مهاڳ
انسان جي سڄي حياتي دک آهي، علم، ادب، غم، خوشي، راڳ، رقص، رهڻ، سهڻ، روئڻ، کلڻ، سڀ ڪجهه دک جي پيداوار آهن، “صالح عباسي”، به ان ڏک جو شاعر آهي. علم جو شاعر آهي، حسن جو شاعر آهي، سماج جو شاعر آهي، وقت جو شاعر آهي، مدرڪ شهر، موهن جي دڙي جو شاعر آهي، مدرا رقص ۽ ناچ جو شاعر آهي، جيڪو ناچ سمبارا ناچڻي مڌم سُرن جي چؤتار واري ستار تي نچندي هئي، صالح عباسي ان خطي جي خاڪ جو سانورو سلوڻو تلسيءَ جي گل جو نيم البدل شاعر آهي، “سانول” جو سهج ڀريو سُخن ڇا چئي ڇا چوان؟ منهنجو هي سانول سائين غزل، نظم، وائي ۽ گيت جو نثاگر يا سڻڀيرو شاعر آهي، مون کي صالح جي مُک جي سنجيدگي ٻڌائيندي آهي ته هن جي من ساگر ۾ جيڪا موج مچڻ گهرجي اها سَروَم دُکَم دُکَم جي ساحل سان ٽڪرائي ٽڪرائي ماٺي ٿي ويندي ويندي آهي، هي شخص ديبل جي قلعي جهڙو اڏول انسان آهي، جنهن کي محبت جي مجنيڪن سان پرزا پرز ڪري فتح ڪيو ويو آهي.
صالح عباسي جي ان هار ۾ به جيت جو جلوو آهي، محبت جي ماٺي مرڪ آهي، جيڪا هن جي سنجيدا سڀاءَ ۾ سمايل آهي، غزل جو خوبصورت شاعر آهي، سنڌي ٻوليءَ جي غزل جو تاڃي پيٽو جدارو آهي، جيڪو فارسي ۽ اردو غزل کان منفرد آهي، ڏسو هي غزل:
بحر متقارب اثلم مثمن/اثلم، اثرم مثمن
وزن: فعلن فعلن فعلن فعلن
منظر سهڻا سارا مرڪيا،
اولهه، اوڀر وارا مرڪيا.
رات سکي جئن مون سان مُرڪي،
چنڊ ڪتي ۽ تارا مرڪيا!
رم جهم رم جهم موسم مهڪي،
بارش پئي نيسارا مرڪيا!
“سن” جي ويجهو جيئن پڳاسين،
ڌرتي تنهنجا نعرا مرڪيا!
ڪتاب “روح جون رولاڪيون”
هن وزن وارا غزل جڏهن منهنجي نظر مان گذرندا آهن ته شيخ اياز جا ڪلهي پاتم ڪينرو وارا غزل اکين اڳيان تري ايندا آهن، هونئن غزل جي رچنا ۾ تخيل جي پرواز جو ذڪر اُتم آهي، پر پنهنجي مٽيءَ ۾ چوپائي پد جو جيڪو ردم ڀريل آهي، اهو ڦاٽ کائي ٻاهر نڪري ايندو آهي، پوءِ اسان جو غزل منظر ئي منظر بڻجي ويندو آهي، اها اسان جي غزل جي انفرادي حيثيت آهي، جنهن ۾ مٽيءَ جو مهڪاءُ ڳوهي ڳوهي، ڳُتي ڳُتي ڀريل نظر ايندو آهي، اهو اسان جي ضمير ۽ خمير جو رچاءُ آهي، هن غزل جا ٺيٺ سنڌي قافيا ۽ رديف ٻڌائن ٿا ته اسان جي غزل جي سر زمين جداري آهي، مون کي پنهنجي سانوري سرجڻهار تي فخر آهي، جنهن فن سان جبر ناهي اختيار ڪيو علم عروض کي غزل کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي.
غزل
بحر متقارب مثمن سالم،
وزن فعولن فعولن فعولن فعولن
اسان لئه ته ڪعبو پرين! گهر اوهان جو،
ڇڏيون ڪيئن سهڻا! سڄڻ! در اوهان جو،
اسان جون نمازون ۽ سجدا اوهان لئه،
اسان لاءِ قبلو سڄو تر اوهان جو،
ذهن ۾ ۽ دل ۾ رهين ٿو سدا تون،
رهي ٿو سڄو ڏينهن تصور اوهان جو.
ڏني آهي فتويٰ زماني ڪفر جي،
سڏي لوڪ صالح ٿو ڪافر اوهان جو.
صالح جا غزل محفل جا غنائي غزل آهن، جن جي گائڪي جو وقت صرف پنج منٽ آهي، جهڙوڪر ڪي ٽي اين جي ڪارخاني مان نڪتل آهن، حالانڪ ايئن بلڪل ناهي، پر مختصر غزل جو دور دورو آهي، ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ نوجوان دوستن تي اهو خيال حاوي ٿيل آهي، ان کي پري ڪجي ته بهتر آهي.
غزل
بحر مضارع اخرب مربع
وزن مفعول فاععلاتن
توبن نراس آهيان،
ڏاڍو اداس آهيان!
رُخ روشني آ منهنجو،
من ۾ اماس آهيان.
بازر ۾ بي ملهو ڄڻ،
سَوءُ ڪو ڪراس آهيان.
نيڻن ۾ آهي صحرا!
ٿر جي پياس آهيان!
ڀل عام مون کي سمجهو،
ڪنهن لئه ته خاص آهيان!
ڏي درد سوچي جانان!
ٿورو حساس آهيان.
مٿين غزل ۾ توڻي هن غزل ۾ قافيا مڪس ٿيل آهن ۽ رديف سنڌي ٻوليءَ جا خوبصورت لفظن جو ضميري پد ظاهر ڪن ٿا، توڻي جو محبت جي نظام ۾ اشارو ئي ڪافي آهي.
غزل
بحر هزج مثمن سالم
وزن مفاعيلن مفاعيلن، مفاعيلن مفاعيلن.
ڀيانڪ موت جو منظر! اوهان جي موڪلاڻي آ!
اسان جي مرڪ جي هاڻي، ڏکي ٿي پئي ڪهاڻي آ.
جدا جاني ٿيو آهي، خوشي پنهنجي رهي ناهي،
انهن دردن ۾ دل پنهنجي، چري ٿي پئي ته ساڻي آ.
رٺي آ پيار جي منزل، ٿيو جيئڻ به آ مشڪل!
هتي بدنام رب ڄاڻي، ڪيو ڪنهن ڄاڻي واڻي آ.
خوشي ڪهڙي ڪيان “صالح” عباسي ڪو مزو ناهي،
اڄوڪو حال هي سنڌ جو، وري بڻيو مياڻي آ.
صالح عباسي جي غزل جي سرزمين پنهنجي انفراديت رکي ٿي، جنهن ۾ ڪو به تصنع نظر نه ٿو اچي، روماني غزل آهن، جن ۾ من مستي گهٽ ۽ مسئلا بيان ڪيل آهن، ان دليل مان اوهان ضرور صحي ڪاٿو ڪري سگهندا ته “صالح” جو تخيل سنجيدا ۽ سڀاويڪ نيم جو آهي، بندي جي ڪوشش اها آهي ته دوست جا گهڻي کان گهڻا وزن سامعين اوهان جي اڳيان اچن، ته جيئن نوجوان شاعرن کي سٺو موقعو ملي سگهي.
غزل
بحر هزج اخرب مربع
هي غزل به صدر ۽ عروض، ابتدا ۽ ضرب تي آڌاريل آهي، هن غزل ۾ حشو وارا رڪن موجود ناهن.
اڄ رات نئين جانان!
ٿي بات نئين جانان!
نيڻن مان پئي برسي،
برسات نئين جانان!
ٿي روز اچي مون وٽ،
ڪا ڏات نئين جانان!
چانڊوڪي وئي ارپي،
جذبات نئين جانان!
“صالح” کي ته مارڻ لئه!
ڏي مات نئين جانان!
پهريون رڪن مقفا ۽ ٻيو رڪن مردف، نئين دور جي نئين سونهن ۽ سوڀيا کي جماليات ۾ اوتيو ويو آهي، سنڌي قافين سان فارسي رديف جو اعليٰ شان ميل آهي، ان جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ۽ مڇتا ۾ اهو چئجي ته “صالح” عباسي پنهنجي دور ۽ طور جو ڄاڻو فنڪار شاعر آهي.
غزل
بحر هزج مربع سالم
وزن مفاعيلن مفاعيلن
کِلڻ تنهنجو غصب جو آ!
ملڻ تنهنجو غضب جو آ!
تماچي تڙ ڌڻي تون آن،
وڻڻ تنهنجو غصب جو آ!
ڀٽائي تو لکيو دفتر،
لِکڻ تنهنجو غضب جو آ!
اکين جو ٺارو تون “صالح”!
ڏسڻ تنهنجو غصب جو آ!
عام حالتن ۾ ڪو نقاد “صالح” عباسي جي هن غزل کي قافيا پيمائي چوي ته چئي سگهي ٿو، پر غزل بنا قافئي واري صنف ٿورو ئي آهي، لفظ اول قافيو ۽ ٻيو سڀ ڪجهه رديف ۾ شامل آهي، سنڌي غزل ۾ اهو نمونو سعيد ميمڻ اختيار ڪيو هو، جيڪو چڱو وقت سنڌي غزل ۾ هلندو آيو، سنڌي اڄوڪي دور جي غزل کان ته حافظ شيرازي جا قطعا به طويل آهن، شيخ اياز جا “ڀونر ڀري آڪاس” وارا قطعا به ڊگها آهن، اسان کي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ اُڇا ترائي کان ڪم نه وٺڻ کپي.
غزل
بحر رمل مثمن محذوف
وزن فاعلاتن فاعلاتن، فاعلاتن فاعلن
سوچ منهنجي کي سدا سرهاڻ بخشيندي وئي،
ڄڻ اماوس رات کي چانڊاڻ بخشيندي وئي!
روپ هن جو ڪنهن ڪتابي ڄاڻ جو هو سلسلو،
ذهن منهنجي کي چمي ڪا ڄاڻ بخشيندي وئي!
هٿ وٺي هن پنهنجي وارن ۾ جڏهن منهنجو رکيو،
مون کي ڄڻ انمول ڪا هوءَ کاڻ بخشيندي وئي!
ڌرتتيءَ ۾ جيئن هن جي گهر پڳس “صالح” وڃي!
ٻُڪَ پاڻيءَ جي ۾ ڄڻ مهراڻ بخشيندي وئي.
حقيقت اها آهي ته قافئي جي طوالت جي ڪري فاعلاتن فاعلاتن جي ٻن رڪنن پڄاڻا هن غزل جي مصراعن کي اڌ دم واري نشاني نه ٿي ڏيئي سگهجي، سُرهاڻ، چانڊاڻ، مهراڻ جهڙا طويل لفظ بيهڪن واري نشانين ۾ دخل انداز ٿيل آهن، “صالح” عباسي جي شاعريءَ ۾ زحاف نه جي برابر آهن، اها ان جي ڪاميابي آهي.
غزل
بحر رمل مسدس محذوف
وزن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن
خوبصورت سار جهڙي ڇوڪري!
۽ گلن جي هار جهڙي ڇوڪري!
مارئيءَ جي سونهن مون کي ٿي لڳي،
ڪنهن اَمل ڪردار جهڙي ڇوڪري!
پيار هن جو ويجهڙو آهي گهڻو،
پر پراهين پار جهڙي ڇوڪري!
قيمتي آ ايتري “صالح” سَکي،
سُرمئي سنسار جهڙي ڇوڪري!
صالح عباسي جا رومانوي دور جا رومانوي غزل، علامتن جي آڌار سان وسيع تر ڦهلاءَ وارا غزل آهن، جن ۾ آر پار ۽ سچي سنسار جو احاطو ٿيل آهي، اهو سمجهڻ گهرجي ته فني وسعت جو مرڪز ڇوڪري آهي ته محور سڄو سنسار آهي.
غزل
بحر رمل مربع سالم
وزن فاعلاتن فاعلاتن
آ هلي تون روح راڻا!
ڇڏ کڻي محبوب ماڻا!
آسماني سوچ پنهنجي،
ڪيترا آهيون اياڻا!
سڀ هتي آهن چريا بس،
پاڻ جي ناهيون سياڻا!
شهر پنهنجي موڪلاڻي،
اڄ سڏن ٿا ڪک اباڻا!
پاڻ هُون رولاڪ “صالح”،
ڪين پنهنجا ڪٿ ٺڪاڻا!
هي غير مردف غزل آهي، جنهن ۾ رديف استعمال ٿيل ناهي، پر مقفا غزل آهي، هي قافيا مردف ضرور آهن، ڇو ته مروي قافيا حرف روي تي پورا ٿيندا آهن، حرف علت تي پورا ٿيل قافيا مروي قافيا ناهن، مروي قافيا حرف صحي تي آڌاريل هوندا اهن.
بحر مضارع مثمن اخرب محذوف
وزن مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن
شيطان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي،
حيوان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي.
ظالم جو روپ ڌاري، ماڻهو پيا ڦرن،
ڀڳوان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي.
بيڏوهه ڪيترا ٿا، منصف هٿان مرن،
زندان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي.
ها! ڪوڙ جو وڏو هت، وهنوار ٿو هلي،
ايمان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي.
“صالح” عباسي وٽ بي مقطعا غزل ته آهن، ليڪن بي مطلعا ڪوئي غزل ناهي، اها “صالح” جي خاص سڃاڻپ آهي، انسان به فطرت جي تخليق آهن، ان تي به فطرت جا نشان اڪريل آهن.
غزل
بحر متدارڪ مثمن سالم
وزن فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
تو بنا زندگي آ اڌوري صنم!
ايئن مون کان نه ڪر تون ته دوري صنم!
تو سوا ڏينهن هڪڙو به گذري نه ٿو،
ڪيئن گذري حياتي هيءَ پوري صنم!
يار! ڪيئن ڀي ڪري مون سان جلدي ملو،
ڇو ته هاڻي ملڻ آ ضروري صنم!
آخري التجا ٿو هي “صالح” ڪري،
ياد من ۾ مچائي آ کوري صنم!
محمد صالح عباسي جو غزل پنهنجي فني ۽ فڪري لحاظ کان هڪ واضح ۽ پڌرو پيغام کڻي آيو اهي، سندس شاعري ۾ فني جماليات سان گڏ رومانوي جماليات جو مهراڻ موجزن آهي، ٻهراڙيءَ جي پنن ۽ پڊن کان وٺي، انتظاري جمال جو جهان به جوڙيل نظر اچي ٿو. فني جماليات جي ڪري هي غزل گائڪي ۽ موسيقي جي مختلف سُرن جي سنگم سان سنواريل آهي، وزن جي بدلائڻ سان ڌُن ۽ تال به نئين صورت وٺي من موهي ٿا وٺن.
عباسي صاحب جي نظم ۾ به نوان نوان ندرت ۽ نواڻ جا واهڙ وهي رهيا آهن، اسين دريائي ديس جا رهواسي آهيون، فطرت اسان جي اڳواڻ آهي، تاريخي نظمن کان وٺي پابند ۽ معرا نظم به هن ڪتاب “روح جون رولاڪيون” جي زينت آهن، نظم جي تسلسل جو خاص خيال رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ابتدا، حشو ۽ اختتام ڪنهن مصور جي آرٽ سان سنواريل آهن، سڀ کان پهريان هڪ پابند نظم جا ڪجهه اشعار: عنوان ساجن
آءُ اسان لئه او! ساجن!تون
ڌرتيءَ جيڏو پيار کڻي آ،
سونهن سندو سنسار کڻي آ،
نينهن ڪري نروار کڻي آ،
خوشبو جان اظهار کڻي آ،
آءُ اسان لئه او! ساجن! تون.
جيون منجهه بهار کڻي آ،
آڳ ڪري گلزار کڻي آ،
جوڀن باغ بهار کڻي آ،
مستيءَ جي مهڪار کڻي آ،
آءُ اسان لئه او! ساجن! تون.
خوشبو ٿي جيئن منهنجو تن من،
هر دي جي هٻڪار کڻي آ،
ڪجهه ته مٺا منٺار کڻي آ،
آءُ اسان لئه او! ساجن! تون،
ڌرتيءَ جيڏو پيار کڻي آ،
آءُ اسان لئه او! ساجن! تون.
پيار کي ڌرتيءَ سان تشبيهه ڏيڻ، اظهار کي خوشبو سان تشبيهه ڏيڻ، آڳ کي گلزار جو استعارو بڻائڻ، علم بيان جا اهڙا مثال آهن، جيڪي هن نظم جي جان آهن، اهو اجتماعي گروهه جو ساجن ضرور ڪوئي اڳواڻ آهي، يا ته اها اجتماعي پردي دار پدمڻي پنهنجي ڪٽنب واري ڪائي وينگس پنهنجي ساجن کي ياد پيئي ڪري، اهو ساجن ڪنائي جو ڪونڌر آخر ڪير آهي؟ مٿيان سڀ دليل جماليات جي جان ۽ جگر آهن، استعا تشبيهون، ڪنايا علم بيان جي جماليات کي اظهار ٿا ڪن، سٽاءَ جي لحاظ کان هي مخمس نظم پابند نظم جو هڪ شهڪار آهي.
صالح عباسي جون وايون:
هوءَ ڪير اچي بيٺي،
رولاڪ جي رستن ۾.
12+13=25 ماترا، روپ ڪانت ڇند.
برساتون برسيون،
چورين ڇال ڏنا!
10+10=20 ماترا، اَرُن ڇند.
رات سموري پئي،
ٽانڊاڻو ٽمڪيو!
زيتونن جي باغ ۾.
10+10+13=33 ماترا، منجري سَوَيا.
ويٺو نيڻ جلائي،
خالي ڪمري ۾.
10+10=20 ماترا، ارن ڇند.
اکڙيون بند ڪري،
چاههُ چُمائي ٿي وڃي!
10+13=23 ماترا، راڌا ڇند.
نيڻن ۾ وکريل،
ويٺو آدمي،
سپنا ميڙي ٿو.
10+9+10=29 ماترا، مرسٽا ماڌو ڇند.
اوندهه سارو تَرُ،
روشن تنهنجو گهر!
10+10=20 ماترا، شاستر ڇند.
تنهنجي ڳل جو سانوري،
موهيڙو من موهي ويو.
13+14=27 ماترا، سرسي ڇند.
ڪيترو وياهن وڻي،
پير تنهنجا پدمڻي!
12+12=24 ماترا، دڪپال ورنڪ ڇند.
بارش برسي، منظر مُرڪيا!
7+7=14 ماترا، چوپاڻي ڇند.
هوراڻو ٿوڳائي،
سينڌوءَ جي ڪپ تي.
12+10=22 ماترا، راس ڇند.
صالح جون وايون پنهنجي بيهڪ ۽ گائڪي پدن جو پيڪر آهن، سندن تُڪوارا پد ۽ اولاڻڪ پد فڪري توڻي فني گهرجن موجب مُنڊيءَ تي ٽِڪ جيان سجايل آهن، سندس صفحي نمبر 75 واري وائي ڏيڍوڻي آهي.
رات سموري پئي،
ٽانڊاڻو ٽمڪيو،
زيتونن جي باغ ۾.
پهريون اساسي پد اهي، ٻيو تڪ وارو پد آهي ۽ ٽيون اولاڻي وارو پد اٿس، ايئن ئي ص نمبر 78 واري وائي به ڏيڍوڻي وائي آهي.
نيڻن ۾ وکريل،
ويٺو آدمي،
سپنا ميڙي ٿو.
پهريون اساسي پد، ٻيو تڪ وارو پد، ٽيون اولاڻڪ پد اٿس، صفحي نمبر 81 واري وائي ورنڪ ڇند ۾ رچيل آهي، باقي سڀ وايون ماترڪ ڇندن ۾ آهن، مجموعي طور تي عباسي جون وايون خوبصورت آهن، ٻن واين کان سواءِ ساريون وايون هيڪوٽي سٽاءَ واريون آهن.
منهنجي سانوري ساجن جا گيت به ماترڪ ۽ ورنڪ ٻنهي ڇند ۾ رچيل آهن، پهريان ماترڪ ڇند وارو گيت
جيڪو سانگين سور گهٽائي،
ڌرتي لئه جو ننڊ ڦٽائي،
سوئي قومي هيرو آهي.
16+16+16=48 ماترا سُڌا ننڌي دنڊڪ، هي ماترڪ ڇند آهي، تثليثي ماترائن جي جماليا تي بيهڪ جو پيڪر آهي، هيءَ وائي، اعليٰ فني مهارت جو شهڪار به آهي.
چڱو يار! جاني! اٿي موڪلاڻي،
لڳي ٿو اسان جي هتي آ پڄاڻي.
20+20=40 ماترا، وجيا ماترائي ورنڪ ڇند.
هن گيت جو سرو سم پد ۽ تڪيارن پدن جو مجموعو آهي يا دوهي نما خوبصورت سرو آهي، مٿين وائي جا مٿيان ٻئي پد اساسي ۽ تڪيارا سم پد آهن، جڏهن ته اولاڻڪ پد مقفانه آهي، مجموعي طرح “صالح” عباسي صاحب جو ڪتاب روح جون رولاڪيون” فني ۽ فڪري جماليات جو پيڪر آهي، هن ڪتاب آڻڻ تي اسين کيس دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
سرمد چانڊيو