ڪالم / مضمون

آمريڪا جو نئون پنڌ

فريد ڀُٽو بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي، پر زندگيءَ جي خَفن کيس لکڻ جي لاڳيتي عمل کان پري ڪري ڇڏيو. هِنَ وقت جڏهن هُو پنهنجي ڪٽنب سميت آمريڪا ۾ رهي ٿو، تڏهن مصروف ترين وقت مان گهڙيون ڪڍي آمريڪا جي سياست، ويجھڙائيءَ واري اليڪشن ۽ ٻين گهڻن موضوعن تي هي ڪالم/مضمون لکي ورتا اٿائين. هي سڀئي لکڻيون تحقيق، ترتيبَ ۽ تجزيي جو مرڪب آهن ۽ نهايت سؤلڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. ان ڪري نهايت اهم آهن.
  • 4.5/5.0
  • 1595
  • 550
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فريد ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آمريڪا جو نئون پنڌ

اڄ جي آمريڪا ـــ تاريخي پسمنظر ۾

قومن ۽ ملڪن جو رويو به انسانن وانگر ٿئي ٿو، ڪي سادا سٻاجهڙا ته ڪي ظالم، جابر ۽ استحصالي! ڪي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ته ڪي وري پيار ئي پيار. ڪي ماڻڪ موتي لعل، ته وري ڪي ازدها اجگر ۽ ڪنگال. نه ماڻهو اڄ کان اهڙو آهي نه ئي ڪي قومون ۽ ملڪ...! زمانن کان ماڻهن جا رويا قدرتي طور فطرتي ناهن رهيا، ته ملڪن جا رويا به وري فطرت جي ڀلائيءَ واري پاسي ناهن رهيا. سماجي طور تي انسان هميشه پنهنجي ۽ پوءِ پنهنجي طبقي جي مفادن لاءِ ئي سرگرمِ عمل رهيو آهي، جو ان ۾ ئي هن کي تحفظ نظر اچي ٿو ۽ کيس آسيس ملي ٿي.....پوءِ ڀلي ٻين انسانن تي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏي. ڏٺو وڃي ته بنيادي طور تي انسان کي زندگي گھارڻ لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجھو ئي ته گهرجي، پر پوءِ خواهشن ۽ لالچ جي ور چڙهيل هڪڙن طاقتور ۽ مستيءَ ۾ مست انساني تهذيبن ۽ سماجن ٻين ڪمزور ۽ سٻاجھڙن تهذيبن ۽ سماجن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
اسان جنهن زماني ۾ رهون ٿا ان وقت آمريڪا دنيا جو نه فقط ترقي يافته، بلڪِ تمام طاقتور ملڪ آهي. سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ اڪيلو سپر پاور ملڪ ليکيو وڃي ٿو. انساني سماجن، تهذيبن، قومن ۽ ملڪن جي تاريخ تي نظر ٿا ڦيرايون ته ڪڏهن عظيم مصري بادشاهت، ته ڪڏهن چين جِي زَهو بادشاهت جو عروج هو. ڪنهن زماني ۾ سنڌو سڀيتا اوج ۽ عروج تي هئي، ته ڪڏهن ميسيپوٽينيا، ته ڪڏهن پرشيا جو عروج ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته وري ڪڏهن عظيم رومن بادشاهت يا اسلام جي عثمانيا خلافت جو عروج ملي ٿو. سو ڳالھ اها آهي ته انساني تاريخ جي مختلف زمانن ۽ وقتن ۾ مختلف تهذيبن ۽ ملڪن کي عروج حاصل رهيو آهي. اهڙي طرح اڄ آمريڪا معاشي، فوجي ۽ سائنسي طور تي جھڙوڪِ عروج تي آهي؛ پر هر عروج کي زوال آهي. جيئن پهريون تمام طاقتور ۽ عظيم بادشاهتون زوال پزير ٿيون، بلڪل ائين ئي اڄ جو طاقتور ۽ مظبوط ملڪ آمريڪا سڀان ضرور زوال پزيريءَ ڏينهن سفر شروع ڪندو. گھٽ ۾ گھٽ تاريخ ته ائين ئي ٿي ٻڌائي.....!!

[b]آمريڪا جو جڙڻ
[/b]هونئن ته انساني سماجن ۽ معاشرن ۾ مختلف سببن جي ڪري انساني لڏپلاڻ هڪ فطرتي، قدرتي ۽ تاريخي عمل رهيو آهي، پر ويجھي انساني تاريخ ۾ يورپ کان بغير ڪنهن قدرتي آفت يا جنگ جي، پنهنجي مرضي ۽ راضپي سان ايڏي وڏي تعداد ۾ انساني لڏپلاڻ جو مثال نه ٿو ملي. اسپين کان آيل ماڻهن 1565ع ۾ سينٽ آگسٽائين (Saint Augustine) جي نالي سان، موجوده فلوريڊا رياست جي علائقي ۾ يورپ جي پهرين مستقل آبادي جوڙي. تنهن کانپوءِ 1607ع ۾ برطانيه مان لڏي آيلن، جيمس ٽائون (James Town) ورجينيا ۾ پنهنجو شهر اڏيو. فرانسي باشندن هونئن ته 1529ع کان هن علائقي ۾ آيا، پر پهرين مستقل فرانسي آبادي 1608ع ۾ پورٽ رايل (Port Royal) جي نالي سان جوڙي. اهڙيءَ ريت يورپي ماڻهو اتر آمريڪا جي ٿڌن، گرم ۽ سرسبز ميداني علائقن تي قبضا ڪندا، ماڪڙ جيان ڦهلبا ويا. يورپ مان لڏي آيل ماڻهن هڪڙي پاسي هتان جي اصل باشندن (ريڊ انڊين) کي ماري ناس ڪيو، ته ٻي پاسي قبضي ڪيل علائقن ۾ زراعت ۽ واپار ويا وڌائيندا. سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ ۾، سَون هزارن جي تعداد ۾ آفريڪا کان ڪارا باشندا ٻڪرين رڍن جيان غلام بڻائي آندا ويا. ويچارن ڪارن غلام آفريڪي ماڻهن کان سندن گورا مالڪ زرعي زمينن تي ڍڳن وانگر ڪم وٺندا هئا ۽ کين گھرو يا پالتو جانورن وانگر ئي رکيو، پاليو ۽ تاتيو ويندو هو.
ريڊ انڊين جي آمريڪا تي، يورپ جي مختلف ملڪن کان آيل يورپين قبضو ڪري، مختلف علائقن ۾ پنهنجون پنهنجون ڪالونيون جوڙيون هيون، پوءِ برطانيا کان آيل انگريز ويا مظبوط ٿيندا، جو هنن اسپيني، فرانسيسي ۽ پورچوگيزي ماڻهن کان اهي ڪالونيون ۽ علائقا خالي ڪرائي پنهنجي قبضي هيٺ آندا. 19 اپريل 1775ع تي آمريڪا جي شهرين برطانيا سان باقاعده آزاديءَ جي جنگ جي شروعات ڪئي. هڪ ڊگھي انقلابي جنگ (Revolutionary War) کانپوءِ 4 جولاءِ 1776ع تي ٿامس جيفرسن (Thomas Jefferson) جي اعلانيل آزاديءَ جي پڌرنامي (Declaration of Independence) تحت تيرهن ڪالونين پينسلوانيا رياست جي فليڊيلفيا شهر ۾ برطانيه کان آزاديءَ جو تاريخي اعلان ڪيو. آزاديءَ جي اعلان کانپوءِ به هيءَ جنگ جاري رهي ۽ ان جو خاتمو 3 سيپٽمبر 1783ع تي ٿيو. جيئن جيئن آمريڪا سماجي، معاشي ۽ فوجي طور تي مظبوط ٿيندو ويو، تيئن تيئن ٻيون به ڀر واريون رياستون ۽ ڪالونيون ويون آمريڪا ۾ شامل ٿينديون. اڄ آمريڪا 50 رياستن جو ديوقامت، اقتصادي ۽ معاشي طور تي انتهائي مظبوط ۽ فوجي طور تي تمام طاقتور جمهوري ملڪ آهي، جنهن جي آبادي وڃي 326 ملين تي پهتي آهي.

[b]آمريڪا جو صنعتي ۽ فوجي طاقت ٿي اڀرڻ
[/b]آمريڪا بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ هو، جنهن ۾ 1877ع کان 1900ع ڌاري صنعتي انقلاب آيو. جنهن هڪ زرعي بنيادن تي ٻڌل سماج کي شهري سماج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. انهيءَ
صنعتي انقلاب جي ڪري يورپ جي آبادي ڌڙا ڌڙ لڏي آمريڪا ايندي رهي، ارڙهن سو ستر واري ڏهاڪي ۾ تقريبن ٽي لک ماڻهو يورپ کان هجرت ڪي آمريڪا آيا، اندازو ڪريو ته 1875ع ۾ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ڪارنيگي اسٽيل مل جو پٽسبرگ شهر رياست پينسلوانيا ۾ افتتاح ڪيو ويو، ۽ تقريبن هڪ سال کانپوءِ گراهم بيل ٽيليفون ايجاد ڪيو. ارڙهن سو ستر واري ڏهاڪي ۾ هڪ پاسي صنعتي ترقي زورن تي هئي ته ٻئي پاسي آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن سان به ننڍيون وڏيون جنگيون ٿينديون رهيون جن ۾ لازمي فتح آمريڪا ۾ آيل گورن جي ٿي. ڪيترائي ڀيرا منهنجي ذهن ۾ اها ڳالھ آئي آهي ته يورپ جي گورن بندوق ايجاد ڪري سموري دنيا، ڌرتيءَ جي گولي کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو. آمريڪا جا اصلوڪا رهاڪو ريڊ انڊين ڀلا بهادر يا ويڙهو نه هئا ڇا؟ هو تمام بهادر هئا، بهترين تير انداز ۽ پٺيءَ اُگھاڙي گھوڙي تي به سواري ڪرڻ جا ماهر هئا پر کين گورن جي ايجاد ڪيل بندوق ماري وڌو ۽ تاريخي طور تي سندن نانءُ نشان هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.
ارڙهن سو جي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ تيل جي ڪاروبار ترقي ماڻي ۽ ان جي صنعت ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ جوڙيو ويو. ساڳي ڏهاڪي ۾ ريلوي لائينن جو وڏي ۾ وڏو ڄار وڇايو ويو جنهن آمريڪا جي اُڀرندي رياستن کي اولهندي رياستن سان ملايو. ساڳي ڏهاڪي ۾ نڪولا ٽيسلا بجليءَ تي هلندڙ موٽر ايجاد ڪئي ۽ بجليءَ جي فراهميءَ کي ڏورانهن علائقن تائين پڄائڻ ممڪن بڻايو. ارڙهن سو جي نوي واري ڏهاڪي ۾ اتر واري رياستن کي ريلوي لائن ذريعي ملايو ويو ۽ اسٽيل جي ڪاروبار تمام ترقي ماڻي. ساڳي وقت سترهين ۽ ارڙهين صدين ڌاري هتان جي عيسائي رضاڪارن دنيا جي بهترين يونيورسٽين جو بنياد وڌو. جن ۾ هارورڊ (Harvard)، ييل، پرنسٽن (Princeton)، ڪولمبيا (Columbia)، پينسلوانيا (Pennsalvania)، برائون (Brown) ۽ ڊارٽمائوٿ (Dartmouth) يونيورسٽيون اچي وڃن ٿيون. انهن ۽ انهن کانپوءِ ڪجھ ٻين ٺهندڙ يونيورسٽين ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. منڍ کان آمريڪا جي معاشي، اقتصادي، سائنسي ۽ سماجي ۽ فوجي ترقيءَ انهن يونيورسٽين جو تمام وڏو ۽ ساراھ جوڳو ڪردار رهيو آهي. اڄ به آمريڪا جي کوڙ يونيورسٽين جي صرف تحقيق ۽ ترقيءَ (Research & Development) جي بچيٽ ۽ اينڊومينٽ فنڊ (Endowment Fund) ٽئين دنيا جي ڪجھ ملڪن جي سالياني بچيٽ کان وڌيڪ آهي.
آمريڪا جي اصل فوجي طاقت ۽ دٻدٻو دنيا جي پهرين عالمگير جنگ ۾ ظاهر ٿيو ته وري ٻي عالمگير جنگ دوران جاپان خلاف ائٽم بم جي استعمال سبب سندس ڏهڪاءَ ۾ بي پناھ اضافو آندو ۽ آمريڪا مڃيل طور تي هڪ سپر پاور اڀري نروار ٿي آيو. هنن جنگين جي ڪري يورپي ملڪن کي تمام گھڻو نقصان رسيو ۽ اُهي اقتصادي، معاشي ۽ فوجي توڙي سماجي لحاظ کان بيحد ڪمزور ٿي ويا. پهرين ۽ ٻي عالمگير جنگ جتي يورپ جي اڪثر ملڪن ۽ جاپان کي برباد ۽ ويران ڪري اجاڙي ڇڏيو، اتي ست سمنڊ پار آمريڪا کي ڪو خاص نقصان نه رسيو. آمريڪا هڪ معاشي ۽ فوجي طاقت ته بڻجي ئي چڪو هو، سندس وڌيڪ ڌاڪو انڪري به ڄميو جو ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ آمريڪا يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن کي اربين ڊالرن جي امداد ڏيئي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڪئي. آمريڪا جي صدر هيري ٽرومين 3 اپريل 1948ع تي مارشل پلان (Marshal Plan) جي منظوري ڏني جنهن تحت اولھ يورپ جي بحاليءَ جو منصوبو (European Recovery Program) شروع ڪيو ويو ۽ جنگ ۾ تباھ ٿيل اولھ يورپ جي ملڪن کي تيرنهن بلين ڊالرن جي امداد ڏني. تنهنڪري آمريڪا ڄڻ سرمائيدار ملڪن جو لٺ سردار بڻجي ويو.
وري 1991ع ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ سان آمريڪا دنيا جي اڪيلي عظيم طاقت (Super Power) بڻجي پيو. قصو ڪوتاھ، مون تمام مختصر ۽ اختصار سان آمريڪا جي وجود ۾ اچڻ کان موجوده دور تائين ان جي اڀرڻ جو احوال ڄاڻايو آهي، جڏهن ته منهنجو اصل مقصد هو ته موجوده دور ۾ آمريڪا جي اندروني ۽ عالمي بيهڪ جو ڪجھ حال احوال ڪجي. تنهنڪري هينئر موٽي اچون پيا آمريڪا جي موجوده صورتحال تي ۽ مختصرن ملڪ کي درپيش اندروني ۽ بيروني مسئلن جو ڪجھ جائزو وٺون ٿا.
ملڪ جي مستحڪم معاشيات ئي ڪنهن به ملڪ کي مظبوط ۽ طاقتور بڻائي ٿي ۽ آمريڪا 1900ع کان معاشي طور سڀني ملڪن کان اڳڀرو رهندو پيو اچي. آمريڪا کان پهرين تقريبن 2000 سالن تائين ڀارت يا چين معاشي طور تي دنيا جي سڀني ملڪن کان بهتر هئا، جو اُن زماني ۾ آدمشماري معاشي خوشحاليءَ جو اهم جُز هئي. آمريڪا ۾ ڪوئلي ۽ تيل جي اڻکٽندڙ زخيرن جي ملڻ سبب ملڪ جي قسمت تبديل ٿي ويئي. ويهين صديءَ ۾ سائنس، صنعت، حرفت ۽ ٽيڪنالاجي سموريءَ دنيا ۾ معاشي ترقيءَ جا جز ۽ ماپا تبديل ڪري ڇڏيا. اندازو لڳايو ته آمريڪا ايجادن کي تحفظ ڏيڻ جو قانون (Patent Act) 1790ع ۾ منظور ڪيو ۽ هن وقت تائين ڪوئي ڇھ لکن جي قريب ايجادن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. انهن نين ايجادن جي ڪري نه فقط آمريڪا ۾ تمام گھڻي خوشحالي آئي پر سموري دنيا جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ وڏي آسائش آئي ۽ تمام گھڻيون سهولتون پيدا ٿي پيون. لوئيول شهر، ڪينٽڪي رياست ۾ رهندڙ منهنجو ويجھو دوست ڊاڪٽر غفار بليدي چوندو آهي ته روزانو صبح جو ڌڻيءَ در انهن گورن جي حق ۾ به دُعا گھرندو آهيان، جن جي بدولت اسان جي زندگي بي شمار سهولتن سبب آسان ٿي پئي آهي. ان ڳالھ ۾ ڪو ابهام ناهي ته موجوده دنيا کي پُرآسائش بنائڻ ۾ آمريڪا ۾ ٿيل ايجادن جو تمام وڏو عمل دخل آهي. پينسلين جي دوا کان وٺي پهرين انساني عضوي جي تبديلي، ٽرانزسٽر کان وٺي هوائي جهاز تائين، بلب کان وٺي ڪمپيوٽر تائين ۽ انٽرنيٽ کان وٺي فيس بوڪ تائين سڀ جا سڀ آمريڪا ۾ ايجاد ٿيا. چنڊ تي پهرين انسان جو پڄڻ هجي يا مريخ تي ڪنهن مشين جو لهڻ هجي، اهي اربين ڊالرن جا منصوبا به آمريڪا جا ئي هئا. مون ٽيليفون يا موبائيل فون کي ڪونه وساريو آهي. پر هي فهرست ايڏي ته ڊگھي آهي جو هيءُ مضمون پورو ڪونه پوندو ۽ هونئن به اڄ جو موضوع آمريڪا جي ايجادن بابت ناهي پر ان جي دنيا جي گولي تي سندن سردار واري حيثيت بابت آهي.
آمريڪا کي دنيا جو طاقتور ملڪ بنائڻ ۾ سياسي ادارن جي پختگيءَ جو اهم ڪردار آهي. جيڪو هن ملڪ کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نمايان ۽ اڳڀرو ڪري هڪ عالمي قوت بڻائي ٿو. 1776ع ۾ ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين تمام ڪاميابيءَ سان جمهوريت هلندي پئي اچي. هتان جا ادارا تمام گھڻو مظبوط آهن، جيڪي پنهنجي مڪمل آئيني آزاديءَ سان ڪم ڪندا پيا اچن. سواءِ چند مثالن جي، عام طور تي هتان جي سياستدانن پنهنجي ادارن جو نه فقط مان مرتبو وڌايو آهي پر انهن کي وقت به وقت، گھربل گھرجن پٽاندڙ انتهائي مظبوط به ڪيو آهي. موجوده صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪنهن ٻي مٽيءَ جي خمير مان جڙيل ٿو لڳي، جنهن اڳيان ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ چوڻ ۽ ثابت ڪرڻ انتهائي آسان آهي. هن وٽ اخلاقي، سماجي ۽ سياسي قدر يا ته ڪا معني نه ٿا رکن يا انهن جي ڪا به اهميت ڪانه آهي. هن جي انهيءَ غير اخلاقي ۽ غير سياسي روين سبب ملڪ کي اڳ ۾ ئي ڪاپاري ڌڪ لڳي چڪو آهي. آمريڪي قوم ۾ اهڙا ڪيئي منفي پهلو سمائڻ لڳا آهن جن جو پهرين ڪو وجود نه هو، ۽ جي هيو ته ايترو سرعام ۽ ديده دليريءَ سان نه هو؛ جيئن ڪنهن سياستدان جو آمريڪي گورن جي انتها پسنديءَ جي تعريف ڪرڻ ۽ ان کي ڪنهن خاص ايجندا تحت، پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ اڳتي وڌائڻ وغيره؛ توڙي جو اهڙي روش ملڪ کي تمام گھڻو نقصان رسائيندي.
هوڏانهن چين ۽ ڀارت ٻيهر پنهنجو سماجي، معاشي ۽ سياسي رتبو حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن. ڏينهون ڏينهن هنن جي معيشت بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ هڪ اڳڪٿيءَ مطابق 2030ع ۾ چين جي معيشت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هوندي، ڇاڪاڻ ته اڀرندڙ معيشت تيزيءَ سان وڌي ٿي بَنِسبت ان جي جيڪا اڳ ئي عروج تي آهي. ورلڊ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق هن وقت آمريڪا جي معيشت ارڙهن ٽلين ڊالرن سان سموري دنيا جي معيشت جي تقريبن چوٿائيءَ، (24.3%) تي مشتمل آهي. جنهن کانپوءِ چين، جاپان ۽ جرمني اچي وڃن ٿا. چين کي ڇڏي ٻيا سڀ ملڪ آمريڪا کان گھڻو هيٺ آهن. چين هن وقت % 14.8 تي آهي. هن وقت ته روس به معيشت جي لحاظ کان دنيا جي پهرين ڏهن ملڪن ۾ نه ٿو اچي، اڃا ان جي معيشت بانبڙا پائيندڙ آهي پر روس به 2030ع ۾ دنيا جي پهرين ڏهن ملڪن جي فهرست ۾ موجود نظر اچي ٿو.

[IMG]http://i63.tinypic.com/2dbq7hy.png[/IMG]

[IMG]http://i63.tinypic.com/9r2kgm.png[/IMG]

ڪجھ معاشيات جا ادارا ته اها به اڳڪٿي ڪندي ڪونه ٿا گھٻرائين ته 2030ع کان پهرين چين 38 ٽلين ڊالرن سان دنيا جي طاقتور ترين معيشت هوندو ۽ آمريڪا 23.4 ٽلين ڊالرن سان ٻئي نمبر تي هوندو. پڙهندڙن جي سهولت ۽ دلچسپي لاءِ ورلڊ اِڪونامڪ فورم ( World Economic Forum) جي اڳڪٿي ڪيل پهرين ويهن ملڪن جي فهرست هيٺ ڏيان ٿو:

PPP*
(Trillion) Country No. PPP*
(Trillion) Country No.
$3.638 France 11 $38.008 China 1
$2.996 Turkey 12 $23.475 United States 2
$2.755 Saudi Arabia 13 $19.511 India 3
$2.651 South Korea 14 $5.606 Japan 4
$2.541 Italy 15 $5.424 Indonesia 5
$2.354 Iran 16 $4.736 Russia 6
$2.159 Spain 17 $4.707 Germany 7
$2.141 Canada 18 $4.439 Brazil 8
$2.049 Egypt 19 $3.661 Mexico 9
$1.868 Pakistan 20 $3.638 United Kingdom 10
* Projected Global Gross Domestic product (GDP) by purchasing power parity.
ڪيترن ادارن اڳڪٿي ڪندي 2050ع ۾ ڀارت کي ٻيون نمبر ۽ آمريڪا کي ٽيون نمبر ڄاڻايو آهي، ته پاڪستان کي وري پندرهين نمبر تي رکيو آهي.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ئي آمريڪا معاشي ۽ فوجي لحاظ کان هڪ سگھارو ۽ طاقتور ملڪ بڻجي چڪو هو. ٻي عالميگر جنگ ۾ جاپان طرفان 7 ڊسمبر 1941ع تي پرل هاربر رياست هوائيءَ تي حملو ته ڄڻ هڪ بهانو ٿي آيو. اُن حملي آمريڪي قوم ۾ اڻ ٽٽندڙ ٻڌي پيدا ڪئي، عام شهرين کان ويندي وڏن واپارين حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ جاري ڪيل جنگي بانڊ ورتا. ڪارون ٺاهيندڙن ڪمپينين صرف جنگ لاءِ گاڏيون ٺاهڻ شروع ڪيون ته هوڏانهن برطانيا ۽ فرانس هزران جي تعداد ۾ فوجي گاڏيون، هوائي ۽ سامونڊي جنگي جهاز آمريڪا کان خريد ڪيا. اهڙيءَ طرع جنگ جي زماني ۾ به آمريڪا اربين ڊالر ڪمايا.

[b]آمريڪا جا اعلى اڳواڻ
[/b]آمريڪا جي سماجي، معاشي ۽ سائنسي ترقيءَ ۾ يقينن هتان جي اڳواڻن جو مثبت، بي لوث ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. آمريڪا جي آزاديءَ کانپوءِ پهريون صدر جارج واشنگٽن اعلى مثال قائم ڪندي اقتدار کان الڳ ٿي ويو، توڙي جوسندس ويجھن ساٿين کيس صلاح ڏني ته هو ٽئين دفعي لاءِ به صدارت جاري رکي ۽ هو آسانيءَ سان صدر رهي پئي سگھيو ۽ ڪن تجزيا نگارن جو ته اهو به خيال آهي ته هو جي چاهي ها ته بادشاهت قائم ڪري، پاڻ بادشاهه بڻجي پئي سگھيو. اها نئين آزاد ٿيل ملڪ آمريڪا جي خوشنصيبي هئي جو چونڊن ذريعي پهريان پنج اُهي صدر چونڊيا ويا، جن ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جان جي بازي لڳائي ۽ جمهوري آئين ٺاهڻ ڪاڻ دل و جان سان ڪم ڪيو هو. آمريڪا جي بانيڪار بابن (Founding Fathers) ۾صدر جارج واشنگٽن (George Washinton)، صدر جان ايڊمس (John Adams)، صدر ٿامس جيفرسن (Thomas Jefferson)، صدر جيمس ميڊيسن (James Medison)، صدر جيمس مونرو (James Monore)، اليگزينڊر هيملٽن (Alexander Hamilton) ۽ بينجامن فرينڪلن (Benjamin Franklin) اچي وڃن ٿا، جن نه فقط نئين وجود ۾ آيل ملڪ کي هڪ طاقتور ۽ مثالي ملڪ بنائڻ جا مظبوط بنياد وڌا پر پنهنجي تدبر، اعلى قائدانا صلاحيتن، اڻ کٽ محنت ۽ سچائيءَ سان سموري دنيا تي اڻ مٽ اثر وڌا ۽ دنيا کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو.
آمريڪا جي بانيڪار بابن (Founding Fathers) کانپوءِ جن آمريڪي اڳواڻن آمريڪا ۽ دنيا تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي، انهن ۾ ووڊرو ولسن (Woodrow Wilson)، فرينڪلن روزويلٽ (Franklin Roosevelt)، هينري فورڊ (Henry Ford)، ابراهم لنڪن (Abraham Lincoln )، جان ايف ڪينيڊي (John F Kennedy) ، روزا پارڪس (Rosa Parks)، ڊاڪٽر مارٽن لُوٿر ڪنگ (Dr. Martin Luther King)، محمد علي ڪلي (Muhammad Ali Clay)، رونالڊ ريگن (Ronald Regan)، بل ڪلنٽن (Bill Clinton) ۽ پهريون ڪاري نسل جو صدر باراڪ حسين اوباما (Barrack Hussain Obama) اچي وڃن ٿا. آمريڪا سائنس، علم ۽ تحقيق جي سڀني شعبن ۽ راندين ۾ سوين اهڙا اعلى انسان پيدا ڪيا آهن، جن تي نه فقط آمريڪا پر سموري دنيا کي ناز ۽ فخر آهي، جن جا هتي هن مضمون ۾ نالا لکڻ ممڪن ناهي.
آمريڪا ۾ 2016ع جي آدمشاريءَ مطابق گورن آمريڪين جي آبادي 62 سيڪڙو آهي. هسپانوي ۽ ليٽينو باشندا 18 سيڪڙو ، ۽ ڪارن جي آبادي 13 سيڪڙو آهي. باقي 9 سيڪڙو ۾ چيني، ڀارتي، عربي ۽ پاڪستاني وغيره اچي وڃن ٿا. هنن انگن اکرن مان صاف ظاهر آهي ته ملڪ ۾ گورن جي آبادي ٻين سڀني اقليتن کي جي ملائجي ته به وڌيڪ آهي. هتي بنياد پرست گورن آمريڪين ۾ اها سوچ وڃي پئي وڌندي ته ڌاري آباديءَ جي يلغار کي نه روڪيو ويو ته هو اقليت ۾ اچي سگھن ٿا، جنهن سبب هنن جي وڏن جي ٺاهيل ملڪ تي سندن حڪمراني ختم ٿي ويندي. اهڙي منفي سوچ کي ڊونالڊ ٽرمپ هٿي ڏني ۽ پنهنجي صدارتي چونڊ مهم ۾ اهڙا نعرا ۽ منصوبا ڏنا جنهن سان گوري آباديءَ جو ٻين آبادين سان تصادم وڌيو.

[b]اڄ جو آمريڪا
[/b]اڄ جي آمريڪا ۾ افراتفري ڪنهن ٻي جي ڪري نه پر خود صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي. هن کي هر صورت اقتدار حاصل ڪرڻو هو ۽ هن کي اقتدار عزيز هو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ چاهي روسين يا ڪنهن ٻي جي مدد ڇو نه وٺڻي پئي. جنهن جو مثال آمريڪا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اڄ جي آمريڪا کي جيڪي اندورني ۽ بيروني مشڪلاتون ( Challenges) آهن، تن جو مختصرن ذڪر هيٺ ڏيان ٿو:
1. صدر ڊونالڊ ٽرمپ ان ڳالھ کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو آهي ته صدارتي چونڊن ۾ ڪا روسي مداخلت ٿي آهي. ان انڪار کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجن سترنهن جاسوسي ادارن جي ڏنل رپورٽ کي به رد ڪري چڪو آهي، جنهن سان آمريڪي ادارا نه فقط ملڪ اندر بلڪِ ٻاهرين دنيا ۾ به ڪمزور ٿيندي نظر اچن ٿا.
2. صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي صدارتي چونڊن کي غير متنازع بنائڻ لاءِ ڪنهن به لحاظ کان هلندڙ روسي مداخلت بابت جاچ ۾ تعاون نه ٿو ڪري ۽ هن جي حتي الامڪان ڪوشش اها آهي ته اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر جي ذات ۽ هن طرفان هلندڙ جاچ کي متنازع ڪجي. جڏهن ته صدر جا ويجھا ساٿي روسين سان لھ وچڙ ۾ رهيا آهن، جن جا ثبوت موجود آهن. صدر جي اهڙي منفي رويي سبب نه فقط جاچ تي اثر ٿو پئي، پر ملڪي ۽ بين الاقوامى سطح تي آمريڪا ۽ سندس ادارن جي بدنامي ٿئي ٿي.
3. وفاقي انصاف واري اداري طرفان مقرر اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر، ڪانگريس ۽ سينيٽ جي انتيليجنس ڪميٽيءَ طرفان صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت هلندڙ جاچ هتان جي ادارن جو تاريخي رُخ متعين ڪندي، جن ادارن تي آمريڪي قوم سدائين ڀروسو ۽ فخر ڪندي آئي آهي.
4. چونڊ مهم دوران ۽ صدر چونڊڻ کانپوءِ، ڊونالڊ ٽرمپ جي اهڙن نعرن ته ”سڀ کان پهرين آمريڪا“ ۽ ”آمريڪا دنيا جو پوليس مين (چوڪيدار) ناهي“..... اهڙن نعرن يا نڪتن (Agenda) ملڪي توڙي بين الاقوامى سطح تي آمريڪا کي ڪمزور ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻين عالمي جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو صدر ٽرمپ جي آمريڪا پوئتي هٽندي نيٽو ( NATO) جي افاديت کان انڪار ڪندي ميمبر ملڪن کي گھٽ وڌ ڳالهايو آهي. صدر جي اهڙي غير ذميواراڻي رويي سبب آمريڪا جو صفِ اول جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار پوئتي هٽندي محسوس ٿئي ٿو.
5. چونڊ مهم دوران ۽ صدر چونڊڻ کانپوءِ، ڊونالڊ ٽرمپ جو نعرو، ”آمريڪا کي ٻيهر عظيم بنايو (Make America Great Again)“ بنياد پرست ۽ نسل پرستيءَ تي ٻڌل نُڪتو نظر اچي ٿو، جنهن اڇن آمريڪين کي گڏ ڪري ڊونالڊ ٽرمپ کي کٽڻ ۾ ته مدد ڪئي پرهڪ گھڻ نسلي ملڪ جا بنياد ضرور ڪمزور ڪيا آهن ۽ انهيءَ عمل سبب هتي موجود مختلف اقليتن ۽ اڇن آمريڪين ۾ ويڇا وڌيا آهن.
6. سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ دنيا اندر روس جو قائدانا ڪردار نه هئڻ برابر هو. گذريل چند سالن ۾ روس ٻيهر ڪر کڻي، هڪ معاشي ۽ فوجي قوت بڻجي آمريڪا کي مختلف محاذن تي چئلنج ڪندو آيو آهي ۽ کوڙ محاذن تي آمريڪا جي هڪ به هلڻ نه ڏني اٿائين.
7. معاشي طور تي آمريڪا دنيا جو تمام مظبوط ۽ سگھارو ملڪ آهي جنهن کي ويجھي ماضيءَ ۾ ڪڏهن ڪو مسئلو درپيش ناهي رهيو. جيئن مٿي ڏنل ملڪن جي موجوده ۽ اڳڪٿي ڪيل معاشيات بابت ڏنل چارٽن مان صاف ظاهر آهي ته هينئر آمريڪا معاشي طور تي تمام طاقتور ۽ سگھارو ملڪ آهي، پر اڳتي ڇا...!؟ هينئر کان ئي چين هِن کي بي چَين ڪري ٿو ۽ سندس جاءِ والاريندو نظر اچي ٿو.

(26 نومبر 2017)

•••