ڪالم / مضمون

آمريڪا جو نئون پنڌ

فريد ڀُٽو بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي، پر زندگيءَ جي خَفن کيس لکڻ جي لاڳيتي عمل کان پري ڪري ڇڏيو. هِنَ وقت جڏهن هُو پنهنجي ڪٽنب سميت آمريڪا ۾ رهي ٿو، تڏهن مصروف ترين وقت مان گهڙيون ڪڍي آمريڪا جي سياست، ويجھڙائيءَ واري اليڪشن ۽ ٻين گهڻن موضوعن تي هي ڪالم/مضمون لکي ورتا اٿائين. هي سڀئي لکڻيون تحقيق، ترتيبَ ۽ تجزيي جو مرڪب آهن ۽ نهايت سؤلڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. ان ڪري نهايت اهم آهن.
  • 4.5/5.0
  • 1595
  • 550
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فريد ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آمريڪا جو نئون پنڌ

آمريڪا جي اڪيلائي

آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارت خيرن سان اچي ٽئين ٽه ماهيءَ ۾ پهتي آهي، پر صدر صاحب جا پير اڃان زمين تي نه ٿا کپن. دنيا جي ڪيترن ئي موجوده ملڪن جي بيهڪ، انهن جي اقتصادي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ آمريڪا جو سڌو يا اڻ سڌو ڪردار رهيو آهي. خاص طور تي 26 ڊسمبر 1991ع تي گڏيل روس جي ٽٽڻ کانپوءِ، آمريڪا ڄڻ سياسي ۽ جاگرافيائي حوالي سان سڄي دنيا جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي پيو. هونئن به ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ سياسي، اقتصادي، معاشي ۽ ٽيڪنالوجي ۾ نواڻ ۽ ايجادن جي حوالي سان؛ آمريڪا جو اهم ۽ مضبوط ڪردار رهيو آهي، ويندي علاقائي جنگيون ڪرائڻ ۽ روڪرائڻ ۾ به هي ملڪ اڳڀرو رهيو آهي. مون کي ان ڳالهه چوڻ يا لکڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي ٿئي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر باراڪ حسين اوباما دنيا جي ترقي ۽ گدلاڻ کان صاف ڌرتي لاءِ پنهنجي پر ۾ ڪيئي ساراھ جوڳيون ڪوششون ورتيون، جنهن سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن هُن کي هاڪاري موٽ ڏني، ۽ آمريڪا جي اڳواڻي صاف نظر پئي آئي، جو هو کوڙ سارن مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي رهيو هو. اڄ جي مضمون ۾ پاڻ صدر ٽرمپ جي صدارتي عرصي جي ٽئين ٽه ماهيءَ دوارن، دنيا ۾ آمريڪا جي ڪردار ۽ سندس حيثيت جو جائزو وٺون ٿا.
صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران ٻين ڪيترن ئي اختلافي نعرن ۽ مسئلن سان گڏ هڪ نعرو اهو به کڻي آيو ته روس سان اختلاف ختم ڪري گڏجي هلي سگهجي ٿو ۽ اهو ته روسي صدر پيوٽن هڪ سٺو ماڻهو آهي. روس متعلق ٽرمپ جي انهن بيانن ۽ روَيي ڪيترن ئي جهونن سياستدانن کي تاءَ ۾ آندو، خاص طور تي تمام جهونو سياستدان ۽ سينيٽر جان مڪين ڊونالڊٽرمپ جي اهڙن بيانن مان خوش نه هو ۽ هن بيان ڏنو ته صدر پيوٽن دنيا ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪئي آهي ۽ شام ۾ هن صدر بشارالاسد جي ڪيميائي هٿيار استعمال ڪرڻ جي به اڻ سڌي حمايت ڪئي، يا خاموشي اختيار ڪئي؛ تنهنڪري روس تي اقتصادي پابنديون اڃان وڌيڪ سخت هڻڻ کپن. يورپ جا اڪثر ملڪ صدر پيوٽن مان خوش ناهن جو هن 18 مارچ 2014ع تي يوڪرين جو علائقو ڪريميا حملو ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو. دراصل روسي صدر پيوٽن يورپ جي فوجي طاقت کي، سندن حفاظتي تعاون ۽ نيٽو کي ڪيئي ڀيرا للڪاريو آهي! خاص طور تي شام واري مسئلي ۾ دنيا ڏسندي رهي، روس کي ڪير به ڪجهه ڪين ڪري سگهيو.
روس کي صدر پيوٽن مختصر عرصي ۾ ٻيهر هڪ طاقتور ملڪ طور اُڀاريو، ٿورڙي وقت ۾ معاشي، اقتصادي ۽ فوجي ترقي هُن کي دنيا جي پهرين ٽن ملڪن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي. صدر پيوٽن جي رويي ۽ ڪرتوتن مان صاف لڳي ٿو ته هو پنهنجي ملڪ لاءِ ساڳيو مرتبو، مان شان ۽ ويندي سرمائيدار ملڪن جيان استحصال ۾ به ساڳيو حصو پتي چاهي ٿو، جيڪو هن جي ملڪ گڏيل روس کي ٽٽڻ کان پهرين حاصل هو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تي ڇا آمريڪا، يورپ جا ملڪ برطانيا، جرمني ۽ فرانس، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا وغيره روس جي ساڳي پراڻي حيثيت قبول ڪرڻ لاءَ تيار آهن؟ منڍ کان وٺي آمريڪا، انهن ملڪن جي اڳواڻي ڪندي روس خلاف انهن ملڪن جو مددگار ۽ ڀرجهلو هو، پر هينئر ڊونالڊ ٽرمپ جو صدر ٿيڻ، هن جي نيٽو جي خلاف ۽ روس جي حمايت ۾ بيانن، انهن سڀن ساٿاري ملڪن کي پريشان ۽ لاچار ڪري وڌو آهي. اُهي ۽ ڪجهه اوڀر يورپ جا ملڪ روس جي پراڻي حيثيت جي بحالي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي غير سنجيده غير سياسي طبيعت؛ هنن سڀن لاءِ پريشاني ۽ تشويش جو باعث آهي ۽ نتيجن صدر ٽرمپ تي ڪو به اتحادي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جرمن چانسلر اينجلا مرڪيل ڪيئي ڀيرا صدر ٽرمپ خلاف بيان ڏنا آهن، هن پنهنجي هڪڙي بيان ۾ چيو هو ته، ”يورپ هاڻي وڌيڪ آمريڪا ۽ برطانيا جي سهاري نه ٿو هلي سگهي.“ چانسلر اينجلا مرڪيل هڪ ٻئي بيان ۾ چيو هو ته، ”مان فقط ايترو چئي سگهان ٿي ته هاڻي اسان يورپين کي لازمي طور تي پنهنجي منزل لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو“. اڃان به ان کان وڌيڪ خطرناڪ بيان جرمن چانسلر اينجلا مرڪيل 28 مئي تي G -7 ملڪن جي گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو آمريڪا ڀروسي جوڳو ساٿي ناهي رهيو“. هن واضح طور تي صدر ٽرمپ جي روس، نيٽو، عالمي گدلاڻ وارين پاليسين تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو. صبر ۽ درگذر ڪرڻ ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ سکيو ئي ناهي ۽ نه ئي اهڙي روَّيي کي هو سٺو سمجهي ٿو. ٻئي ڏينهن يعني 30 مئي تي پنهنجي هڪ ٽويٽ ذريعي جرمن چانسلر اينجلا مرڪيل کي جواب ڏيندي چيائين ته، ”جرمني کان اسان کي واپار ۾ تمام وڏو خسارو آهي، وڌيڪ ته جيڪي پئسا هنن کي نيٽو ۽ فوج تي خرچ ڪرڻ گهرجن، تنهن کان هو تمام گهٽ حصو ڏين ٿا. اهو آمريڪا لاءِ برو آهي. اهو تبديل ٿيندو“. ساڳي نموني يورپ جا ڪجهه ٻيا به اهم ملڪ جيئن برطانيا ۽ فرانس آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي پاليسين ۽ رويي مان خوش ناهن، جرمن چانسلر مرڪيل جيان ڪڇن ڪونه ٿا، پر سمجهي هر ڪو ٿو.
آمريڪا 1949 ۾ روس ۽ اشتراڪي نظام جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ 11 ٻين ملڪن سان گڏجي ”نيٽو“ (NATO) اتحاد جوڙيو، ته جواب ۾ روس 1955ع ۾ يورپ جي اوڀر ملڪن سان گڏجي ”وارسا پيڪٽ“ نالي سان اتحاد ٺاهي ورتو. گڏيل روس جي ٽٽڻ کانپوءِ 1 جولاءِ 1991ع تي ”وارسا پيڪٽ“ کي ته ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو پر آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ”نيٽو“ کي اڃان به وڌيڪ مظبوط ڪندا رهيا. هن سال 2017 ۾ ڪل ملائي ”نيٽو“ جا 29 ميمبر ملڪ آهن. صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران ۽ صدر ٿيڻ کانپوءِ به ”نيٽو“ جي اهميت ۽ افاديت تي حملا ڪندو رهيو آهي؛ جنهن کي ميمبر ملڪ سٺو نه ٿا سمجهن ۽ صدر ٽرمپ جي اهڙي رويي سبب نيٽو ميمبر ملڪن جو آمريڪا تي ڀروسو ۽ اعتماد وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن گهٽبو، جنهن جو سڌو ۽ اڻ سڌو فائدو روس کي ئي ٿئي ٿو. هينئر اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته صدر پيوٽن ۽ روس سان سٺا لاڳاپا صرف صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس ڪجهه تمام ويجهن ساٿين جي خواهش هئي. خميس 27 جولاءِ تي سينيٽ 2 جي مقابلي ۾ 98 ووٽن سان روس خلاف تمام سخت پابندين جو بل پاس ڪيو. ان کان اڳ ڪانگريس 25 جولاءِ تي 3 جي مقابلي ۾ 419 ووٽن سان روس، ايران ۽ اتر ڪوريا خلاف پابنديون مڙهڻ جو اهڙو ئي بل منظور ڪيو هو. انهن بلن جي خاص ڳالهه اها آهي ته صدر ٽرمپ جا اهي اختيار گهڻي ڀاڱي ختم ڪيا ويا آهن، جن موجب هو روس کي ڪي رعايتون ڏيئي پئي سگهيو. ٽرمپ انتظاميا لاءِ اهو تمام ڪاپاري ڌڪ آهي جو هو روس سان دوستي ۽ سٺن تعلقاتن وارو خواب، پوءِ ڪهڙن به مفادن جي ڪري؛ چڪنا چور ٿي ويو. هوڏانهن روسي صدر جڏهن ڏٺو ته ٽرمپ انتظاميا جا هٿ ڪٽجي ويا آهن ته هڪ ئي ڌڪ ۾ 30 جولاءِ تي آمريڪا جي 755 سفارتي عملي جي ملازمن کي ملڪ نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو. صدر ٽرمپ جي نعرن ۽ دعوائن جي برعڪس آمريڪا ۽ روس جا سياسي ۽ سفارتي تعلقات سرد جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي پئماني تي خراب حد تائين پهتا آهن.
آمريڪا گهڻي عرصي کان سني مسلمان ملڪن جو اتحادي رهيو آهي ۽ 1 فيبروري 1979ع واري ”خميني انقلاب“ کانپوءِ ايران جي اسرائيل خلاف لڳاتار سخت موقف جي ڪري آمريڪا ڄڻ ايران جو ازلي دشمن ٿي پيو. روس اهڙي صورتحال جو فائدو وٺندي ايران سان ويجها تعلقات رکيا ۽ خاص طور تي 90 جي ڏهاڪي ۾ روس ايران کي هٿيارَ مهيا ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو. صدر ولاديمير پيوٽن اقتدار ۾ اچڻ سان ايران سان سياسي ۽ فوجي تعلقاتن کي اڃان وڌيڪ مظبوط ڪيو؛ اهڙي نموني روس کي آمريڪا دشمنيءَ سبب شيعا آباديءَ وارا ملڪ ڄڻ قدرتي اتحادي ملي ويا ۽ ائين ئي روس شام جو وڏي ۾ وڏو اتحادي ۽ دوست ملڪ ٿي پيو. گڏيل روس ۽ شام جي وچ ۾ 1944ع کان وٺي سياسي تعلقات هلندا پيا اچن ۽ سندن وچ ۾ ڪيئي دوستي، اقتصادي ترقي ۽ فوجي تعاون جا معاهدا ٿيل آهن. هونئن به تاريخي طور تي شيعا آباديءَ وارا مسلمان ملڪ گڏيل روس کي سني آباديءَ وارن ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويجهو ۽ اتحادي رهيا آهن.
صدارتي چونڊ مهم دوران ڊونالڊ ٽرمپ چين جي خلاف تمام گهڻو ڳالهايو، جنهن ۾ هُن چين کي ڪيئي ڀيرا مخاطب ٿي ڌمڪيون ڏنيون، ته چين پنهنجي نوٽن جو قدر عالمي گهرجن تحت وڌائي؛ نه ته آمريڪا سان سندس واپار نه هلي سگهندو وغيره وغيره. صدر ڊونالڊ ٽرمپ چين کي اتر ڪوريا جي جنگي جنون ۽ ميزائيل تجربن جو ڪيئي ڀيرا ذميوار قرار ڏيئي چڪو آهي. مون ڪافي دفعا محسوس ڪيو آهي ته هيڏانهن صدر ٽرمپ چين يا اتر ڪوريا خلاف ڪو بيان ڏيندو آهي ته هوڏانهن اتر ڪوريا ڪو ميزائيل جو تجربو ڪندو آهي. چين وٽ اتر ڪوريا ۽ روس وٽ شام جا مسئلا ڄڻ آمريڪا کي منهن ڏيڻ لاءِ هجن! ساڳئي نموني، صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران ۽ صدر ٿيڻ کانپوءِ، اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ اُن ۽ سندس ملڪ خلاف ڪيئي ڀيرا تُز ۽ تيز رويو اختيار ڪيو، جڏهن ته اتر ڪوريا جوابن ميزائيل مٿان ميزائيل جا تجربا ڪندو رهيو. هڪ ڀيرو صدر ڊونالڊ ٽرمپ خوشامد جو پتو کيڏندي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾، اتر ڪوريا جي صدر جي تمام گهڻي تعريف به ڪري ويٺو پر ٿيو ڪجهه ڪين. اتر ڪوريا کي ڌمڪين سان گڏ، صدر ٽرمپ چين کي به چوندو رهيو آهي، ته سمجهايو هن پنهنجي دادلي ٻار کي، آمريڪا ته ڪيئي ڀيرا اتر ڪوريا سان محدود پئماني تي جنگ جون به ڳالهيون ڪري ٿو ته ساڳي وقت چين کي اتر ڪوريا جي مدد ۽ هشي ڏيڻ جو ذميوار قرار ڏيئي ٿو. ڪم جونگ اُن جي اتر ڪوريا جي صدر ٿيڻ کانپوءِ، اتر ڪوريا ميزائيل تجربا وڌائي ڇڏيا آهن ۽ ان جي ڪوشش آهي ته سندن Intercontinental ballistic missile (ICBM) ميزائيل هڪ کنڊ ڪا ٻئي کنڊ تائين ڪنهن نموني پهچن ته جيئن آمريڪا جي ڪجهه شهرن کي نشانو بڻائي سگهجي. صرف 2017ع ۾، اتر ڪوريا 12 ڀيرا ميزائيل تجربا ڪيا آهن، جن مان نَون جي آمريڪا تصديق ڪئي آهي، ۽ ٽِن تجربن کي ناڪام قرار ڏنو آهي. هونئن ته اتر ڪوريا هن سال تقريبن هر مهيني ميزائيل تجربا ڪيا آهن، پر سندن 28 جولاءِ وارو تجربو اتر ڪوريا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌ هو، جو سندن بيلاسٽڪ ميزائيل 3700 ڪلوميٽر ٽوٽل مفاصلو، ۽ 1000 ڪلوميٽر زميني سفر ڪري جاپان ويجهو سمونڊ ۾ ڪريو، جنهن جي تائيد پينٽاگون به ڪئي. هن تجربي کانپوءِ آمريڪا چين سان سڌو ڳالهايو ته اتر ڪوريا جي اهڙن تجربن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، ۽ اقوام متحده کان وڌيڪ پابنديون هڻائي اتر ڪوريا کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ بظاهر چين هن معاملي ۾ آمريڪا سان گڏ آهي، پر اتر ڪوريا طرفان اهڙن ميزائيل تجربن لاءِ ڪي سنجيده ۽ نتيجا خيز ڪوششون ناهن ورتيون. چين جي سرد مهريءَ تي صدر ٽرمپ، اتر ڪوريا طرفان ميزائيل تجربي ڪرڻ جي ٻئي ڏهاڙي يعني 29 جولاءِ تي ٽوئيٽ ڪيو ته، ”مان چين مان سخت مايوس آهيان. اسان جي اڳوڻن بيوقوف اڳواڻن جي اجازت سان هو (اسان مان) واپار ذريعي اربين ڊالر ڪمائن پيا، تڏهن به……!“ ساڳي وقت هڪ ٻئي ٽوئيٽ ڪيائين ته، ”هو اسان لاءِ، اتر ڪوريا خلاف ڪجهه نه ٿا ڪن، سواءِ ڳالهين جي. اسان هنن کي اهڙي عمل جي وڌيڪ اجازت نه ڏينداسين. چين هن مسئلي کي آسانيءَ سان حل ڪري سگهي ٿو.“ هن ٽوئيٽ مان آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي بيوسي صاف ظاهر آهي.....
پِيو ريسرچ سينٽر جي طرفان ڪرايل 37 ملڪن جي هڪ سروي رپورٽ مطابق ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ تي، دنيا جي ملڪن، جي آمريڪا جي حمايت ۾ ڪمي آئي آهي؛ جيڪا اڳوڻي صدر باراڪ اوباما جي وقت ۾ 64 سيڪڙو هئي ۽ صدر ٽرمپ جي دور ۾ گهٽجي 49 سيڪڙو تي پهتي آهي. جڏهن ته دنيا جو آمريڪا تي اعتماد 64 سيڪڙو مان گهٽجي وڃي 22 سيڪڙو تي پهتو آهي. آمريڪا جهڙي عالمي اڳواڻ ملڪ لاءِ اها ڪا چڱي صورتحال ڪونهي.
منهنجي ڄاڻ، سمجهه ۽ سوچ مطابق دنيا جي سياسي معاشيات هلائڻ ۾ ٽي ملڪ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جن ۾ آمريڪا، روس ۽ چين اچي وڃن ٿا. باقي جرمني، فرانس، برطانيه، آسٽريليا، ڪئناڊا، جاپان، اسرائيل ۽ هندستان وغيره اهم ملڪ آهن پر اهي سياسي، سماجي، معاشي ۽ اقتصادي طور تي ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڃان ايترا مظبوظ ناهن؛ تنهنڪري هو پنهنجن مفادن جي بچاءَ، پنهنجي ترقي ۽ باقي دنيا جي استحصال ۾ انهن ٽن ملڪن مان ڪنهن هڪ جا ساٿاري ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو پنهنجو حصو پتي وٺڻ جي جستجو ۾ رهن ٿا. هوڏانهن انهن ٽن اڳواڻ ملڪن مان هر هڪ جي هميشه اها ڪوشش هجي ٿي، ته ڪهڙيءَ طرح ٻن ٻين اڳواڻ ملڪن کي ڪمزور ڪري، پنهنجي اجاراداري قائم ۽ برقرار رکجي. موجوده صورتحال ۾ صدر ٽرمپ جي آمريڪا لاءِ ”نيٽو“ جي ڪجهه طاقتور ملڪن جي بيزاري ۽ بي اعتباري، روس جو سياسي، معاشي ۽ اقتصادي طور هڪ مظبوط ملڪ طور ٻيهر اُڀري اچڻ ۽ چين جي سگهاري معاشي ۽ اقتصادي ترقي کانپوءِ اتر ڪوريا جي معاملي ۾ خاموش رهڻ، آمريڪا کي ڄڻ اڪيلو ۽ بيوس ڪري وڌو آهي.

(13 آگسٽ 2017ع)