ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

خزانو

اسان پنهنجي دلين مان خوف مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. گگول پنهنجو ڪم ڪري رهي هئي، اها وڏي ڦڙتيءَ سان ٽپ ڏئي ميز تي چڙهي ويٺي ۽ ٽواله سان ڪنڌ جهڪائي ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي. ان بعد موت جي مجسمي سامهون وڃي بيٺي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ اڀا ڪري ڪنهن مشڪل زبان( جيڪا مان سمجهڻ کان قاصر هوس) ۾ دعائون گهري رهي هئي الاءِ ته اسان کي بدعائون ڏئي رهي هئي.
“گگول اٿ! جلدي ڪر اسان کي خفيه ڪمري تائين وٺي هل جتي چمڪندڙ پٿر پيل آهن” مون چيس.
هوءَ ميز تان ٽپ ڏئي لٿي ۽ چوڻ لڳي” سچ سچ ٻڌايو، ڊڄي وئيو نه؟” ۽ پوءِ بي سُري کل کلڻ لڳي.
”بڪواز بند ڪر“
”اچو ڀلا” پوءِ اسان کي موت جي مجسمي جي ٻئي طرف وٺي هلي.
“هتي هڪڙو خفيه ڪمرو آهي، سفيد انسانو! مشعل ٻاريو” ۽ هوءَ مشعل فرش تي رکي هڪ طرف وڃي بيهي رهي. ۽ پوءِ مشعل ٻاري اسان دروازو تلاش ڪرڻ لڳي وياسين. سامهون پهاڙي ديوار هئي، پر دروازو ڪٿي به نظر نٿي آيو.
“اهو ئي آهي دروازو، هي،، هي،، هي،،”.
“ڪٿي آهي دروازو؟ اسان کي بيوقوف ٿي بنائي ڏائڻ” مان ڪاوڙ نه روڪي سگهيس.
“اطمينان رکو منهنجا آقا! اهو ڏسو” گگول چٽان طرف اشارو ڪيو.
اوچتو گڙگڙاهٽ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڏسندي ڏسندي چٽان مٿي کڄڻ لڳي. اسين حيرت مان ڏسڻ لڳاسين. چٽان آهستي آهستي مٿي کڄندي وئي تان جو ڪٿي گم ٿي وئي ۽ هڪڙو دروازو ظاهر ٿي پيو.
“سليماني خزاني جو دروازو” منهنجي واتان شڪراني جي دانهن نڪري وئي ۽ اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها تري آيا.
“ستارن واسي سفيد انسانو! هاڻ هيڏهان اچو” گگول چوڻ لڳي “پهرئين منهنجون چند ڳالهيون ٻڌو، هن ڪمري ۾ توهان جيڪي چمڪندڙ پٿر ڏسندئو، سي انهيءَ جڳهه تان کوٽي ڪڍيا ويا هئا، جتي خاموش ديوتا ويٺا آهن، مون کي اها ته خبر ناهي ته هنن پٿرن کي ڪهڙن ماڻهن کوٽي هتي گڏ ڪيو هو، پر ايترو سو ڄاڻان ٿي ته اهي ماڻهو ڪنهن سبب جي ڪري وڏي افراترفريءَ ۾ هن خزاني کي ڇڏي هليا ويا هئا. ڪنهن کي به هن ڪمري جي خبر نه هئي، ايستائين جو هڪڙو سفيد انسان جيڪو اتفاق سان ستارن جي دنيا کان هن جڳهه تي آيو هو ۽ ڪوڪوآنه جي بادشاهه ان جو شاندار استقبال ڪيو هو” گگول ميز جي چوطرف ويٺل ممين مان پنجين مميءَ طرف اشارو ڪندي چيو “ تڏهن ٿيو ائين جو هڪڙي عورت هن ڪمري جو ۽ خفيه دروازي جو راز ڪنهن طرح ڄاڻي ورتو، ۽ هو سفيد ماڻهو ان عورت کي گڏ وٺي ان ڪمري ۾ داخل ٿيو. ان کي چمڪندڙ پٿر ملي ويا ۽ ان انهن پٿرن جو هڪڙو ٿيلهو ڀريو. جنهن ۾ اها عورت کاڌو کڻي آئي هئي. جڏهن اهو ٿيلهو مڪمل ڀرجي ويو ته ان سفيد ماڻهوءَ هڪڙو وڏو چمڪندڙ پٿر هٿ ۾ به کڻي ورتو”. گگول ساهي کڻڻ لاءِ رڪجي وئي.
“اڇا! ته پوءِ ڇا ٿيو؟ ان کان پوءِ ان غريب ويچاري سلواٽا تي ڇا گذري؟” مون وڏي دلچسپيءَ وچان پڇي ورتس.
گگول ڇرڪي پئي ۽ “توکي ان جو نالو ڪيئن معلوم ٿيو؟ ان کي مئي ته ڪيتريون ئي پيڙهيو گذري ويون آهن”. ۽ پوءِ جواب جي انتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي چوڻ لڳي ته “ ڪنهن کي به خبر ناهي ته پوءِ ڇا ٿيو، هو سفيد ماڻهو خبر ناهي ڪهڙي شيءَ کان ڊڄي سڀئي پٿر واپس اڇلي، جان بچائي ٻاهر نڪري آيو. جڏهن ٻاهر آيو ته ان جي هٿ ۾ اهو پٿر موجود هو جيڪو هن آخر ۾ کڻيو هو، ان پٿر کي تنهن وقت جي بادشاهه هن کان ڦري ورتو هو ۽ اهو پٿر هن وقت اگنوسي جي پيشانيءَ تي چمڪي رهيو آهي”.
”ته ڇا ان کانپوءِ ڪوبه شخص هن ڪمري ۾ داخل نه ٿيو آهي؟” مون انڌيري ڪمري ۾ جهاتي پائيندي چيو.
“نه ، ڪوبه نه، بادشاهه دروازو کولڻ جي ترڪيب ڄاڻندو هو ليڪن اهو به خفيه ڪمري ۾ ڪڏهن داخل نه ٿي سگهيو. چون ٿا ته ان ڪمري ۾ جيڪو به داخل ٿئي ٿو سو پهرين رات ئي مريو وڃي. جيئن اهو سفيد انسان مري ويو هو، جنهن جو آڪڙيل لاش توهان پهاڙي غار ۾ ڏسي آيا آهيو. هي،،هي،،هي،،ها،،ها،،ها،، منهنجي هر ڳالهه سچي هوندي آهي”.
”هن ڏائڻ کي ان ڳالهه جي ڪئين خبر پئي” مان حيرانيءَ مان سوچڻ لڳس.
“اڳتي وڌو سفيد آقا! منهنجو سڀ ڳالهيون سچ ئي هونديون آهن، توهان هن ڪمري ۾ پٿرن سان ڀريل ٿيلهو به ڏسندئو ۽ منهنجي اها ڳالهه به سچ ثابت ٿيندي ته جيڪو به هن ڪمري ۾ داخل ٿيندو آهي. موت ان جي منڍي مروٽي ڇڏيندو آهي، هي،،هي،،هي،،” هوءَ مشعل کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ مان هيءَ چوڻ ۾ ڪابه جهجهڪ محسوس نٿو ڪريان ته هڪ دفعو ٻيهر مان وري به اندر داخل ٿيڻ کان نٽائڻ لڳس.
“ٺيڪ آهي، مان هن ڏائڻ جي گدڙ ڀڀڪين ۾ اچڻ وارو ناهيان” گڊ چيو ۽ فلاويٽا کي وٺي اندر داخل ٿيو، مان ۽ هنري به انهن جي پوئواري ڪئي.
اسين صفا سوڙهي اونداهي سرنگهه مان گذري رهيا هئاسين، گگول اسان کان گهڻو اڳيان هئي ۽ هڪ جاءِ تي ترسي اسان جو انتظار ڪرڻ لڳي، اسان گگول وٽ پهچي وياسين. هت سرنگهه جي ٻنهي ڪنارن سان پٿر ڪجهه اهڙي نموني رکيا ويا هئا جو ڪير به هن ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ته وڏي آسانيءَ سان پٿرن کي کسڪايو وڃي.
هتي پهچي فلاويٽا چيو ته” هاڻ اڳتي وڌڻ جي مون ۾ همت ناهي” تنهنڪري اسان ان کي اتي ئي هڪڙي پٿر تي ويهاري کاڌي جي ٽوڪري ان وٽ رکي ڇڏي.
ڪي پندرهن گز پنڌ هلڻ بعد اسين ڪاٺ جي ٺهيل هڪ اهڙي دروازي وٽ پهتاسين جنهن تي رنگين چٽسالي ٿيل هئي. هي دروازو مڪمل طور کليل هو. ڄڻ ته ڪوئي هن کي کليل ڇڏي افراتفريءَ ۾ ڀڄي نڪتو هجي ۽ دروازو بند ڪرڻ وسري ويو هجيس، دروازي جي چائنٺ تي چمڙي جو هڪڙو ٿيلهو ڀريو رکيو هو، ڏسڻ سان لڳو ته هن کي چڱي طرح دٻاڙي ڀريو ويو هجي.
“هي،،هي،،هي،،ها،،ها،،ها” گگول مشعل جي روشني ٿيلهي تي وجهندي ڀيانڪ ٽهڪ ڏئي چيو ته “ مون توهان کي ٻڌايو نه هو ته هت پهرئين اچڻ وارو انسان ٿيلهو اڇلائي ڀڳو هو”.
“خدا قسم هيءَ ٿيلهو ضرور هيرن سان ڀريل هوندو” گڊ يقين سان چيو.
“ڀائو اڳتي وڌو” هنري چيو “ ڪراڙي ڏائڻ! هاڻ اها مشعل مون کي ڏي” هنري ڪراڙي کان مشعل وٺي اڳتي وڌيو ۽ هاڻ اسان خفيه ڪمري ۾ هئاسين.
مشعل جي انڌي روشنيءَ ۾ ڪمري جو جائزو ورتوسين. ٻين ڪمرن وانگر هي ڪمرو به چٽان ڪاٽي ٺاهيو ويو هو. جنهن جي ڊيگهه ويڪر ڏهه ڏهه فوٽ هئي.
منهنجي نظر ڇت طرف وئي، جتي قطارن ۾ هاٿين جي سونڍين وانگر هاٿي ڏند لٽڪي رهيا هئا. ايتري تعداد ۾ هئا جو انهن جي ڳڻپ جو اندازو لڳائڻ مشڪل هو. چار سئو کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا. ايترا هاٿي ڏند هڪ شخص کي زندگي ڀر لاءِ امير ترين شخص بڻائڻ لاءِ ڪافي هئا.
دروازي جي بلڪل قريب سامهون واري ديوار سان لڳل ڪجهه وڏيون صندوقون ترتيب سان هڪٻئي جي مٿان رکيون هيون.
“هنري مشعل هيڏهان کڻي اچ، هي صندوقون هيرن سان پُر هونديون” مون خوشيءَ مان دانهن ڪئي.
هنري مشعل کڻي آيو، سڀ کان مٿين صندوق جو پڙ زماني جي هٿ چراند سان ڌوڙ ۾ خسته حال لڳو پيو هو، صندوق کي لوهه جو هڪڙو وزني ڪنڊو اٽڪيل هو، مون ان کي کولي پڙ مٿي ڪري، صندوق کولي ته ان ۾ هيرا ته نه هئا مگر سون جي سِڪن سان جيئن جو تئين ڀري پئي هئي. جن تي عبراني زبان ۾ ڪا عبارت لکيل هئي.
“بحرحال اسان هتان خالي هٿين نه موٽنداسين”. مون هڪڙو سڪو کڻي اٿلائي پٿلائي ڏسندي چيو، اهڙا سڪا هڪڙي ئي صندوق ۾ هزارن جي تعداد ۾ پيل هئا ۽ صندوقن جو تعداد ارڙهن هو.
“بس هي ئي خزانو آهي؟، لڳي ٿو ته هيرا سڀئي سلواٽا کڻي پنهنجي ٿيلهي ۾ ڀريا هوندا”. گڊ چيو.
“منهنجا سفيد آقا! هوڏهان ڪنڊ ۾ ڏسو” گگول هڪ طرف اشارو ڪيو جتي ٽي پٿر جون صندوقون پيل هيون، شايد اتي ئي من جي مراد پوري ٿئي، ٻن صندوقن تي مهر لڳل هئي پر ٽيءَ صندوق کي ڪو تالو يا ڪنڊو ڏنل ڪونه هو.
مان گگول کان پڇڻ کان رهي نه سگهي ته “ جيڪڏهن اڄ ڏينهن تائين هن ڪمري ۾ ڪير داخل نه ٿي سگهيو آهي ته پوءِ کيس انهن سارن تفصيلن جي ڪيئن خبر پئي”
”ميڪوميزن! “ گگول مون سان مخاطب ٿي “ڪن ڪن اکين ۾ ايتري ته جوت هوندي آهي جو اهي پهاڙن ۽ پٿرن جي آر پار ڏسي سگهڻ جي سگهه به رکنديون آهن”
“هنري! ذرا ان ڪنڊ ۾ ته ڏسجان” مون گگول جي ٻڌايل جڳهه طرف اشارو ڪيو.
“اڙي يار! هيڏهان ڀڄي اچو” هنري سڏڪيو.
اسان ڊوڙي اتي پهتاسين، ماڻهوءَ قد پٿر رکي هڪڙي ڪنڊ کي الڳ ڪيو ويو هو. ان ننڍي ڪمري ۾ ٽي ٽي فوٽ پٿر جون ٽي صندوقون رکيون هيون، جن مان ٻه شيهي سان سيل مهر ٿيل هيون ۽ ٽيءَ صندوق جي مهر ٽٽي پئي هئي ۽ اها کليل هئي.
“هيڏهان ڏسو!” هنري کليل صندوق تي مشعل جهڪائي ۽ منهنجون اکيون کيريون ٿي ويون. صندوق سڄي اڻ تراشيل هيرن سان ٽٻ تار ٿيل هئي. مون کي ڪنهن به صورت ۾ يقين نه پئي آيو ته اهي هيرا آهن، مون اهي مٺ ڀري کڻيا.
جي ها، اهي هيرا ئي ها، اصلي ۽ قيمتي هيرا.
“خدا جو قسم اسان دنيا جا امير ترين انسان آهيون” ۽ مان چرين وانگر وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳس.
“سڄي بازار ۾ اسان جي ڪري هيرن جو سيلاب اچي ويندو”. گڊ چيو.
“ٺيڪ آ، باقي ڳالهيون پوءِ پيون ٿينديون، اچو ته پهرئين هيرن کي ڪنهن شي ۾ ڀريون” ، هنري حڪم ڏنو.
مگر اسان هڪ ٻئي جو منهن تڪيندا رهياسين، لڳو ائين پئي ته ڄڻ اسين ڪو وڏو گناهه ڪري رهيا هئاسين، جو مقدس عبادت گهر مان چوري ڪري رهيا هئاسين.
هيرن طرف هٿ وڌائيندي به دل ڌڙڪڻ لڳي.
“هي،،هي،،هي،،ها،،ها،،ها” اسان جي پٺيان گگول ٽهڪ ڏيندي چوڻ لڳي ته “ کڻي وڃو جيترا کپنوُ کڻي وڃو، جي انهن کي کائي پي سگهو ٿا ته وڃي کائو، پيئو وڃي ٺٺ ڪريو”.
هيرن کي کائڻ پيئڻ اهڙي محضڪه خيز ڳالهه هئي، جنهن مون کي کلائي کلائي کيرو ڪري وڌو، هنري ۽ گڊ به مون سان خوب ساٿ ڏنو ۽ اها کل ۽ خوشي هئي ان ڳالهه جي ته اسان ان خزاني کي حاصل ڪيو هو جنهن لاءِ خبر ناهي ڪيترا ماڻهو پنهنجي جانين تان هٿ کڻي چڪا هئا. انهن صندوقن تي نه مهر حضرت سليمان جي لڳل هئي ۽ نه حضرت دائود جي. انهن نبين سڳورن کان به گهڻو اڳي ڪنهن بادشاهه اهو خزانو اچي اتي لڪايو هو جنهن کي نه حضرت دائود نه ئي حضرت سليمان حاصل ڪري سگهيو هو، ۽ هينئر اسان اچي ان کي حاصل ڪيو هو. ڪجهه دير کانپوءِ کل جو دورو ختم ٿيو،،،.
“سفيد انسانو! ٻي صندوق کوليو. ان ۾ به چمڪندڙ پٿر ئي هوندا”. گگول چيو.
اسان ٻي صندوق جون مهرون ٽوڙيون. ٻي صندوق به هيرن سان ٽٻٽار ڀريل هئي. ٽيءَ ۾ البت هيرا هنن صندوقن کان ڪجهه گهٽ هئا مگر سڀ وڏا ۽ سبزيءَ مائل هئا.
خزاني جي خوشيءَ ۾ اسين گگول کي وساري ويٺاسين، جيڪا آهستي آهستي خفيه ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي ۽ اسان کي ڪا خبر ئي نه پئي.
اوچتو فلاويٽا جون لاڳيتيون ڪوڪرون ٻڌڻ ۾ آيون” واڳون واڳون ڀڄو جلدي ڪريو خفيه دروازو بند ٿي رهيو اٿو،”.
“اڙي ڇڏ مون کي، مان چوان ٿي ته هٽي پري ٿي مون کان ڇوري” گگول جي ڌمڪين جو آواز اچڻ لڳو.
“ڇوري ڇڏ مون کي، هٿ ڪڍ، چڱو نٿي هٿ ڪڍين ته بيهه ته ڏسانءَ ٿي...” ۽ فلاويٽا جي دانهن اسان جي دل دهلائي ڇڏي.
“واڳون،،،واڳون،، جلدي واپس موٽو! ڀڄي اچو،،، واڳون هن ڏائڻ منهنجي سيني ۾ خنجر کوڙي ڇڏيو آهي، آهه،،،،”
اسين سڀ ڪجهه ڇڏي بيتحاشا خفيه دروازي ڏانهن ڀڳاسين، اتي پهچي ڏٺوسين ته خفيه دورازو آهستي آهستي بند ٿي رهيو هو، يا ائين چئجي ته بند ٿيڻ جي قريب هو، ۽ ان جي ڀرسان فلاويٽا ۽ گگول هڪٻئي سان نبري رهيون هيون. فلاويٽا جي ڇاتيءَ مان خون وهي رهيو هو، مگر هوءَ بهادر ڇوڪري گگول کي مضبوطيءَ سان قابو ڪريو ويٺي هئي ۽ گگول جهنگي ٻليءَ جيان هن کي منهن ۾ رانڀوٽا هڻي هن جو منهن ڇلي رهي هئي، اسين اتي پهتاسين ته فلاويٽا جي طاقت جواب ڏئي چڪي هئي ۽ هوءَ ڌڙام ڪَري ڪِري پئي، ۽ گگول پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي بند ٿيندڙ دروازي هيٺان رڙهڻ لڳي مگر وقت گذري چڪو هو ۽ اڃان گگول جو اڌ جسم دروازي هيٺيان ئي هو جو وزني ڇپ ان کي چيڀاٽڻ شروع ڪيو. ٽيهه ٽن جي وزني ڇپ گگول جي سڪل هڏين کي ڪچليندي هيٺ سرڪڻ لڳي ۽ گگول جي واتان آخري دفعو چيخ نڪتي ۽ دروازو بند ٿي ويو. گگول هيٺان دٻجي مري وئي.
اهو سڀ ڪجهه چند سيڪنڊن ۾ ٿي ويو.
هاڻ اسين فلاويٽا طرف متوجهه ٿياسين. جنهن جي سيني ۾ مُٺئي تائين خنجر لٿل هو، ۽ هوءَ آخري پساهه کڻي رهي هئي.”
”آهه، واڳون،، مان مري رهي آهيان” فلاويٽا ڪنجهندي چوڻ لڳي.” گگول اوچتو خفيه دروازي مان ٻاهر نڪتي. ان وقت منهنجي اک لڳي وئي هئي، تنهنڪري مون کي خبر ئي نه پئي، بند ٿيندڙ دروازي جي گڙگڙاهٽ جي آواز سان منهنجي اک کلي وئي ۽ ان وقت گگول واپس اندر خبر ناهي ڇا ڳولڻ لڳي، جو مون وڃي سندس گلي ۾ هٿ وجهي کيس گهٽو ڏيڻ لڳيس، مگر هن خنجر منهنجي سيني ۾ لاهي ڇڏيو.”
“آهه،،، واڳون،، مان مري رهي آهيان،،، خدا حافظ،،،،”
“فلاويٽا! منهنجي پياري فلاويٽا” گڊ جي نيڻن مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ ان جهڪي رت ۾ لت پت فلاويٽا کي پنهنجي سيني سان لڳائي سندس چهري کي چمڻ لڳو.
“واڳون!” فلاويٽا چيو” ميڪوميزن ڪٿي آهي؟،، منهنجي اکين اڳيان انڌيرو اچي رهيو آهي”.
“مان تو وٽ ئي آهيان فلاويٽا” مون جواب ڏنس.
“ميڪو ميزن، تون منهنجي ڳالهين جو مطلب واڳون کي سمجاءِ ، هن کي منهنجي زبان سمجهه ۾ نٿي اچي، ۽ مان مرڻ کان پهريائين ڪجهه چوڻ چاهيان ٿي”.
“چئو فلاويٽا!”
”منهنجا آقا! واڳون کي ٻڌاءِ ته مان ساڻس محبت ڪندي هيس،،، بيپناهه محبت،،، مگر اڄ ڏينهن تائين پنهنجي محبت کي لڪائيندي رهيس،، اڄ جڏهن مان مري رهي آهيان ته،،، چاهيان ٿي ته،، هو منهنجي محبت کان آگاهه هجي،،، مون کي موت جو ڪو ئي غم ناهي،،، ڇو ته مون ڄاتو ٿي ته،، واڳون مون کي ڪڏهن به ،، پنهنجي زال بڻائڻ پسند نه ڪري ها،، ڇو ته،،، روشني ۽ انڌيري جو،،، اڇي ۽ ڪاري جو،،، ڪڏهن به ميلاپ نه ٿيو آهي،،،“
“آهه،،، فلاويٽا! خدا جو قسم مان توسان ضرور شادي ڪريان ها،، آهه! تو پهريان مون کي ڇو نه ٻڌايو؟” گڊ پنهنجا وار پٽڻ لڳو.
“بس بس واڳون.. هاڻ مان وڏي اطمينان سان مرنديس،، منهنجو جسم چاهي فنا ٿي به وڃي،، پر منهنجي روح،، توسان گڏ ئي رهندو. منهنجي دل محبت سان لبريز آهي،، جيڪا ڪڏهن به ،،، فنا ٿي نٿي سگهي،، جيڪڏهن مون کي ٻيهر زندگي عطا ٿي ته مان،،، ستارن جي دنيا ۾ اچي به توکي پائينديس،،، ميڪوميزن! تون واڳون کي ٻڌاءِ ته ،، مان ان جي محبت دل ۾ کڻي جيئندي رهيس،، ۽ هاڻ ان جي اها ئي محبت کڻي ،، هن دنيا مان وڃي رهي آهيان،،، آهه،،، آهه،،، “.
فلاويٽا هڏڪي ڏني ۽ سندس ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. گڊ ٻارن جيان اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
“گڊ ان ڇوڪريءَ جي مرڻ جو ايڏو افسوس نه ڪر” هنري چيس.
“ڇا مطلب ؟” گڊ غصي مان هنري طرف مڙيو.
“مطلب ته تون جلدي هلي ان سان ملندين، ڏسين نٿو منهنجا ڀاءُ! پاڻ زندهه ئي دفن ڪيا ويا آهيون”.
فلاويٽا جي اوچتي موت جي ڏک کي ته اسين وساري به ڇڏيون ها پر جڏهن هنري اهي لفظ چيا ته مان ۽ گڊ چرين وانگر هيڏهان هوڏهان بيمقصد ڀڄڻ لڳاسين. هاڻ خبر پئي ته گگول اها پلاننگ اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي هئي، نڀاڳي رن شروع کان ئي اسان ٽنهي کان شديد نفرت ڪندي هئي. هوءَ موقعي جي تلاش ۾ هئي ۽ اسان پنهنجي بيوقوفي جي ڪري هن کي موقعو ڏئي ڇڏيو ۽ سندس خواهش مطابق هاڻ اسين اڃ ۽ بک ۾ تڙپي تڙپي مري وينداسين. ڪمبخت پاڻ ته مري وئي پر پاڻ سان گڏ اسان کي به ماري وئي، ۽ هاڻ سندس لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ته “ سفيد انسانو! اهي چمڪندڙ پٿر کائي، پي سگهو ته وڃي کائو ۽ پيئو، وڃي ٺٺ ڪريو”.
شايد سلواٽا سان به ڪجهه اهڙو ئي واقعو پيش آيو هوندو، جنهن ڪري هو ويچارو پنهنجي جان بچائي ڀڳو هوندو.
“ائين بيڪار ڀڄ ڊڪ سان ڪجهه نه ٿيندو” هنري چيو” جيستائين مشعل ٻري رهي آهي، پاڻ کي اها ڪَلَ تلاش ڪرڻ کپي، جنهن سان هي خفيه دروازو کلندو آهي”.
اسين دونهون ڦهلائيندڙ مشعل جي روشنيءَ ۾ فرش ۽ چٽاني ديوار کي چڱي طرح جانچڻ لڳاسين. ڪافي وقت گذري ويو مگر اسان کي اهڙي ڪابه ڪَلَ ملي نه سگهي.
“هنري! مون کي يقين آهي ته دروازو صرف ٻاهران ئي کولي ۽ بند ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ان جي ڪائي ڪَلَ هتي ڪٿي اندر هجي ها ته گگول ڪڏهن به دروازي جي هيٺان گسڪي ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪري ها”. مون مايوسيءَ وچان چيو.
“بحرحال ،،،” هنري هلڪي کل کلندي چيو “ بدلو برابر جو رهيو، گگول جو موت به ايترو ئي تڪليف ڏيندڙ ٿيو، جيترو شايد پنهنجو ٿئي، هنن هيڏين ڇپُن سان مٿو ٽڪرائڻ بيڪار آهي، تنهنڪري واپس اچو ته خزاني واري ڪمري ۾ هلون”.
فلاويٽا وٽ رکيل کاڌي جي ٽوڪري کڻي اسين خفيه ڪمري ۾ اچي وياسين، ڪجهه دير بعد گڊ اٿيو ۽ فلاويٽا جو لاش کڻيو جنهن کي هڪڙي صندوق وٽ اچي رکيائين ۽ اسين ٽئي لاش وٽ هيرن سان ڏٽيل صندوقن کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهياسين.
“منهنجي صلاح آهي ته اسين پاڻ ۾ کاڌو ورهائي ڇڏيون ته جيئن ٿورو ٿورو ڪري کائيندا رهون ته جيترا ڏينهن ممڪن ٿي سگهي کائي سگهون”. هنري صلاح ڏني،
کاڌو ورهائجي ويو، هر هڪ جي حصي ۾ صرف چئن ويلن جو کاڌو آيو، جيڪو جيڪڏهن ذرو ذرو ڪري کائجي ته به اسين ان کاڌي سان چار ڏينهن مس زندهه رهي سگهياسين ٿي. ان کانسواءِ ٿورو پاڻي به هو.
“سڀاڻ نه ته پرينهن پاڻ کي مرڻو ضرور آهي، تنهنڪري اڄ زندهه رهڻ لاءِ ٿورو کاڌو کائڻ کپي”. هنري چيو.
اسان هڪ ٻه گرهه هڻي ٻه ڍڪ پاڻي پيتو ته بدن ۾ ڪجهه طاقت محسوس ڪرڻ لڳاسين ته اٿي ڇپن جهڙي قبر جي ديوارن کي وڏي غور سان ڏسڻ لڳا سين ۽ ان اميد سان ته متان ڪو خفيه دروازو ملي پئي، وڏيون ڪوششون ڪيون سين مگر سڀ بيڪار ويون، مشعل جي روشني جهڪي ٿيڻ لڳي ۽ اسان جي همت به جواب ڏيڻ لڳي ۽ مايوسيءَ مان پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳاسين.
“ڪوارٽرمين! هاڻ ڇا ڪجي؟” هنري مون کان پڇڻ لڳو.
مون کيسي مان گهڙي ڪڍي جنهن ۾ ڇهه ٿي رهيا هئا، اسين يارهين وڳي، غار ۾ داخل ٿيا هئاسين.
”انفادوس اسان جو منتظر هوندو” مون ڪک جو سهارو وٺندي چيو، “اسين جيستائين ان وٽ نه ڀڳاسين ته هو ضرور اسان کي تلاش ڪندو ۽...“
“،،، ۽ ان جي تلاش بي نتيجا رهندي. انفادوس ته ڇا پر ڪوڪوآنه جو ڪو فرد به خفيه دروازي جي رستي کان واقف ناهي. هڪڙي گگول ئي هئي، جنهن کي سڀ خبر هئي پر انهيءَ جون به هڏيون پاسريون دروازي هيٺان سرمون لڳيون پيون آهن.
فرض ڪيو ته انفادوس ڪنهن به طرح خفيه دروازي تائين پهچي به ويو ته ان کي دروازي کولڻ جي ترڪيب معلوم ئي ناهي، ۽ هيءَ پهاڙ ايتري قدر ته موٽو آهي جو ڪوڪوآنه جي سڄي فوج ملي ڪري به ان کي ٽوڙي نٿي سگهي. بهتر اهو ئي آهي ته خدا تي ڀروسو ڪجي دوستو! هن خزاني جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون چٽ ٿي ويون ۽ اسان انهن جي تعداد ۾ ٽن چئن جو اضافو ڪنداسين”. هنري کي به هاڻي مايوسي وڪوڙي وئي هئي.
مشعل جي روشني گهٽجي وئي، نيٺ مشعل وسامي وئي، پر وسامڻ کان اڳي مشعل آخري ڀڙڪو ڪري ايتري ته روشني ڪئي جو اسان جي نيڻن آخري بار فلاويٽا جو لاش، خزاني جو ڪمرو، ڇت ۾ ٽنگيل هاٿي ڏند، هيرن سان ڀريل صندوقون ۽ ٽي زندهه انسان ڏٺا، جنهن کانپوءِ مشعل هميشه هميشه جي لاءِ پنهنجي اک ٻوٽي ڇڏي.
ڪمري ۾ گگهه انڌيرو ڇانئجي ويو. ۽ ان انڌيري ۾ مون کي موت جي پرن جي ڦڙڦڙاهٽ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي.