آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

رائي پير رَتُ ڪيا

سنڌ جي ھن سٻاجھڙي ليکڪ امير بخش شر پنھنجي زندگيءَ جي لاھن چاڙھن، ڪاميابين ناڪامين، ڏکن ۽ خوشين کي قلم بند ڪيو آھي، اھو خود ھڪ حوصلي وارو ڪم آھي. ھو لکي ٿو:
”ها اڄ تائين سڀ ڪجھ سچ لکيو اٿم ۽ جيڪي ڪونه لکيو اٿم سو گهڙيءَ کن لاءِ توهان پڙهندڙ سمجهجو ته ڪوڙ آهي، ۽ اهو ڪوڙ آهي منهنجا عشق. هي سٽون لکندي اهي سڀ خوبصورت چهرا اکين آڏو پيا ڦرن. پر مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. هونئن به ڪير پيو پِيريءَ ۾ زالن جا سُهما سهندو. يا گنجي ٽِڪڻ تي سينڊل سهندو. باقي جي ٿي ملي موڪل ته خوشونت سنگھ جي ڪمپني آف وومين کي ميل نه ماريان ته پنهنجيءَ ڏِس کي گهروڙي ٻنهي هٿن جا ڀونڊا ڏجو.“
Title Cover of book رائي پير رَتُ ڪيا

21

انهن ڏينهن ۾ رام، مون کي سوزو پارڪ جي رستي تي واگھ بارڊر طرف وٺي ويو هيو. جيئن جيئن واگھ کي ويجها پئي ٿياسون، تيئن تيئن هندستان ڏانهن ويندڙ ماڻهن جون ۽ ٽرڪن جون قطارون ڏسي، بي اختيار رام کان پڇيو هيم ته هي ماڻهو ۽ هي ٽرڪون ڪيڏانهن پيون وڃن؟ هن وراڻيو هيو ته اهي مزدور آهن جيڪي انهن ٽرڪن ۾ لوڊ ٿيل ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيو سامان ٽرڪن مان لاهي پرينءَ ڀر پڄائيندا. ڏينهن گذري ويا، ورهيه گذري ويا، هڪ ڏينهن ڊان اخبار پڙهندي هڪڙي تصوير تي نظر پيم، هيٺان لکيل هيو ته هندستاني مزدور پاڪستاني مزدور کي واگھ جي بارڊر تي پٽاٽن جي ٻوري ڏئي رهيو آهي.اها تصوير ڏسندي ئي منهنجو هينئڙو حضرت نيڪڻ فقير نقشبنديءَ جي اڀاڳي ديس، ٿر طرف هليو ويو.جتان اڳي راجا جي ريل، هرروز ميرپورخاص کان مونابائو طرف روان دوان هوندي هئي.ٿرين جي بقول انهيءَ راجا جي ريل جو ڇڪ ڇڪ وارو خوبصورت آواز، ڀِٽن جي گھري خاموشيءَ کي چيريندو، عجيب قسم جي موسيقيت پيدا ڪندو ويندو هيو. ان راجا جي ريل جي ڪوڪ ٻُڌي، پري پري کان جانور ريل جي ويجهي اسٽيشن طرف ڊوڙندا هيا، ايئين لڳندو هيو ڀانءِ کين ڪنهن ڏورانهين سفر تي وڃڻو هجي ۽ متان ريل ڇُٽي نه وڃي. حقيقت ۾ اها ريل هزارين جانورن کي باقائدگيءَ سان پيئڻ جو پاڻي پهچائيندي هئي. جتي اها ريل سوين هزارين جانورن ۽ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي پهچائيندي هئي.اتي هزارن جي تعداد ۾ آس پاس جا ڳوٺاڻا مزدوريون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا هيا. اها ئي راجا جي ريل ٿر ۾ وسندڙ سوين راجپوت سوڍن جي ڏُور وسندڙ جيسلميري جوڌن سان مِٽيون مائٽيون ڪرڻ جو به سبب بڻجندي هئي.
بئراجي علائقي ۾ هن ريل جون اسٽيشنون شادي پلي، اڪڙي پٿورو، ڍورو نارو، هاسيسر، ساڍر، سومرا سر ۽ ڇور شهر جون ننڍيون وڏيون اسٽيشنون هونديون هيون. جڏهن ته ٿر ۾ نيو ڇور، واصل ٻاءُ، پرچي جي ويري، جالوءَ جو چوئنرو، هونديون هيون ۽ اڄ به آهن. ۽ اهي خيرن سان ويران ۽ ڀڙڀانگ، پنهنجي ماضيءَ جي حسين يادن ۽ حسين ماڻهن جي يادن کي ساري اڄ به اداس آهن.
چون ٿا ته ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي وڻج واپار جو اهم ذريعو، راجا جي ريل هوندي هئي.تڏهن ته اڄ به ڦٽين ٽاڻڻ جا ڦٽل ڪارخانا شادي پلي، پٿورو ۽ ڍورونارو ۾ پنهنجي وقت جي عظيم آثارن جي ڏِک پيا ڏيندا آهن.چون ٿا ته تڏهن عمرڪوٽ بجاءِ ڇور ۽ نئون ڪوٽ ٿر جا گيٽ وي هوندا هيا.۽ ريل جي سهوليت نه هجڻ سبب عمرڪوٽ پنهنجي اصلوڪي حالت وڃائي ويٺو هيو. راجا جي ريل جي بئراجي علائقن کي برباد ته سکر بئراج جي دروازن ڪيو هيو. جڏهن ناري کي دروازا لڳا، ناري جي نوابن جي لوڏ ۾ لَهس آئي، رتڙيا چانور گھٽ پوکجڻ لڳا.راجا جي ريل جي ذريعي ماڻهن جي توڙي ماڻهن جي فصلن جي پهچ خواجا اجمير تائين هوندي هئي. ايئن ڪيئي خاندان هتان لڏي هُتي آباد ٿيندا هيا ۽ مِٽيون مائٽيون ٿينديون هيون. سوڍن راجپوتن کان سواءِ انڙ آباد جي عبدالواحد آريسر کان وٺي لال محمد آريسر جون مِٽيون مائٽيون هُن ڀر هونديون هيون.اڄ به حويليءَ جو ڪاڪو ڪمل سنگھ سوڍو هُن ڀر پرڻايل نياڻين کي ساري ٿڌا ساھ ڀري ٿو. ته هوءَ مالهو ڀيلڻ هاسيسر جي ريلوي اسٽيشن جي بينچ تي ويهي پَن جي ٻيڙي دُکائي، هفتي ۾ هڪ وار گذرندڙ راجا جي ريل جي ڇڪ ڇڪ ٻُڌي، پنهنجن ڀيڻن ۽ ڀائرن کي ساري، وقت جي سرڪار کي هڪ ڪچي گار ڏَيو ڇڏي. جيتوڻيڪ هوءَ خود به هاڻ اها مالهو ناهي رهي، پر وقت جي تک ۾ وهندي، مسلمان ٿي مريم انڙ بڻجي چڪي آهي. اڄ به سڻهوئيءَ جا شيطان سنگھ سميت سمورا سوڍا پنهنجن پيارن ۽ پيارين کي پرڻائڻ لاءِ ٻاڙمير، مونابائو ۽ ڇوٽڻ وڃڻ لاءِ مهينن جا مهينا ويزا جا چڪر ٿا لڳائين. اڄ به ٽيڀريءَ جو عمر ڀنڀرو، جيسلمير چوڪيءَ جي جماعتين کي ساري هنجون هاري ٿو.اڄ به ڇور جو شريف ڊيزل، پنهنجي پياريءَ کي ڏسڻ لاءِ ٻاڙمير جا وڻ ڏسڻ لاءِ تڙپي پيو ٿو. اڄ به نيو ڇور جو راڄو حجام، پنهنجين نج نبار گھيه مان ٺهيل مٺائين جي خواجا اجمير تائين هاڪ کي ساري ٿڌو ساھ ڀري چوي ٿو، اهي ڀي ڪي ڏينهن هوندا هيا. جيتوڻيڪ هاڻي انهيءَ جانوءَ نهڙيءَ جي جاءِ الائي ڪنهن والاري آهي جنهن لاءِ مشهور هيو ته سندس سياڊپ سبب صدر ايوب خان کيس پاڻ سان گڏ ويهاري مانيون کارائيندو هيو. هاڻ جالوءَ جي چئونري جي انهيءَ لطيف سومري جي جاءِ الائي ڪنهن والاري آهي، جيڪو ايندن ويندن ڪامورن کي اجرڪون اوڍائِي کين ٿر جي ماروئڙن جا سُور پشاور جي قصاخواني بازار جي ڪنهن قصا گو جيان ٻُڌائيندو هيو. اڄ به گوئينداڻيءَ جو رهاڪو وڏيرو عبيدالله سمون، ٻاڙمير جي رهاڪو حاجي سمن جو ڍنڍ کي پار ٺاهي گابڙي راند ڪندي ٻُڏي مرڻ جا قصا وڏي طمطراق سان ٻڌائيندو آهي.اڄ به شفي فقير جي ورلاپ ۾ ايترو ته درد آهي، جوسندس اباڻي وطن ميڙاسر کان ٻاکاسر تائين اهو ورلاپ ڀِٽُن ۾ ور ور ڪري پيو گونجندو آهي، اڄ به ڀٽاري جو رهاڪو وسايو ڪنڀار، سرگوشيءَ جي انداز ۾راجا جي ريل جي ڊرائيور کي ڪاٺين جي ڀري ڏيکاري ريل بيهارڻ جو داستان فخريه انداز ۾ ٻڌائيندو آهي.۽ پوڙها ٿريا اڄ به کوکراپار شهر ۾ ارباب راهمي جي هوٽل ۾ ويهي حاجي سراج سومري جو، اقبال اينڊ ڪو ۾ سٺ روپين جي پگھار واري نوڪريءَ کان شروع ٿي ارب پتي ٿيڻ جو داستان وڏيءَ خوشيءَ سان ٻڌائيندا آهن.۽ اڄ به ڇاڇري جي ڌرتيءَ تي جونجهارن جو اوٽو، پنهنجي بهادر جونجهارن جي اولاد کي ڏسڻ لاءِ تڙپي ٿو. ته ڍيٻوڙيءَ جو عنايت نهڙي، پيراڻي جي پار جو حيات نهڙي۽ جمعون سومون جو ڄام مريد سمون، پَرينءَ ڀر وسندڙ پنهنجن پيارن کي ساري تڙپن ٿا ته ڀِٽاري جو ابراهيم ڪنڀار ڇوٽڻ ۾ پنهنجي ڏاڏي جي قبر تي قل پڙهڻ لاءِ هٿ مهٽي ٿو.
مڃون ٿا ته ”پاڪ وطن“ جي حاصلات لاءِ هنن ماڻهن، پنهنجن پيارن کي ساريندي ۽ آهون ڀريندي پنهنجون زندگيون گذاري ڇڏيون، پر پوءِ به وطني نه ٿي سگھيا. پرک جا ٻٽا معيار ته ڏسو جو پنجاب جو مسلمان چوڌري ۽ خالصو چوڌري هڪ ٻئي کي ايترو ته ويجها آهن جو ٻنهي پارن جون سايون ڀاڄيون ۽ ميوا شام ٿيڻ کان اڳ ٻنهي طرفن جي ڳوٺن ۾ پهچيو وڃن.۽ هن پار جا ٿريا اڌ صديءَ کان هڪ ٻئي جون شڪليون ڏسڻ لاءِ واجهائيندا وتن. اڄ جڏهن وقت بدليو آهي، دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي آهي، تڏهن اسان وارن صاحبلوڪن کي کوکراپار بارڊر کولڻو پيو پوي. راجا جي ريل جي پٽڙي روان دوان ٿيڻ لاءِ تياريون پئي ڪري، تڏهن مطالبن جي مارا مار شروع ٿي وئي آهي، ته کوکڙو نه کوليو.انهيءَ سان لوڌون اينديون، ڪٽڪ ايندا، جهيڙي واري ڳالھ اها آهي، اسان اڄ ڏينهن تائين واگھ وسيلي وطني ٿيندڙ ڪيترا ڪٽڪ روڪي سگهيا آهيون. کل جهڙي ڳالھ اها به آهي ته وطنين سان ويساھ گهاتيون ڪندڙ جماعت اسلاميءَ جو نيڪڻ فقير کوکراپار کولڻ جو وڏو وڪيل ٿي ميدان تي لٿو آهي ۽ سندس سامهون سنڌ جو هڪڙو وڏو دانشور پنهنجي پوري ٽيم سميت، پنجاب جي پاليسيءَ جي وڪالت بيٺو ڪري ته کوکروپار ڪڏهن به کولڻ ڪونه ڏبو. خبر ئي ڪونه ٿي پوي ته ڪير ڪنهن جي وڪيٽ تي پيو کيڏي؟ دعا ڪريو ته ويران اسٽيشنون جلد آباد ٿين، ٿر جي مسڪين ماڻهن کي روزگار ملي، ڇور شهر ۾ مرحوم جوڻيجي جون ٺهرايل ڪسٽم آفيسون جلد آباد ٿين. دعا ڪريو ته ستر ۽ اسيءَ جي وهيءَ جون ٻنهي طرفن جون مائرون، ٻنهي طرفين پرڻايل پنهنجي ڌيئرن کي اکين سان ڏسن. دعا ڪريون ته تمام جلد سنڌ جا انب، ليما، ڪيلا، بصر ۽ موريون انڊيا جي بازارن ۾ وڪامن. ان لاءِ اچو ته گڏجي دعا ڪريون ته کوکراپار جلدي کلي ۽ پاڻ راجا جي ريل جي ڇڪ ڇڪ ٻُڌون.
خير، پاڻ هلون ٿا واپس ڇور ڏانهن جتي چڱا موچارا مُهانڊا پنهنجي هن قصي جي انتظار ۾ هوندا. سو ڪجھ وقت بعد ڇور ۾ نوڪري هوندي به عمر ڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪيم، موجوده ٽائون ڪميٽي عمر ڪوٽ جي اڀرندئين گيٽ وٽ موجودھ دڪان واري جاءِ ۾ حبيب بينڪ هوندي هئي. ان جي مٿان موجوده فليٽ حبيب بينڪ جو گودام هوندو هيو.ان کي خالي ڪرائي ان ۾ رهڻ لڳس.ڇور ۾ ان وقت ڇانوڻي ڪونه هوندي هئي، صرف آرمي ڊيزرٽ وار فيئر اسڪول هوندو هيو. جنهن ۾هڪڙو ڪرنل، هڪڙو ميجر۽هڪڙو ڪيپٽن هوندا هيا ۽ باقي سپاھ هوندو هيو. پراڻي ڇور ۾ انڊس رينجرس جي 31 ونگ هوندي هئي جنهن ۾ صرف هڪڙو ميجر هوندو هيو. فوجي عهدا، ڊسيپلين ۽ انهن جي جوڙجڪ مون اتي ڏٺي ۽ سمجهي هئي. حالت اها هئي جو ڪرنل، ميجر سان ويهڻ ۾ عيب سمجهي، ميجر وري ڪيپٽن سان ويهڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي سمجهي ۽ ساڳي حالت صوبيدارکان سپاهيءَ تائين هئي.ان سڄي ڊسيپلين واري قصي ۾ڦاٿو هڪڙو بينڪ جو مينيجر.هڪڙو اٿي ته ٻيو ڪچهريءَ لاءِ اچي.ان ڪري جو آفيسر طبقي لاءِ پوري علائقي ۾ واحد سويلين آفيسر هيس.پر مزي جي ڳالھ اها هوندي هئي ته سپاهين لا به ڪچهريءَ جو واحد ذريعو آئون ئي هوندو هيس. جيتوڻيڪ سپاهي ۽ صوبيدار ويچارا مون کي سر، سر ڪري ڳالهائيندا هيا. پر جيئن ته منهنجي طبقي جا هيا ان ڪري آئون انهن جي آفيسرن کان وڌيڪ کين عزت ڏيندو هيس. فوجي ڀائرن سان انهن ڪچهرين جي دوران هڪ ڏينهن حيرت ۽ تجسس ۽ پريشاني تڏهن ٿيم. جڏهن هڪڙو ڄاتل سڃاتل مُهانڊو بينڪ ۾ لنگهي آيو.کيس شهر ۾ اڪثر ڏسندو رهندو هيس پر واقفيت نه هيم ۽ نه ئي واقفيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيم. موصوف مون سان هٿ ملائي سرگوشيءَ ۾چيو، ڪامريڊ فوجين سان گھٽ ڪچهري ڪندو ڪر، هتي ايجنسين جو ڄار پکڙيو پيو اٿئي ۽ اها مفت ۾ ڪيل، ڦلهر ٽَنگائي نه وجهئي. هن نئين همراھ پاران مونکي ڪامريڊ چوڻ حيرت جهڙي ڳالھ هئي. همراھ ته ايئن چوندو هليو ويو، پر مون کي ٿڌا پگهر اچڻ لڳا، ڳچ دير سوچيندو رهيس ته ڪامريڊي ڇڏيئي به ورهيه ٿي ويا آهن، هتي پيپلن سان پيپلو ٿيو پيو هلان ته وري ليگلن سان ليگلو. پوءِ هيءَ بلا ڪهڙي هئي جنهن ڪامريڊ چيو. نيٺ محمد رحيم سمي کي سڏي کانئس پڇيم ته هيءُ همراھ ڪير هيو.؟ جنهن ٻڌايو هيو ته موسميات کاتي جو آفيسر سهراب جنجهي آهي.سهراب جي ذات ٻڌڻ سان زير لب مسڪرائي ويٺس، پڪ ٿيم ته ڪامريڊ ڄام جو عزيز هوندو، ۽ مون کي چڱي طرح سڃاڻيندو هوندو ته هي پراڻو ڪامريڊ هتي ويٺو فوجين سان دوستيون وڌائي ۽ نڀائي. سوچيو هوندائين ته هن کي ڪل ئي ڪانهي ته سندس لاءِ توڙي سموري سنڌ جي پڙهيل لکيل سڄڻن لاءِ هنڌين ماڳين ڪوڙڪيون اڏيون پيون آهن.
ان زماني ۾ لال محمد سومرو ۽ لال محمد سميجو ٻئي ننڍڙا زميندار ۽ پيپلز پارٽيءَ جا همدرد هوندا هيا. پر جماعت سڳوريءَ سان به رهايو ايندا هيا، ايئن چئون ته ڪَن لڪائيندا وتندا هيا ته به ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ڪو جيلاني جماعت جو سهارو وٺندو هيو ته ڪو وري سرڪاري ملازمت جو، مڙوئي وقت پيو گذرندو هُين. تن ڏينهين انهيءَ تر ۾ هڪڙو نئون وڏيرو پيدا ٿيو هيو، جنهن جو اڌ خاندان دين سان واڳيل ڪمن ۾ اڳرو هوندو هيو. انهيءَ وڏيري لاءِ خلق خدا ڳالهيون ڪندي هئي ته دِين جي شوق بجاءِ ڌَن جي شوق ۾ هڪ سال جي پيادل جماعت سان پشاور ويو هيو ۽ اتان کان وِهاڻي ۾ ٻه ڪلو پائوڊر کڻي آيو هيو، جيڪا صوفي فقير جي ڳوٺ جي مسجد مان پڪڙجي پئي هئي. هن ديندار پوءِ به همت نه هاري هئي، وري ٻيو ڀيرو به مڙس دين جي ڀلي لاءِ تبليغ تي ويو ۽ هڪ سال جي جماعت سان پيرين پيادو هلندو هلندو ڪامياب ٿي اچي ماڳ تي پهتو هيو، ۽ پوءِ اِدهر ڪا مال اُدهر ڪندي، ٻه ڪلو پائوڊر جا ٻه ڪروڙ ڪمائي، ڀلوڙ جايون جوڙائي، ڳچ جيتريون زمينون خريدي، ڪافي ڪاروبار شروع ڪري، باقائدي نيڪ نمازي بڻجي ويهي رهيو هيو. منهنجي خيال ۾ خلق خدا هن ڏي هروڀرو جو آڱريون کڻندي هئي. هن جهان ۾ مُلو هجي يا موالي، پر نفس ڪنهن ڪنهن کان ٿو مَري. گهڻا تڻا اسان جهڙا نفس جا ٻڌا ٻانها ٿيا پيا هلن. سوچيان ٿو انهيءَ جي جاءِ تي اسان جهڙو هجي ها ته به ايئن ئي ڪري ها. رهيو سوال رب کي ريجهائڻ جو، سو تنهن لاءِ کوڙ ڄمار پئي آهي.
تڏهن ڇور جي ڇانوڻي نئين نئين ٺهڻ شروع ٿي هئي، اتي موجود ڪرنل، ميجر ۽ ڪيپٽن منهنجا گهاٽا يار هيا. جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ، آرمي جو چيف هيو، جنهن کي ڇانوڻيءَ جي پيڙھ جو پٿر رکڻو هيو، منهنجي يارن جي معرفت مون کي جڏهن انهيءَ تقريب ۾ شرڪت جو دعوتنامو مليو هيو، ته ڏاڍو خوش ٿيو هيس، ڇو جو مظلومين ۽ محرومين جي زندگِي گهاريندي ڪڏهن به اهڙي ڪنهن تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو هيس. جنهن ۾ ايڏو وڏو آفيسر هجي، ڀانئيان ٿو ته سموري تقريب ۾ سويلين چار ڄڻا هياسين. ڊپٽي ڪمشنر، ايس پي، سائين لال محمد ۽ آئون. جڏهن آرمي چيف سان هٿ ملايو هيم ته دل ۾ گد گد پئي ٿيس، ان وقت ڪامريڊي وغيرھ سڀ وسري ويون هيون، ٻيو ته ٺهيو پر تقريب ۾ پهچڻ لاءِ پِن جي موٽر سائيڪل تي وڃڻ وارو به احساس ڪونه رهيم، جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ سان ساڳيءَ ٽيبل تي ويهي ريفريشمينٽ ڪرڻ وقت به هوائن ۾ پئي اڏاميس. انهيءَ ئي شام جو جڏهن دعوت مان واندو ٿي بينڪ ۾وڃي ويٺو هيس، ته سدائين سامهون نمن جي ڇانوَ کٽن تي ويهندڙ سفيد ڏاڙهيءَ وارو پوڙهو ظفر اٿي ملڻ لاءِ آيو هيو، هن جيئن ئي مون سان ملائڻ لاءِ هٿ وڌايو، تيئن ئي مون پنهنجو هٿ پوئتي ڪندي مذاق ۾کيس چيو، ظفر ڀاءُ اڄ هيءُ هٿ مون آرمي چيف جهڙي اهم ماڻهوءَ سان ملايو آهي، ان ڪري آئون نٿو چاهيان ته اڄوڪيءَ تاريخ ۾ ڪنهن عام ماڻهوءَ سان به هي ساڳيو هٿ ملايان. جيئن ته ان وقت بينڪ مان سمورو عملو وڃي چڪو هيو، صرف اسان ٻه ئي هياسين جن اهي احوال پئي ڪيا. پوڙهي ظفرکِلندي کِلندي قميص جي پاسي واري کيسي مان هڪڙو ڪاغذ ڪڍندي پڇيو ته توهان کي ڪيئن دعوت ملي هئي؟ وراڻيومانس ته هي جو سڄو ڏينهن ڪرنل کان وٺي سپاهين کي پيو چانهيون پياريان سي ايئن ته ڪونه آهن.ضرور انهن دعوت ڏياري هوندي.!! منهنجي ورندي ٻُڌي مسڪرائيندي ڪاغذ مون ڏي وڌائي چيائين مينيجر صاحب آئون هن علائقي جي اهم ايجنسيءَ جو بارڊر تائين انچارج آهيان. آرميءَ وارن توهان سان گڏ کوڙ سارن سول ماڻهن جي لسٽ ڏني هئي جنهن مان مون صرف چار ماڻهو ڪليئر ڪيا هيا، هاڻ ٻڌايو ته توهان کي ڪنهن موڪليو هيو؟ ان وقت مون کي ڄام ساقيءَ جو عزيز سهراب ياد آيو، جنهن هَلي مَلهي اچي چيو هيو، ته ڪامريڊ خيال ڪر!! ان وقت خبر پيم ته هتي ته رڳو ايجنسيون پکڙيون پيون آهن، ميرمحمد ڀنڀري جي بقول ته ڇور ۽ عمرڪوٽ جو هر ٻيو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ايجنسين جو پگهاردار يا اطلاع ڏيندڙ آهي.ياد آيم ته عمرڪوٽ جي منهجي گهر جي ڀر واري جڳھ ۾ڪجھ ماڻهو رهندا هيا، جن مان عارف نالي هڪ همراھ سعيد آباد جو رهاڪو۽ سنڌي ڳالهائيندڙ مهاجر هيو، جيڪو اڪثر ڪري منهنجي ننڍڙي خادم کي تمام گهڻو فروٽ وٺي ڏيندو هو. ماڻهو چوندا هيا ته اهو به ڪنهن ايجنسيءَ جو ملازم آهي. تنهن هڪڙي ڀيري مونکي مانيءَ جي دعوت ڏني هئي ته وراڻيو هيومانس ٻيلي آئون ايجنسين جي ماڻهن کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. منهنجي اهڙي جواب تي کِلي پيو هيو ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن مونکي منهنجي ڳوٺ، گهر، گهر ڀاتين توڙي اوڙي پاڙي جي مڪمل خبر چار ڏيندي چيائين، سائين اسان وٽ توهان جي مڪمل ڊيٽا آهي، پر جيئن ته توهان هاڻي بي ضرر ۽ نڪما آهيو ان ڪري توهان تي وقت ڪونه ٿا وڃايون.
ڳالھ پئي هلي اهم ايجنسي جي پوڙهي ۽ ڇور جي، ان زماني ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن معاملي تان ڇڪتاڻ شروع ٿي هئي ته اسان جي سرڪارِنامدار وڏو همت ڀريو ڪارنامو سرانجام ڏيندي، بارڊر جي طرف 25 ڪلوميٽر تائين ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو هيو. مطلب ته ٿر جي بارڊر کان وٺي ايتري وڏي مفاصلي تائين جا پاڪستاني رات جو پنهنجي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن، نه ڄاڻ ڇو؟ يا ته هنن يارن کي هتي جي ماڻهن جي حب الوطنيءَ تي شڪ هيو، يا وري انهي ڪرفيو جي آڙ ۾ ڪو ٻيو ڪم ڪرڻو هين.خير اسان جي زونل چيف شبير سيتائيءَ کي اچي کوکراپار گهمڻ جو شوق جاڳيو، هرروز مون کي فون ڪري ته کوکراپار گهماءِ. هڪ ڏينهن انهيءَ پوڙهي ظفر سان ڳالھ ڪيم ته ڇاتي ٺوڪي چيائين هلو. مون حيران ٿيندي چيو، پر ڪرفيوءَ جو ڇا ٿيندو؟ ٺھ پھ وراڻيو هيائين، ته سائين انهيءَ جي پرواھ نه ڪريو. پوءِ۽ جڏهن اسانجو قافلو راجا واري ريل ۾ سڄو سارو گاڏو بوڪ ڪرائي کوکراپار روانو ٿيو هيو، ته ظفر به ٻئي ڪنهن گاڏي ۾ اسان جو همسفر هيو، کوکراپار اسٽيشن تي لهڻ وقت ظفر جا ماڻهو هن نئين مخلوق کي هتي ڏسي گهيري ويا، اوچتو ظفر ڪنهن گاڏي مان نروار ٿيو اکين اکين ۾ نه ڄاڻ ڪهڙا اشارا ٿيا، اسين ناپسنديدھ مان وي آئي پي ٿي وياسين. وڏي ۾ وڏو ممنوع ڪم يعني پنهنجي ديس جي حسين منظرن جي فوٽوگرافي به ڇيڪ ڪندا وتياسين ڪنهن ڪونه ٿي روڪيو يا پڇيو.واپسيءَ جو سمورو سفر جيپن جي ذريعي ڪري، پرچي جي ويري ۽ جالوءَ جو چونرو اسٽيشنون گهمندا آياسين پر ڪابه رنڊ روڪ ڪونه ٿي هئي.
ڇور جو ذڪر هلندي ڪن چڱن موچارن مهانڊن جو ذڪر نه ڪجي ته ڀانءِ ماڻهو ڪوڙهيو ٿي مري. سو يادگيرو ٿو اچيم ته هڪڙو عبد المجيد ناغڙ هوندوهيو، سڄي شهر جو ڪاڪو، تن ڏينهين ڀانيان ٿو ته سندس عمر 85 کن ورهيه هوندي هئي، پر بدن ۾ هٽو ڪٽو لڳو پيو هوندو هيو، مادري ٻولي ڀانيان ٿو اردو يا مارواڙي هيس، ورهاڱي وقت پريان کان آيل هيو، پر هتي رهي، هتي جو ئي ٿي ويو هيو، سنڌي ٻولي ۽ ان جي ڍاٽڪي لهجي تي عبور هيس. انگريز جي فوج کان وٺي پاڪستان جي ريلوائيءَ کاتي مان نوڪريون ڪري رٽائر ڪيو هيائين. ڇور ۾ چڱو موچارو ڪاروبار هوندو هيس، ڪروڙپتي هوندو هيو. پر سندس وات مان گار ايئن نڪرندي هئي ڀانءِ اها به سندس ٻوليءَ جو حصو هجي. جيئن چوندا آهن ته چري به ڀونڊي مان سمجهندي آهي تيئن ڪاڪو مجيد اهو ضرور سمجهندو هيو ته اڳلو گار سهڻ جهڙو آهي يا نه. پوءِ جي سهڻ وارو هوندو هيو ته الله ڏئي امان، سگريٽ جي سُوٽي سان گار جا ڌوڙيا هوندا هيا، خلق ڪنن جي پاپڙين تي هٿ رکي ڀڄڻ جي ڪندي هئي ۽ ڪاڪي جون هڪلون هونديون هيون.ڳالھ ڪندا هيا ته هڪ ڀيري ڪاڪي جي گارين کان بيزار ٿي جمن ڀنڀري، لال محمد سميجي ۽ ٻين دوستن ڪاڪي کي ٺيپ ڏيڻ جو پروگرام ٺاهيو، سو به ايئن جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي.صلاح سان وٺي ڪاڪي کي پوزيون ڏنائون ته تون پوڙهو هوندي به پهلوان آهين اسان مان ڪنهن سان ملھ وڙه ته خبر پئجي ويندئي. ڪاڪو ملھ لاءِ تيار ٿي ويو، مقررڏينهن تي لال محمد سميجي ۽ ڪاڪي جو مقابلو ٿيو، ان زماني ۾ لال محمد جي عمر مشڪل سان چاليهارو کن سال هوندي ۽ ڪاڪو 85 جو هيو.سندرا ٿيا، صلاح موجب لال محمد پنهنجو پاڻ ڪاڪي جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪاڪي مجيد اندريان ٻاهريان جانٺا هڻي وڃي لال محمد کي ڪيرايو، تاڙيون وڄي ويون، ڪاڪو هڪڙي ٽنگ تي پيو نچي، نچيو نچيو اچي لال محمد جي ٻوٿ ۾ ڀونڊا گھروڙيو رکي. صلاح موجب ٻيءَ ملھ لاءِ لال محمد انڪاري ٿي بيٺو، ڪاڪي هڪلون ڪري ٻولائي اٿاريس، وري سندرا ٿيا، هاڻي لال محمد ٿري ملهن واري ڪانءَ بولاٽي کائي ڪاڪي کي اهڙو ته پُٺو هنيو جو مٿو مٿي تي ڏئي واريءَ ۾ پوريل سر تي اچي هنيائينس. مٿان مڙس جو مٿو ۽ هيٺان پڪي سر، ڪاڪو ڍَڪرجي ويو، تريون هنيائون، هٿ پير مهٽيائون، تڏهن وڃي ڪو ڪلاڪ کن کان پوءِ ڪاڪو هوش ۾ آيو.سڀني کي پڪ هئي ته ڪاڪو هاڻ گار ڪونه ڏيندو، پر سامت ۾ ايندي ئي ڪنڌ ڌوڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاري سڀني کي ڀونڊو ڏيندي، انتهائي ڪچي گار ڏيندي چيائين، اوهان ته پروگرام ٺاهيو هيو، پر آئون اوهان جي پيءُ ڏاڏي کان ڪونه مرندس.
تن ڏينهين ڌاڙيل شريف ڪالرو، سندس ڀاءُ سليمان ڪالرو ۽ ڦلهڏين جو محمد رحيم شر اويل سويل مرحوم نوري آريسر وٽ اچي ڪن لڪائيندا هيا. اها ڳالھ ٻڌي محمد رحيم شر، ڇاتيءَ تي هٿ هنيو ته انهيءَ همراھ کان آئون گار ڏيڻ ڇڏائيندس، توهان رڳو مونکي ڏيکاريو. پروگرام موجب هڪ ڏينهن محمد رحيم، بگي ڪهاڙي کڻي وڃي سندس دڪان تي چڙهيو.خبر چار وٺڻ وقت ڪاڪي کي پنهنجو صحيح نالو ۽ ذات ٻڌائيندي چيائين ته منهنجو والد گذاري ويو آهي، ڪالھ منهنجي امڙ جي عدت پوري ٿي آهي. فيصلو ڪيو اٿم ته امڙ جي شادي ڪرايان، ان لاءِ توهان وٽ آيو آهيان ته توهانجي به گھر واري گذاري وئي آهي ۽ توهان هلي منهنجي ماءُ سان نڪاح ڪريو.ڪاڪو اهڙي ابتي خبر ٻڌي ششدر ٿي ويو، هيڏانهن محمد رحيم به ضد ڪري بيٺو ته آئون پنهنجي ماءُ کي گار ڏئي چڪو آهيان، هل هلي نڪاح ڪر نه ته، هيءَ ڪهاڙي هڪڙي هڻندوسانءِ سِسِي هُتي پئي هوندئي، هوريان هوريان ٿيندي ممڻ متو، محمد رحيم جو ڪهاڙيءَ جون الرون، ڪاڪي مجيد جون رڙيون، خلق جي جهل جهلان. سڄو شهر اچي گڏيو جيئن تيئن ڪري ڪاڪي جي جان آجي ڪرايائون.ڪجھ ڏينهن ڪاڪو جهڪو ٿيو، جو مٿان منهنجي ڇور ڏانهن بدلي ٿي، خبر پيس ته ڪوئي شر بينڪ جو مينيجر ٿي آيو آهي، ڪجھ ڏينهن پڇائون ڪندو رهيو، ته هُن ڪهاڙيءَ واري جهڙو ته ڪونهي، جڏهن پڪ ٿيس ته جهيڙي ڦڏي وارو ڪونهي، پوءِ ته محمد رحيم جون سڀ ڪسرون مون مان ڪڍيائين، هر روز صبح جو منهنجي ٻُهڻي ئي گار سان ڪرائي، دڪان تان ڦيرو ڏئي پنج ست گاريون ڏئي هليو وڃي. هڪ ڏينهن پڇيو مانس ڪاڪا ڀلا مون تنهنجو ڏوھ ڪهڙو ڪيو آهي جو روزانو گارين جا ڌوڙيا لايو بيٺو آهين.؟ ته چيائين يار هُن لوفر شر مونسان اهڙي جُٺ ڪئي هئي جهڙي هيڏي ساري ڄمار ۾ ڪنهن نه ڪئي. ان ڪري شر ذات ٻُڌان ٿو ته منهنجي بُت تي ڪيڙيون ٿيون چڙهن ۽ لهن.ڀانئيان ٿو توکي ڪچو کائي وڃان.
پراڻي ڇور، جنهن کي گهڻا ماڻهو ڇور ٽيشڻ به چون ٿا، سا جوڌپور جي راجا جي ريل جو جنڪشن اسٽيشن هوندي هئي ۽ اڄ به آهي. اسان کي جنهن زماني ۾ ڇور جا وڻ وسائڻا پيا هيا، تنهن زماني ۾ ڇور جي اسٽيشن ۽ ان جي آس پاس جي دڪانن آڏو نمن جا وڏا وڏا وڻ بيٺل هوندا هيا. جن جي ٿڌڙي ڇانو ۾ ٿر مان ايندڙ ۽ ويندڙ مسافر پنهنجي مڏي سيرانديءَ ڪيو، آڏا پاسيرا ٿي سمهي، سفر جا ٿڪ پيا لاهيندا هيا. ته ڪي وري سفر جي تياريءَ لاءِ مال مڏي سوريندا نظر ايندا هيا.هتان کان اڳتي ٿر ڏي واهن جي پاڻيءَ جي وڃڻ جو ڪوئي رستو ڪونه هوندو هيو. شايد انهيءَ راجا جي پاران يا انگريزن جي پاران اهو انتظام هوندو هيو ته جيڪا به ريل گاڏي هتان کان اڳتي ٿر ڏي ويندي هئي سا انسانن توڙي جانورن جي پيئڻ لاءِ هتان پاڻي کڻي ويندي هئي. جنهن لاءِ ٻه مخصوص پاڻيءَ کڻڻ وارا ٽانڪين جهڙا گاڏا انهيءَ ريل ۾ هتان کان جوڙيا ويندا هيا. جيڪو پاڻي اهي رستي ۾ ايندڙ اسٽيشنن تي سرڪار طرفان سيمنٽ سان ٺاهيل وڏن ڍڪيل تلائن ۾ لاهي جمع ڪري پاڻ ڇڪ ڇڪ ڪنديون اڳتي راهي ٿينديون هيون.
۽ جڏهن پهريون ڀيرو راجا جي ريل رستي کوکراپار پئي ويس ته جالوءَ جي چئونري جي ريلوي اسٽيشن تي پهچڻ کان اڳ ۾ ريل گاڏيءَ جيئن ئي سيٽي وڄائي هئي، ته منهنجي حيرت تيئن ئي وڌڻ لڳي هئي جو ٿر جي جهنگ ۾ بنان ڪنهن ڌراڙ جي جل چرندڙ جانور، رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون، اُٺ ۽ گڏھ، ريل گاڏيءَ جي سيٽي ٻڌندي ئي ٽهي پري ڀڄڻ جي بجاءِ پُور سِراڙي ۾ ڪُڏڪار ڪري ريل ڏي ڊوڙڻ لڳا هيا. سندن ٽهي ڀڄڻ بجاءِ ريل جهڙيءَ بلا ڏي ڊوڙڻ جي ابتي عمل تي ڏندين آڱريون ڏئي ڀر ۾ ويٺل سنگتيءَ شريف ڊيزل کان حيرت مان پڇيو هيم ته ” شريف هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي جو هي جانور ريل ڏي ڊوڙندا اچن“؟ هن وراڻيو هيو” ٻروچ! تون بئراجن واري علائقي جو ماڻهو آهين، تو وٽ پاڻيءَ جون پلورون آهن، ۽ توکي ته پاڻيءَ جي نه هجڻ جو احساس ئي ڪونهي. هتي ڏس هي مال ڀٽارو به ريل جي ٽائيم تي سيٽي ۽ ڇڪ ڇڪ جي آواز تي پاڻهي ڊوڙندو صرف اُڃ اجهائڻ ٿو اچيو وڃي ۽ جيڪر ريل هڪڙو ٻه ڏينهن نه به هلي تڏهن به هي گگدام ريل گاڏيءَ جي ٽائيم تي هتي پهچي انهيءَ سيٽيءَ ۽ ڇڪ ڇڪ کي ڪنائيندا رهندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ويچارا گگدام اڃيا ئي واپس هليا وڃن.انهيءَ مان اندازو لڳاءِ ته اسان ٿر جي ماڻهن توڙي اسان جي جانورن وٽ ڳائي ۽ ماهئي گهيه کان وڌيڪ قدر پاڻيءَ جي ڦڙي جو آهي.
هن جي انهيءَ جملي منهنجا وار اڀا ڪري ڇڏيا هيا، سوچيو هيم ته بي زبان جانور به اها سمجھ رکن ٿا ته هيءَ ريل سندن اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي ٿي آڻي.!! پوءِ آئون کانئس گهڻو ڪجھ ٿر جي باري ۾ ٻڌندو، سِکندو ۽ پرائيندو رهيو هيس. سو شريف نهڙي عرف عام ۾ ڇور شهر ۾ شريف ڊيزل سڏبو هيو. مون جڏهن کيس ڏٺو هيو تڏهن هو ڊيزل وڪڻندو هيو، ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ سبب يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ماڻهوکيس شريف ڊيزل سڏيندا هيا ۽ ڀائنيان ٿو ته اڄ به سڏينس ٿا. هو مڙس ننڍي هوندي ته الائي ڪيئن ۽ ڪهڙو هيو پر جڏهن مون سان ياري ٿيس ته وڏي کِٽ هوندو هيو. پهرين ڳالھ ته سندس وات ڪچهريءَ ۾ جيڪي به اکر نڪرندا هيا سي سڀ ڪاروباري دنيا بابت هوندا هيا، ڪهڙو ڌنڌو ڪجي، ڪهڙيءَ شيءَ کي اسٽاڪ ڪري رکجي، پئسي مان پئسو ڪيئن ٺاهجي وغيرھ وغيرھ. ٻي ڳالھ ته ڀوڳ چرچي ۾سندس وات مان نڪرندڙ هر گفتو تور تڪ سان اهڙو ته پڪو ۽ ٻه ٺَپيو نڪرندو هيو، جو انهيءَ جي ذو معني واري مطلب تي اڳلي جا ترا نڪري ويندا هيا.
هو بنيادي طور هڪڙي مسڪين ٿرئي مٺا خان نوهڙيءَ جو ٻار هيو، سندس والد مرحيات ڪوئلا ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هيو ۽ ننڍي هوندي هي به پيءُ سان گڏ جهنگ مان ڪاٺ وڍي ڪوئلا ٺاهي، انهن ڪوئلن جو ٻوريون پُٺن تي ڍوئي وڪڻندو هيو. ايئن ٻاروتڻ کان ڪوئلي جي لينگهن ۾ ٿَڦجي جوانيءَ تائين پهتو هيو ۽ جوانيءَ ۾ ٻاروتڻ جي کاڌل سورن جو احساس دل ۾ رکي سخت محنت سان گڏوگڏ پنهنجي تجربن جي آڌار نيون نيون حڪمت عمليون اختيار ڪندي ڪندي هوريان وهيءَ جي موٽڻ جي رُت ۾پنهنجي مڇيءَ مانيءَ وارو ٿي پيو هيو يا انهيءَ کان به مٿي چئون ته ٽيڪجي پيو هيو، ۽ انهيءَ زماني ۾ ئي مون ڇور جو شهر وڃي وسايو هيو، جو مون سان ياري ٿي هيس، تڏهن هن وٽ ٻه عدد پيٽرول پمپ هوندا هيا ۽ ڇور شهر ۾ به گهڻي تڻي ڪاروبار تي حاوي هوندو هيو.
شريف نوهڙي سنڌيءَ جا ٻه چار ڪتاب پڙهيل هيو، پر هينئين جي زور تي انڌي منڊي انگريزي پڙهي، لکي ۽ ڳالهائي به سگهندو هيو. گهٽ پڙهيل هئڻ جي باوجود به آرڪيٽيڪچر جو اهڙو ته ماهر هوندو هيو جو چڱن موچارن انجنيئرن کي هوند مات ڏئي وڃي. تنهن زماني ۾ جنهن به سکئي ستابي کي پنهنجو پڪو گهر جوڙائڻ جو خيال ٿيندو هيو ته انگوڇو ڪلهي تي رکي هلندو هيو شريف ڊيزل ڏي. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ويٺي جڏهن هو صلاح وٺندڙن جي آڏو سفيد ڪاغذ رکي پينسل سان پلڪن ۾ اڳلي جي گهر لاءِ ڪنهن ماهر انجنيئر جي ماپ موجب ليڪا پائي، خوبصورت نقشو جوڙي اٿندو هيو ته مون جهڙي ڪتابيءَ کي، شريف ڊيزل جهڙي اڌ پڙهيل جي انجنيئري دماغ تي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. رڳو ليڪا پائڻ تي بس ڪونه ٿيندي هئي اڳلي جي گهر ٺهندي هرروز هلي وڃي کيس توڙي رازن کي نيون نيون صلاحون ڏيڻ به شريف جي فرض ۾ شامل هوندو هيو. جيسين اڳلي جي جاءِ جُڙي راس ٿئي شريف جا انهيءَ تي ڦيرا هوندا هيا.
منهجي ساڻس لوهان لوھ ياريءَ ۾ هڪٻئي سان ڪڏهن پڪا ته ڪڏهن مورڳهين اگهاڙا چرچا گهٻا ته هوندا ئي هوندا هيا، پر ڪڏهن ڪڏهن اگهاڙين گارين کان لنگهي وڃي هٿ کس تائين پُڄندا هياسين. ايئن ئي هڪڙي ڀيري 30 جون جي ٽاڪ منجهند جو ڇور مان شريف جي جيپ ۾ ڊاڙا ٺڪاءُ هڻندا عمرڪوٽ پيا وڃون، رستي ۾مون ٻروچڪي ڦني خاني ڏيکاريندي چيو مانس، ”شريف! آئون ايترو ڏاڍو مڙس آهيان جو هينئر جو هينئر منهنجي رڳ ٿِڙي ته هتان ئي هتان توکان هيءَ جيپ ڦُري سگھان ٿو. جيتوڻيڪ منهنجي ڳالھ گڏھ جي ٽِٽَ کان مٿي ڪجھ به ڪونه هئي. اڳيان به اهڙو ڍاٽي هيو جنهن گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو هيو ۽ مڙس به ڏاهو هيو. مون واري ڳالھ ٻڌي جيپ جي ڊيش بورڊ تي پيل منهنجي سرڪاري ڪاغذن جو فائيل کڻي ٻاهر اڇلڻ جي انداز ۾ رڳو ٻانهن ٻاهر لڙڪايائين، گڏوگڏ جيپ جي بريڪ تي پير رکيائين.مون جو سرڪاري ڪاغذ هٿن مان ويندي ڏٺا ته بريڪ لڳندي ئي ٽپ ڏئي جيپ مان لٿس.همراه فائيل هٿ ۾ لوڏيندو جيپ جا زوزاٽ ڪڍائيندو مونکي اهو چوندو ويو ته هاڻ اهي پنج ميل پنڌ جا ڪري عمرڪوٽ پهچ، پوءِ ڏسنداسون ته تنهنجي ڏاڍ مڙسي ڪيتري آهي. ۽ تنهن ڏينهن ٽاڪ منهجند جو۽ ڌر تتيءَ جو ڪابه سواري ڇور کان عمرڪوٽ ڪونه آئي ۽ پنڌ ڪندي سخت اڃ ۾ منهنجو پگهر کُڙين تائين وڃي پهتو هيو. ۽ پوءِ اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن مون اهڙي جُٺ ٿيڻ بعد وسين لڳي، اجائي ڦلر هڻڻ کان توبھ ڪري ڇڏي.
تنهن زماني ۾ اڃان پاڪ هند بارڊر تي تارون ڪونه لڳيون هيون، رڳو پري پري سڃاڻپ لاءِ ايڪڙ ٻيڪڙ سيمنٽ جا ٿنڀا هوندا هيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي دنگ طور سُڃاتا ويندا هيا، ۽ تڏهن هتان کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هتي ڪاري ڪاوبار جو عروج هيو ۽ پاڻ وارن ”ڏاڍن مڙسن“ جي مدد سان، ٻين کوڙ سارن وکرن جي پرتي وڃڻ سان گڏ ” ٽڪُنڊيون“ به جام اُڌر سي اِدهر ٿينديون هيون.۽ ڏسندي ڏسندي راڄ مڙسن جا سستيءَ ٽڪنڊيءَ تي اکيون پوري لهي پيا هيا، رڳو سج لهڻ جي دير هوندي هئي چئوطرف مئي خانا ئي مئي خانا نظر ايندا هيا. تڏهن اسان وارو يار ۽ غريباڻو ٻار شريف ڊيزل به ڍئو جهلي ڪونه سگهيو ۽ آپي کان نڪرندي، پنهجي اصليت وساري ٽڪنڊيءَ سميت ٻين به کوڙ علتن ۾ وٺبو ويو. تان جو ٿيندي ٿيندي هڪڙو اهڙو ته وڏو لوڏو آيس، سواءِ گهر جي ڇانو جي، وڏن ڪشالن سان جوڙيل سمورِيءَ ملڪيت جو جهان واريءَ جي مُٺ جيان هٿن مان وهي هليو ويس. دودھ ڪا دودھ رهي ها ته به چڱو، مورڳهين پاڻي ڪا پاڻي وڃي بچيو هيو. اڳي گاڏيءَ مان ڇنڊي ڦوڪي زمين تي پير رکڻ وارو شريف ڊيزل ڏٺو هيوسين ته وري پوءِ لوڪل لارين ۾ ڳاڙهو کٿو اوڍي هلندي به هنن اکين شريف ڊيزل کي ڏٺو.
انهيءَ ڌڪ کي پچائڻ هن لاءِ جيتوڻيڪ ڏاڍو ڏکيو هيو پر چوندا آهن ته ” ٺوڪر کا ڪر سنڀلني والي، جيت هي تيري هار نهين.“ هن به ٺوڪر کاڌي هئي، سا به جهڙي تهڙي نه پر جتي پير هيس اتي مٿو وڃي لڳو هيس. هاڻي هو اڪيلو ڪونه هيو، پر ولر پُٽن جو به جوان ٿي چڪو هيس، ۽ مٿان وري قدرت جو ڪرم اهڙو ٿيس جو سڀ پٽ سپوٽ هيس، سڀني گڏجي وري نئين سنئين منڊليءَ کي مچائڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي ٿورڙن ئي ورهين ۾ پنهنجي اجڙيل سموري ڪاروبار کي وري وڃي ساڳيءَ اوج تي پهچايائون، پر جيڪڏهن چئجي ته اڳئين کان به اڳرا ٿي اُڀريا ته انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ڇو جو خوشحاليءَ سان پاند پوندي ئي، انهيءَ شريف ڊيزل جنهن جي ابي ڪڏهن وڏا شهر ڪونه ڏٺا هيا. تنهن شريف نهڙيءَ وڏي جدوجهد بعد هڪڙي پُٽ عبداحميد کي چار ورهيه اڳ آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ڪامرس جو علم پڙهڻ لاءِ موڪلي ڏنو. جيڪو به هاڻي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ وارو هوندو. اسان جهڙا عام ماڻهو جيڪي هر ڳالھ لاءِ ڪن لاٽار ڪندي عام طور تي اه ئي چوندا آهن ته ادا ڇا ڪريون غريبت آهي، نه ته اولاد کي پڙهايون ها. تن لاءِ هيءُ هڪڙو اهو هڪڙو سبق آهي جنهن جو ڪوئي نعم البدل ناهي. ته ٿر جي ڀڙڀانگ ٿيل هڪڙي ڳوٺ جي رهاڪوءَ ۽ ڪوئلا ٺاهي، گهٽي گهٽي ۾ هوڪا ڏئي وڪڻندڙ مزدور جو پُٽ جيڪڏهن آسٽريليا تائين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي سگهي ٿو ته جالوءَ جي چئونري جي ڌراڙ، واصل ٻاءِ جي اوٺار، کاروڙي جي ڪنهن ميهار، مانڌل جي ڪنهن هاريءَ ۽ ٽيڀريءَ جي ڪنهن حر مجاهد جو پُٽ به لنڊن ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ پڙهي سگهي ٿو. تنهن لاءِ ضرورت آهي سّخت محنت ڪرڻ جي ۽ پنهنجي ڌُن ۾ پڪي هجڻ جي، جيئن شريف ڊيزل ڪري ڏيکاريو آهي تيئن اسان جي ملڪ جي غريب ماڻهن کي به محنت ڪري اولاد کي اڳتي پڙهڻ لاءِ ٻاهرئين ملڪن ڏانهن موڪلڻ گهرجي.

تن ڏينهين امراڻي جي تخت گاھ امرڪوٽ ڪامورڪي لڏي لاءِ ڪاري پاڻيءَ طور مشهور هجي، صاحب لوڪ جڏهن به، جنهن تي به بِگڙن ته امراڻي موڪلڻ جي سزا ڏيو ڇڏين. اهڙي سزا جڏهن مونکي به مِلِي ته ٻچڙن کان موڪلائيندي اکين جون ڪُنڊون پُسائي ويٺس، امرڪوٽ جي ڪنهن واقفڪار چيو هينئون نه هار، امراڻو اهڙو اٿئي جو اوڏانهن بدلي ٿي ويندي هرڪو آفيسر روئيندو ويندو آهي، اتي پهچي هميشھ لاءِ اُتي جو ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن واپس بدلي ٿيندي اٿس ته به امراڻو ڇڏڻ جي ڏُک ۾ روئيندو ايندو آهي. ٿيو به ايئن امرڪوٽ پهچي منهنجي هينئين کي ٿڌڙيون هيرون لڳڻ شروع ٿيون. واندڪائيءَ ويل امرڪوٽ جي قلعي جي توپن واري بُرج تي چڙهيو وڃيو ويهان. تصورن ۽ خيالن ۾ ڏسان ته اُتر اوڀر جي ڪُنڊ تان شاه عنايت شهيد جي روپوش سپاهي نماڻي شاه جو روح تجلا ڏيندو پيو سلام ڪريم، ته ڪڏهن بي بي مِٺان پنهنجا شفيق هٿڙا منهنجي مٿي تي ڦيري دعائون پئي ڏئي. ڏُور پريان کان نصرالله ولي ۽ عيسب فقير جهڙا شهيد آجيان بيٺا ڪن. ته سَرِ اتران وري گجو راڻو پيو کيڪاريم. اوڀر ڏي ڏسان ته ڇاڇري مان جونجهارن جي اوٽي جا شهيد تاريخ جي ورقن مان نڪري سرخ سلام پيا ڪن ته ٻاون جي ٻيسڻي جا ڀڪشو هٿ ٻڌي پرنام پيا ڪن، ڏکڻان وِهري شريف مان ميون جان محمد پيو مسڪرائي. ته ان زماني جي زندھ درويش بيبي راحت هٿ کڻيو پئي دعائون ڏئيم، اولهين ڪُنڊ مان ابوالفضل، فيضيءَ، بيربل ۽ ملان دوپيازھ جو يار اڪبر پنهنجي جنم جي جاءِ تان ڀيرا ڏيندي پيو ڏسان. ايئن امراڻي جي اوليائن ۽ زندھ درويشن مونکي هميشھ لاءِ اتي جو ڪري وڌو. تڏهن هرچند راءِ ۽ الحداد کوسي جوامرڪوٽ اهڙو نه هيو جهڙو اڄ آهي. هرروز روڊ ڌوپندا هجن، نه ڪوجهيڙو نه جهٽو، نه ڪو چور نه چَڪار، سُک ۽ شانتي، دک درد جو پري پري تائين نه نالو نه نشان. هندو هندو نه هجن ته مسلمان مسلمان نه، سڀ ڀائر، هڪڙي گهر جا ڀاتي، ڏک ۾ سک ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي، عيدون هوليون، دسهڙا ڏياريون سڀ گڏجي ملهائين، کاروڙي جي موجودھ صوبائي وزير علي مردان شاھ جو والد مرحوم حاجي ميان شاھ ۽ غلام رسول شاھ المعروف ٻائو شاه ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳن ڀوڳن ۾ مون کي اچيوچون ته هاڻي امراڻي ۾ شر آيو آهي، چوريون ته ضرور ٿينديون. ان قرب ۽ان پيار۾ منهنجي جوانيءَ جا لڳ ڀڳ اٺ ورهيه ايئن گذريا جيئن ڪالهوڪو ڏينهن. امرڪوٽ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ منهنجون يادون اڄ به مون کي پڪارين ٿيون، اها چنڊال چوڪڙي اڄ به ساري ٿي جنهن لاءِ هي سٽون لکڻيون پيون آهن.
امرڪوٽ ۾ نوڪريءَ دوران ڪامريڊن جي چنڊال چوڪڙي اچي گڏ ٿي، شام ٿئي ته ڪچهريون شروع ٿين.امرڪوٽ جي شامُن جون اڪِثر ڪچهريون چُڪي جي پياڪن جون مچن.پر هن چنڊال چوڪڙيءَجا سڀ ڪامريڊچُڪي چاڙهڻ کان ڀڳل هجون، لائق ٿيٻو، ڊاڪٽر عزيز، ڊاڪٽرحاجي راهو، مبارڪ کوسو، ڀلو فقير، جمن دربدر، شفي فقير، حليم باغي، ٻيا الائي ڪيترا، مطلب ته ٽولو ئي چونڊجي گڏياسين. ثاقب آريسر، جماعت اسلاميءَ مان شايد رُسي نڪتو هُجي.سوبه اچي مليو، ثاقب، جماعتي عمائدين۽ اڪابرين کان مٿئين ڏاڪي جو ماڻهو هجي، سو ڪڏهن ڪڏهن اچيو ڊپ ورائي ۽ هڪ ٻئي کي چئون، ٻيلي خيال ڪيو، مڙس ۾ٻيو ته ڦند ڦير ڪونهي، پر ڪيسن ڪرڻ جو مڙوئي شوق ججهيرڙو اٿس. ويجهي عزيز ڪمال الدين آريسر کان به ڪونه مُڙيو، سو پاڻ هن جي آڏو ڪجھ به ناهيون. يار سوچي سمجهي ڳالهايو، نڀاڳو ٽنگائي نه وجهي. ثاقب مان گهڻيون ارڏايون ته لائق ٿيٻو روزن جي ڀلاري مهيني ۾ وِچينءَ ويل مٿينءَ واءُ تي گِدرا کائي ڪڍي چڪو هيو، پوءِ به اڃا کانئس ڊپ ٿيندو هيو، اڃان ثاقب کي اسان جي واٽ تي آڻيون ئي آڻيون، تيسين ٻيو مُلو اچي ڪنڌ ۾ پيو، نه ڄاڻ نه سڃاڻ، نه دعا نه سلام، بس جاڙا خان ڪُتو جهلجانءِ، واري ڪارِ ٿي.مڙس پوري پني قد جو، مُٺ مُٺ ڪاري ڀنڀور ڏاڙهي، سنڌي ٽوپي نراڙ تي، خوبرو۽سهڻو جوان هُجي. تن ڏينهين حاجي راهو لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪري موٽيو هجي، پر هُجي ڳئون ڀٽارِي، جتي ويهي ڪانه ڪا چُوچڙي دُکايو ڇڏي، سنگت رڙيون ڪيون ٻيلي، خيال ڪيو، هيءُ ملوته پڪوپڪ ايجنسين جو اٿانَو، ٿريا چون ٿا، ته هن جيڪي وڻ سُڪايا سي ساوا ئي ڪونه ٿيا. پر راهو چُوچڙي ڏيو پاڻ کِسڪيو وڃي.اسان مُلي کان گهڻيئي گُهتون ڏيون، گوهيون هڻون، پر چوندا آهن ته جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي، پر مُلو نه ڇڏي، همراهه اصل مَڇڏ ٿي لڳو.مصيبت وري اها ٿي جو سدائين اچي به مانيءَ جي ٽاڻي. اسان ڀانئيون ته مڙس سنئون سڌو ويلو ٽارڻ ٿو اچي.ٻيا سڀ هجن گهرن گهاٽن وارا وڃن آهستي آهستي رفو چڪر ٿيو، آئون ڇڙو ڇانڊ ۽ اڪيلو رهان سو رات جو به مُلو منهنجي ڪنڌَ ۾ پئجيو وڃي، صبح جي چانهه به ٻن ٽن ڪوپن کان گهٽ نه پيئي. ڊاڪٽر عزيز ورياماڻيءَ کي پڪ هجي هن مُلي کي جماعت اسلاميءَ وارن لائق ۽ مونکي نمازي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. اسان ٻئي نمازي ٿيون ئي ٿيون، هوريان هوريان اسان جي ڪچهريءَ ۾ ويهندي مُلي جون نمازون قضا ٿيڻ شروع ٿيون. توبهائون ڪري، ڌڻيءَ در گِيسيون ڪري، پرٻئي ڏينهن وري به ساڳي جُٺ ٿيو وڃيس.
نالو هيس، ملو نيڪُو، پر ٿريا اڪثر ڪري کيس مُلان نيڪيئو چوندا هيا. 1965 جي جنگ ۾ پريان ڀڄي آيل هجي، ذات جو نهڙي ۽گوگاسر جو ويٺل، عمرڪوٽ جي آسپاس ڪنهن اسڪول ۾ عربيءَ جو ماستر، شهر ۾ نه گهر نه گهاٽ، رَلِي ڪُلهي تي، ماني راڄ تي. گهڻو ڪري سمهي منهنجي جاءِ ۾ نه ته شهر ۾ کوڙ ساريون مَسيتون موجود. ڪنهن صلاح ڏني ٻيلي اوهين سڀ پُراڻا سُرخا ۽ ديشي، هيءُ پڪ سان اوهان جي سياڊپ ڪري رپورٽون ٿو رسائي. ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪاٺ ۾ ضرور هڻائيندوَ. عزيز چيو ڇو نه ڪا جُٺ ڪريونس ته جان ڇٽي!. ٻئي ڪنهن چيو هيءُ صالح وساڻ جي مدرسي مان پِن جا ٽُڪر کائي پڙهيو آهي، جهڙين تهڙين جُٺين جو پڪ سان هيراڪ هوندو، ڪجھ ڪونه ورندانوَ. پر عزيز نه مُڙيو، هڪڙي ڏينهن کٽ جي واڏڻ ڪڍي رکيائين، مُلو رَسيو ناهي، دَسيو ناهي، هٿ پير ٻڌجي ويا، وٺي رڙيون ۽ رانڀاڙ ڪيائين، ٻيلي ڪهڙي ڏوھ اڙيس،؟ چي تون اسان جي سياڊپ ٿو ڪرين. تڏهن وٺي ڀلي سونهاري جا سُنهن کنيائين، ٻيلي مون گهڻيئي وس ڪيا، پر اڳلن مون کي گاھ ئي ڪونه وڌو، انهن لاءِ آئون دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي آهيان. اوهان هروڀرو منهنجو پٽڪو ڌوڙ نه ڪريو.تڏهن چنڊال چوڪڙيءَ کي پڪ ٿي، مڙس اسان جهڙي ڌوڙ آهي هروڀرو ٿي هنڌ ڀرياسون. پوءِ ٿيو اسان جو پڪو يار.
مُلي جا اکر اهڙا هُجن جهڙا موتي، مار پويس، لکي وريو لاهور جي اردو رسالن ۾. نڪ وڍيُونس، غيرت جاڳايُونس.ٻيلي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لِک. پر جهڙي تهڙي جُٺ پُٺن تي واريو وڃي، اصل پوٺي هُجي. راهو لنڊن مان هڪڙي ڪِني عادت سِکي آيو هجي، ڪنهن ڪنهن رات حيدر جي هوٽل سامهون بيٺل گاڏي واري کان ٽانڊن تي تڪا پچرائي، ڊبل روٽي ۽ پيپسيءَ سان تِڪو رات جي ڊنر تي کائون. مُلو به ڪڏهن ڪڏهن مفت جو مهمان بڻجيو پوي. جهڙتيون وٺونس، پر کِيسن ۾ سُڃائي واڪا ڪندي وتيس، ڪڏهن ڪي ڳاڙها نوٽ ڏسي، راهو زوريءَ کيسن مان ڪڍيو وڃيس، ته رڙيون ڪري، ٻيلي آئون غريب، مسڪين، منهنجي ڀينگ نه ڪر، پر راهو ڪُهيو وڃيس. تڏهن مُلو هٿ کڻيو پاراتا ڏئيس الله ڪندو دست ٿيندئي. آڌي ئي نه گذري ته مُلي جي پِٽَ رَسيو وڃي ۽ راهوءَ جي باٿ روم ڏي ڀڄ ڊوڙ شروع ٿيو وڃي. پوءِ مُلي کان معافيون ۽ گيسيون هجن، هڪ ٻه ڀيرا اها ڪار ٿي، ته مُلو مشهور ٿي ويو، دُعا پِٽَ وارو بزرگ ۽ درويش.