رڻ سڄو ئي رڃ
ٽئين ڏينهن اسان اتان نڪتاسين. ان اميد سان ته واپسيءَ تي اسان کي هاٿي ڏند کڻڻ نصيب ٿين. هڪ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر کانپوءِ آخرڪار اسين وڃي اسٽانڊاز ڪرال پهتاسين. اها بستي درياءَ لوڪانگا جي ڪناري سان آباد آهي. کاٻي پاسي اتان جي مقامي ماڻهن جون جهوپڙيون ۽ کيت آباد هئا ۽ انهن جي پريان ماڻهوءَ جي قد جيڏو گاهه سمنڊ وانگر ڇوليون هڻي رهيو هو ۽ اهو گاهه ڪيترن ئي خونخوار درندن جو آماجگاهه بڻيل هو.
سامهون اها ئي صحرائي ڀٽ هئي جتي ويهه سال اڳ سلواٽا کي رڙهندي ڏٺو هوم ۽ ان جي پٺيان نگاهه جي حد تائين بنا ڪنهن پاڻيءَ بوند جي صحرا ڦهليو هليو ٿي ويو.
اسان کي انهيءَ صحرا ۾ ئي داخل ٿيڻو هو، ۽ ڪنهن کي به اها ڄاڻ نه هئي ته اسان جو انجام ڇا ٿيندو.
جڏهن خيما لڳائي بس ڪياسين ته گڊ کي ضروري انتظامن لاءِ ڪيمپ ۾ ڇڏي، هنري کي وٺي ڀٽ تي چڙهي ويس. نگاهن جي حد تائين رڳو صحرائي صحرا وڇايل هو. ۽ ان جي آخري ڇيڙي وٽ لهندڙ سج ڪنهن ڪاوڙيل ديوتا جي اک جيان لڳي رهيو هو. هوا بلڪل صاف ۽ خوشگوار هئي. اسان کان پري بلڪه تمام پري پهاڙيون هڪ سنهي ليڪ جيان نظر اچي رهيون هيون.
“او هو ڏسو هنري!” مون پهاڙين طرف اشارو ڪندي چيو. انهن ئي پهاڙِن پويان پاڻ کي هلڻو آهي، ليڪن خدا ڄاڻي ته اوسيتائين پڄي به سگهنداسين يا نه”.
“منهنجو ڀاءُ اوڏانهن ئي هوندو ۽ خدا چاهيو ته ڪئين به ڪري پاڻ اتي پهچي وينداسين”. هنري وڏي مستحڪم اواز ۾ جواب ڏنو.
“خدا ڪري ته تنهنجو ڀاءُ اوڏانهن ئي هجي”. مون چيو ۽ ڪيمپ ۾ واپس وڃڻ لاءِ مڙياسين ته خبر پئي ته انهن پهاڙين کي رڳو اسان ٻن ڄڻن ئي نه پر ٽئين شخص به وڏي غور سان پئي تڪيو. اهو امبوپا هئو. جيڪو خدا ڄاڻي ڪيڏي مهل کان اسان جي پٺيان بيٺل هو.
“اڇا، ته اوهان جو ارادو انهن پهاڙن تائين وڃڻ جو آهي. ڇو ڀلا انڪوبو!” امبوپا پهاڙن طرف اشارو ڪندي پڇي ورتو. ( انڪوبو جي لفظ جي لفظي معنيٰ هاٿي آهي ۽ اهو خطاب ڪافر ملازمن سرهنري کي ڏئي ڇڏيو آهي. ۽ منهنجو خطاب ميڪوميزن هو. جنهن جو مطلب آهي بهادر شڪاري)
مونکي ائين محسوس ٿيو ته هي عجيب غريب شخص پنهنجي تيز نگاهن سان اسان جي حواسن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ خبر ناهي ڪهڙي طرح اسان جي ارادن کي به پرکي ٿو وٺي. مان دل ئي دل ۾ بيچيني محسوس ڪرڻ کان رهي نه سگهيس.
“امبوپا!” مون سختيءَ سان چيوءَ توکي پنهنجي آقا جي شان ۾ اهڙا بيهودا ۽ گستاخانه لفظ چوڻ نه گهرجن. توهان اسان جي غير موجودگيءَ ۾ جيڪي وڻيو ڀلي چوندا رهو، پر اسان جي منهن تي نه يعني مان اهو برداشت نٿو ڪري سگهان ته هڪ گهٽ حيثيت وارو ماڻهو ۽ اهو به اسان جو ملازم اسان کي انڪوبو ۽ ميڪوميزن جي نالن سان سڏي”.
امبوپا جي چپن تي اهڙي طنزيه مرڪ رقص ڪرڻ لڳي جنهن کي ڏسندي ڪيترائي ڀيرا مان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو رهيو آهيان.
اها توکي ڪئين خبر پئي ته مان پنهنجي آقا کان رتبي ۾ گهٽ يا ڪريل آهيان”. امبوپا وڏي سڪون سان جواب ڏنو. انڪوبو جي چهري مان لڳي ٿو ته هو ڪنهن شاهي خاندان جو فرد آهي ۽ اهڙي طرح مان به هڪ شهزادو آهيان. زماني جي گردش جي ڪري توهان جو ملازم آهيان ته ڇا ٿي پيو؟ منهنجي رڳن ۾ به شريفانه خون گردش ڪري رهيو آهي. مان به اوترو ئي باعزت شخص آهيان جيترو شايد انڪوبو هجي ــ ها! اسان ٻنهي جي رنگ ڍنگ ۾ فرق آهي جيڪو محض ظاهري آهي ميڪوميزن! توهان منهنجي ڳالهين جو ترجمو پنهنجي ساٿين کي ٻڌائيندا وڃو. مان توهان ماڻهن سان ڪجهه ضروري گفتگو ڪرڻ چاهيان ٿو.”
امبوپا جي ڳالهين مون کي آپي مان ئي ڪڍي ڇڏيو، ليڪن مون ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته هو آخر چوڻ ڇا ٿو چاهي، تنهنڪري پنهنجي غصي کي پاڻيءَ جيان پي ورتم ۽ هنري کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيم.
“تنهنجو خيال سهي آهي امبوپا!” هنري توقع جي خلاف وڏيءَ سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو.
“اسان جو ارادو انهن پهاڙن تائين پهچڻ جو آهي”.
هاڻ ائين سمجهو ته هنري ۽ امبوپا جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي، مان ان جو ترجمون پيو ڪريان.
“هي وسيع صحرا” امبوپا چيو” جيڪو توهان جي نگاهن سامهون وڇايو پيو آهي، ڪير به نٿو ڄاڻي ته اهو ڪٿي ٿو ختم ٿئي ۽ انهيءَ ۾ ڪٿي به پاڻيءَ جو ڪو نالو نشان ئي ڪونهي ۽ اهي پهاڙ جيڪي توهان ڏسي رهيا آهيو. انهن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل آهن. پهرئين ته توهان هن صحرا کي ۽ پوءِ پهاڙن کي عبور ڪري، انهن ماڻهن تائين پهچي ئي نٿا سگهو. اگر فرض ڪجي ته توهان پهچي به ويا ته خبر ناهي توهان جو ڪهڙو حشر ٿيندو. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر اتي ڪهڙو خزانو پوريو پيو آهي، جنهن لاءِ توهان پنهنجي سرن جو سودو ڪري وڃي رهيا آهيو”.
“انهيءَ کي ٻڌاءَ مسٽرڪوارٽرمين !” هنري چيو “ منهنجو خيال آهي ته منهنجو ننڍو ڀاءُ انهن پهاڙين جي پريان، اڻڄاڻ ڌرتيءَ تي پهچي چڪو آهي ۽ هاڻ مان انهيءَ کي واپس وٺڻ پيو وڃان”.
“توهان جي ڳالهه سورنهن آنا سچ آهي” امبوپا ڪنڌ ڌوڻي چيو. “رستي ۾ مون کي هڪ شخص ٻڌايو هو ته هڪ سفيد چمڙيءَ وارو شخص پنهنجي ملازم سميت ٻه سال اڳ ان صحرا ڏانهن ويو هو، جيڪو اڃآن تائين واپس نه وريو آهي”.
“ٺيڪ آهي، پر تو ڪئين اهو اندازو لڳايو ته جيڪو شخص اوڏانهن ويو آهي سو منهنجو ئي ڀاءُ هو”.
“جڏهن مون انهيءَ شخص کان ان سفيد چمڙِ واري شخص جو حُليو پڇيو ته هُن توهان جي حلئي وانگر ئي ٻڌايو ۽ ان کانسواءِ هُن، ان شخص جي ڏاڙهي ڪاري ٻڌائي ۽ توهان جي ڀوري آهي. هن اهو به ٻڌايو هو ته سفيد چمڙي واري شخص جي ملازم جو نالو جم هو”.
“هنري! بلڪل امبوپا بلڪل سچ چئي رهيو آهي. جم کي مان چڱي طرح سڃاڻا”. مون چيو.
“مون کي يقين آهي ته منهنجو ڀاءُ انهيءَ طرف ويو آهي، ڪوارٽرمين! مان هن جي طبعيت کان چڱي طرح واقف آهيان. هو ڪنهن شي کي جڏهن حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته صحرا يا سمنڊ هن جي ارادن اڳيان ڪا ڳالهه ئي ناهن. جيڪڏهن توهان جي چوڻ مطابق هن سليماني خزاني طرف وڃڻ جو ارادو ڪيو هوندو ته اهي پهاڙ هن اڳيان ڪا حيثيت ئي نٿا رکن. بلڪل ائين جئين “ اڳيان ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين “. ليڪن هي هڪ ڊگهو ۽ خطرناڪ سفر آهي انڪوبو!”. امبوپا چيو.
“تون ٺيڪ ٿو چوين امبوپا!” هنري وراڻيو“ليڪن انسان جي پختن ارادن اڳيان پٿر به ميڻ بڻجي پوندا آهن. اهڙو ڪهڙو پهاڙ آهي جنهن تي اڄ تائين انسان چڙهي نه سگهيو آهي. اهڙو ڪهڙو صحرا آهي جنهن کي اڄ تائين ڪير عبور نه ڪري سگهيو آهي ۽ اهو ڪهڙو سمنڊ آهي، جنهن جي گهراين جي ماڻهو ڄاڻ نه کڻي آيو آهي، صرف همت ۽ پختن ارادن جي ضرورت آهي
“اي عظيم هستي! اهي لفظ توهان جي واتان تمام ڀلا ٿا لڳن” امبو پا چيو” جيڪو شخص موت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي؟ ان کي دنيا جي ڪابه طاقت آشڪست ڏئي نٿي سگهي، ۽ زندگي ڇاهي؟ هڪ هلي ڦلڪي کنڀ وانگر، جنهن کي هوا ڪڏهن ڪيڏانهن ته ڪڏهن ڪيڏانهن اڏاريندي وتندي آهي ۽ پوءِ ڪنهن اڻ ڄاڻ جڳهه تي وڃي سٽيندي اٿس. يا ته پوءِ زندگي هڪ ٻج آهي، جيڪو زمين تي رهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن زمين ۾ جذب ٿي نت نيون شڪليون وٺي زمين تي نمودار ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽٽي ٽڪرا ٿي فضا ۾ ڦهلجي ويندو آهي، هر جاندار لاءِ موت واجب آهي، اهڙي طرح مون لاءِ پڻ ۽ ان کان ڊڄڻ بيوقوفي آهي. جڏهن به موت ايندو ته ڪير به ان روڪي نه سگهندو . مان به توهان سان گڏ هلندس انڪوبو”. پوءِ خدا ڄاڻي هن جي من ۾ ڇا آيو جو هو فلسفي جا واهڙ وهائيندو ويو. “ اي منهنجا سفيد چمڙي وارا آقا! توهان ستارن جا يا ندين جا راز خوب ڄاڻو ٿا. ٻڌايو ته زندگي ڇا هي؟ روح ڇاهي؟ ۽ اهو ڪٿان ايندو آهي ۽ ڪيڏاهن ويندو آهي؟ مون کي خبر آهي ته انهن سوالن جا جواب توهان وٽ ناهن. ته ٻڌو، توهان کي ٻڌايان ٿو ــ اسين اونداهيءَ مان آيا آهيون ۽ اونداهيءَ ۾ ئي واپس موٽي وينداسين. هڪ اهڙي معصوم پکيءَ وانگر جيڪو ڪاري طوفان کان ڊڄي پنهنجي آکيري مان اڏامندو آهي ۽ اڻڄاڻ فضائن ۾ اڏامندو وڃي ڪنهن اونداهيءَ جڳهه تي پهچندو آهي”.
” تون ته يار صفا ڪو عجيب و غريب شخص آهين”. هنري چيو
امبوپا مرڪيو” اسان ٻنهي جون قسمتون هڪجهڙيون ئي آهن. ممڪن آهي ته مون کي به انهن پهاڙن جي پرئين پاسي پنهنجو ڀاءٌ ملي وڃي”.
”هان .. ڇا مطلب؟ امبوپا! توهان يقينن انهيءَ جڳهه جي باري۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻو ٿا؟ “ مون حيرانگي مان پڇيو مانس.
”ها.. مڙئي ڪجهه معمولي ڄاڻ اٿم ته انهن پهاڙين جي پرئين پاسي اهڙي ڌرتي آهي جهڙي تخليقي افسانن ۽ ناولن ۾ ٻڌائي ويندي آهي. اتان جا ماڻهو ڪارو جادو ڄاڻندا آهن. اهي ايڏا بهادر ۽ طاقتور آهن جو جيڪڏهن پهاڙ کي ضرب لڳائين ته ان کي ذرا ذرا ڪري ڇڏين. اتي چپي چپي تي ساوڪ جو فرش وڇايل آهي. نديون ۽ ڍنڍون انهيءَ ڌرتي کي سيراب ڪنديون آهن. اتي پهاڙن جي چوٽين تي برف ڄمندي آهي. ليڪن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائڻ جي مون کي ضرورت ئي ڪهڙي؟ اسان مان جيڪو به شخص اتي زندهه پهتو ته پنهنجي اکين سان پاڻ وڃي ڏسندو”.
مون پريشانيءَ مان امبوپا کي ڏٺو. يقينن هن کي انهيءَ پراسرار زمين جي باري ۾ گهڻو ڪجهه معلوم آهي. پر اسان سان ان سرزمين جا راز سربستا ظاهر ڪرڻ نٿو چاهي.
” توهان کي مونکان ڊڄڻ نه کپي ميڪوميزن! مان اوهان ماڻهن لاءِ ڄار ڪونه پيو وڇائيان، نه ئي توهان کي قتل ڪرڻ جي سازش پيو سٽيان. اگر قسمت مهرباني ڪئي ۽ پاڻ انهن پهاڙن کي عبور ڪري وياسين ته پوءِ مان توهان کي ٻڌائيندس ته مان ڇا ٿو ڄاڻان ۽ ڪير آهيان. ليڪن ايترو سو ياد رکجو ته انهن پهاڙن جي پريان موت پنهنجو ڀيانڪ وات ڦاڙيو اسان جي انتظار ۾ تيار بيٺو آهي. بهتري ان ۾ آهي ته توهان هتان ئي واپس هليا وڃو. مون کي جيڪي ڪجهه ٻڌائڻو هو، ٻڌائي ڇڏيم، وڌيڪ توهان جي مرضي.
ڪوئي گيت جهونگاريندو هو ڪيمپ طرف روانو ٿي ويو.
” هي امبوپا به صفا ڪو پراسرار شخص آهي”. مون چيو “مون کي يقين آهي ته امبوپا خزاني جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو. پر پاڻ کي ٻڌائڻ نٿو چاهي ــ انهيءَ جو وجود هڪ ڳجهارت بڻجي ويو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪير آهي. ڪٿان آيو آهي؟ ۽ انهيءَ جي دل ۾ چڱا يا برا ڪهڙا خيال ڪر موڙي رهيا آهن؟ اسان کي هن کان خبردار رهڻ گهرجي”.
ٻئي ڏينهن اسان سفر جو سامان ٻڌڻ شروع ڪيو. هيستائين جيڪو به سامان آندو هوسين. اهو سڀ جو سڀ صحرا ۾ کڻي وڃڻ ممڪن ئي ڪونه هو. تنهنڪري صلاح اها بيٺي ته چند ضرورت جون شيون ساڻ کڻي هلجن باقي سامان هتي ئي ڪٿي حفاظت ۾ ڇڏجي. هڪ پوڙهي ڪافر جي جهوپڙي جيڪا ويجهو هئي، سمورو سامان ان وٽ وڃي رکيوسين، مون ڏٺو ته پوڙهو لوڀي نظرن سان بندوقن کي تڪي رهيو هو. تنهنڪري بندوقن کي هن جي هٿ چڙهڻ کان بچائڻ لاءِ مون هڪ چال چلي. سڀني بندوقن ۾ هڪڙو هڪڙو ڪارتوس ڀري گهوڙا چاڙهي ڇڏيا ۽ پوڙهي کي چيم جيڪڏهن تو اسان جي شين کي هٿ لاٿو ته هي بندوقون خودبختود ڇٽي وينديون ــ هن تجربي طور هڪڙي بندوق کي جئين ئي اٿلائي پٿلائي ڏٺو ته ( جئين کي مون کي يقين هو) بندوق ڇٽي وئي. ان واقعي کان پوڙهو ايترو ته ڊڄي ويو جو وڏا وڏا قسم کڻي اسان کي يقين ڏيارڻ لڳو ته توهان جِي هڪڙي خصيص ڪو ڪي کي به هٿ نه لائيندس، اتان مطئمن ٿي اسان الڳ الڳ پنجن ٿيلهن ۾ پنهنجي ضرورت جو سامان ڀرڻ شروع ڪيو. اهي پنج ئي ٿيلها، هر ٿيلهو هر هڪ فرد يعني وينٽا، امبوپا، گڊ، هنري ۽ منهنجي لاءِ هئا. اسان صرف تمام ضروري شيون کڻيون، مگر پوءِ به هر ٿيلهي جو وزن هڪ هڪ مڻ جي لڳ ڀڳ ٿي ويو. سامان وري ڪهڙو هو؟ اهي ٽي ايڪسپريس بندوقون ، ٻه رائيفلون امبوپا ۽ وينٽا لاءِ،. ٽي پستول ۽ ڪارتوسن جون ڇهه پيتيون ، ان کانسواـءِ پنج پاڻيءَ جون بوتلون، پنج ڪمبل، پنجٽيهه ڪلو کن سڪل گوشت ۽ چند دوائون جن ۾ هڪ اونس ڪوئينن به هئي، چند جراحيءَ جا اوزار، انهن کانسواءِ ننڍيون ننڍيون شيون جئين شڪاري چاقو، ڏئين ٻارڻ لاءِ ماچيسن جون ڦاريون، برانڊيءَ جي هڪ بوتل، هڪ قطب نما، تماڪ ۽ اهڙيون شيون ــ ڪپڙا اسان ڪونه کڻيا، ڪپڙا جيڪي تن تي پهريل هئا، بس اهي ئي رهيا، هڪ اهڙي سفر جنهن جي منزل جي خبر ئي نه هجي، ان لاءِ اهو صفا مختصر سامان هئو. مگر ڇا ڪيون مجبوري هئي، ساڙيندڙ صحرا ۾ انهيءَ کان وڌيڪ سامان کڻڻ جي گنجائش ئي نه هئي.
طرح طرح جون لالچيون ڏئي مون ٽن حبشين کي انهي ڳالهه تي آماده ڪيو ته پهرينءَ منزل تائين جيڪا به تقريباويهه ميل هئي. اسان کي پاڻيءَ جون کليون کڻائي هلن ته گهٽ ۾ گهٽ پهرينءَ منزل تائين ته پاڻيءَ جي قلت محسوس نه ٿئي. مون انهن حبشين کي ٻڌايو ته اسان اُٺَ پکيءَ جي شڪار تي پيا وڃون، ته هنن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي چيو ته بيوقوف آهيو جو اهڙي خوني رڻ ۾ اڃ ۽ بک مرڻ پيا وڃو. اهي ٽئي صحرا ۾ قدم رکڻ کان ئي ڪيٻائي رهيا هئا. مگر مون جڏهن انهن کي هڪڙو شڪاري چاقو ڏنو جيڪو هتي تمام قيمتي شي سمجهيو ٿو وڃي، ته ٽئي ڄڻا پهرين منزل تائين هلڻ لاءِ رازي ٿي ويا.
اها ته قارئين کي به خبر هوندي ته صحرا ۾ سفر رات جو ئي ڪيو ويندو آهي. تنهن ڪري سڄو ڏينهن اسان آرام ڪندا رهياسين. رات جو گوشت ڀُڃي کاڌوسين. گڊ وڏي حسرت سان چيو ته هاڻ شايد ڪڏهن به تازو گوشت کائڻ لاءِ مشڪل ملي. کاڌي کان پوءِ اسان سڀني شين جو جائزو ورتو ۽ چنڊ جي انتظار ۾، گهڙيءَ کن لاءِ ليٽي پياسين. آخر نائين وڳي چنڊ به پنهنجي پوري تاب سان اڀريو ۽ ان صحرا ۽ جهنگل کي پنهنجي پگهريل چانڊوڪي ۾ وهنجاري ڇڏيو. اسان اٿي پنهنجا ٿيلها سنڀاليا ۽ هلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين. دل بريءَ طرح ڌڙڪي رهي هئي. پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا چمڪي رهيا هئا ۽ دماغ ۾ ڪيئي ابتا سبتا خيال اچي رهيا هئا. اسان کان چند قدم اڳيان امبوپا بندوق لٽڪايو، هٿ ۾ نيزو کڻيو حڪم جو منتظر بيٺو هو. اسان جي پٺيان وينٽا ۽ ٽئي حبشي پاڻيءَ جون کليون کڻيو خاموش بيٺا هئا.
“دوستو!” سرهنري گونجندڙ آواز ۾ چيو” پاڻ ماڻهو هڪ اهڙي سفر تي هلي رهيا آهيون. جنهن جي باري ۾ پاڻ ڪجهه به نٿا ڄاڻو ۽ خبر ناهي ته پنهنجو انجام ڪهڙو ٿئي. ان لاءِ ڇو نه هلڻ کان اڳ پنهنجي خالق حقيقي سامهون سرجهڪايون. جنهن جي رحمتن جو ڪو شمار ئي ناهي. جهڪي گناهن جي بخشش گهرون. هو غفورالرحيم ۽ عالم الغيب آهي. ۽ اسان جي جانين جو محافظ آهي”. سرهنري گوڏن ڀرجهڪيو. اسان به سندس تقليد ڪئي ۽ اهو شايد پهريون موقعو هو جو اسان سچي دل سان توبهه تائب ٿياسين.
“هاڻ هلو ته هلون” هنري حڪم ڪيو ۽ اسان هلڻ لڳاسين. سامهون نظر ايندڙ پهاڙ ۽ مرحوم سلواٽا جي ٺاهيل نقشي کانسواءِ ڪوبه سونهون اسان سان نه هئو. ڊي سلواٽا جي نقشي جي باري ۾ به ڪجهه چئي نٿو سگهجي ته اهو ڪيتري حد تائين صحيح آهي. اڄ کان ٽي صديون پهريائين هي نقشو انهيءَ شخص ٺاهيو هو، جيڪو پاڻ مري رهيو هو ۽ مرڻ وقت ماڻهو پنهنجي حواسن ۾ ڪٿي هوندو آهي!؟ فرض ڪجي ته ڊي سلواٽا جا حواس ان وقت تائين به سهي سالم هئا ته به ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته ٽن صدين ۾ انهيءَ رستي ۾ ڪي تبديليون نه آيون هونديون ۽ جيڪڏهن گندي پاڻي جو تلاءَ جيڪو هن نقشي مطابق صحرا جي پوري وچ ۾ آهي ته اسان جي رواني ٿيڻ واري جڳهه کان سٺ ميل پري ٻڌايو ويو آهي، جيڪڏهن انهيءَ کي ڳولي نه سگهياسين ته پوءِ پڪ ئي پڪ انهيءَ رڃ ۾ تڙپي تڙپي مرڻ ته اسان جي مقدر ۾ ئي لکيل آهي. منهنجي خيال ۾ هن رڃ ۾ پاڻيءَ جو ملڻ ناممڪن آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڊي سلواٽا جي وقت ۾ اهو تلاءَ صحرا ۾ هجي به سهي پر ٽي سئو سالن جي طويل عرصي ۾ اهو سڪي نه ويو هوندو؟ يا طوفانن ۽ هوائن واري اڏائي اڏئي ان کي لٽي نه ڇڏيو هوندو؟ جڏهن اسين اتي پهچنداسين ته ان جو نالو نشان ئي نه هوندو ۽ اگر ايئن ٿيو ته ....ته .... ۽ ان .. ته جي جواب ۾ تخيل ۾ اهڙي ڀيانڪ تصوير ٿِي اڀري جنهن سان اندر ئي اندر لرزي ٿِي ويو. مگر ٻڏندڙ کي ڪک جو به سهارو. انهي نقشي سان ئي اسان جون سڀئي اميدون ۽ ڪاميابيون وابسطه هيون ۽ ان خيال سان دل کي ڏڍ ٿي مليو ته اسان وٽ جيڪا شي ( نقشو) آهي. اها ٻين وڃڻ وارن وٽ ته نه هئي نه!
اسين ماٺ ميٺ ۾ هلندا رهياسين. اسان جا پير ڀيڏين تائين واريءَ ۾ گهڙندا ٿي ويا ۽ صحرائي ٻوٽن جون ٽاريون ڪپڙن سان وچڙي ٿي ويون. ڄڻ ته اسان کي اڳتي وڌڻ کان ئي منع ڪنديون هجن. مون کي ۽ گڊ کي جوتن مان هر هر واري ڪڍڻي پئي پئي.
اسين سڀ پنهنجن خيالن ۾ گم، خاموشيءَ سان اڳتي وڌندا ٿي وياسين. رات چانڊوڪي هئي پر صحرا جي عجيب خاموشي اسان کي کائڻ ٿي آئي. تيز هوا جا سوسٽ ڪنن سان ٽڪرائجي، واريءَ ذرڙن کي اڳتي وڌائيندا ٿي رهيا. چو طرف گهري خاموشي هئي ۽ ان خاموشيءَ جي ڪري اسين ڄڻ ته هن فاني دنياکان پنهنجو پاڻ کي الڳ ٿلڳ محسوس ڪري رهيا هئاسين. مگر ان خاموشي ۾ هڪ ٻئي جي تيز تيز ساهن جا آواز اسان کي صاف صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. مون کي ائين لڳي رهيو هو ته هيءَ خاموشي ڪٿي مون کي چريو نه ڪري ڇڏي. خاموشي جو سحر ٽوڙڻ لاءِ گڊ سيٽي وڄائڻ لڳو جيڪا پڙاڏو بڻجي اچي سندس ڪنن سان ٽڪرائجي دم ٽوڙڻ لڳي ۽ وري ساڳي خاموشي طاري ٿي وئي. جيڪا آهستي آهستي ذهن تي سوار ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ هڪ اهڙو حادثو پيش آيو. جنهن گهڙيءَ کن لاءِ اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو. پر پوءِ ٻيءَ گهڙيءَ کل ۾ ٻڏي وياسين ۽ ائين اسان جي ساري پريشاني ختم ٿي وئي.
ٿيو وري ڇا، جيئن گڊ ڪپتان هو ۽ هن کي سمنڊن جي باري ۾ پورو پورو علم هو. تنهنڪري هو اسان کان اڳيان اڳيان هلي رهيو هو. يا ائين چئون ته اسان جو سونهون بڻجي اڳيان اڳيان پئي ويو ۽ اسين هڪ ٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏيو ان جي پٺيان پٺيان پئي هلياسين. اوچتو گڊ جي واتان خوف مان دانهن نڪري وئي. هو ڄڻ ته هوا ۾ بلند ٿيو ۽ اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويو. ٻئي ئي لمحي اسان جي چوطرف عجيب عجيب آواز اچڻ شروع ٿي ويا. جئين ڪو ڪنجهندو هجي، يا کونگهرا هڻندو هجي ۽ يڪدم پوءِ ڀڄندڙ قدمن جا آواز اچڻ لڳا. هلڪي هلڪي چانڊوڪيءَ ۾ ڪجهه عجيب الخلقت شڪليون جيڪي ڪٿان سفيد ڪٿان ڪاري رنگ جون، حرڪت ڪندي نظر آيون. ڪافر ملازم کليون اڇلائي، ڌٻندڙ واريءَ تي اونڌي منهن ڪِري دانهون ڪرڻ لڳا ته اهي خبيث بدروح آهن. بدروح.!مان ۽ هنري حيران هئاسين ته اها وري ڪهڙي بلا آهي ۽ گڊ ڪيڏانهن ويو؟ اڃا ڪنهن نتيجي تي ئي نه پهتا هئاسين جو سامهون گڊ جو پاڇو ڏسڻ ۾ آيو. جيڪو ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ته گهوڙي تي سوار آهي ۽ اهو گهوڙو يا جيڪو به ڪجهه هو، اهو گڊ کي کڻي ڀڄندو گول گول چڪر ڪاٽي رهيو هو ۽ گڊ دانهون ڪري رهيو هو. دانهن جي ڪري الائي ڇا جي ڪري گڊ ڪڏندي ڪڏندي جهڪيو ۽ پوءِ هيٺ ڪري پيو. هن جي ڪرڻ جو ڦهڪو ٻڌڻ سان ئي اهو گهوڙو ڪنهن طرف ڀڄي ويو.
هاڻ سڄي ڳالهه مونکي سمجهه ۾ اچڻ لڳي، ٿيو ائين هو جو ٿڌڙي ٿڌڙيءَ واريءَ تي ڪجهه زيبرا وڏي سڪون سان ستا پيا هئا جو بيخياليءَ ۾ اسين وڃي انهن جي مٿان پيا هئاسين. گڊ جئين ته سڀني جي اڳيان هو تنهنڪري هڪ زيبرا سان ٿاٻڙجي وڃي ٻئي زيبرا تي پيو. زيبرا ان اوچتي آفت کان ڇرڪي گڊ کي کڻي ڀڄڻ لڳو. گڊ جيئن ئي زمين تي ڪريو ته اهو ڏسڻ لاءِ ته کيس ڪا چوٽ ته ڪانه رسي، اسين وٺي ڏانهس ڀڳاسين. پر هو واريءَ تي پلٽي ماريو ويٺو هو. ۽ انهيءَ ڀڄ ڊوڙ جي باوجود به هڪ چشمي عنيڪ بدستور هن جي اک سان چنڀڙيل هئي. شڪر آهي جو کيس ڪا چوٽ نه رسي هئي.
“الائي ته ڇا ٿيو يار، خدا ڄاڻي ڪهڙي بلا هئي جيڪا مون کي کڻي وٺي ڀڳي. توبهه توبهه، زندگي هئي جو بچي ويس”. گڊ مون کي ڏسي چوڻ لڳو ۽ مان پنهنجي کل روڪي نه سگهيس ۽ اچي ٽهڪن ۾ پيس.
ان حادثي جي ڪري اسان جي دلين ۾ جيڪو خوف ويٺل هو. سو ڄڻ ته اڏامي ويو ۽ اسين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا اڳتي وڌڻ لڳاسين. رات جو هڪ وڳي اسان ٿوري ساهي کڻڻ لاءِ رڪياسين. ٻه ٽي ڍڪ پاڻي پي اڌ ڪلاڪ کن جي ساهي پٽي، وري هلڻ جي ڪئي سين. “هوري ڏاڍي هل، ڪاهه ته پسين ڪيچ کي” جيان هلندا رهياسين. هلندا رهياسين تان جو اوڀر طرف آسمان شرميلي ڪنوار جي رخسارن جيان ڳاڙهو ٿيڻ لڳو. آهستي آهستي ريگزارن تي سوجهرو پکڙجڻ لڳو ۽ ٽمڪندڙ تارا ٿڪجي دم ٽوڙڻ لڳا. صحرا جي انتهائي اوڀر جي نقاب مان سج بادشاهه پنهنجو منهن ظاهر ڪيو ته ستارا ائين بي نور ٿيڻ ۽ ڪاري سائيءَ جي مريضن جيان پيلا پوڻ لڳا. سج اڃا به ٿورو مٿي ٿيو ته صحرا ۾ خوبصورت صبح مسڪرائي اٿي. سج جي ڪرڻن سامهون نظر ايندڙ پهاڙيون ۽ ريگستان جو ذرو ذرو چمڪي اٿيو. ائين صحرا ۾ اسان کي پهريون سج اڀريو.
اسان پنهنجي رفتار تيز ڪري ڇڏي، اسان کي ڪنهن پناهه جي تلاش هئي. اگر ٻه ڪلاڪ ٻيا به گذري ويا ته تيز اس ۽ تپندڙ صحرا ته اسان کي ڀُڃي رکندو. مسلسل ڏيڍ ڪلاڪ هلڻ بعد اسان کي پري پري بلڪ تمام پري کجين جون ڪجهه سايون چوٽيون نظر آيون. کجين جي جُهنڊ کي ڏسڻ سان اٺ پکيءَ وانگر تيز تيز ڊوڙندا کجين ڏانهن ڀڄڻ لڳاسين. هڪ وڏو جُهنڊ گهوگهٽ وانگر ڪنهن غار تي جهڪيو پيو هو، ۽ ان غار ۾ ٿڌڙي ٿڌڙي واريءَ جو فرش وڇايو پيو هو. هي غار شام تائين اسان کي سج جي تيز ڪرڻن ۽ موسمي اثرن کان بچائي سگهي ٿو. هي ننڍڙو غار هن وقت اسان لاءِ عاليشان محل ۽ ان ۾ وڇايل واري اسان لاءِ نرم قالعينن کان سوين ڀيرا بهتر هئي. هڪ هڪ ٿي اسين غار ۾ رڙهندا وياسين. اندر پهچي ٿورو سڪو گوشت کائي مٿان ٿورو پاڻي پي پير ڊگهيري سڌا ٿي سمهي رهياسين ۽ اسان کي گهري ننڊ کڻي وئي.
تقريبا ٽين وڳي اسان جي اک کلي. ڪافر ملازم جيڪي پهرين منزل تائين اسان کي پاڻي جون کليون کڻائي آيا هئا، سي واپس موٽڻ جي تيار ي ڪرڻ لڳا. هاڻ جيڪڏهن سڄي دنيا جي دولت انهن جي اڳيان اچي اڇلائجي تڏهن به هتان کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. تنهنڪري اسان پنهنجن پنهنجن بوتلن مان پاڻي پيتو ۽ انهن کلين مان وري بوتلون ڀريون جيڪي ڪافر ملازم اسان کي هيستائين کڻائي آيا هئا. کليون ڪنڌ سان لٽڪائي اسان انهن کان موڪلايو. هو ويندا رهيا ۽ اسان انهن کي صحرا جي پيناهه سمنڊ ۾ غائب ٿيندي ڏسي رهيا هئاسين. ساڍي چئين وڳي اسان به اڳتي روانه ٿياسين. سج لڙي چڪو هو. تڏهن به ان جي ڪرڻن ۾ غضب جي گرمي هئي. سارو ڏينهن بٺيءَ وانگر تپندڙ صحرا اڃا تائين به نه ٺريو هو.
پري پري تائين ڪٿي به ڪو جاندار يا ساوڪ ڏسڻ نٿي آئي. ڪٿي ڪٿي ڪي اٺ پکي ڏسڻ ۽ اچن ها ۽ اسان کي ڏسي ڀڄي وڃن ها تڏهن به چڱو. پوءِ به شڪر ڪريون ها. ها! مون کان وسري ويو، هڪ ٻي جاندار شي هن صحرا ۾ جام هئي. منهنجو مطلب مک سان آهي. جي ها، اها مک جيڪا عام طرح گهرن ۾ هوندي آهي. توهان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليا وڃو. اهي نامراد مکيون توهان کي هر جاءِ تي جامَ ملنديون. اهڙي صحرا ۾ به مکين جا وڏا وڏا لشڪر گهمي ڦري رهيا هئا. توهان يقين ئي نه ڪندئو پر مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته صديون پراڻو هڪڙو مقبرو جيڪو خبر ناهي ڪڏهن کان زمين ۾ دفن هئو. جنهن کي هاڻ کوٽائي ڪري لڌو اٿن. اهي نڀاڳيون مکيون اتي ان مقبري ۾ به موجود هيون. خبر ناهي ڪهڙي طرح اهي زير زمين مقبري ۾ پهتيون ۽ جڏهن اسرافيل صور ڦوڪيندو، دنيا تهس نهس ٿي ويندي، ان وقت به شايد اهي ئي مکيون تباهه ٿيل دنيا ۾ پيون اڏامنديون.
صحرا ۾ رات جي اونداهه پکڙي ته اسين چنڊ جي انتظار ۾ ترسي پياسين. جڏهن چنڊ آسمان تي پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ ان جي چانڊوڪي زمين تي پئي ته اسان به پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ وري به ساڳيو صحرا، ساڳي خاموشي ۽ ساڳيا اسين. ائين رات جو ٻين وڳي گهڙي کن ساهي پٽڻ بعد هڪ دفعو وري هلندا رهياسين. تان جو صبح ٿي ويو ۽ تارا سوجهري ۾ ٻڏڻ لڳا ۽ اسان پنهنجو پاڻ کي بي جان بت جيان کڻي واريءَ تي ڇڏيو ۽ کونگهرا هڻڻ لڳاسين. اتي ضرورت ئي نه هئي ته ڪنهن جي هٿ ۾ بندوق ڏئي ان کي پهري تي ويهارجي. هتي اسان جا صرف ٽي دشمن هئا. بک اڃ ۽ گرمي. ۽ اهي ٽئي خطرناڪ دشمن اسان جي بندوقن کان ڊڄڻ وارا نه هئا. هن دفعي اسان کي ڪابه پناهه گاهه هٿ نه آئي. تنهن ڪري کلئي آسمان هيٺ واريءَ وڇاڻو ڪري دنيا وَ مافي ها، کان بيخبر پيا هئاسين. سج جي شعاعن جي باهدار نيزن اسان جي جسمن کي ڇلڻ شروع ڪيو. ايتري قدر ٿڪل هئڻ باوجود به اسان جي اک نائين وڳي ئي کلي وئي. لڳو ائين پئي ته جلندڙ سج اسان جي جسم مان رت جو آخري ڦڙو به سڪائي ڇڏيندو.
”افوه” مون ٻنهي هٿن سان منهن تي ڦرندڙ مکين جي لشڪرن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”او خدا!” هنري آسمان طرف ڏسي ڀڻڪيو،
”مري وياسين يار، ڇا ته گرمي آ” گڊ چيو.
گرمي به ناقابل برداشت ٿيندي پئي وئي، تيز اس صحرا جي ذري ذري کي ائين چمڪائي رهي هئي جو اکيون کيريون پئي ٿيون. ڏور ڏور تائين ڪٿي به ڪنهن سائي وڻ جي ڪاچوٽي يا کجورن جي ڪنهن پاڻ ڦٽي پيل ڪنهن صحرائي باغ جو ڪو نالو نشان ئي ڪونه هو. ريگستان آهستي آهستي تپندو ويو ۽ ان جي سيني تي واريءَ جا ذرڙا، اٻاريل پاڻيءَ مان اٿيل ٻاڦ وانگر اڏري رهيا هئا ۽ اسين حسرت وچان هڪٻئي جو منهن تڪي رهيا هئاسين.
”هاڻ ڇا ڪجي” هنري چيو “اهڙي طرح اسين گهڻي دير تائين زنده نه رهي سگهنداسين”. اسان مايوسيءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيا.
”هڪ طريقو ٿي سگهي ٿو” گڊ ڪجهه دير سوچيندي چيو ته “پاڻ هڪ وڏو کڏو کوٽيون ۽ ان ۾ گهڙي وڃون ۽ مٿان اهي آس پاس بيٺل جهاڙيون ڪٽي کڏي تي وجهي ڇانوَ ڪريون، ڇا صلاح آهي؟“
ڪو ٻيو وقت هجي ها ته مان گڊ جي انهيءَ تجويز جي خوب مزاق اڏايان ها پر هن وقت ته خدا ياد اچي رهيو هو. ظاهر آهي ته انهيءَ طرح ٻرندڙ سج ۽ تئي وانگر تپندڙ واري تي پيا هونداسين ته شام تائين ته اسان جي گوشت سان گڏ هڏيون به ڳري وينديون. تنهن ڪري هٿن ۽ ڪاٺيءَ ٽڪرن جي مدد سان کڏو کوٽڻ شروع ٿي وياسين ۽ مسلسل هڪ ڪلاڪ جي هڻ هڻان کانپوءِ مس وڃي ٻه ٽي فوٽ گهرو، ڏهه فوٽ ڊگهو ۽ ٻارهن فوٽ ويڪرو کڏو کوٽڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ۽ آس پاس کان ڪافي ڏاريون وڍي گڏ ڪري کڏي جي منهن تائين گهلي آياسين.
وينٽا جيڪو هن ملڪ جي گرميءَ تي هريل هو. تنهن اهي ڏاريون ۽ ڪک پن کڏي تي وجهي ڇانوَ ڪئي ۽ پوءِ پاڻ به رڙهي آيو. اهڙي طرح اسان کي سج جي تپش کان ته پناهه ضرور ملي پر اندر جيڪا گُهٽ ۽ ٻوسٽ پئي ٿي جو ڪلڪتي جو روايتي بليڪ هول به اسان جيئرن جي هن قبر سامهون ته ڄڻ ته ڪا ڳالهه ئي نه هوندو. زمين جي سطح کان ٻه ٽي فوٽ هيٺ، اسين گهڙيءَ گهڙيءَ چپن کي پاڻيءَ سان پسائي رهيا هئاسين. جيڪڏهن اڃ مطابق پاڻي پيئون ها ته پاڻي ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هجي ها. حالانڪه هاڻي به پاڻيءَ جو مقدار اسان وٽ ڪو تسلي بخش نه هو. تقريبن ٽين وڳي ڌاري اسان جي قوت برداشت جواب ڏئي وئي. اهڙي طرح گهٽجي گهٽجي بيڪسيءَ جي موت کان ته بهتر هوته هن رڃ ۾ اڃ ۽ گرمي اسان جو خاتمو ڪري ڇڏين ها. ٻيو ڪجهه نه ته ڀلا تازي هوا ته ملي ها. هيءَ کڏو ته خوامخواهه گُهٽي گُهٽي اسان جو ساهه پيو ڪڍي. پوءِ ٿورڙو پاڻي پيتوسين، جيڪو به آهستي آهستي گهٽجندو پئي ويو. هن گرميءَ ۾، جيڪو خود به سخت گرم هو ۽ پوءِ اسين ٻاهر نڪري آياسين.
اسين پنهنجي سفر جا پنجاهه ميل طي ڪري چڪا هئاسين. اگر قارئين سلواٽا جي ٺاهيل نقشي تي غور ڪندا ته صحرا جي ڊيگهه هن چاليهه ليگ ٻڌائي هئي. ۽ گندي پاڻيءَ جو تلاءُ صحرا جي تقريباً وچ ۾ ٻڌايل آهي ته هاڻ چاليهه ليگ جا ٿيا. هڪ سئو پنجاهه ميل ۽ اسين پنجاهه ميل طي ڪري چڪا سين. تنهنڪري گندي پاڻيءُ جو تلاءُ ( جيڪڏهن واقعي هجي به کڻي) اسان کان ڏهه پندرهن ميل پري ئي هوندو. شام تائين وڏيءَ مشڪل سان ڪلاڪ کن ۾ اڌ ميل سفر طي ڪندي پنهنجي ٿڪل جسمن کي گهليندا پئي وياسين ۽ جڏهن سج لٿو ته چنڊ جي انتظار ۾ ڪجهه ننڊ جي خيال کان واريءَ تي سڌا ٿي ليٽي پياسين. ليٽن کان اڳ امبوپا منهنجو ڌيان هڪ طرف ڇڪايو. اسان کان ڪي اٺ ميل کن پري هڪ ڀٽ ( شايد ڪا پهاڙي هئي) نظر اچي رهي هئي. اهو سوچيندي ته اهو ڇا ٿو ٿي سگهي مون کي ڳهر اچي وئي. مگر هاڻي اسان جي طاقت به جواب ڏئي وئي، پير اهڙا ته وزني ٿي ويا جو ڀانءَ ته هاٿيءَ جا پير ٿي ويا هجن. اڃ جي ماريل زبان ڪنڊن وانگر سڪي تارونءَ سان ٿي چنبڙي ۽ هڪ هڪ ڍڪ پاڻي پيتوسين ته اڃ ڄڻ ته ڀڙڪي اٿي. تنهنڪري اڃ ۽ گرميءَ اسان کي اهڙو ته بيحال ڪري ڇڏيو جو وک وڌايون ته اونڌي منهن وڃو ڦهڪو ڪريون، معلوم ائين ٿي رهيو هو ته موت جو ڪارو ديو پنهنجا وحشيءَ ڏند کڙڪائيندو اسان جي پويان پويان پيڇو ڪري رهيو آهي ۽ اجهو ڄاڻ ته پهچي ساهه ڪڍيائين.
گڊ ويچارو سڄي رستي سان لطيفا ٻڌائيندو، اسان کي کلائيندو ۽ وندر ائيندو آيو، سوهن وقت صفا خاموش هو ۽ پنهنجي سڪل زبان چپن تي ڦيرائي رهيو هو. ٿورو هلندي به دم چڙهيو وڃي ۽ اسين مُردن جيان ڦهڪو وڃو ڪريون. اهڙي طرح ٿڙندي ٿاٻڙجندي رات جو تقريبا ٻين وڳي اسين ان پهاڙي جي ويجهو پهچي وياسين، جنهن طرف امبوپا منهنجو ڌيان ڇڪايو هو. هيءَ لڳ ڀڳ سئو فوٽ اوچي ڀٽ هئي. اسين ڀٽ جي اوٽ ۾ ويهي رهياسين. پاڻيءَ جو آخري ڍڪ به پي ڇڏيوسين ۽ واريءَ تي وڇائجي وياسين. هاڻ ڪنهن وٽ به پاڻيءَ جو ڦڙو ئي نه هو. مون تي غنودگي طاري ٿي رهي هئي. ۽ مون امبوپا کي چوندي ٻڌو ته “اگر پاڻي نه مليو ته صبح جو اڀرڻ وارو سج اسان جا لاش ئي ڏسندو”.
مون کي ڦيري اچڻ لڳي ۽ تصور ئي تصور ۾ ڏسان پيو ته اڃ جي ماريل اسان جون زبانون وات کان ٻاهر لڙڪي رهيون آهن. ۽ اسين ڇتن ڪتن جيان واريءَ تي هيڏهان هوڏهان ڀڄي رهيا آهيون. پر پاڻي آهي جيڪو اسان کي ڳوليو به نه پيو ملي ۽ تڙپي تڙپي اسين نيٺ مري رهيا آهيون. اهو خيال انتهائي ڀيانڪ هو، مگر مان ايڏو ته ٿڪل هوس جو اهڙو ڀيانڪ خيال به مون کي سمهڻ کان روڪي نه سگهيو.