14
ٻئي قسم جو پلاند تمام خطرناڪ هوندو هيو، جنهن ۾ وهنوار نه ڪندڙ چور جي گهر تي هلان ڪبي، کاٽ هڻبو۽ کڻبا رڳو، زنانا ڪپڙا، گهوٻاٽن سان گڏ سنهي لاڪُڙ چور پريان کان ئي وڍيو ايندا، هر اڌ فرلانگ بعد زناني ڪپڙي جي ٽُڪر جي جهنڊي ٺاهي اُڀي ڪندا ويندا ته جيئن ورهڙي وارن کي خبر پوي ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ پلاند ڪيو آهي.اهڙا پلاند اڪثر ڪري ٻروچ قبيلن جا چور سماٽ جي چورن سان ڪندا هيا.
ٽئين پلاند ۾ اڳلي جومال ڪاهي، اوطاق تي کلئي عام ٻَڌبو هيو، ورهڙو ويجهو ايندو ڏسي، ڳوٺ جو ڌڻي، چار وکون ڀري اڳتي وڌي وڃي، ورهڙي وارن کي چوندو هيو، ادا او اهو سامهون توهان جو مال ٻڌو بيٺو آهي، اسان جو توهان ڏانهن، فلاڻو ڪي فلاڻو وهنوار آهي، اهو وهنوار ڪري پنهنجو مال ڪاهي وڃو. پوءِ ٿيندو هيو چوراڻو فيصلو ۽اهڙن چوراڻن فيصلن ۾ چوراڻا وَٽَ تمام گهڻا هلندا، فيصلو ڪندڙ ئي انهن چوراڻن وٽن کي منهن ڏيندو، عام ماڻهوءَ ڪڏهن اهو تصور به ڪونه ڪيو هوندو ته چور فيصلي ۾ اهڙي اڻ ٿيڻي ڳالھ به رکي سگهي ٿو. چورن جا امين به چور هوندا هئا، فيصلن ۾ ڪيئن پنهنجي ڳالھ رکجي، ڪوڙ کي ڪيئن سچ ثابت ڪجي، اهڙا گُر چورن کان ئي ڪو سکي. ان لاءِ هڪڙو قصو ڪندا هلون هڪڙي ڏاڍي مڙس چور بُک مان ڪنهن جي ڪڻڪ جي راھ مان ٻوري ڀري کنئي، ٻئي ساڳئي ڳوٺ جا ۽ ويجها عزيز به هجن. همراه پير به ڊاهي ڇڏيا، مالڪ جو شڪ ڏاڍي مڙس تي هجي، ڳالهيون ٿيون، همراه ڳالھ ڪرڻ سان قرآن کڻڻ لاءِ آتو هجي، فيصلو ڪندڙ به چور هيو، کيس شڪ پئجي ويو هن يار ۾ رولو آهي، هڪڙي منٽ لاءِ چور کي ڪچهريءَ مان ٻاهر ڪڍي ويو ۽ هوريان هوريان چيائين نڀاڳا تون به ٻوري ته ڪا نئين کڻين ها انهي ڦاٽل ٻوريءَ مان داڻا ڪرندا تنهنجي در تائين ته ويا آهن!!. همراه بيوقوفيءَ مان سٿر تي ڌڪ هڻندي چيو، نه يار ٻوري ته ڏسي وائسي نئين کنئي هيم، داڻا الائي ڪيئن هارجي ويا. ايئن چوراڻو وٽ کلي پيو ۽ همراھ ڪڻڪ جي ٻوريءَ لاءِ ڪوڙو قرآن کڻڻ کان بچي ويو. چورن جي چڱي مڙس ڳالھ کي ليءِ مِٽي ڪندي فتوا ڏني ته همراھ چور ته ڪونهي پر جيئن ته ڌڻيءَ جو ويساھ آهي ته سندس چور اهو ئي آهي، ان ڪري هيءُ ڇڪايل همراھ ڪڻڪن لٿي، ٻوري ڪڻڪ جي ڀري ڏيندو.
ڪجھ ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي ته هڪڙو بابا جو ساٿاري پوڙهو اچي نڪتو، ڪنهن زماني ۾ بابا سان گڏ مال چاريندو هيو، پوءِ پنهجو سوٽ قتل ڪري جيل ۾ ويو، اتان جي رنگ مان جڏهن رڱجي نڪتو ته ڏاڍو مڙس چور ٿي پيو، اڄ پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ پاڻ پٽن پوٽن سميت ساڳيءَ ڪرت سان واسطو رکي ٿو، پوليس جو تپايل هجي، سو اچڻ ساڻ چيائين آئون تنهنجي پيءُ جو ساٿاري آهيان، وڏي هلندي پڄندي اٿئي، پيءُ جي قبر ڏي ڏس، مون بي گناھ جي پوليس مان جان ڇڏاءِ. هڪڙو پٽ ۽ ڀائيٽو اڳ۾ ئي چوري ڪندي جاڳي پيل ڀاڳيو مارجي وڃڻ جي سزا ۾ عمر قيد پيا ڪاٽِين. هاڻ هن عمر ۾ آئون به ٿو ڪاٺ ۾پوان. مون انهيءَ حد جي پوليس عملدار ۽ ناظم سان ڳالهايو. ٻنهي جو جواب هيو ته همراھ ڪنهن مسڪين جا ٻه ڍور جهنگ مان ٻڌا آهن هاڻ ڏئي ڪونه ٿو، هن کي موڪليو ته فيصلي ۾ سنهن ساک ڏيئي پاڻ آجو ڪري ٻي صورت ۾ ڀاڳيو ساک کڻڻ لاءِتيار آهي ۽ هيءُ مال ڀري ڏئي. مون ان شخص کي جڏهن اهو جواب ٻڌايو ته چيائين آئون ساک ڏيندس ته بابا مون پنهنجي سر نه مال ٻڌو، نه ڏٺو ۽ نه وڪيو، مون چيو، چاچا پوءِ ته تنهنجو ڪم ٿيو پيو آهي. مون ناظم کي وري فون ڪري همراھ کي اوڏانهن روانو ڪيو، ٻئي ڏينهن ناظم فون تي اطلاع ڏنو ته سائين هن جو مسئلو حل ڪونه ٿو ٿئي، مون حيران ٿيندي چيو، ادا هيءُ ساک ڏيڻ لاءِ ته تيار آهي!!. ناظم وراڻيو سائين اوهان کي چوراڻو وٽ سمجھ ۾ ڪونه آيو، هيءُ به سچي ساک ٿو ڏئي ته هن نڪي مال ٻڌو۽ نڪي ڏٺو، اهو سڀ عمل هن جي ڪنهن پٽ، ڀائيٽي يا پوٽي ڪيو آهي۽ ڀاڳيو دانهيندڙ هن تي آهي، ان ڪري هيءُ ساک ڏيڻ لاءِ صحيح آهي، باقي اولاد ۽ عزيزن جي ساک ڪونه ٿو ڏئي.
ڪافي چور سرزمين تي ٻڌجي پوندا هيا، ڪي پنهنجي بي عقليءَ سان ٻڌبا هيا ته ڪي ڀاڳين جي همت سان. پر چورن کي ٻڌندو هميشھ چور هيو، ڇاڪاڻ ته کيس ئي چور جي گذرڻ جي گهٽن ۽گهيڙن جي خبر هوندي هئي، باقي الهڙ ڀاڳين کي ته چور گهوٻاٽن سان اڏاري ڇڏيندا هيا. بي عقليءَ سان ٻڌل چورن ۾ هڪڙو لڌو شر به هيو، ڪجھ همراھ لڌي سان گڏ ڪنهن ڳوٺ ۾ چوريءَ تي ويا، ڀاڳيا جاڳي پيا هڪل ٿي ته وٺي ڀڳا، لڌو، ڀڄندو ڀڄندوسامهون ننڍڙن لاڻن ۾ وڃي لڪو، ڀاڳين ڏٺو ته چور هتي ئي لڪو آهي، ويجها وينداسون ته ڪٿي گهوٻاٽو يا پستول هڻي ڦڦڙ نه ڪڍي وجهي. ڀاڳين جي ڪُتي جو نالو به لڌو هيو، سو وٺي پنهنجي ڪتي کي زور زور سان ڪوڪاريائون ته لڌو، لڌو، لڌو. هوڏانهن لاڻن ۾ ويٺل همراھ سمجهيو ته مار هنن ته مون کي سڃاڻي ورتو آهي، جو منهنجو نالو زور زور سان پيا وٺن. ان ڪري ماٺڙي ڪري ڏاڙهي کَنهندو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ڀاڳين کي چيائين، ابا لڀنداسين نه ته ڪاڏي وينداسين“. پوءِ ته ڀاڳين اهڙي ڪيس جهڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان.
اهڙي هڪ ٻي به ڪهاوت آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ چور پيا ته ڀاڳيا به جاڳي پيا، را، را، ٿي، هڪڙي ڊڄڻي همراھ، کُڏ تي چڙهي وٺي رڙيون ڪيون ته اتريون پاسو سنڀاليو، چور اتر طرف بابي جي گهاٽي سرنهن ۾ لڪي ويندا، چورن جو ٻڌو ته اترئين پاسي لِڪڻ جي جاءِ آهي باقي سڄو ملڪ پوٺو لڳو پيو آهي، ڇونه ان طرف ڀڄون، سو جڏهن اوڏانهن ويا ته خبر پئي ته اتي پوٺو ئي پوٺو هيو، همراھ سوگها ٿي ويا. جڏهن ٻَڌي، اوطاق تي آندائونِ ته رڙين ڪرڻ واري ڳوٺ وارن کي چيو ڪيئن ٿا ڀانيو منهنجي ڪاريگريِ؟ ان تي ٻڌل چورن همراه کي چيو هيو، ٻڌجي اسان به پياسون باقي پڻهين جي گهاٽي سرنهن اسان به ڏٺي.
ان زماني ۾ ٻڌل چور سان وڙهڻ کي عيب سمجهيو ويندو هيو، چوندا هيا ته ادا ڪوبه مڙس ماڻهو ڀاڳيو ٻڌل چور سان ڪونه وڙهندو. جيڪر ڪوئي ڪنهن ٻڌل چور سان وڙهيو ته چوندا وڏو ڪو.ڀاڙيو آهين. پر ڪي ڪي ڀاڳيا انهن ريتن رسمن بجاءِ ٻڌل چور جي لاک لاهي ڇڏيندا هيا. اسان جي تر جو هڪڙو چور جنهن جو نالو خان هيو، ان کي دلشاد شاخ جي مڱڻهارن سرزمين تي ٻڌو هيو، اهڙي ته حالت ڪيائونس جو الائي ڪيترا سال پيٽان رت هلندو هيس، اولاد کي به چوري نه ڪرڻ جون نصيحتون ڪندو وتندو هيو، پر افسوس جو سندس اولاد انهيءَ نصيحت تي عمل نه ڪيو.
ڏاڍي مڙس چور کي جيڪر پوليس جهليو ته ٿاڻي ۾ ڀلي ڏينهن گذري وڃن پر ماني نه کائيندو، چانھ جي ڪوپ ۽ بسڪوٽ تي پيو گذارو ڪندو، ڀلي ته سُڪي”ٻڙهو“ ٿي وڃي. پوليس جي مار به اهڙي ڳري هوندي آهي، جو جهڙي تهڙي جي کڻڻ جي جاءِ ڪانهي، چڱن چڱن جا ٻرڙاٽ نڪريووڃن، ٿاڻي ۾ ٻڌل چور ماني انهيءَ ڪري ڪونه کائن جو متان پوليس جي مار ۾ دست نڪري وڃن. مار به عجيب قسم جي هوندي آهي انساني قد جي ڊيگھ جي حساب سان چار ڪلا کوڙيل هوندا آهن، چور صاحب کي نانگو ڪري انهن ڪلن جي وچ ۾ منهن ڀر ليٽايو ويندو آهي، سندس هٿ ۽ پير ڇڪي انهن ڪلن ۾ ٻڌا ويندا آهن، ان بعد چمڙي جي ٺهيل سچ پتري يعني سچوءِ سان سندس ٻنڊڻن تي وسڪارو ڪيو ويندو آهي، چور جي جيڪر ماني کاڌل هوندي ته دست هڻي ٿاڻو ڀري وجهندو، انهيءَ مار جي عمل مان ڪو ڪو چڙهندو آهي.
جيڪو ٻنڊڻ ڪُٽائي مار مان چڙهيو اهو وڏو نالي وارو سڏبو، خلق دعوتون ڪندس، مار جا قصا کڻي ٻڌائيندو. جيڪو مار ۾ ڪچو ٿيو ۽ اڳيون، پويون، ٿيون، ٿينديون، ڪيون، نه ڪيون سڀ باسيائين، راڄ مڙسن جا ٻڌرايائين. ان کي چوندا اهو گوال ٿيو آهي، اهو گوالپ پيو ڪري وغيرھ وغيرھ. ڪي اهڙي ماڻهوءَ کي جوڻت به چون، يعني ادا فلاڻو پوليس وٽ جوڻيون پيو هڻي. ڪو مڙس پوليس جي ڊپ مان هميشھ لاءِ پوليس جو انفارمر ٿي ويندو ته کيس چوندا پوليس پٽيل. چي ادا فلاڻو ڀاڙيو هاڻ پوليس جو پٽيل ٿيو وتي.
ان زماني ۾ پوليس جو دٻدٻو ڏسڻ وٽان هوندو هيو، ڪٿي اوڙي پاڙي ۾ ڪا چوري ٻُڌبي ته چورن جي بدن مان سيئانڊو نڪري ويندو هيو، ڪن لڪائڻ ۾ پورا هوندا هيا، هوٽلن تي لانگون هڻڻ بند ٿي وينديون هين، پوءِ به راڄ ٻَڌبا ۽ ڪُٽبا هيا. مٽوءَ نالي اسان جو هڪڙو ڀورڙو عزيز آهي، هڪ ڀيري ڪهاڙي کڻيو ٻارهين ميل تي پئي ويو، ڪنهن چيس ڀائو ٻارهين ميل تي پوليس بيٺي آهي ۽ تنهنجا به چوراڻا مهانڊا آهن، ڪٿي جهرڙجي نه وڃين. همراھ اتان ئي واپس وريو، هرڪنهن کي چوندو وتيو، يار اسين اڄڪلھ هوٽلن تي ڪونه وڃون، چور ته ناهيون پر چوراڻا مهانڊا اٿئون ان ڪري پوليس ٻڌي وٺندي.
ملڪ جي مُک منصف اڄڪلھ جي پوليس کي ٽين جنس ڪري وڌو آهي. گڏوگڏ مشرف جي نئين پوليس آرڊر موجب آپريشن ۽ انويسٽيگيشن جا شعبا الڳ ٿيڻ سان به چورن جو ڀلو ٿيو آهي، هاڻي حالت اها آهي ته آپريشن وارو صوبيدار ايف آئي آر ڪاٽي، انويسٽيگيشن ڏانهن موڪليو پاڻ تان بار لاهيو ڇڏي. انويسٽيگيشن وارن جي وري ڪهڙي ڳالھ ڪجي، ايئن ٿو لڳي ڀانءِ جوابدار جي ڳوٺ ڪا ”فاتح پڙهڻ“ لاءِ ويا ۽ ڀيرو ڏيئي موٽي آيا. بس ڪاغذي ڪارروائي ويٺي ويٺي پوري ٿي ڪيس ڪورٽ پهتو يا نيڪال ٿيو نه ڪنهن کي لهر نه لوڏو.
اڄڪلھ جي ڪميونيڪيشن جي دور ته چورن لاءِويتر وڌيڪ آساني ڪري ڇڏي آهي، پڪن روڊن ۽ موبائل فونن جو جھڙو چور ڊَڊيءَ استعمال ڪيو آهي اهڙو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو هوندو، اڳي ڍور ڍڳو ڪاهي ڪوه پنڌ جا هڻي ڪنهن روڊ تي چاڙهبو هيو، هاڻي هنڌين ماڳين روڊ رستا ٿي پيا آهن، ڍڳا ويچارا ته سنڌ سونهاريءَ مان ويا پر هاڻ چور صاحب، ماڻهن جون مينهون ڪاهي، ڀاڳئي جي گهر کان ٻاهر نڪري، موبائل فون تي ڊاٽسن پڪ اپ گُهرائي، مينهن ڀٽاري ڊاٽسن ۾ هڻيو وڃن ڇا جا پير ڇا جو ورهڙو؟
هاڻ وري هلون ٿا اصل قصي ڏي، يعني غربت جي يادن کي تازو ڪرڻ، سو غَريبت جي ڏِينهنِ جِي هِڪَ هِڪَ گِهڙِي، هِڪُ هِڪُ پَلُ، هِڪَ هِڪَ ساعِتَ، اندر جي ڦرهيءَ تي اڄ تائين اُڪري پئي آهي۽ وِسرڻ جوڳيِ ئِي ناهي. اُهي ڏينهن، اُنهن ڏينهن جون مَحروميون ۽ مَجبُوريون، سنگدل مُعاشري جي ظالم ماڻهن جا اُهي طعنا ۽ تُنڪا، رَکِي رَکِي اندر مان نڪتل اُهي آهون ۽ شوڪارا، ڏُکن ۽ بُکُن مان ڀَريل اُهي سُڏڪا، اڄ به ڪنهن پراڻي فلم جيان تحت الشعور مان نِڪري، اکين آڏو ڦِرندا رَهن ٿا.ايئن ٿو ڀانيان، ڄڻ هينئر ئي، ڪلاڪ اڌ پهريان اُهو سُورُ ڀوڳي آجو ٿيو هُجان. ڀانءِ سَنڌُ سَنڌُ، سُورن سان ساڻو هجيم. ڀانءِ اَنگُ اَنگُ، واٽُن تي ويٺل واسينگن جي ڏَنگن مان ڏَنگجِي زهر ۾ چُور چُور هُجي.
ڀانئيان ٿو ته اها 81 جي پَڇاڙي هُئي، واهوندي جا واءُ وريا هُيا ۽ سَرَ نِسريا هُيا، تڏهن ماساتِ معصوم جميله کي جنميو هيو. گھر ۾ اَڻهوُند وارا شُڪرانا ۽ خوشيون ڪيون هُيون سين.ضيائي ڏاڍ ۽ جبر جي ڏينهنِ ۾ اُوئان اُوئان ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي سِيني تي پنهنجي آمد جو اعلان ڪندڙ، هن ننڍڙيءَ جي ڇَٺيءَ کي اڃان ڇَھَ ڏينهن ئي مَس گُذريا هوندا جو سندس طبعيت اوچتو هِيڻي ٿيڻ لڳي هئي، اُنهيءَ اَڀاڳي ڏينهن هميشه جيان گَهرَ ۾ هِڪ رُوپيو به نه هُجيمِ. ان ويلَ ماساتِ جي ماءُ واري مامتا، سوالي انداز ۾ مجبور ۽ ڀِنل نماڻا نيڻ مون ڏي کڻي، ڪجھ تڙپِي، ڪجھ ڦَٿڪي، نيٺ اندر جي لوڇ پوڇ نه روڪي سگهي ته ڍُنڍڪارون ڪري رُني ۽ رَڙيِ، ٻيلي! وارو ڪر!!، مُنهنجي نِياڻِي هيڊِي پِيلي ٿيندي پئي وڃي ٻيلي! وارو ڪَر، ڪُجھ ڪر!!!“.
ياد اٿم، ان ڏينهن هوائي چمپل جي سَٽڪ سَٽڪ ڪري، ڳوٺ جي هر سُکئي ۽ سَرند جي در تي، هِن گهرَ کان هُن گهَرَ تائين چار ڏوڪڙ اوڌارا وٺڻ لاءِ ڊوڙيو ھيس، اُن ڏينهن تَھ سياري هوندي به منهنجوپگهر نه پئي سُڪو. نيٺ وَڏيءَ جاکوڙ بعد هيڪُوڻ جي ٻِيڻ تي ڪنهن سُکئي ستابي، وڏو ٿورو ڪري، چار پئسا ڏِنا هُيا.اسان جلدي جلديءَ ۾ ٽيڪسي ڪَري، ننڍڙيءَ کي کڻي، اسپتال لاءِ نِڪتا هُياسين. ان ڏينهن سمي جوڻيجي جي ڦِٽل ڳوٺ واري ڪلراٺي رستي کان ٿيندا، جڏهن سنڌڙي ميرپورخاص روڊ جي ويجها ٿيا هياسين، ته پري کان ئي روڊ تي رُڳي خاڪي ئي خاڪي پئي ڏسڻ ۾ آيا.اک جي نهار تائين سڀوڪجھ سندن جي گهيري ۾ هُيو.پَکِي پَکڻ به پئي هڪليائون، مون ۽ ماساتِ بيوسيءَ مان هڪ ٻئي ڏي نهاري، وري ننڍڙيءَ ڏانهن ڏٺو هيو، ۽ الائي ڇو ٻِنهي جي اندر مان هڪ ئي وقت ٿڌو شُوڪارو نڪتو هيو.!؟ ۽ پوءِ گاڏي پڪي روڊ ويجهيِ ٿيندي ئي، خاڪين جي بندوقن جا نال اسان ڏانهن سڌا ٿي ويا هيا. بندوقن جي گهوڙن تي سندن آڱرين جي سختيءَ کي محسوس ٿيندي ڏٺو هيم. ۽ جڏهن ڊرائيور ڊپ مان گاڏيءَ کي بريڪ هنئي هئي، ته اسان ٻنهي جا خيال ميرپورخاص جي اسپتال کان اوچتا موٽي سنڌڙي ايئرپورٽ جي روڊ تي پُهتا. جتي ڊرائيور روڊ بلاڪ هُجڻ جو حڪمنامو ٻُڌي رهيو هيو، ان ويل ايئن لڳو ڀانءِ اوچتي مَٿان ڪا وِڄَ اچي ڪَڙڪِي هُجي. بيوسيء ۽ لاچاريءَ مان هڪ ٻئي ڏي نِهاري اَکين ئي اَکين ۾ هاڻ ڇا ٿيندو جا سوال ڪياسين. پوءِ به منهنجي رُوح کي سَٽَ آئي، ٽُپ ڏئي گاڏيءَ مان لَٿُس۽ ڏَڪندڙ ٽَنَگُن سان خاڪيءَ سپاهيءَ ڏانهن وَڌِيُس. سپاهي، جنهن جي جديد بندُوق جونالُ اڳ ئي مون طرف هيو، تنهن پنهنجو هَٿُ وڌيڪ مضبوط ڪندي مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو. تڏهن اُتان ئي نِماڻي انداز ۾ هٿ ٻَڌيِ عَرضُ ڪيو هُيم، سائين! مُنهنجي معصوم نياڻيءَ جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي، مهرباني ڪري اسان کي روڊ سان وڃڻ ڏيو.
منهنجي سوال تي خاڪي خود ته بُت بَڻيو بيٺو رهيو، هن پاران سامهون بيٺل ڦُولن واري خاڪيءَ، منهنجي التجا ٻُڌي، اڳتي وڌي، زوردار آواز ۾ چيو، اَڄُ گورنر سنڌ ۽ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽينينٽ جنرل جهانداد خان، سنڌڙي ايئرپورٽ جي افتتاح تي اچي رهيو آهي, اُن ڪري هيءُروڊ ٽن ڪلاڪن تائين بند رهندو، توهان بعد ۾ اسپتال وڃجو. سندس جواب ٻڌي منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچيِ ويا هيا.۽ همت ڪري وري به هَٿَ ٻَڌِي عرض ڪيو هيم، سائين ٽِنِ ڪلاڪن ۾ ته منهنجي نياڻِيءَ جو الائي ڇا ٿيندو؟ خاڪيءَ خفي ٿيندي چيو هيو، جيڪڏهن مَري به ٿِي ته ڀَلِ مَرِي وڃي، پر اسين پنهنجي قانون تي مڪمل عمل ڪندي ڪنهن به گاڏيءَ کي ٽِن ڪلاڪن تائين روڊ تي اچڻ ڪونه ڏينداسين ۽ هو مُنهن ڦيري بيهي رَهيو هيو.سندس جواب تي ڪي گَهڙِيون ته آئون پنڊ پاهڻ ٿيو بيٺو رهيس. سِپاهيءَ جي بندوق اسان ڏي تاڻيل ئي رهي. اُن ويل آئون، زندھ لاش جيان رڙهندو واپس گاڏيءَ وٽ آيو هُيس. تڏهن سادڙيءَ ماساتِ چيو هيو، ماساتَ! هِننِ کي چَئُه نه، ته پاڻ هندستاني ڪونه آهيون، او، هُو سامهون گهرن ۾ ويٺل شر ٻروچ آهيون ۽پاڻ کي وڃڻ ڏين. مون هڪ ڀيرو وري پوئتي نهاريو هيو بندوق سِڌي ڪري بيٺل سپاهيءَ طرف، پر منهنجي چپن مان نه ماساتِ لاءِ ڪو جواب اُڪليو هيو ۽ نه فوجيءَ سان ڳالهائڻ جي هِمت ٿي هُيم.ها، سوچيو ضرور هيم ته، اسان جي ئي اڻ سِڌي ۽ سِڌي ٽيڪس مان پگهار کڻندڙ اسان جو ملازم اسان تي ئي بندوق تاڻي بيٺو آهي. مالڪ ۽ ملازم جي تميز اِجها اِها رهي آهي هِنَ مُلڪ ۾؟ ؟ ؟
ها وري سوچيو هُيم، جنرل جهانداد خان، گورنر سنڌ جو آهي، سِنڌي عوام جي ڏِنل ٽيڪس مان پگهار کڻي ٿو. جاءِ بجاءِ تقريرن ۾ چوندو وتي، ته اسين عوام جا نوڪر آهيون. پوءِ اَڄُ هِيءُ روڊُ بند ڇوڪيو اَٿنِ؟ ڇا عوام جا نوڪر عوام کان ڊڄن ٿا!!؟ ؟ وري سوچيو هيم، هي خاڪي عوام کان ڀلا ڇو نه ڊِڄن، مُجيرين مان سڀني کان ڏاهي ماڻهوءَ ذوالفقار علي ڀُٽي کي مُلي مشتاق هٿان ڪُوڙي فتوا ڏِياري، راولپنڊيءَ جي ڪُوفي ۾ ڪال ڪوٺِڙين اندر چِيچائي، چِيچائي ماري ڇڏيائون. مُنهنجي يار نذيرعباسيءَ کي به ته چِيچائي چِيچائي، الائي ڪيترا عذاب ڏئي ماري ڇڏيائون.ڪو داد ٿيو نه فريادُ ٿيو!!!.هي جي لَکين، هزارين ماڻهو تُرمن ۾ واڙي ڇڏيا اٿائون، سندن نازُڪ، نفيس، پاڪ ۽ پوتر انگن تي پَليِت ڪوڙا وَسائي، سندن کَلون اُڊيڙي ڇڏيون اٿائون. هن ملڪ ۾ هاڻي ٻاهر ته مُون جهڙِي ڊاڊ ڊُوڊِ خلق بَچِي آهي، اُنهيءَ کان به ڊَپُ اٿن !!؟ انهن سوچن سان گڏوگڏ اکيون گهڙيءَ گهڙيءَ ڊرائيور جي واچ ڏانهن کڄي ٿي ويون. پندرهن منٽ گُذريا، گاڏيءَ ۾ مُنهن هَڻِي، ماساتِ کان پُڇيم ڏي خبر!!!؟ ماساتِ جوکُوھ جي تري مان ٻُڏل آواز آيو، ڪڪي پَلَ پَلَ پوئتي ٿيندي وڃي. چيوھيومانس ماساتِ!! الله تي رَکُ، سڀ خير ٿيندو!! دل نه لاههِ. وري واچ ۾ اکيون وڌم، اڌ ڪلاڪ گُذريو، ڪلاڪ گُذريو، ياد اٿم ڊرائيور کي چيو هيم، ڀائو تنهنجي واچ جا ڪانٽا خراب ته ناهِنِ؟ !واچ بيهي ته ڪونه رهي اٿئي؟ جواب ڏنو هيائين، نه نه اوهان کان پريشانيءَ ۾ وقت نٿو گذري !! ۽ پوءِ الائي ڪيتر ڀيرا گاڏيءَ ۾ مُنهن هڻي چيو هيم، ماساتِ خبر ڏي !!، ماساتِ هاڻ ٻُڌاءِ!!!، ماساتِ ڪڪيءَ جي خبر ڏي!!!“.
ان ڏينهن جو پَلُ پل ڪنڊن جي سيج تي پاڻ کي پيرن اگهاڙو بِيٺل ڀانيو هُيم، ياد اٿم، هڪ ڀيرو وري خاڪِين کي آزيون، نيازيون ڪيون هُيم۽ ٻانهون ٻَڌَيون هيم، سائين مهرباني ڪريو.!! صاحب مهرباني ڪريو!!.اُن ڏينهن انتظار جا ٽي ڪلاڪ، ٽن ڏينهن کان به وڏا ٿي پيا هيا، اصل بنهي وڏا ٿي ويا هيا.آنڌ مانڌ ۾، اڻ تڻ ۾، ڳڻتين ۾ اکيون پُسائڻ ۾، پوڻا ٽي ڪلاڪ گذاري وياسين، تڏهن ڏُور ڏکڻ مان سائرن جي آواز تي سرير ۾ ساهُه پِيو هيو، ڄاڻُ روڊ کُليو۽ اسپتال پُڳاسين.گاڏيءَ ڏي ڊوڙيُس ماساتِ! جنرل اچي پيو، بس، اجهو روڊ کُليو، ننڍڙيءَ جي منهن تان ڪپڙو لاھِ، ته ڏِسان. ماساتِ، سندس منهن تان ڪپڙو هٽايو، گُلن جيان ٻَهڪندڙ چهرو هيڊو پِيلو هُيس. ٺيڪ ان ويل اوچتو هِچڪي آيس، هڪڙي، ٻي، ٽين ۽ بس. ڌڻيءَ جي شئي ڌڻيءَ ڏي واپس وڃي پُهتي.ماساتِ جي رِيهه ۽منهنجي اوڇنگار يڪ آواز ٿي فضا ۾ گونجيا. ڊيوٽيءَ تي بيٺل، خاڪي الرٽ ٿيا، متان جنرل صاحب جي جلوس کي ڊِسٽرب ڪرڻ لاءِ رڙين جو ڊرامو ٿا ڪَنِ. ان ئي ويل گاڏي ۾ واپس موٽياسين، روئيندي، سُڏڪندي ۽ سوچيندي ته، هيءُ قتل آهي، قاتل تي FIR ڪَٽِجڻ گُھرجي، مُنهنجي گلن جهڙِي نياڻِي، هڪڙي ڊڪٽيٽر مارِي آهي، هڪڙي فوجِيءَ مارِي آهي، مَٿس ڪيس داخل ڪندس!!.وري سوچ آيم، ڪيس ڪِيئن داخل ٿيندو؟ ؟ ؟ ڪهڙي صوبيدار ۾ دِل آهي؟ ؟ ؟ ؟ ڪهڙي جَجَ ۾ دِل آهي؟ ؟ ؟ ؟ ؟ تڏهن هٿ کڻي، اُڀ ڏي نهاري چيم، اي خُدا منهنجو تنهنجي ڪورٽ ۾ فرياد آهي، جي تون رحيم ۽ ڪريم آهين ته پڪ سان مُنصف به هوندين، اڄ جيڪر هيءُ روڊ بند نه هُجي ها ته مُنهنجي معصوم گُلن جهڙي نياڻيءَ جي حياتي بچي پوي ها.!!!!. اي خُدا!! اڄ پنهنجن پاڪ فرشتن کي حُڪم ڏي ته مُنهنجو فرياد لِکن، ۽ قيامت جي ڏينهن مون کي هنن ظالمن، غاصبن۽قاتلن کان حساب وَٺي ڏِين.جيڪي مُنهنجا پگهاردار هوندي به منهنجي نياڻيءَ جو قاتل آهن، اي خُدا!!!! اي خُدا!!!!!.
ايئن ڏاڍن ڏُکن ۽ سورن سان ظالم وقت جو گاڏو گيڙيِندي، اچي ڊسمبر1983 جي ڏهين تاريخ تائين پهتو هيس. اُهو جُمعي جو ڏينهن هيو.هرڪو معمول جا ڪم ڪار لاهي اوطاق جي آڏو بيٺل ٽالهين ۽ سرينهن جي وڻن جي ڇانو هيٺان رکيل کَٽُن ۽ تئونرين تي، ٿڪ ڀڃڻ ۽ ڪچهري ڪارڻ مِڙيو هيو.تڏهن اسان جي گڏيل اوطاق منهنجي موجودھ گهر جي جاءِ تي هُئي.اولهه طرف هڪڙيءَ ڪَچيءَ ڪوٺيءَ ۾ اسڪول جي اڳيان ٽي عدد ٽالهين جا وَڻَ هيا۽ هڪ تمام وڏو سرينهن جو وڻ پڻ هيو.اُهي وڻ ئي اصُل ۾ اوطاق جو ڪم ڏِيندا هُيا.انهن جي اولهه طرف رائت مل جي اڳوڻي ڪوٽ ۾منهنجو گهَرُهيو.اوطاق، اسڪول ۽ گهر جي وِچان گُذرندڙ شاهي رستو ٽنهي کي الڳ ڪري بيٺو هيو. گهر جو ڪوٽ صرف پنج فوٽ جو هُيو. رستي سان ٽريڪٽر ٽراليون يا ڍڳي گاڏيون گذرنديون هُيون ته به منهنجي گهر جو پردو نه رهندو هُيو. مون ۾نه ئي ايتري سِڪتَ هُئي جو ڪوٽُ مٿي ڪرائجي ۽ نه هُئي ايتري طاقت جو ڪنهن کي روڪجي ته هتان هيٺ لهي گذرندو ڪر. بَسِ ڪڏهن ڪا ڍڳي گاڏي، ڪو ٽريڪٽر يا ڪا ٽرڪ گُذرندي هُئي ته اکيون پوري ڇڏيندو هُيس ڀانءِ ڪجهه به نه ڏٺو اٿم. ڪنهن به منهنجي ٻچڙن ڏانهن ڪونهي نِهاريو.ڳالهه پي ڪيم ڏهين ڊسمبر 1982جي، سو انهي ڏينهن اسان جي مسيت جو پيش امام مُلو ابراهيم، انهيءَ رستيءَ تان گذريو پئي. اولهه طرف منهنجي گهر مان مُبارَڪون، مُبارَڪون ٻُڌي ڪَنرايائِين، ته منهنجي گهر ۾ پٽ ڄمڻ جي خبر پِيس، ڊوڙي پري کان ئي مبارڪ ڏيندي چيائين اميرا !پهرئين پُٽَ جون مُبارَڪون هُجنئي، هاڻ مون کي کير پيار“. اُن زماني ۾ رواج هُيو ته پهرين پُٽَ جي مبارڪ کڻِي ايندڙ کي کير پيارڻ لاءِ ڀلوڙ مينهن يا ڍڳي ڪِليءَ تان ڇوڙي ڏِبي هُئي. ڀَلِي ته مالڪ جي دَرَ تي هِڪڙي هُجي ۽ جي نه هُجي ته قرض کڻي به مبارڪ آڻيندڙ کي کير پِياربو هيو.اُن ڏينهن اسان جي گهر ۾ صرف پنجاهه روپيا هُجَنِ، سي به صُبح مَردان کيسي ۾ وِجهي نڪتو هُيس ته خاڪو مينگهواڙ کي شاديءَ جوپُوئو ڏيندس. مُبارڪ ملندي ئي کيسي ۾ هٿ وِجهي، اهو پنجاهه جو نوٽ مُلي ابراهيم جي هٿ تي رکيم. مُلي پهريائين نوٽ کي اُبتو سُبتو ڪري ڏٺو، پوءِ مون ڏي ڏسڻ بجاءِ، ساڳيو نوٽ هٿ ۾ جهلي، ڀرسان بيٺل بابا ڏانهن التجائي نظرن سان نهاريائين. بابا جون سواليه نظرون منهنجي نظرن سان مليون. مايوسيءَ مان ٻنهي کڻي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، مُلي ابراهيم به اسان جي نظرن جي بيوسي پڙهندي، نوٽ کڻي کيسي ۾ وِڌو، ۽ پنهنجي گهر هليو ويو هيو.
هاڻي ته سُڌريل زماني۾ اسان پاڻ کي پڙهيل لکيل سڏائي، وڏڙن جي ريتن رسمن کي ڪَڍي، پنهنجي پيرن تي ڄڻُ ته ڪُهاڙو هنيو آهي۽ حالتون ائين وڃن ٿيون آهِن جو پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گُذري. اڳي ائين ڪونه هيو، ماڻهو مرڻي پرڻي، هڪ ٻئي جي مالي مدد ڪندا هُيا، پُٽ ڄمڻ تي روڪڙيون مُبارڪون ڏِبيون هُيون، وڳا ڪپڙن جا ڏِبا هيا.ڌيءَ جي ڄمڻ تي به روڪڙا نه ته به ڪپڙا لازمي ڏبا هيا. ائين گهر گهر مان ڪپڙا ملڻ سان غريب ماڻهو جي ٻار جو سال ٻن جو ڪپڙو لَٽو ٿي ويندو هُيو.پُوئوِ به ساڳيءَ رسم سان جُڙيل هيو ۽ اهو به ڪاڄ ڌڻيءَ جي مالي مدد جو طريقو هيو. جنهن کي هاڻوڪين رسمن ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. ائين ئي جيڪرڪٿي ڪو مرڻو ٿيندو هُيو، ته سانده ٽي ڏينهن اُنهيءَ ماڻهوءَ جي گَهر َ ۾ چُلهه ٻَرڻُ نه ڏبي هُئي. ڪانڌي، تڏي تي پهچي دُعا گهري جيڪا رب جي رضا چوڻ سان گڏ پنج روپيا يا ڏهه روپيا في گهَرَ، ڏکويل جي ڪنهن ويجهي عزيز آڏو رکندا ويندا هُيا. جنهن کي ڇاڙھ چئبو هيو. ائين مرڻ واري جي پونيرن وٽ ايتري روڪ رقم گڏ ٿي ويندي هُئي، جو جيستائين غم مان نِڪرن، ڏُک مان نڪرن. ڪنهن روزگار جو بِلو ڪن. ايستائين سندن گذر سفر لاءِ، ٻِن چئن مهينن جيتري روڪ رقم وٽن موجود هوندي هُئي.سو ڳالهه پئي ڪيم پُٽ جي پيدائش جي، شام تائين اوڙي پاڙي راڄ برادري مان جنهن به پَٽڪي جو وَرُ ڏنو هُيو، سو ڏهه روپيا ويهه روپيا روڪڙيءَ مُبارڪ ساڻ کڻي آيو هيو. سج لهڻ تائين سڄا ساراچار سئورپيا کيسي ۾ جَمعُ ٿي چُڪا هُجنم.سُتيون، ڦَڪِيون ۽ دائيِن جا خرچ به اُنهن چئن سون مان ٿي ويا هيا.اُنهيءَ رات خواب ۾ شهيد نذير عباسي وري ڏِٺو هيم، چوي پيو، تون مون لاءِ رُنو هُئين نه، ڏس آئون تو وٽ ٻئي جنم ۾ آيو آهيان، هاڻ ته راضي آهين نه؟
ڇَٺيءَ تي ديڳڙو ڀت جو لاهي ننڍڙي جو نانءُ به نذير رکيو هيم، جيتوڻيڪ امان ۽ بابا منع ڪئي ته پُٽُهين نذير عباسيءَ جهـڙو نه ٿيو ته نالو کَرندو. پر سندن چوڻ نه مَڃيو هيم. قدرت جي ڪرڻي اهڙي ٿي هئي جو ٿورن ڏينهنِ ۾ بابا جو اهوئي مُرشد پيربقا محمد قريشي وري آيو هيو. جنهن اڳي منهنجو نالو به عارب مان ڦيرائي امير بخش رکيو هيو. سو مرحوم هڪڙو زنده اولياءُ هُيو. منهنجي پٽ جو نالو ٻُڌي مون کان شهيد نذير عباسيءَ بابت مُڪمل معلومات وٺي، فيصلي جي انداز ۾ چيائين ته هن ننڍڙي جو نالو نذير بجاءِ خادم حسين رکو. پير بقا محمد جي ايتري هشمت هوندي هئي جو ڪنهن کي همت نه ٿي جو پير صاحب کي جواب ڏيون، اِئين هڪ هفتي ۾ منهنجي پهرئين پُٽ جو نانءٌ نذيرمان ڦري خادم ٿي ويو هيو.
اڳئين زماني جا وڏڙا چوندا هيا، ته ابا انسان کي اعزرائيل جي اچڻ جا پروُڻ چاليهه ڏينهن اڳ ئي پئجيو ٿا وڃن. سو بابا کي الائي ڪهڙا پسُوڻ پيا جو جنوريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ فيصلي ڪُن انداز ۾ اعلان ڪيائين، ته خادم جو عقيقو ڌُوم ڌام سان ڪَبو. بابا کي چيم، ابا، پنهنجي گهر ۾ ته ڪِي ڪينهي، عقيقو ڪيئن ڪبو؟ وراڻيوهيائين نواب صاحب منهنجي پوٽي جي خوشي آهي، اُن ۾تنهنجو ڪجهه به ڪو نه وڃي، اهو منهنجو ڪم آهي. ته ڇا ٿئي ٿو، ڪيئن ٿئي ٿو ۽ ڪير ڪري ٿو. ائين خادم جو عقيقو ٿيو هيو، وڏي ڌوم ڌام ٿي هئي، وڏا راڳ رنگ به ٿيا هيا. قرض تي کنيل سامان جو قرض، عقيقي جي مبارڪن مان ئي لٿو هيو، ٻيو ته ٺهيو پر چار ٽَڪا بچيا به هيا.
اُنهي زماني ۾ هڪڙو رواج هوندو هيو ته ڪاڄَ ڌَڻيءَ کي راڄ برادريءَ وارا، ڪاڄ جي ڏينهن مُنجهائيندا هُيا، ڀوڳن ڀوڳن ۾ ته جيئن ڀُل چُڪ ۾ ڪنڀار کي کنڊ کڻڻ يا کائڻ جو چوي يا مڱڻهار کي دالِ جو ڏَسُ ڏئي ۽ اُهي مُڙس مَڇرجي ڪپڙا ڦاڙي بِيهن. چون ٿا ته گهڻا ورهيه اڳ هڪڙو ڪنڀار گهڻي کنڊ کائڻ سبب ڦاٽي مُئو هُيو ۽ مڱڻهار سان وري دال ساڳي جُٺ ڪئي هُئي. اهي ڏينهن اڄ جو ڏينهن ٻئي ذاتيون ٻِنهي نُقصانڪار نالن کان چِڙيو پونِ.مڱڻهار دال جو نالو وٺڻ بجاءِ چون، مَڇُلا داڻا. ۽ ڪنڀار کنڊ کي چون مِٺاڻ. ڪاڄن ۾ جيڪر ڪاڄ ڌڻيءَ جي واتان اهو اکر نڪريو وڃي ته ڪنڀار ۽ مڱڻهار، تن تي پاتل ڪپڙا ڦاڙي چيهون چيهون ڪريو ڇڏين، پوءِ ناز نخري سان ڪاڄ جي ڌڻيءَ کان نوان وڳا ڀرايووٺن.سو انهيءَ ڏينهن وڌي ڪانهئي مرحوم جي ڦوڪن تي لڳي، بابا به ڀُل چُڪ ۾ مُلي ابراهيم ڪنڀار کي کنڊ جو شربت ٺاهڻ جو چيو. بابا جي وات مان کنڊ جو نالو نڪرڻ ۽ مُلي ابراهيم جِي قميص جو چرڙاٽ ٿيڻ.مڙس نئون وڳو لِيڙون ليڙون ڪري بيهي رهيو هيو، اوڏي مهل ته گهر ۾ ڪو نئون وڳو هڪيو تڪيو حاضر ڪونه هيو. سو في الحال ته کيس بابا جواڌوراڻو وڳو پارائي راضي ڪيوسين. پرٻئي ڏينهن بازار مان نئون وڳو گهرائي ڏيڻو پيو.
سو ڳالهه پئي هلي عزرائيل جي پروڻ پوڻ جي، بابا سائينءَ عقيقي بعد ٻن ڏينهن کان پوءِ خادم کي گُهرائي، پنهنجي هنج ۾سمهاري ڳلن تي کوڙ ساريون چُميون ڏيئي، ساڄيءَ ٻانهن ۾ بد نظر جي بچاءَ لاءِ سُٽ سان وَٽيل ڪارو ڌاڳو ٻَڌو هيائين. اُنهيءَ وقت سندس اکين مان لڙڪن جون لارُون لڙندي اسان سڀني ڏِٺيون هيون. پر اها ڪَلَ ڪنهن کي ئي نه پَئي ته بابا سائينءَ پرئين پارِ پلاڻيو آهي. ٻن ٽن ڏينهن پُڄاڻان هڪڙي ڏينهن اوطاق تي ويٺي ويٺي زِبان بند ٿيس، پاسو سُن ٿيس، بلڊ پريشر هاءِ ٿيس. ڊاڪٽرن جي بقول برين هيمرج ٿيو آهي، ميرپورخاص ۽ پوءِ لال بتي حيدرآباد جو ميڊيڪل وارڊ، نالي واري ڊاڪٽرعالماڻيءَ جو وارڊ. بابا بلڪل بيهوش، ڪڏهن اکيون کولي هيڏانهن هوڏانهن ڏِسي وري بس. ساندھ پندرنهن ڏينهنَ ۽ پندرنهن راتيون بابا جي پيرانديءَ کان پِيل اسٽول تي ويٺي اوجاڳا ڪندي، ويٺي ويٺي ننڊون ڪندي، دِل ئي دِل ۾ دعائُون گهرندو هُيس، اي منهنجا مولا، ائين نه ڪجانءِ آئون رُلي ويندس، نه ڌڻي نه سائين، نه اوهي نه واهي، بابا ئي ته هڪڙو سهارو اٿمِ، اُهو نه کَسجانءِ.
ڊاڪٽر عالماڻيءَ جو جيڏو وڏو نانءُ هيو، سندس وارڊ ۾ اوڏوئي وڏو انڌيرُ هيو. سندس وارڊ جو رجسٽرار هيو ڊاڪٽر شريف ورياماڻي. ايئن لڳندو هيو ته ڄڻ وارڊ نه پر ڪوس گهرهُجي۽ سِکيا وٺندڙ ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون۽ نرسون انساني جسمن تي هٿ ٺاهيندا هُجنِ. هر روز ٻه ٽي لاش نِڪرندا هيا، جنهن ڏينهن ڪو لاش نه نڪتو ته ايئن ڀانئبو هيو ته ماڻهن تي ڪو رب راضي ٿيو آهي. چڱا ڀلا ماڻهو، پيٽ سور جي دانهن سان پنهنجي پيرن تي هَلِي اچي اسپتال ۾ داخل ٿيندا هيا ۽ ڏينهن ٻن جي علاج بعد سندن لاش ايمبولينسن ۾ کڄي ويندا هيا. جيڏيءَ مهل به ڪو لاش نڪرندو ڏسان ته دل ۾ ايندڙ اهڙن اُبتن وهمن۽ خيالن کي جھٽڪيو ڇڏيان. ۽ سوچيان، نه نه ربُ ڪندو منهنجو بابا ٺيڪ ٿيندو. هلندو گهمندو ڦرندو. نيٺ 27 فيبروري1983 جي ڏينهن مُلي فجر جي ٻانگ ڏني هئي ته بابي سائينءَ اکيون کوليون هيون. مونکي وهاڻي جي ٽيڪ تي ويهارڻ جو اشاروڪيو هيائين. جڏهن کيس ٽيڪ تي ويهاريو هيم ته وارڊ ۾ هلندڙ چانھ واري کي ڏِسي چانھ لاءِ اشارو ڪيو هيائين. چانهه آئي هئي ته اُنهيءَ ۾بسڪيٽ ٻوڙي وات ۾ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين، ايئن ڪرڻ سان کنگهه جو دوروٿِيس. اصل ڄڻ اُٽاڻجي پيو هجي. چانھ ڇڏي ڏنائين. ڪجھ گھڙين بعد سامت ۾ اچڻ شرط، اشارن سان ٻين عزيزن جي پُڇا ڪيائين. جيڪي اسپتال جي ٻاهران ڇٻر تي ويٺل هيا، تن سڀني کي سڏايم، مُنهنجي ٻانهن وٺي وَرَ وَرَ ڪري هِڪ هَڪَ جي هَٿ ۾ ڏنائين ته ساڄي اَکِ مان لُڙڪن جون لارون هَليس، بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن نهاري سمهارڻ جو اشارو ڪيائين يڪدم بلڊپريشر گهٽجڻ شروع ٿيو. انجيڪشنون، ڊرپون، ايمرجنسيءَ ۾آڪسيجن پر ڪجھ به نه ٿيو، رات جا ڏهه ٿيا ته ساهه جو پکي پرواز ڪري ويو۽ بي ساهي جسم جي ڳوٺ پهچڻ کان اَڳ ۾ ئي روح جو پکي وڃي اباڻي ديس جي مٿان اُڏاڻو، لامارا ڏنائين.نه فون نه ڦرڙو، نه لڪڙتار نه عام تار.پر ڳوٺ ۾ خبر پهچي وئي. سا الائي ڪيئن پهتي، ٿيو هيئن جو رات جو ٻين وڳي ايمبولينس اوطاق جي پڌَر ۾پهتي هئي، ۽ اندران، امان جي ڪِيهه ٿي هئي، هاءِ الا مان لُٽجي وِيَس. سوچيم، امان کي ڪنهن ٻُڌايُو ته هيءَ ڪُمهلي اوطاق تي آيل گاڏي خيرِي ڪانهي؟ پوءِ سوچيم ۽ سَمجھيم به ته بابا سائينءَ جي روح جو پکي اُڏاڻو هُيوته اڳ ئي پُهچي، امان کي پرينءَ جي پرديس پَڌارڻ جو اطلاع ڏئي ويو هوندو.
صُبح ٿي اوڇنگارون، ريهون ۽روڄ ۾ هڪڙي حيرت اها به ٿي هئي ته ايڏي غربت مِسڪينيءَ هوندي به بابا جي مُرده جسم تي پهريل قميص جي کيسي مان ايترائي پئسا نڪتا جيترا ڪفن دفن لاءِ گُهربل هُيا.معنيٰ اها خبر هُيس ته اعزرائيل ايندو يا سر تي چڙهيو بيٺو آهي، پڇاڙيءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيان. اُنهيءَ کي قدرت جا ڪرشما چئجن يا ڪا غيبي قوت چئجي؟ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿي خبر پئي؟ اسان ڪامريڊن لاءِ ته اهو سڀڪجھ دٻي ۾ ٺڪرين برابر آهي. پر ذهن مڃي ٿو ته ڪو نه ڪو اسرار آهي ضرور.
پوءِ زماني جي ريتن رسمن سارو رسمي تَڏو ٿيو هيو، وڏيون وڏيون دُعائون ٿيون هيون.، کوڙ سارا ختما، دُرود ٿيا هيا ۽حال سارُو خيرخيراتُون به ڪيون سين، ته بابا جي قبر آرامده ٿئي، ڪيل نه ڪيل ڏوھ گناهه معاف ٿين، بهشت نصيب ٿئي. هوڏانهن انهن سڀني ريتن رسمن سان گڏ منهنجي اندر ۾ اُڌما هُجن ڪوئي مِٽُ ناهي ڪنهن سان رُئان، ڪنهن سان رَڙان. نه ڀاءُ نه ڀيڻ نه چاچو نه چاچي.سر جي بلا سر سان. اُنهيءَ زماني ۾ ٿر جي وليءَ ۽ درويش مولوي محمد حسن گوگاسر واري جو پُٽ، مرحوم محمد يوسف ڪنڀر، پاڙي ۾ نئون آيل هُيو، بابا سان ٻٽيهه دِليون هُجَنس.پاڻ زنده درويش هيو، بابا جي مرتئي جي ڏينهن، ويجھي عزيز جيان پَٽڪو لاهي ٽوال مٿي تي ٻَڌائين، سارو ڏينهن تڏي تي گذاري، سمهاڻيءَ جو گهر وڃي، ته فجر جو کير جي لوٽِي مٿي تي کڻيو منهنجي سُجاڳ ٿيڻ کان اڳ پُهچيو وڃي.مرحومَ کي روحانيت تي عبور هيو۽ گڏوگڏ وجدانيت به ايندي هُيس، اوچتو اکيون لال ٿي وينديون هيس، الائي ڇاڇا پيو چوندو، هڪڙي ڏينهن تڏي تي ويٺي، ويٺي وجدانيت ۾ آيو، ڏَڪيو، اکيون لالُ ٿيس، هاڻ ڪير ساڻس اَکِ مِلائي؟ ڪنهن کي همت ئي نه پئي ٿئي.هَڪل ڪيائين اميربخش مَلُول نه ٿيءُ، آئون ڏِسان پيو هي ٻنيون ٻارا، هي ڳوٺ راڄ، هي واٽر واهيون تنهنجا ٿيندا. هو شهر۽اسٽاپ به تنهنجو ٿيندو. نه ٿيو ته به تُنهنجي نالي پويان سَڏبو، تون گهڻو اڳتي ويندين، صُبح جي ماني گَهرِ ۾ ته رات جي ماني بادشاهن سان کائيندين.اُنهيءَ مهل، ڪاڪي يوسف ڪنڀار جون اُهي ڳالهيون مذاق محسوسُ ڪيون هيم، دِل ئي دِل ۾کِليو به هيس، ڀانءِ ڪنهن ساميءَ فقير جي ڍاري وانگر منهنجي ڏکويل دِل کي، چاچو محمد يوسف رِيجهائي پيو ۽دلاسا ڏئي پيو. گهڻو پوءِ جڏهن اُنهيءَ درويش جو هِڪُ هِڪُ لفظُ، هڪ هڪ اکر مُنڊيءَ تي ٽِڪَ ٿي بيٺو هيو ته سوچيو هيم اها ڪهڙي قُوتَ هُئي، جنهن ڪاڪي يوسف جي واتان پنجويهه ورهيه پوءِ ٿيندڙ واقعا اڳواٽ ٻُڌارايا هيا؟ ڪُجهه ته آهي، ڪا ته قوت آهي جا مستقبل جا راز درويشن کان کولرائي ماڻهو ءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي ٿي.اسان مادي پرست، اهڙين قوتن جي وجود کان انڪارِي، مذاق سمجهي حقيقتن کان منهن موڙي، اڻ ڏٺل قوتن، اڻ ڏٺل رازن، اڻ ڏٺل اسرارن جي اڳواٽ خبر ڏيندڙ درويشن تي ٺٺوليون ڪري، هنبوڇيون ٿا هڻون.پر هنن حقيقتن کي ڏسي يقين ٿو ٿئي ته، ڪو ته آهي جيڪو هن چرخي ۾ هلندڙ ڦرندڙ انسانن جي دماغ ۾ اندر جا اسرار سموئي ٿو پنجويهه، پنجاهه سال پوءِ ٿيندڙ واقعا اڳواٽ سندن واتان چورائي ٿو.ڪو ته آهي!!!.ڪو ته آهي.