آمريڪا، ڊونالڊ ٽرمپ ۽ انساني حقن جو سوال .....!!
(When somebody disrespects our flag, Get that son of a bitch off the field right now, out. He’s fired. He’s fired!)
صدر ٽرمپ جي اهڙي غير مهذب ٻولي ٻولڻ تي به هال ۾ ويٺل سندس بنياد پرست ۽ نسل پرست حامين ۾ ڪوڪرا پئجي ويا، تاڙين سان گڏ واهه واهه ٿي ويئي ۽ هن اها ڳالهه حسبِ عادت ٻه ٽي ڀيرا وري ورجائي. آمريڪا جي آئين جي ٻي ترميم مطابق احتجاج هر شهريءَ جو حق آهي. هيءُ ڪارن رانديگرن جو انوکو احتجاج هو، جيڪو اڇن آمريڪين کي نه ٿو ڀانئجي...!
فوٽ بال آمريڪا جي سڀ کان مشهور راند آهي، جيڪا هر سال سيپٽمبر مهيني کان شروع ٿي، فيبروري مهيني جي پهرين هفتي ۾ پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي. هن راند ۾ تمام گهڻو پئسو آهي ۽ سٺا رانديگر ڪروڙين ڊالرن جا معاهدا ڪري، مختلف ٽيمن طرفان کيڏن ٿا. اهو امر دلچسپ آهي ته هن راند ۾ 70 سيڪڙو اڪثريت آمريڪي آفريڪي ڪارن جي آهي، جيڪي تمام سٺي ۽ شاندار راند رهن ٿا. آمريڪا ۾ نيشنل فوٽ بال ليگ (NFL) 1920ع کان شروع ٿي پر ٽيمن وچ ۾ اڻ لکيو معاهدو ٿيل هو ته ڪنهن ڪاري رانديگر کي ناهي کيڏائڻو. ڪَيني واشنگٽن پهريون ڪارو رانديگر هو جنهن کي 1946ع ۾ نيشنل فوٽ بال ليگ (NFL) جي لاءِ چونڊيو ويو. آمريڪا ۾ هيءَ راند اربين ڊالرن جي صنعت آهي، تنهنڪري ظاهر آ ته ان تي سموري حڪمراني به اڇن آمريڪين جي آهي، جيڪي مُنڍ کان ان راند جي مالڪي ڪن ٿا. گذريل سال 11 سيپٽمبر تي مشهور رانديگر ڪولن ڪيپرنِڪ آمريڪا جي قومي تراني هلڻ دوران هڪ گوڏي تي ويهي پنهنجي ڪاري نسل جي ماڻهن تي ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. ان وقت ان احتجاج جو ايڏو وڏو اثرڪونه ٿيو هو، ڪنهن ڏٺو ڪنهن نه ڏٺو، ڳالهه آئي ويئي. هن مشهور رانديگر جي مسلسل احتجاجَ، ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن جو ڌيان ڇڪايو ۽ آهستي آهستي ٻين رانديگرن ۽ مختلف راندين جي ٽيمن به ساڳي نموني احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. آمريڪا جي ڪارن باشندن سان وقت بوقت، ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ زيادتي ٿيندي رهي ٿي، خاص طور تي پوليس طرفان کين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ۽ ڪيترن موقعن تي هنن مسڪينن کي بي ڏوهي ماريو به وڃي ٿو. صرف 2016ع ۾ 258 ڪاري نسل جا ماڻهو پوليس هٿان مئا، جن مان 39 ڄڻن کي ڪو به هٿيار نه هو ۽ 9 ڄڻا پوليس تحويل ۾ مئا.
صدر ڊونالڊ ٽرمپ، صدر چونڊجڻ کان پهرين 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڪاروباري معاملن ۾ مزدور طبقي سان يا وري ڪرائيدارن سان ڪيئي ڀيرا انساني حقن جي لتاڙ ڪئي. ايتريقدر جو ڪجهه معاملا ڪورٽ تائين پهتا، جيڪي هن ڪورٽ جي ٻاهران ڌرين کي ڏيئي وٺي، قانوني طور تي پنهنجي جان ڇڏائي ورتي. صدر ٽرمپ کي پنهنجن ووٽرن جي خبر آهي، هن کي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي ته هن جي ووٽرن جي اڪثريت بنياد پرست، نسل پرست آهي، تنهنڪري هو انهن کي وڻندڙ ٻولي ٻولي ٿو. هي اهو صدر آهي جيڪو نسل پرستيءَ کي هوا ڏئي ٿو ۽ قوم کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو. جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ جي شخصيت جو جائزو وٺجي ته اهو پڌري پٽ پيو آهي ته هو ڪڏهن به ريپبلڪن يا ڊيموڪريٽ ناهي رهيو، نه ئي هو ڪو بنياد يا نسل پرست رهيو آهي! بس هو صرف ٽئين دنيا جي مفاد پرست ۽ راشي سياستدانن جيان هڪ چالاڪ واپاري ۽ نئينءَ مان ساماڻيل مفاد پرست سياستدان آهي. هو نسل پرستيءَ سميت ڪو به اهڙو ڪم ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو، جيڪو هن کي ٻيهر صدر ٿيڻ لاءِ اڇن آمريڪين جي ويجهو آڻي، پوءِ ڀلي اخلاقي قدرن جي پائمالي ٿئي، انساني حقن جي لتاڙ ٿئي يا ملڪي حالتون ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن وڃن. هن کي پرواهه ئي ناهي ته هن جي اهڙن بيانن ۽ عملن سان اخلاقي قدرن ۽ انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي. 24 سيپٽمبر تي مشهور ٽيليويزن اي بي سي نيوز(ABC News) طرفان جاري ڪيل سروي رپورٽ مطابق صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اهڙن ڪرتوتن سبب 66 سيڪڙو ماڻهو سمجهن ٿا ته صدر ٽرمپ ٻڌي ۽ اتحاد بجاءِ ملڪ کي ورهايو آهي، جڏهن ته 59 سيڪڙو ماڻهو سمجهن ٿا ته صدر ٽرمپ گهربل تبديلي آڻي ناهي سگهيو. سروي مطابق صدر جي ڪارڪردگيءَ کي صرف 39 سيڪڙو ماڻهن جي منظوري ملي، جڏهن ته 57 سيڪڙو نامنظور ڪيو.
آمريڪا جي وائس پريزيڊينٽ مائيڪ پينس (Mike Pence) جي رياست انڊيانا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر سيد قيصر رضا ڪاظمي چوي ٿو ته، ”صدر ٽرمپ اهڙيون ڳالهيون ڄاڻي واڻي ڪري ٿو ته جيئن هن جو پنهنجو بنياد پرستن وارو حلقو خوش رهي ۽ انهن ۾ ساڳيو جوش و خروش به رهي جيڪو چونڊن وقت هيو.“ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ جي فارخ التحصيل ڊاڪٽر ڪاظميءَ جي ڳالهه ۾ وزن آهي ڇاڪاڻ ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ اين ايف ايل جي رانديگرن خلاف اهي نسلي امتياز واريون ڳالهيون رياست الاباما ۾ ٿيندڙ سينيٽ سيٽ جي پرائمري چونڊن دوران هڪ اميدوار جي جلسي ۾ ڪيون. عجب اتفاق آهي ته ٻنهي ريپبلڪ پارٽيءَ جي اميدوارن وچ ۾ ٿيندڙ پرائمري چونڊون ، صدر ٽرمپ جو حمايت يافتا اميدوار هارائي ويو. کٽندڙ اميدوار راءِ مور
(Roy Moore) لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو صدر ٽرمپ جي اميدوار کان وڌيڪ بنياد پرست ۽ ڪٽر مذهبي ماڻهو آهي. بهرحال، صدر ٽرمپ جي رانديگرن (ڪارن) خلاف ڳالهائڻ واري چال ته ڪونه هلي البته هن جي بي تڪي تقرير ۽ ويهن کان وڌيڪ ٽويٽن (Tweets) ملڪ جي ماڻهن کي اڃان وڌيڪ ورهايو ضرور آهي. آمريڪا جهڙو ترقي يافته ملڪ جيڪو پاڻ کي انساني حقن جو علمبردار سمجهي ٿو ۽ ايران، اتر ڪوريا، شام ۽ ڪجهه ٻين ملڪن خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڻيءَ لاءِ واويلا مچائيندو رهيو آهي؛ ته ڇا هتي به انساني حقن جي ڀڃڪڻيءَ جا واقعا ٿين ٿا؟ بلڪل ٿين ٿا...! تازو آمريڪي فوٽ بال جي راند دوران، قومي تراني وڄڻ وقت احتجاج ان جو وڏو ۽ کليل ثبوت آهي.
[b] اچو ته انساني حقن جي حوالي سان انساني معاشري ۾ ٿيندڙ ارتقا جو تاريخي جائزو وٺون:
[/b]اسان ڏسون ٿا ته تاريخي طور تي جيئن جيئن انساني تهذيب اڳتي وڌي ٿي، تيئن تيئن انساني حقن جي لتاڙ به وڃي ٿي وڌندي ۽ انساني حقن جو سوال اڳيان اچي ٿو. زمانا گذرڻ کانپوءِ، آهستي آهستي ڪي تهذيبون انساني حقن جي حوالي سان وڌيڪ ذميواريءَ جو ثبوت ڏين ٿيون ۽ انساني حقن کي يقيني بڻائين ٿيون، ته ڪي وري ان حوالي سان بلڪل لاتعلق رهن ٿيون. هر دور ۾ ڏاڍن انسانن، ڪمزور انسانن تي ظلم جي انتها ڪئي آهي. پراڻن زمانن ۾ هڪڙا قبيلا ٻين قبيلن تي، اڳتي هلي هڪڙا ملڪ ٻين ملڪن تي ڪاهون ڪري سندن علائقن تي قبضي سان گڏ مال متاع جا مالڪ بڻبا هئا، مرد توڙي عورتن کي به غلام بڻايو ويندو هو. انهن ويچارن معصوم غلام انسانن سان جانورن کان بدتر سلوڪ روا رکيو ويندو هو، جن جو ڏوهه فقط اهو هو ته هو شڪست کاڌل ڌر، قبيلي، رنگ، نسل، مختلف عقيدي، علائقي يا ملڪ جا ماڻهو هوندا هئا. پر هيا ته انسان...! اهو ڪير نه ڏسندو هو، جيسين عظيم بادشاهه سائرس (600-530 BC) آيو. بادشاهه سائرس دنيا جو پهريون آزاد خيال بادشاهه هو جنهن BC 539 ۾ بيبلون ميسيپوٽينيا (عراق) کي فتح ڪري، مفتوح ماڻهن کي غلام بنائڻ بجاءِ؛ هنن کي آزاد ڪندي اهو اعلان ڪيو ته سڀني انسانن کي پنهنجي مرضيءَ جو مذهب يا عقيدو چونڊڻ جو حق آهي؛ ۽ نسلي برابري قائم ڪئي ويندي. بادشاه سائرس انساني حقن جا مول متا هڪ ٺڪر جي گولي تي لکرايا، جنهن کي سائرس گولو (Cyrus Cylinder) سڏجي ٿو. جنهن کي دنيا جو پهريون انساني حقن جو پڌرنامو سمجهيو وڃي ٿو. هيءُ پڌرنامو اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ ڏنو ويو. افسوس جو اڍائي هزار سال گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪي انسان، پنهنجن انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا ۽ ارمان اهو آهي ته انسانن جا انساني حق ڦٻائڻ وارا به انسان ئي آهن. مان سوچيان ٿو اهو غير فطري عمل ايتري وقت کان ڪيئن پيو هلندو اچي؟
انساني حقن جي حوالي سان جيڪي اهم پڌرناما جوڙي عوام کي ڪجهه حق ڏنا ويا سي هيٺ ڏجن ٿا:
[b]1. ميگنا ڪارٽا Magna Carta (1215)
[/b]برطانيا جي بادشاهه کان زوريءَ 1215ع ۾ ميگنا ڪارٽا تي صحي ڪرائي وئي، جنهن کي بعد ۾ انساني حقن جو پڌرنامو قرار ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ چرچ کي سرڪار کان الڳ ٿي آزاد رهڻ، سڀني شهرين جو ملڪيت وٺڻ ۽ وارث ٿيڻ، بيواهن کي وراثت جي ملڪيت ۾ حصو ۽ قانوني طور تي عورتن جي برابريءَ جا حق تسليم ڪيا ويا. ميگنا ڪارٽا کي دنيا ۾ موجود اڄ جي جديد جمهوريت جي اوسر لاءِ اهم دستاويز تصور ڪيو وڃي ٿو. اهو سوچي تعجب ٿو لڳي ته اسان انسانن کي هن بنيادي ۽ اهم دستاويز کي آڻڻ لاءِ، سائرس کانپوءِ به سترنهن سو سال لڳا، جنهن ۾ پوءِ به سمورن انساني حقن جي ضمانت ناهي ڏني ويئي، جيڪا هونئن به اڄ تائين سموري دنيا جي انسانن کي مليل ناهي.
[b]2. حق جي درخواست Petition of Right (1628)
[/b]1628ع ۾ انگريز پارليامينٽ هيءَ درخواست تيار ڪري بادشاهه چارلس-1 کي اُماڻي. دراصل هن درخواست ۾ بيان ڪيل هو ته:
(1) پارليامينٽ جي منظوريءَ کانسواءِ ڪي به محصول لاڳو نه ٿا ڪري سگهجن.
(2) ڪنهن کي بنا جواز جي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي.
(3) ڪنهن سپاهيءَ کي شهريت جي بنياد تي ٻڌي نه ٿو سگهجي.
(4) امن جي وقت ۾ مارشل لا نه ٿي لاڳو ڪري سگهجي.
[b]3. آمريڪا جو آئين US Constitution (1787)
[/b]4 جولاءِ 1776ع تي آمريڪا جي ڪانگريس آزاديءَ جو پڌرنامو منظور ڪيو. ڇاڪاڻ ته تازو ئي آمريڪا برطانيا کان آزادي ماڻي هئي، تنهنڪري هيءُ پنهنجي جُز ۾ انفرادي آزادي ۽ انقلاب جي حق جو پڌرنامو هو، جنهن جو بنيادي ليکڪ آمريڪا جو ٽيون صدر (1809ع to 1801ع) ٿامس جيفرسن هو. 17 سيپٽمبر 1787ع تي آمريڪا جي آئين جي منظوريءَ لاءِ صحيون ڪيون ويون. چيو وڃي ٿو ته آمريڪا جو آئين دنيا جو پراڻي ۾ پراڻو آئين آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي.
[b]4. فرانس جو ماڻهن ۽ شهرين بابت حقن جو پڌرنامو
[/b]French Declaration of the Rights of Man and of the Citizen (1789)
فرانس جي عوام 1789ع ۾ بادشاهت کي مڪمل ختم ڪري فرانس جي پهرين جمهوري حڪومت جو بنياد وڌو ۽ آئين ساز اسمبليءَ هڪ پڌرنامو منظور ڪيو، جيڪو دراصل فرانس جي آئين ٺاهڻ لاءِ پهريون قدم هو. هيءُ پڌرنامو شهرين جي آزادي، ملڪيت، حفاظت ۽ ظلم خلاف احتجاج جي حق جي ضمانت ڏئي ٿو.
[b]5. آمريڪا جو حقن جو پڌرنامو US Bill of Rights (1791)
[/b]آمريڪا جي آئين ۾ حقن جو پڌرنامو آمريڪا جي شهرين جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪري ٿو. آمريڪي آئين ۾ پهريون ڏهه ترميمون جيڪي بنيادي حقن (Bill of Rights) متعلق آهن، 15 ڊسمبر 1791ع تي لاڳو ڪيون ويون. بنيادي حقن واري بل ۾ اظهار جي آزادي، مذهب جي آزادي، هٿيار رکڻ ۽ کڻڻ جو حق ۽ احتجاج جي آزاديءَ جو حق اچي وڃن ٿا.
[b]6. جينيوا جو پهريون اجلاس
[/b] (The First Geneva Convention 1864)
22 آگسٽ 1864ع تي جينيوا سئزرلينڊ ۾ يورپ جي سورنهن ملڪن ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هيءُ اجلاس اصل ۾ زخمي فوجين جي حفاظت لاءِ معاهدو طئه ڪرڻ ڪاڻ ڪوٺايو ويو هو. 1864ع جي پهرين معاهدي جي منظوريءَ کانپوءِ 1906، 1929 ۽ آخر 1949 ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ جائزو وٺي بنيادي تبديلين بعد ان کي لاڳو ڪيو ويو.
[b]7. انساني حقن جو عالمي معاهدو
[/b](The Universal Declaration of Human Rights-1948)
آمريڪا جي صدر فرينڪلن روزويلٽ جي گهرواري الينر روزويلٽ 1948ع ۾ گڏيل قومن ۾ آمريڪا طرفان ڪميشن جي ميمبر هئي، جنهن ڪميشن انساني حقن جو عالمي پڌرنامو جوڙيو، جنهن کي هن سموري انسان ذات جو عالمي ميگنا ڪارٽا سڏيو هو. گڏيل قومن جي اداري 10 ڊسمبر 1948 تي ان پڌرنامي کي منظور ڪيو. هيءُ پڌرنامو سمورن انسانن جي عظمت کي سواءِ ڪنهن رنگ، نسل، مذهب، عقيدي يا فرقي جي تسليم ڪري ٿو، ”سڀ انسان آزاد پيدا ٿيا (ڄميا) آهن، عظمت ۽ حقن ۾ سڀ برابر آهن.“ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن پهريون ڀيرو اهو عهد ڪيو ته ان پڌرنامي جي ٽيهن شقن (Articles) تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندا.
انساني حقن جي پڌرنامن جي مٿئين بيان ڪيل اوقات نامي (Timeline) تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته بادشاهه سائرس جي ڏنل انساني حقن کانپوءِ تقريبن سترنهن سو پنجاهه سالن بعد 1215ع ۾ ميگنا ڪارٽا جو پڌرنامو آيو. تنهن کانپوءِ وري تقريبن ساڍا ست سو سالن جي وقفي بعد گڏيل قومن طرفان انساني حقن جو جامع ۽ واضح معاهدو يا پڌرنامو اچي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته صرف گذريل ٽي سؤ سالن ۾ انساني حقن جي حوالي سان ڪجهه ڪم ٿيو آهي. انساني سماج جي مجموعي اوسر تي نظر ٿي وجهجي ته انساني معاشرو اڃان بانبڙا پائيندو معلوم ٿئي ٿو. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مذهبي، معاشي، نسلي ۽ قومي تضادُ نظر اچي ٿو، ته ساڳي وقت اهڙو تضاد ملڪن وچ ۾ به موجود آهي. هڪ پاسي انسان ست هزار سالن کان پنهنجي تهذيب يافتا هئڻ جي دعوا ٿو ڪري ته ٻئي پاسي انفرادي توڙي مجموعي طور تي هڪڙا انسان ٻين انسانن جا ۽ هڪڙا ملڪ ٻين ملڪن جا فطري ۽ قدرتي حق تسليم ڪرڻ يا ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. فرد، قبيلا، قومون ۽ ملڪ، جنهن کي جتي جڏهن موقعو ملي ٿو، ڪمزور ۽ هيڻن فردن، قبيلن، قومن ۽ ملڪن جا حق غضب ۽ استحصال ڪرڻ ۾ وسان ڪونه ٿا گھٽائين..! ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا“، اها چوڻي فردن توڙي ملڪن تي پوري لهي ٿي. ڪيڏو عجيب ٿو لڳي ته ست هزار سال پراڻي تهذيب جا وارث انسان، صرف ستر سال پهرين انساني حقن جي پڌرنامي تي راضي ٿيا؛ خبر ناهي اڃان گھڻا هزار سال ٻيا لڳندا، جڏهن سمورا فرد، قبيلا، قومون ۽ ملڪ ان پڌرنامي تي دل ۽ جان سان عمل به ڪندا......!!
ڇا انسانَ جي سڀني سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن جو حل انساني حقن جي پڌرنامي ۾ موجود آهي؟ مان نه ٿو سمجهان ائين آهي. ڇو جو زميني حقيقتون ان جي ابتڙ ٻڌائين ٿيون. بهرحال اهو هڪ ڊگهو، علحده ۽ بحث طلب موضوع آهي، جنهن تي ڪنهن ٻي ڀيري تفصيل سان ڳالهائبو.
[b]حوالو:
[/b]هن مضمون جي تياريءَ لاءِ مختلف ويب سائيٽس جي مدد ورتي. خاص طور تي هيٺين ٽن جي:
www.humanrights.com
www.ohchr.org
www.en.wikipedia.org
( 08 آڪٽوبر 2017)