هي ڪتاب صالح عباسي جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. صالح عباسي غزل جو خوبصورت شاعر آهي. سندس ڪتاب ”روح جون رولاڪيون“ ۾ شامل غزل، وايون، نظم ۽گيت سندس احساساتي ڪيفتين جو اهڙو نچوڙ آهن، جنهن ۾ سندس اظهار جو انداز پڻ سادو، سلوڻو ۽ منفرد آهي، اهوئي سبب آهي جو سندس ڪوتائن ۾ پيار جي پهرين چميءَ وانگر روحاني رولاڪين جو ذڪر بجانب نظر اچي ٿو.
ادبي دنيا سان منهنجي وابستگي زندگي جو بهتر عمل هيو، جو آئون اهڙي سگهڙ سٿ ۾ شامل ٿي هڪ وڏي جهان سان روشناس ٿيس ۽ پاڻ ۾ سڀاويڪ تبديليون محسوس ڪيم، منهنجو دوست، ڀاءُ سڀ ڪجهه محمد صالح عباسي مون کي ادبي جهان ۾ آڻي وڏو وڙ ڪيو، محمد صالح عباسي تي لکڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي، جو سندس گوناگون شخصيت جا سڀئي پهلو وزندار آهن، شايد آئون انصاف نه ڪري سگهان، پنهنجي حال آڌار سندس حڪم اکين تي رکي عرض ڪندس ته ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، سندن سڀاءُ اهڙو ته خوشبودار هجي ٿو جنهن سان ماحول معطر ٿئي ٿو، سگهڙن جي جهان جو وڏو نالو محمد صالح عباسي مڪمل آرٽ ورڪ جو ماهر، وسيع سوچ، قوم پرستي جو اهڃاڻ، سچي ديش ڀڳت، دوستي ۾ وڙ ڪرڻ وارو پنهنجي ذات ۾ انجمن آهي، سندس شاعري ۾ محبت ۽ ديس لاءِ اڪير سان گڏ هڪ ارڏائپ آهي جا ڪونڌر سنڌين جو شان هوندي آهي، سائين سڪندر شيخ چواڻي ته: محمد صالح عباسي سگهڙن جو نڪ آهي، سندس قلمي پورهيئي تي مون کي دلي خوشي سان گڏ فخر محسوس ٿي رهيو آهي جو آئون اهڙي مور انسان جو پاڇو رهندو آيو آهيان.