ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

موت جو ڪمرو

گذريل باب ۾ اگنوسي ۽ گگول جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ان جي ٽن ڏينهن کانپوءِ اسين ان جڳهه تي هئاسين جتي ٽن پهاڙن وٽ شاهراهه سليمان ختم ٿئي ٿي. اسان ٽن سان گڏ فلاويٽا، انفادوس ۽ ان جا ڪجهه محافظ سپاهي ساڻ هئا.
گگول رهبر جي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي، جيڪا سارو ڏينهن ويندي رات ٿيڻ تائين پنهنجي منهن بڙڪندي ۽ ٽهڪ ڏيندي پئي رهي. ان پهاڙ کي ٽي چوٽيون هيون. هڪ ساڄي پاسي، ٻي کاٻي پاسي ۽ ٽي نڪ جي بلڪل سڌ ۾، شاهراهه سليمان وچ واري چوٽيءَ وٽ اچي ختم ٿئي ٿي.
بلند پهاڙين تي برف ڄاول هئي، جيڪا هيٺ اچي ختم ٿئي ٿي، جتي هيٺ برف ختم ٿئي ٿي، اتي وري ڪناري ڪناري سان جابلو خود بخود پيدا ٿيل ساون ٻوٽن جو سلسلو هليو ٿي ويو.
آخرڪار اهو ڏينهن به اچي ويو، جيڪو اسان جي زندگيءَ جو پرمسرت ڏينهن هو ۽ اسان اهو خزانو حاصل ڪرڻ وارا هئاسين جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن ( ۽ شايد هنري جي ڀاءُ به) پنهنجو جانيون وڃايون هيون، ۽ گگول جي چوڻ موجب انهن تي ديوتائن جو قهر نازل ٿيو هو. “ ته ڇا اسان تي به اهڙو قهر نازل ٿيندو؟” مان ڪنهن به صورت ۾ اهڙن خيالن کان جان ڇڏائي نه سگهيو هوس. شايد هنري ۽ گڊ جي ذهن ۾ به اهڙا خيال ايندا هجن! خير، اسان پنهنجي پنڌ کي اڳتي ڇڪيو ۽ ڏيڍ ڪلاڪ تائين هلندا رهياسين. خزاني حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ اسان جي رفتار کي ڄڻ ته تيز ڪري ڇڏيو هو، جو اهي ماڻهو جيڪي گگول جي پالڪي کڻي اچي رهيا هئا سي ڪيترائي قدم پٺ تي رهجي ويا.
”آهستي هلو سفيد انسانو” پالڪيءَ ۾ ويٺل گگول جو آواز اچڻ لڳو” لڳي ٿو ته توهان موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ ڏاڍا بيقرار ٿا ڏسجو.” گگول شيطاني ٽهڪ ڏئي اسان جي رفتار ڪنهن قدر گهٽائي ڇڏي.
اسين اڳتي وڌندا رهياسين ۽ نامعلوم خوف آهستي آهستي منهنجي دل تي ڇانئجڻ لڳو، رفتار صفا گهٽائي ڇڏيسين. خبر ناهي ڪيستائين هلندا رهيا سين ۽ مان پنهنجي خيالن مان جان ڇڏائي بس ڪئي ته ڏٺم ته اسين هڪ غار جي منهن وٽ بيٺا هئاسين. غار جو ڪنارو اڀ ڪپرو هو. غار سئو فوٽ هيٺ گهرو ۽ اڌ ميل کن ڦهليل هو.
“خبر اٿو ته هي ڇا هي؟” مون غار طرف اشارو ڪندي هنري ۽ گڊ کان پڇيو.
“لڳي ٿو ته توهان ڪڏهن هيرن جون کاڻيون ناهن ڏٺيون. هتان کاڻ کوٽي هيرا ڪڍيا ويا آهن. هُن طرف ڏسو!” مون غار جي آس پاس ڄاول مٽيءَ جي ڍيرن طرف اشارو ڪيو.” جهڙي نموني اسين ماڻهو کاڻيون کوٽيندا آهيون بلڪل ساڳي ئي طرح صديون پهريائين به کوٽيون وينديون هيون”.
غار کان رستو ٻن حصن ۾ ورهائجي غار جي چوڌاري گهمندو ٿي ويو، ۽ رستي جون ٻئي شاخون مضبوط پٿرن سان ٺهيل هيون، ته جيئن پٿرن کي غار جي منهن ۾ پوڻ کان بچائي سگهجي.
هتان اسان غار ۾ داخل ٿيڻا هئاسين، جتي ٽي مجسما بيٺل حالت ۾ موجود هئا جن کي ڪوڪوآنه ۾ “خاموش ديوتا” سڏيو ٿي ويو. ٽئي مجسما هڪ وڏي چٽان تي هڪ ٻئي کان ويهه قدم پري نصب ڪيا ويا هئا. ۽ اهي ڪجهه اهڙيءَ طرح نصب ڪيا ويا هئا جو محسوس ٿيندو هو ته اهي ڪنڌ جهڪائي شاهراه سليمان کي ڏسي رهيا آهن. انهن ٽنهي مجسمن مان جن جي اوچائي ارڙهن فوٽن تائين هئي، هڪ مجسمو عورت جو هو.
عورت جو مجسمو الف اگهاڙو ٺاهيو ويو هو. جسم اهڙو ته سڊول ۽ خوبصورت ٺهيل هوس جو سنگتراش جي ذهانت کي داد ڏيڻو پئجي ويو. چهري جا نقش توڙي جو زماني مٽائي ڇڏيا هئس پوءِ به يقينن خوبصورت ٺاهيا ويا هوندا. مجسمي جي ٻنهي ڪلهن وٽ ٻه چنڊ ٺهيل هئا.
مردانه مجسمن جا چهرا انتهائي ڀيانڪ هئا. خاص ڪري ان مجسمي جو جيڪو اسان جي کاٻي پاسي هو. چهري مان لڳو ٿي ته شايد شيطان ٺاهيو هوندائون.
جيڪو وات پٽيو دنيا کي هڪڙي ڳيت سان ڳيهي وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. ساڄي پاسي وارو مجسمو “ قهر ديوتا” جو هئو. جنهن جي چهري مان سڪون ۽ اطمينان جا آثار ظاهر هئا جن کي ڏسڻ سان دل دهلجو ٿي وئي.
اسان انهن ديوتائين کي ڏسي رهيا هئاسين جو انفادوس آيو جنهن نيزو بلند ڪري ديوتائين کي سلام ڪري چيو ته “ توهان موت جي ڪمري ۾ هاڻي ئي وڃڻ ٿا چاهيو يا کاڌو وغيره کائڻ کانپوءِ...؟
“نه انفادوس! هاڻ وڌيڪ انتظار جي ضرورت ناهي. اسين هاڻي ئي وينداسين، کاڌو وغيره پاڻ سان کڻي وينداسين ۽ اندر وڃي کائينداسين”. مون جواب ڏنو.
ايتري ۾ گگول پالڪي ۾ سوار ٿي پهچي وئي ۽ کلندي پالڪيءَ مان ٽپ ڏئي ٻاهر نڪري آئي. فلاويٽا گوشت ۽ سبزي کڻي هلڻ لاءِ ٽوڪريءَ ۾ وجهڻ لڳي ۽ ٿورو پاڻي به سان کڻيو.
اسين جنهن جڳهه بيٺا هئاسين، اتان کان چند قدم پري چٽان جي ديوار اسي فوٽ بلنديءَ تائين اڀي ٿي هلي ٿي وئي. اسي فوٽ بلنديءَ کانپوءِ هڪ پهاڙ جي چوٽي ان ديوار تي بيٺل هئي. جيڪا زمين کان ٽي هزار فوٽ بلند هوندي ۽ انهيءَ ٽي هزار فوٽ برف پوش پهاڙيءَ تان ڌنڌ جي چادر هٽي ته گگول لڪڻ ٽيڪيندي ان چٽاني ديوار طرف وڌي، اسين ان جي پٺيان هلندا رهياسين ، ايستائين جو چٽاني ديوار ۾ هڪ محرابي دروازي وٽ اچي پهتاسين.
دروازي وٽ پهچي گگول بيهي رهي.
“چڱو ته هاڻ اي سفيد انسانو، اي بهار سپاهيو!” گگول پنهنجي شيطاني تاثراتن سان ڪنڌ کي اڀو ڪندي چيو “ تيار ٿي وڃو ته مان بادشاهه جي حڪم مطابق توهان کي خفيه ڪمري ۾ وٺي هلان . هي ،،، هي ،، هي،،”
“تکي ٿي هل، وڌيڪ ڳالهيون نه ٺاهه” مون داٻو ڏنس.
“ڏاڍو سٺو. ڏاڍو سٺو، هاڻ توهان ڪجهه اهڙو نظارو ڏسڻ وارا آهيو جو پنهنجي دلين کي مضبوط ڪجو. ايئن نه ٿئي ته منظر ڏسندي ئي توهان جي دلين جي ڌڙڪن ئي رڪجي وڃي. انفادوس تون به اچ، تو پنهنجي جنهن ولي نعمت جي نمڪ حرامي ڪئي آهي. اچي ان جو ديدار ڪر”.
“نه مان هتي ئي ترسندس” انفادوس گهٻرائيندي چيو “ مگر ياد رکجان جيڪڏهن تو منهنجي سفيد آقائن سان ڪابه شيطانگيري ڪئي ته پوءِ تنهنجو انجام ڏاڍو بڇڙو ٿيندو”.
“چڱو چڱو، مون تنهنجي ڌمڪي ٻڌي ورتي، مون کي خبر آهي ته تون ڏاڍو ضدي آهين. جنهن ڪري تون ننڍپڻ ۾ پنهنجي شفيق ماءُ سان به وڙهي پوندو هئين. تون ڪنهن به قسم جو ڊپ نه ڪر، مان پنهنجي بادشاهه جي ادنيٰ غلام آهيان ۽ ان جي حڪم جي تعميل ڪري رهي آهيان. مان ته بادشاهن جي حڪم جي تعميل ڪندي آئي آهيان ۽ هاڻ مان انهن سڀني بادشاهن جي ۽ ٽواله جي به زيارت ڪنديس. ها،،ها،،ها،، هي ،،هي،، هي،، اچو ته هلون. پر مشعل ڪٿي آهي؟” ۽ هن پنهنجي جسم سان لپٽيل چيٿڙن مان هڪڙي مشعل ڪڍي.
“فلاويٽا تون به اسان سان گڏ اچي رهي آهين نه؟” گڊ پڇيو.
“منهنجا آقا مون کي ڏاڍو خوف ٿو لڳي” فلاويٽا جي آواز ۾ ڏڪڻي هئي.
“چڱو ڀلا تون اتي ئي ترس. اها کاڌي جي ٽوڪري منهنجي حوالي ڪر”.
“نه آقا، جيڏهان تون ويندين، مان به اوڏهان ئي هلنديس، تو کان پل به پري نه ٿينديس” گگول مشعل ٻاري دروازي ۾ داخل ٿي ۽ اسين سندس پٺيان هئاسين. اندر هڪڙي سرنگهه اهڙي ته سوڙهي ٺهيل هئي جو ٻه ٻه ماڻهو مس گذري سگهن. سرنگهه ۾ اوندهه ايتري قدر ته ڦهليل هئي جو اکيون ڦاڙي ڏسڻ سان به ڪجهه نٿي ڏسڻ ۾ آيو. تنهنڪري اسان گگول جي قدمن جي آهٽ پٺيان اندازي سان وڃي رهيا هئاسين. منهنجا هٿ پير ٺري ويا هئا ۽ جسم کي ڏڪڻي وٺي وئي هئي. اونداهيءَ ۾ چمڙن جي پرن جي ڦڙڦڙاهٽ جو آواز اچي رهيو هو.
“ڪير آهي؟” گڊ دانهن ڪئي. “ يارو منهنجي مٿي تي ڄڻ ته ڪنهن ڌوڙ جو ٻڪ اڇليو هجي”.
“ڪو چمڙو هوندو. گهٻراءِ نه، هلندو اچ” مون چيو.
پنجاهه گز هلڻ بعد سرنگهه ۾ روشني ڦهلجڻ لڳي ۽ اسين جيئن جيئن اڳتي وڌندا رهياسين روشني وڌندي رهي. ايستائين جو اسين هڪ ڪمري جي اندر بيٺا هئاسين.
جنهن غار يا ڪمري ۾ اسين ان وقت بيٺا هئاسين سو ڪافي وڏو ۽ ويڪرو هو.
جنهن جي ڇت به چڱي خاصي مٿي هئي. ڪمري جي چوطرف سفيد ٿنڀن جهڙي ڪا قطار هلي ٿي وئي. پهرين نظر ۾ اهي ٿنڀ برف جا ٺهيل لڳي رهيا هئا. مگر غور سان ڏسڻ بعد حيرت ۾ پئجي وياسين جو جيئن پراڻين پاڻيءَ جي نادين جي آهستي آهستي کار ڄمي ويندي آهي بلڪل ائين ئي نظر اچي رهيا هئا. ڄڻ ڪي کار جا ٿنڀ ٺهيل هجن، اصل ۾ اهو قدرتي تبديليءَ جو انوکو نمونو هو.
ڪمري جي ڇت ۾ چپي چپي تي جيڪي سوراخ هئا تن تي برف ڄمي وئي هئي. جن مان ٽيپو ٽيپو ٿي پاڻي ڳڙندو ٿي رهيو، جيڪو فرش تي ڪرڻ سان شايد غار جي آبهوا جي ڪري کار ۾ تبديل ٿي رهيو هو ۽ انهن مٿان صدين کان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙندر ڦڙا کار ۾ ٿيندا پنهنجي سطح وڌائيندا ٿنڀن جي شڪل ۾ نمودار ٿي چڪا هئا. ڪي ڪي ٿنڀ ته تمام وڏا به هئا، اسي فوٽن جا جن جي گولائي ٻه فوٽ هوندي. ڪي ڪي ٿنڀ ننڍا به هئا پر انهن تي پاڻيءَ ڪرڻ جو اهو عمل مسلسل جاري هو جيڪو اڳتي انهن جي وڌڻ جو سبب بڻجندو رهندو.
ڪيترن ئي جڳهين تي پاڻيءَ جا ڦڙا هڪ هنڌ نٿي ڪريا، هڪ ڦڙو هڪ جاءِ تي ٿي ڪريو ته ٻيو ان کان ٿورو وٿيرڪو ته ٽيو وري ڪجهه وڌيڪ وٿيرڪو پئي ڪريو. تنهنڪري اتي ٿنڀن جي بدران کار جون پاري جهڙيون لڪيرون ٺهنديون ٿي ويون. هن ڪمري جي خوبصورتي کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي ناهي، ڪمري جي چئني پاسي ديوارن جون چٽانون ڪاٽي ننڍڙا گڏين جي گهرن جهڙا غار ٺاهيا ويا هئا. جيڪي ڪنهن عبادت گهر جا حجرا هوندا، خبر ناهي ته اهي ڇا لاءِ ٺاهيا ويا هئا. بحرحال اهي حجرا ٽي هزار سال پراڻا معلوم ٿي رهيا هئا.
اسين ان خوبصورت ڪمري ۾ وڌيڪ وقت ترسي نه سگهياسين ڇو ته گگول کي پنهنجي فرض کان جلد کان جلد فارغ ٿيڻ جي تڪڙ هئي. مان اهو ڄاڻن لاءِ بي چين هوس ته ڪمري ۾ روشني ڪٿان اچي رهي هئي؟ اهڙو انتظام قدرت جو ڪيل هو يا انسان جو؟ مگر مان اهو سوچي ته ان راز جي ڄاڻ هونئن ئي واپسي تي پئجي ويندي، پنهنجي خواهش کي دٻائي ڇڏيم، اسين ڪراڙيءَ رهبر جي پٺيان هلندا هڪڙي دروازي تي پهچي وياسين.
(جيڪو مصر جي پراڻن مندرن جي صدر دروازي جيان ٺهيل هو)
“سفيد انسانو! پنهنجي دلين کي مضبوط ڪجو، هاڻ توهان موت جي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا آهيو” گگول دروازي وٽ پهچي چوڻ لڳي.
“چڱو ٻڌوسين، چپ ڪري اڳتي وڌ” گڊ داٻو ڏنس.
اسان جون دليون بريءَ طرح ڌڙڪي رهيون هيون. فلاويٽا گڊ جي ٻانهن کي مضبوطي سان پڪڙي، هوا ۾ ٿڙڪندڙ ڪنهن پن وانگر ڏڪي رهي هئي.
“لڳي ٿو ته هن غار ۾ ڪائي خوفناڪ ڳالهه ضرور هوندي” هنري چيو” بحرحال اسان کي گهٻرائڻ نه گهرجي، ڪوارٽرمين! هلو ته هلون”.
۽ مان اڳيان ٿيس. گگول پنهنجي لڪڻ جي ٽيڪ تي مون کان چند قدم اڳيان هلي رهي هئي ۽ بلند آواز ۾ ڪجهه پراسرار لفظن جي بڙبڙ ڪري رهي هئي. جنهن ڪري منهنجي دل تي خوف طاري ٿيندو رهيو ۽ مان اڳتي وڌڻ کان لهرائڻ لڳس.
“اڙي هلندو هل يار” گڊ مون کي ڌڪيندي چيو” هلندو هل نه ته پاڻ انهيءَ چالاڪ ڪراڙي سونهيءَ کي وڃائي ويهنداسين”.
پوءِ مان دل ڪري اڳيان وڌيس ۽ ڏهه قدم هلڻ کانپوءِ هڪ چاليهه فوٽ ڊگهي ۽ ويڪري ڪمري ۾ بيٺو هوس. ڪمري جي وچ تي پٿر جي هڪڙي وڏي ميز رکي هئي جنهن جي سري کان هڪڙو اوچو پاڇو اڪيلو ويٺو هو. ميز جي چوطرف ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا پاڇا بنا ڪنهن چرپر جي خاموش ويٺا هئا ۽ ميز جي وچ تي ڪا شڪل رکي هئي. هن ڪمري ۾ پهرين جي بنسبت وڌيڪ اوندهه هئي. تنهنڪري جڏهن منهنجون اکيون انڌيري ۾ ڏسڻ جون عادي بڻيون ته غور سان ميز تي پيل ڀوري شڪل ۽ ان جي آس پاس ويٺل سفيد مجسمن کي ڏٺو ته ڊپ مان منهنجي واتان دانهن نڪري وئي ۽ پوري قوت سان پوئتي ڊوڙ پاتيم.
توهان يقين ڪريو ته مان ڪو ايڏو ڪمزور دل به ناهيان، ڀيانڪ کان ڀيانڪ منظرن به ائين منهنجا حوصلا خطا نه ڪيا آهن پر ميز جي چوطرف ويٺل مجسمن مون کي ايتري قدر ته ڊيڄاري ڇڏيو جو هنري مون کي نه پڪڙي ها ته مان انفادوس وٽ پهچي چڪو هجان ها، ۽ پوءِ سليماني خزاني جي لالچ به ٻيهر مون کي ان ڪمري ۾ گهڙڻ تي مجبور نه ڪري سگهي ها.
هنري مون کي مضبوطي سان قابو ڪيو ۽ جڏهن ان جون اکيون به انڌيري ۾ ڏسڻ جون عادي بڻيون ته هو به پريشان ٿي ويو. گڊ تي به سڪتو طاري ٿي ويو، ۽ ڏڪندڙ فلاويٽا دانهن ڪري گڊ سان چنبڙي پئي، هڪڙي گگول هئي جيڪا جهومي خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏئي رهي هئي.
ان ڀيانڪ منظر کي مان زندگي ڀر وساري نه سگهندس، ميز جي سري کان پنهنجي هڪ هٿ ۾ نيزو کڻيو موت بذات خود ويٺو هو، جيڪو چن جو ٺهيل هڪڙو سفيد مجسمو هو، جيڪو مڪمل انساني ڍانچو تقريبا پندرهن فوٽ اوچو هو. جنهن جو هڪڙو هٿ بلند هو جنهن جي آڱرين ۾ نيزو اٽڪيل هو، ان جو ٻيو هٿ ميز تي رکيل هو، ۽ چيلهه ائين جهڪيل جو معلوم ٿي رهيو هو ته اٿڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اکين جي خالي سوراخن کي جهڙوڪر اسان تي مرڪوز ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ هيٺيون چپ ٿورو لڙڪيل هوس، ڄڻ کلي رهيو هجي.
“يا الله! رحم ڪجان” مون دعا گهري
“پر هي آهن ڪهڙيون شيون؟” گڊ ميز جي چوڌاري ويٺل مجسمن طرف اشارو ڪيو.
“الائي يار، خدا ئي ڄاڻي ته ڪهڙي مصيبت آهي؟” هنري ميز جي وچ تي ويٺل مجسمي طرف اشارو ڪندي چيو،
“هي،،،هي،،هي” ڪمري جي ڀيانڪ فضا ۾ گگول جو مڪروهه ٽهڪ گونجيو” جيڪي ماڻهو موت جي ڪمري ۾ داخل ٿندا آهن سي ديوتائن جي قهر جي ڪري پنهنجا حواس وڃائي ويهندا آهن”.۽ گگول هرو ڀرو کلڻ لڳي.
“انڪوبو!” گگول کل روڪي چيو “ اچو ۽ پنهنجي دشمن سان ملو، جنهن کي تنهنجي ڪهاڙي خاڪ ۽ خون ۾ ليٿڙائي ڇڏيو هو”
گگول پنهنجي سڪل آڱرين ۾ هنري جو هٿ پڪڙيو ۽ ان کي ميز طرف وٺي وئي ۽ اسان به انهن جي پٺيان وياسين.
“ڏس انڪوبو! غور سان ڏس” گگول ميز تي ويٺل ڀوري مجسمي طرف اشارو ڪيو، هنري جهڪي ڏٺو،،، ۽ پوءِ ڏڪندڙ قدمن سان پوئتي هٽيو. ميز تي بلڪل اگهاڙي حالت ۾ ڪوڪوآنه جو آخري تاجدار ٽواله ويٺو هو. ان جو ڪٽيل سر ان جي قدمن جي ويجهو رکيو هو. سندس ڌڙ پنهنجين سڀني بدصورتين سان پلٿ ماريو ويٺو هو، جنهن جي ڌڙ تي ڪنهن سفيد چيز جو خول چڙهيو پيو هو.
ٽپ، ٽپ، ٽپ ڇٽ مان ٽيپو ٽيپو پاڻي ٽواله جي جسم تي ڪري رهيو هو. جنهن ڪري ٽواله جي جسم تي کار جون هلڪيون هلڪيون لڪيرون بڻجي رهيون هيون. ٽواله جي جسم کي کار جي مجسمي ۾ تبديل ڪيو پئي ويو، ته جيئن ڳرڻ سڙڻ کان محفوظ رهي سگهي.
ميز جي چوطرف ويٺل ٻيا مجسما به انساني جسم هئا يا ڪڏهن هوندا مگر ان وقت اهي به کار جا مجسما بڻيا رکيا هئا. ته اهو هو طريقو جنهن ذريعي ڪوڪوآنه جي بادشاهن جا جسم محفوظ رکيا ٿي ويا. مرده جسمن کي ڪيئي سالن تائين ٽيپو ٽيپو ٿي پوندڙ برف جي بوندن هيٺان رکيو ويندو هوندو، تڏهن وڃي انهن کار جي مجسمن جي صورت اختيار ڪئي هوندي.
انهن ممي ٿيل لاشن جو تعداد سورنهن هو، ۽ آخري لاش امبوپا يا اگنوسيءَ جي پيءُ جو هو. ائين پئي لڳو ته اهي لاش مهمان ۽ اهو ڪمرو ميزبان هو.
ڪوڪوآنه جو هر بادشاهه ان جڳهه موجود هو. جن مان ٻه ته چار سئو سال اڳ جا هئا، موت جو مجسمو سڀ کان قديم هو ۽ جيڪڏهن مان سمجهڻ ۾ غلطي نٿو ڪريان ته اهو موت جو مجسمو به ان ئي ماهر جو تراشيل هوندو ، جنهن خاموش ديوتائين جا بت تراشيا هئا، گڊ ٻڌايو ته انهن مجسمن جي هڏين جو تعداد ايترو ئي هو. جيترو اسان زندهه ماڻهن جي جسمن ۾ هوندو آهي. ننڍي کان ننڍي هڏي به انهن مجسمن ۾ موجود هئي. لڳو ائين پئي ته موت جي مجسمي کي ڏسي ئي ڪوڪوآنه جي ماڻهن کي پنهنجن بادشاهن جي جسمن کي محفوظ ڪرڻ جو خيال آيو هوندو.
ته اهو هو موت جو ڪمرو ۽ اهو هو سفيد موت.