ڪالم / مضمون

آمريڪا جو نئون پنڌ

فريد ڀُٽو بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي، پر زندگيءَ جي خَفن کيس لکڻ جي لاڳيتي عمل کان پري ڪري ڇڏيو. هِنَ وقت جڏهن هُو پنهنجي ڪٽنب سميت آمريڪا ۾ رهي ٿو، تڏهن مصروف ترين وقت مان گهڙيون ڪڍي آمريڪا جي سياست، ويجھڙائيءَ واري اليڪشن ۽ ٻين گهڻن موضوعن تي هي ڪالم/مضمون لکي ورتا اٿائين. هي سڀئي لکڻيون تحقيق، ترتيبَ ۽ تجزيي جو مرڪب آهن ۽ نهايت سؤلڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. ان ڪري نهايت اهم آهن.
  • 4.5/5.0
  • 1595
  • 550
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فريد ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آمريڪا جو نئون پنڌ

پنهنجي پاران

مونکي صحيح معنى ۾ ياد ناهي ته ادب سان چاهه ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿيو، بس ايترو ضرور ياد اٿم ته ڇهين درجي کان ”گل ڦل“ رسالو ۽ ”گلن جهڙا ٻارڙا“ پڙهڻ شروع ڪيم ۽ ستين درجي کان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي. اٺين درجي ۾ پهرين ڪهاڻي ”گل ڦل“ ۾ شايع ٿي. گھڻو ڪري نائين درجي ۾ هوس ته پنهنجي وقت جي مشهور ۽ يادگار اخبار ”هلال پاڪستان“ جي ٻارن واري صفحي ۾ پهرين ڪهاڻي ڇپي ۽ پوءِ ادبي صفحي ۾ ڪجھ ڪهاڻيون ڇپيون. ستين درجي ۾ ئي هوس ته ”پوپٽ“ رسالو نه صرف پڙهڻ شروع ڪيم پر ”پوپٽ“ جي سٿ جو ساٿاري به ٿي پيس. انهيءَ سٿ جي ساٿ سبب، منهنجي اها خوشنصيبي هئي جو ٽالپر پريس تي اڪثر استاد خادم سنڌيءَ سان ملاقات ٿيندي هئي، جيڪو ان وقت خيرپور جي بهترين شاعرن مان هڪ هو. سندس شاعري پڙهڻ جو انداز اعلى ۽ بلڪل نرالو هو. استاد پاڻ به ”اسٽائلش ماڻهو“ هو ۽ مونکي ته ڪنهن روسي ناول جو پرتجسس ڪردار لڳندو هو.
مونکي ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ لکڻ سان ڪافي دلچسپي رهي آهي، باقي مون شاعري ڪرڻ کي ڪڏهن به پنهنجي وس جي ڳالھه ناهي سمجھيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي اٿم. نه ئي وري ڪڏهن ڪو ڪالم لکڻ جو خيال آيو هو يا تجربو هو. ها البته جامي چانڊيو، اعجاز منگي، عمر قاضي، جاويد قاضي، ارباب نيڪ محمد، حسن مجتبى، ڊاڪٽر مجيد چانڊيو ۽ امر اقبال جَن جا سماجي، سياسي ۽ ادبي پيرائي ۾ لکيل ڪالم مسلسل پڙهندو ۽ لطف اندوز ٿيندو رهيو آهيان.
پوءِ هڪڙو اهڙو وقت آيو جو خيرپور جي ادبي، سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي خيرباد چئي، پيشيواراڻي تعليم لاءِ ڄامشوري جا وڃي وڻ وسايا. توڙي جو مان مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيس، پر اڪثر سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل ڪينٽين تي شام جي چانھ دوستن يارن سان گڏجي پيئڻ ويندو هيس. اهو ساڳيو دور هو جڏهن حليم باغي به سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ اڪثر هن سان سينٽرل ڪينٽين تي شام جي چانھ تي ملاقات ٿيندي هئي. ڄامشوري ۾ چار پنج سال ڇا رهياسون، ڄڻ ته سموري زندگيءَ جا حسين پَلَ ۽ يادگار لمحا اُتي ئي گذاريا هُجن. مون هميشه سهڻو سٺو وقت گذاريندي زندگيءَ جي هر لمحي مان لطف اندوز ٿيڻ چاهيو آهي ۽ ڪنهن حد تائين ان ۾ ڪامياب ويو آهيان. توڙي جو سٺو وقت ڪراچيءَ ۾ به گذاريم، ۽ شڪاگو ۾ يادگار وقت کانپوءِ اچي لوئيوِل جا وڻ وسايا اٿم، پر ڄامشوري جو جڏهن به ذڪر نڪري ٿو يا ڪا يادگيري اچي ٿي ته ڄڻ پيارو پيارو سور محسوس ٿئي ٿو ۽ هڪ عجيب پيار ڀري ڪيفيت طاري ٿيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن حليم باغيءَ جو شاندار نظم، شفيع فقير جي آواز ۾ ڳايل ”اڙي شهر جانان ڪي توکي سنڀارون.....“ لڳاتار ٻڌندو رهندو آهيان...!! حليم باغيءَ جو ڄامشوري تي لکيل هيٺيون شعر ته دل جي ڌڙڪن بند ڪريو ڇڏي:

سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
ڄام شوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي

هن کي ڀيٽيون ته ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون
جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ته ڪفر ٿيو وڃي


هن ڳالھ کي تقريبن ٽيهارو کن سال ٿيندا، مونکي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالھ جي ڳالھ هجي! مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران هڪ ڀيري خيرپور آيل هيس، سِوِڪ سينٽر ڀرسان هڪڙي دوست جو دوست گڏيو، خير عافيت کانپوءِ پڇيائين ته تو ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهين جو ڪنهن ادبي محفل ۾ نظر ئي ڪونه ٿو اچين؟ ٻڌايومانس ته مان پڙهائيءَ سبب هاڻي ڄامشوري ۾ رهندو آهيان. تعجب کائيندي چيائين ته، ”وڃ.....!! اديب پڙهندا به آهن ڇا...!؟ مون سمجھيو هو سڀ مون وانگر واندا هوندا آهن...!“ ۽ پوءِ اها اتفاق جي ڳالھ آهي ته انجينئرنگ پاس ڪرڻ کانپوءِ جڏهن مون ڪراچي جي ”چائنا ٽائون ريسٽورينٽ“ تي پنهنجي ڪلاس جي دوستن جي ماني ڪئي هئي، تنهن ۾ اهو همراهه به موجود هو، جنهن کي چائنيز کاڌو ٺپ نه وڻيو، ۽ ٻيهر وڃي جناح اسپتال جي ڀر ۾ ”ڪيفي سنڌ“ تي دال ماني کارائي مانس.
آمريڪا ۾ مصروفيت واري زندگي گذاريندي ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اوچتو ئي اوچتو ڪو ڪالم لکندس، ۽ لڳاتار لکندس. پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي، لکڻ ٻي ڳالهه آهي. خبر ناهي اهو اتساهه ڪيئن ۽ ڪٿان مليو...!؟ ها هڪ ڳالھ جو اقرار ڪريان ٿو ته لڳاتار پڙهڻ ۽ برقي رابطن جي ادارن تي مسلسل سامهون ايندڙ ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارتي چونڊ مهم دوران عجيب و غريب خبرن، ضرور لکڻ لاءِ اتساهيو هو!
روزاني ”عوامي آواز“ ۾ هڪ اڌ مضمون شايع ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيري فون تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر قاسم راڄپر چيو ته: ”اسان توکي ”عوامي آواز“ لاءِ دريافت ڪيو آهي. تو ۾ ڪو ليکڪ لڪيل هو، جنهن کي عوام آڏو آندو آهي“. چيومانس ته: ”ليکڪ لڪيل ڪونه، ستل هو، پر جاڳائڻ ۾ ”عوامي آواز“ نه پر اَنڪل ٽرمپ جو هٿ وڌيڪ آهي“.
منهنجو ان ڳالھ ۾ پختو ۽ پڪو يقين آهي ته ادارا انسان جي پرورش ۽ رهنمائيءَ ۾ تمام وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جڏهن مان ڪنڌ پوئتي ورائي پنهنجي ادبي اوسر لاءِ ڪنهن اداري جي تلاش ڪريان ٿو ته سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ ٻالڪ سنگت ڏسان ٿو. پيشيواراڻي زندگيءَ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ دل جي نهايت ئي قريب آءِ بي اي (IBA) سکر نظر اچن ٿا. پيشيواراڻي زندگيءَ لاءِ جي جاچيان ٿو ته ”پيٽرومين“ جھڙو ادارو هو، جنهن منهنجي خالي جھوليءَ ۾ اهو سڀ ڪجھ ڏنو، جنهن سان آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ به اچي ڪا تڪليف ڪانه ڏٺم. ادبي ۽ سماجي حوالي سان، توڻي ذاتي زندگيءَ ۾ قربان منگيءَ جي قربت منڍ کان تمام عزيز رهي اٿم. ادبي ۽ سماجي حوالي سان اسان ٻنهي جي سفر جي شروعات تقريبن ساڳي وقت ۾ ٿئي ٿي، اها ٻي ڳالھ آهي ته قربان منگي پنهنجي لڳاتار محنت، دلچسپي ۽ سچائيءَ سبب ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ مونکان زمانا اڳتي نڪري ويو آهي، جنهن جي بيحد خوشي به اٿم.
مونکي خبر ناهي ته منهنجا لکيل ڪالم ڪيتري اهميت يا ڪم جا آهن، اهو فيصلو پڙهندڙن تي ٿو ڇڏيان خاص طور تي انهن پڙهندڙن تي جيڪي عالمي سياست ۽ سماجي ترقي ۽ اٿل پٿل ۾ دلچسپي رکن ٿا. مون ته بس اها ڪوشش ڪئي آهي ته دنيا جي وڏي طاقت آمريڪا ۾ هلندڙ سياسي ۽ سماجي تبديلين کان سنڌيءَ ۾ لکي پڙهندڙن کي آگاهي ڏجي. اها ڪوشش شل قبول پوي..!
لک لائق پروفيسر ڊاڪٽر مجيد چانڊيو جا جنهن منهنجن ڪچن ڦڪن مضمونن لکڻ تي منهنجي همت افزائي ڪئي آهي ۽ مضمونن کي ساراهيو آهي. مان سائين مجيد چانڊيو جي عالمي سياست، روس جي سياسي ۽ معاشي ڪردار ۽ خاص طور تي اُن جي خطي ۾ اڀرندڙ قوت بابت لکيل مضمونن کي هميشه وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيو آهي ۽ انهن مضمونن مان رهنمائي حاصل ڪئي اٿم.
وڏا وڙ سائين ادل سومري جا جيڪو نه فقط منهنجا مضمون پڙهندو رهيو آهي پر وقت بوقت سهڻن سيبتن مشورن سان گڏ همٿائيندو به رهيو آهي.
ايازگل سان دوستي پنهنجي جاءِ تي، مان هن جي شاعريءَ جو هميشه پرستار رهيو آهيان. هن کي مون سدائين هڪ سهڻي سيبتي سچي دوست سان گڏ هڪ بيحد وڻندڙ شاعر طور ڏٺو آهي. مونکي 1978ع جو اهو ڏينهن ڪالھ جيان ياد آهي، جنهن ڏينهن غلام عباس ڀنڀري جي جڳھ تي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ اياز گل هڪ غزل پڙهيو هو جنهن تي خوب داد حاصل ڪيو هيائين، غزل جو هيٺيون بند اڃا به ياد اٿم:

چور آهن وري اُٿيا تَرَ جا
در بند رکجو سڀئي گھر جا

اياز گل سان مون جڏهن پنهنجي مضمونن جي ڪتاب جي باري ۾ ذڪر ڪيو ته هن هڪدم مشورو ڏنو ته ان ڪتاب جو مهاڳ جامي چانڊيي کان لکائجي!
جاميءَ جا قرب، هن پنهنجي بي پناهه مصروفيتن مان وقت ڪڍي منهنجن مضمونن کي پڙهيو ۽ مهاڳ لکيو. مان سندس ٿورائتو آهيان جو مون لاءِ اهو ڪنهن اعزاز کان گھٽ ناهي ته موجودھ زماني ۽ وقت جو هڪ بهترين لکاري، دانشور ۽ سماجي سائنس جو ڄاڻو منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکي..!
”عوامي آواز“ جي سٿ، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جن جون مهربانيون جن هر لمحي پئي همٿايو آهي ۽ هن ڪتاب آڻڻ لاءِ تمام گھڻي همت افزائي ڪئي.
پنهنجي شاعر دوست امراقبال جون خاص مهربانيون جو هن وقت سيڙائي ڪتاب جا پروف پڙهي درستگيون ڪيون. پياري سعيد منگيءَ جا به لک ٿورا جنهن پڻ گهڻين مصروفيتن مان وقت ڪڍي، منهنجي ڪتابَ جو ٽائيٽل گهڻي پيارَ سان ٺاهيو. پوپٽ پبلشنگ هائوس جي انتهائي باصلاحيت نوجوان آصف نظاماڻي به جس لهڻي جو سندس ڪوشش ۽ ڪاوش سبب ڪتاب وقت سر ڇپجي سگھيو. آخر ۾ عرفان ڀُٽي جا به ٿورا مڃيندو هلان جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي آهي.

[b] فريد ڀٽو
[/b] 17 نومبر 2017ع
لوئيول ــــ آمريڪا