ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

ارپنا

هي پيار جو پورهيو پنهنجي

ٽنهي نياڻين

سسئي
خوشبو
۽ سنڌو
۽

ٽنهي پٽن

زوهيب نواز
سهيل نواز
۽ فيصل نواز
جي نانءُ

[b]ــــ علي نواز ڏاهري[/b]