڏهن خبر پيس ته ان باغ جي مُهڙ ۾ خالي پلاٽ ڪاليج جو گرائونڊ آهي. کيس ان مان رستو کپندو هيو، مون سان ڳالھ ڪيائين ۽ مون سائين مددعليءَ کي چيو ته سائين همراھ کي هتان رستو کپي ٿو.سائينءَ اجازت ڏئي ڇڏي. ان وقت ڪاليج ۾، ٻه انتهائي تيز ۽ چالاڪ ليڪچرار هوندا هيا.جيڪي هونئن ته منهنجا به يار هيا ۽ آهن به، سي ٻئي مڙس ڪنهن نه ڪنهن سياسي ۽ سماجي مسئلي ۾ ٽَنگ اڙائڻ لاءِ هميشه ٻاڙيا ويٺا هوندا هيا، مزي جي ڳالھ ته ٻئي موصوف ڪڏهن به سامهون ٿي ڪنهن ماڻهوءَ سان ڪونه ڦٽائيندا هيا، سندس سوڍي واري ترار هوندو هيو سائين ثاقب آريسر، جيڪو صفا سنئون سڌو، هرڪنهن هٿ ملائڻ واري کي دوست سمجهندڙ، نيڪ نيت انسان هوندو هيو، پر منجهس وڏي ۾ وڏي خامي اها هئي ته هو هر هڪ جي ڳالھ تي اعتبار ڪندو هيو، هُنن جي جوڙيءَ کي جو فتنو لڌو، ته همراهن وڏا مرچ مصالحا ملائي، سائين ثاقب جي ڪن ۾ اها ڳالھ وڌي ته پرنسپال منهجي چوڻ تي چار پئسا وٺي پلاٽ جو غير قانوني قبضو سليم کي ڏياريو آهي. بس چوچڙي دکائي مڙس پاڻ هميشه جيان پاسيرا ٿي ويا، سائين ثاقب وڃي ڀنڀور کي باهيون ڏنيون، گهڙي نه گذري جو صوبائي وزير جي صلاح سان سائين ثاقب جي مدعيت ۾ سليم تي ڪيس داخل ٿي ويو، هوڏانهن سليم وارن به جماعت سڳوريءَ جي دور ۾ خلقن کي چڱا موچارا سورڏنا هيا، سو کيس به سڀڪجھ سُجهيو ٿي، همراھ پوليس جي پادرن جي ڀَئوَ کان روپوش ٿي ويو. تڏهن مون دوستيءَ جو ڀرم رکندي، وچ ۾ اچي سندس ضمانت ڪرائي هئي، جيڪا ڳالھ شايد انهيءَ دور جي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ڏاڍي ڏکي لڳي هئي۽ اهڙي پڪ به ڪونه اٿم پر هڪڙي ڀيري حاجي چنيسر مريءَ اهڙو اظهار ڪيو هيو ته، منهنجي بدلي به ٿي سگهي ٿي، حاجيءَ جڏهن اهو احوال مون سان ڪيو، ته مُسڪرائي چيومانس ته حاجي صاحب هن کان اوڀر طرف ته هندستان جو بارڊر آهي، ٿر ۾ حبيب بينڪ جي ڪابه شاخ ڪانهي، جيڪي ڪجھ ٿيو سو منهنجي ڀلي ۾ هوندو. وري به گهر جي ڪجھ نه ڪجھ ويجهو ته ٿيندس.
سليم واري سنگت تان ياد آيم ته، تن ڏينهين سليم جي گھڻ ڀلائيءَ واري ياري سرور پليءَ سان هوندي هئي. سرور پلي اڪثر ڪري سليم سان گڏجي بينڪ ۾ به پيو ڀيرا ڀڃندو هيو. پاڻ کي اها ڪل ئي ڪونه هوندي هئي ته سرور پلي به ڪو علم، ادب، شاعريءَ ۽ راڳ جي يونيورسٽيءَ جو بڻياد وجهندڙ پلي خاندان مان آهي. ڪافي ڏينهن بعد هڪڙي ڀيري سليم سان گڏجي خانصاحب عطا محمد پليءَ جي ڳوٺ ويو هيس. تڏهن ڪل پيم، ته مار هي ته وڏو اهم خاندان آهي. ها سرور پلي، ڪافيءَ جي ڀلوڙ شاعر راڄ محمد پليءَ جو پُٽ هيو، ۽ سنڌي غزل ۽ ڪافيءَ جا بادشاھ شاعر عبدالڪريم پلي ۽ ولي محمد وفا پلي سندس چاچا هيا. جيتوڻيڪ تن ڏينهين عبدالڪريم ۽ راڄ محمد پنهنجو وارو وڄائي چڪا هيا، سنڌي راڳ جي اها يونيورسٽي بند ٿي چڪي هئي، پر انهي جون باقيات اڄ به اعجاز پلي، رسول بخش، عطامحمد ۽ اصغر جي روپ ۾ موجود هيون. مون احترام م بند پيل اهو بنگلو به ڏٺو جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مهمان ٿي اچي ترسيو هيو. جيتوڻيڪ عبدالڪريم پليءَ جا پُٽ اعجاز ۽ رسول بخش راڳ جا وڏا پارکو لڳا هيم، پر اوڙي پاڙي جي ڳوٺن جا به ڪافي ماڻهو به راڳ جا وڏا ڄاڻو مليا هيا. جن مان سڀني کان وڏو مون وارو يار لائق ٿيٻو به هوندو هيو. پوءِ ته جهڙا ماڻهوءَ جا وارا نيارا ٿي وڃن، ايئن مون به پلين جي ڳوٺ جا ڀيرا ڪرڻ شروع ڪيا هيا. جيڪي اڄ تائين هلندا اچن.
نيٺ حاجي چنيسر واري ڳالھ سچي ٿي.الائي ته اهو ٿورو يارڙن ڪيو هيو، الائي پاڻهي ڪم ٿي ويو هيو، يا منهنجي قسمت کي ڪجھ ٻيو منظور هيو، سليم واري قصي جي هڪڙي هفتي اندر، اوچتو ئي هڪڙي ڏينهن عمرڪوٽ ۾ ويٺي ويٺي، کپري پَلاڻڻ جو نادري حڪم اچي پهتو. جيئن به ٿيو، جنهن به ڪرايو، انهي درويش کي شايد اها خبر ئي ڪونه پئي سگهي ته آئون عمرڪوٽ کان کپري پُهچي، پنهنجي ٻچڙن جي ويجهو ٿي ويندس. ها ڏُک صرف ۽ صرف اهو پئي ٿيم، ته جيڪا ڳالھ عمرڪوٽ ايندي ڪنهن چئي هيم، ته ماڻهو عمرڪوٽ ڏانهن بدلي ٿي ويندي به روئيندو ويندو آهي، ته واپس پنهنجي گهر ڏانهن ويندي به عمرڪوٽ ڇڏڻ جي ڏک ۾ روئيندو ويندو آهي. خير! منهنجون اکيون به انهيءَ عمرڪوٽ ڇڏڻ جي ڏُک ۾ پُسيون هيون، ٻه چار لڙڪ به لڙيا هيا، اهي لڙڪ ڪنهن ڏٺا ڪنهن نه ڏٺا پر منهنجن ڳَلن تان ڳَڙيِ، ٿر جي ٿڌڙيءَ واريءَ ۾ جذب ٿي ويا هئا، . نيٺ هڪ ڏينهن عمرڪوٽ جي گهاٽين نمن کان، مٺڙن ماڻهن کان، درن ۽ديوارن کان لڙڪ لاڙي موڪلايم ۽ اچي کپري جا وڻ وسايم.