لاس ويگاس ۾ خونريزي.....!!
ملڪي موسيقي جو ميلو رائوٽ 91 هارويسٽ 2014ع کان شهر لاس ويگاس ۾ ٿيندو پيو اچي. هن سال 22 هزار ماڻهو هيءُ ميلو گهمڻ آيا هئا، جن تي برائيءَ جي جِنَ اسٽيفن پيڊاڪ سڌي ۽ ڇتي فائرنگ ڪئي. شيطان اسٽيفن پيڊاڪ، لاس ويگاس جي هڪ خوبصورت هوٽل مينڊلي بَي ۾ پنهنجو ڪمرو بوڪ ڪريو هو. جيئن ته هن جو ڪمرو 32 هين منزل تي هو، تنهنڪري ميلي ۾ آيل سڀئي ماڻهو هن جي موت مار هٿيارن جي نشاني تي هئا. موسيقي ميلي جو اهتمام مينڊلي بَي هوٽل سان گڏ خالي ميدان ۾ ڪيو ويو هو. دهشتگرديءَ جي واقعن کي ڇڏي، ماضيءَ ۾ اهڙي قسم جو قتلِ عام ڪن ڪاوڙيل ۽ ڪروڌي ماڻهن ڪيو آهي؛ يا وري ڪٿي ڪنهن هنڌ چرين، مٿي ڦريلن اهڙو هانءَ ڏاريندڙ واقعو ڪيو آهي. هن وقت تائين شيطان صفت اسٽيفن پيڊاڪ جو ڪو لڳ لاڳاپو، ڪو ڏس پتو ناهي مليو ته هن ايڏو برو واقعو ڇو ۽ ڇا جي لاءِ ڪيو...؟؟ هو سڃو بکيو يا بيروزگار به نه هو، بلڪِ لک پتي هو! هُو چريو يا مٿي ڦريل به نه هو بلڪِ چالاڪ جواري هو، جيڪو سال ۾ ڏهه لک ڊالرن جي جوا کيڏندو هو. ايف بي آءِ ۽ ٻيا لاڳاپيل جاچ جا ادارا اڃا تائين اهو معلوم ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته هن جو هڪ منظم منصوبابنديءَ تحت ايڏا سارا معصوم ماڻهو مارڻ جو آخر ڪهڙو ڪارڻ هو....!؟؟
هن واقعي ۾ فائرنگ دوران ڪيترن ويچارن ڀڄي جان ڇڏائي ته ڪن پنهنجن پيارن مٿان قربان ٿي جان ڏني. ڪي زخمي ماڻهو بغير پنهنجي جان جي پرواهه ڪندي، ٻين کي بچڻ ۽ ڀڄڻ جو رستو ڏيکاريندا رهيا. جتي جھنگلي قاتل اسٽيفن ماڻهن مٿان گولين جي بوڇاڙ پئي ڪئي، اتي ڪيترن ئي دلير جوانن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ٻين جي جان پئي بچائي. ڪنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي، پنهنجي پياري پرينءَ کي بچايو ته ڪنهن ڀاءُ، ڀيڻ يا پٽ يا ڌيءِ کي. ۽ ڪجھ هيرن جھڙن جوانن انساني ناتي ٻين انسانن کي بچايو. جيئن آمريڪي فوج جي سپاهي ميٿيو ڪوبوز (Matthew Cobos) هڪ سخت زخمي عورت مٿان ليٽي کيس بچايو ۽ موقعو ملڻ تي هن کي محفوظ جڳهه تي ويهاري ٻين جي مدد ڪندو رهيو. ساڳي وقت مينڊلي بَي هوٽل جو حفاظتي محافظ جيسس ڪيمپوس(Jesus Campos) بغير ڪنهن هٿيار جي قاتل جي ڪمري تي پهچي اندر وڃڻ جي ڪوشش ۾ هن جي گولين جو نشانو بڻيو. ڪيمپوس کي لک شابس جو زخمي ٿيڻ باوجود پوليس سان رابطو ڪري، قاتل جي ڪمري ۽ هوٽل جي 32 هين منزل جي نشاندهي ڪئي. پوليس فورن پهچي ڪاروائي ڪئي، قاتل هوٽل جي ڪمري ٻاهران ڪيمرائون هڻي ڇڏيون هيون، پوليس کي ايندو ڏسي پاڻ کي ماري ڇڏيائين. جيڪڏهن هوٽل جو محافظ فورن پوليس کي اطلاع نه ڪري ها ته هوند جيڪر قاتل الائي ڪيتريون ٻيون معصوم جانيون به قتل ڪري چڪو هجي ها. هڪڙو همراهه ڀر ۾ بيٺل ٽرڪ چوري ڪري زخمين کي اسپتال پڄائيندو رهيو ته وري برطانيا کان موڪلون ملهائڻ لاءِ آيل راس وڊورڊ (Ross Woodward) پنهنجن ٻن ٻين ساثين سان ملي زخمين جي مرهم پٽي ڪندو رهيو. ته وري جوناٿن سمٿ (Jonathan Smith) گھٽ ۾ گھٽ ٽيهن ماڻهن جي مدد ڪري کين اتان ٻاهر ڪڍيو، جڏهن ته هو پاڻ به ڪنڌ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. مطلب ته قاتل هڪ هو ۽ سوين همدرد انسان موجود هئا جن پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اڻڃاتل ماڻهن کي بچايو. انسانيت زنده آباد.
ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا ٻڌائين ٿا ته جديد آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ لاس ويگاس وارو هيءُ واقعو خراب يا بدترين واقعو آهي جنهن ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو مئا ۽ زخمي ٿيا آهن. ساڳي وقت هتان جا روشن خيال ماڻهو، ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا اهو مطالبو به ڪن ٿا ته اهڙي قسم جي موت مار هٿيارن تي مڪمل پابندي وڌي وڃي، جن سان اڪيلو انسان ڪيترن ئي خالي هٿين ماڻهن کي منٽن اندر ماريو ڇڏي. اهو مطالبو ڪيتري وقت کان هلندو اچي پر ان جي حل لاءِ ڪي موثر قدم ناهن کنيا ويا. گذريل صدر باراڪ اوباما ڪجھ ڪوششون ڪيون، پر هتي نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) ايڏي وڏي ۽ مظبوط تنظيم آهي، جنهن جي اثر رسوخ اڳيان صدر اوباما جي به هڪ نه هلي. نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) کي ٻهراڙيءَ جي بنياد پرست، قدامت پسند ۽ ڪنهن حد تائين عام اڇن آمريڪين جي وڏي پئماني تي حمايت حاصل آهي، جيڪي سمجھن ٿا ته موت مار هٿيار رکڻ سندن بنيادي حق آهي، جنهن جي ضمانت آئين ۾ مليل آهي. آمريڪا جي آئين جي ٻين ترميم چئي ٿي ته، ”هڪ منظم تنظيم مليشيا، آزاد رياست جي حفاظت لاء ضروري آهي، ماڻهن جي انهيءَ حق جي ڀڃڪڙي نه ڪئي ويندي جنهن موجب هو هٿيار رکي ۽ کڻي سگھن ٿا.“ (A well-regulated Militia, being necessary to the security of a free State, the right of the people to keep and bear Arms, shall not be infringed. ). 15 ڊسمبر 1791ع تي حقن جو دستاويز / قانون ( Bill of Rights) منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻين حقن سان گڏ هٿيار رکي ۽ کڻي سگھڻ جي حق جي به ضمانت ڏنل آهي. انهيءَ ترميم کي 225 سال گذري چڪا آهن، تنهن وچ ۾ حضرت انسان معمولي پستول مان ڦيرائي خودڪار هٿيار ايجاد ڪري ورتا آهن، جيڪي هڪ ئي ڌڪ سان سوين جانين کي ماري سگھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جڏهن به آمريڪا ۾ ڪنهن وڏي پئماني جو قتل عام ٿئي ٿو، منهنجي ذهن ۾ هيٺيان سوال اڀرن ٿا؛
1. ڇا اهڙا موتمار ۽ خطرناڪ هٿيار فوج کان علاوه عام شهري وٽ قانونن هئڻ گھرجن...!؟
2. توڙي جو جنگ جي زماني ۾ هڪ فوجي کي هڪ هٿيار ڏجي ٿو، پوءِ عام شهري کي هڪ ئي وقت لامحدود هٿيار وٺڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڇو آهي..!!؟
3. ڇا سرڪار ڪنهن ماڻهوءَ کي هٿيار وٺڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڏيندي، ڪنهن عام معصوم ماڻهوءَ کي مارڻ جو اجازت نامو نه ٿي ڏيئي...!؟
مٿين سوالن جيان، اهڙي ئي قسم جي ٻين اڀرندڙ سوالن تي ڪافي عرصي کان بحث مباحثا ٿيندا رهيا آهن پر وري به وريو ڪجھ ناهي. نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) هڪ تمام مظبوط، سگھاري ۽ اثر رسوخ واري تنظيم آهي، جيڪا ساليانو ڪروڙين ڊالر، ريپبلڪ ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي چونڊيل سينيٽ ۽ ڪانگريس ميمبرن کي چندي طور ڏي ٿي ته جيئن انهن جي حمايت حاصل ڪري سگھجي. نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) کي 17 نومبر 1871ع ۾ نيويارڪ رياست طرفان چارٽر مليو. اهڙي طرح هيءَ آمريڪا جي سڀ کان پراڻي شهرين جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيم آهي، ۽ هن تنطيم موجب سندن 14 ملين ميمبر آهن. نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) پنهنجو اثر رسوخ ان لاءِ استعمال ڪندي پئي اچي ته ڪانگريس ۽ سينيٽ ڪو به اهڙو قانون پاس نه ڪري، جنهن سان موتمار هٿيارن جي وڪري تي ڪا پابندي لڳي سگھي يا انهن هٿيارن جي سولائيءَ سان وڪري ۾ ڪا رڪاوٽ اچي سگھي. هتي مختلف شهرن ۾ هٿيار وڪڻڻ جا ميلا ( Gun Shows) سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا لڳن ٿا، جتي اهي موتمار هٿيار قانوني طور آمريڪي شهرين کي ريوڙين ۽ ڀڳڙن جيان وڪامجن ٿا. ٻيو ريسرچ مطابق هتي 270 کان 310 ملين هٿيار عام شهرين وٽ آهن، يعني آمريڪا ۾ رهندڙ هر مرد، عورت توڙي ٻار لاءِ هڪ هٿيار آهي.
اها عام چوڻي آهي ته نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) جو اثر رسوخ ايڏو ته اثرائتو آهي جو سينيٽ ۽ ڪانگريس ڪو اهڙو قانون به منظور نه ٿي ڪري جنهن تحت هٿيارن ذريعي مجرماڻي تشدد تي ڪا تحقيق ٿي سگھي...!!
هتي اهڙي ڪنهن موتمار واقعي تي مسلمان دعا ڪندا آهن ته شل ڪو مسلمان ملوث نه هجي جو سندن لاءِ مذهبي تعصب ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي، خاص طور تي اهڙن واقعن کانپوءِ. مونکي لڳي ٿو ته هوڏانهن بنياد پرست ۽ نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) وارا وري دعائون ڪندا هوندا ته ڪو ٻاهريون مذهبي انتها پسند يا دهشتگرد ملوث هجي ڇاڪاڻ ته اهڙي هر واقعي کان پوءِ هٿيارن جي وڪري ۾ تمام گھڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ بنياد پرستي به وڌي ٿي. افسوس اهو آهي جو هن وقت تائين ايف بي آءِ، پوليس يا ٻيا جاچ جا ادارا اهو معلوم ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ويا آهن ته قاتل اسٽيفن پيڊاڪ جو ايڏي وڏي پئماني تي قتل عام ڪرڻ جو آخر مقصد ڇا هو؟ گھٽ ۾ گھٽ هن وقت تائين ٿيل جاچ ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگھي آهي.
آمريڪا ۾ هر ٻئين ٽئين سال ڪنهن نه ڪنهن رياست ۾ ساڳي قسم جا موتمار واقعا ٿيندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪنهن اسڪول يا يونيورسٽيءَ ۾ ته ڪڏهن چرچ يا سئنيما گھر ۾؛ ڪڏهن وري ڪنهن موسيقيءَ جي ميلي ۾ ڪو چريو مٿي ڦريو عام ۽ مسڪين ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ٿو. هيٺيان ڪجھ موتمار واقعا وسرڻ جھڙا ڪونهن:
[b] تاريخ فوتي زخمي هنڌ شهر ۽ رياست
[/b]1 12 جون 2016 49 58 نائيٽ ڪلب اورلينڊو فلوريڊا
2 02 ڊسمبر 2015 14 22 دفتر سين برنارڊينو ڪئليفورنيا
3 1 آڪٽوبر 2015 09 09 ڪاليج روزبرگ اوريگن
4 18 جون 2015 09 - چرچ چارلسٽن ڏکڻ ڪيرولائينا
5 23 مئي 2014 06 07 پاڙو اسلا وستا ڪئليفورنيا
6 13 سيپٽمبر 2013 12 03 شهر واشنگٽن ڊي سي
7 14 ڊسمبر 2012 27 1 اسڪول نيوٽائون ڪنيڪٽيڪٽ
مٿي صرف ڪجھ واقعا جيڪي ويجھي ماضي ۾ ٿيا آهن، سي چونڊي ڏنا اٿم، نه ته هي فهرست تمام ڊگھي آهي. ڀلا جي اهڙن موتمار واقعن ۾ سولائيءَ سان ملندڙ هٿيارن تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي ته ڇا اهڙن خوني واقعن تي قابو پائي سگهجي ٿو؟ بلڪل اهڙن واقعن تي قابو پائي سگھجي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن هٿيارن تي پابندي مڙهي عام شهرين جي بي ڏوهي قتلام کي روڪيو آهي. مان نه ٿو ڀايان ته ويجھي وقت ۾ هتي آمريڪي ڪانگريس ڪو اهڙو قانون پاس ڪري موتمار هٿيارن تي پابندي مڙهي خوني واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ مثبت ۽ اهم قدم کڻندي.
(22 آڪٽوبر 2017)