ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

جنگ کان اڳ ۾

انفادوس ۽ سندس ساٿي ته رستن کان چڱي طرح واقف هئا جيڪي وڏيءَ آساني سان وڌندا پئي ويا. پر اسان کي ڪافي تڪليف ٿي رهي هئي. بار بار پٿرن تان ٿاٻڙجندا رهياسين. اسان جا ڪپڙا ڪانڊيرن ۽ جهنگلي ٻوٽن جي ڪنڊن ۾ اٽڪندا ٿي رهيا. تنهنڪري اسان جي رفتار پڻ سست هئي. پر پوءِ به “سُستيءَ مان ڇا هڙ حاصل قدم وڌائي اڳتي هلَ” وانگر وک وڌائيندا رهياسين. هتي پهچي چنڊ ڇٽڻ شروع ٿي ويو، ۽ چنڊ جو هڪ ڪنارو روشن ٿيڻ سان چانديءَ جي تارن جهڙن ڪرڻن انڌيري جي دامن ۾ ڏار وجهڻ شروع ڪيا. مڙي ڏٺوسين ته ڪوڪوآنه کي ڪافي پٺ تي ڇڏي آيا هئاسين. اسين پهاڙ جي پيرن واريءَ سطح تي هلي رهيا هئاسين. هيءَ سطح ٻه ميل گولائي ۾ ڦهليل هئي ۽ ان پهاڙ جي شڪل چنڊ جهڙي هئي.
چنڊ جهڙي پهاڙ جي چوٽيءُ تي هڪ جڳهه کليل ميدان هو. جنهن تي سائو گاهه ڄاول هو. جتي اسان کي هڪڙي فوجي ڪيمپ ڏسڻ ۾ آئي. جنهن ۾ ٽي هزار کن سپاهي موجود هئا. پر اڳتي وڌندي پتو پيو ته اهڙا ڪيئي دستا هتي آس پاس موجود هئا. ميدان جي وچ تي هڪڙو ڊنل سپاهين جو جٿو بيٺو هو ( جيڪو شايد اسان جي معجزي جي ڪري ڊنل هو) بغير ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جي اسان انهن فوجي دستن جي وچان گذري وڃي هڪ جهوپڙيءَ جي ويجهو پهتاسين، جتي انفادوس بيهي رهيو ۽ اهو ڏسي اسان جي حيرت جي حد ئي نه رهي جو ٻه سپاهي اسان جو اهو سامان جيڪو اسان افراتفري ۾ پوئتي ڇڏي آيا هئاسين، کڻيو ان جهوپڙيءَ جي دروازي تي بيٺا هئا.
“هنن ٻن ڄڻن کي توهان جو سامان کڻڻ لاءِ موڪليو هوم” انفادوس چيو، “ ۽ هيءَ ته انتهائي قيمتي شيءَ هئي” هن گڊ جي پتلون ڏانهن اشارو ڪندي چيو. گڊ چرين وانگر پتلون ڏانهن وڌيو ۽ جهڙپ ڏئي سپاهيءَ هٿان ڦري ان کي پهرڻ لڳو.
“منهنجا آقا! پنهنجي سفيد ۽ خوبصورت پيرن کي هنن غلامن جي نگاهن کان ته نه ڇپائيو” انفادوس التجا ڪندي گڊ کي چيو.
“پوءِ ته لعنت آهي مون تي جو تنهنجو چوڻ ڪريان” چئي پتلون پائي ڇڏي. تنهنڪري انفادوس کي گڊ جي هڪ چشمي عينڪ ۽ مصنوعي ڏندن ئي شڪر ڪرڻو پيو.
“مون ۽ هنن سردارن ڪافي غور فڪر کانپوءِ هنن دستن کي صبح سويري هتي جمع ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو”. انفادوس چيو” ته جيئن ڪوڪوآنه جو تخت پنهنجي حقيقي وارث اگنوسي حوالي ڪرڻ لاءِ ۽ ٽواله خلاف بغاوت لاءِ هنن کي اتساهي سگهجي”.
پرهه ڦٽندي ئي سڀئي دستا کليل ميدان ۾ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ اسين انهن جي وچ ۾ وڃي بيهي رهياسين. جتي انفادوس وڏي اثرائتي تقرير ڪندي سپاهين کي اگنوسيءَ جي حالات کان واقف ڪيو ۽ چيو ته “ ٽواله جي حوس پرستين ۽ خودغرضين جي ڪري اسان مان ڪنهن جي جان سلامت ناهي. خوني رقص ۾ هزارين بيگناهه ماڻهو قتل ڪيا ويندا آهن پر پاڻ ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهيون. ائين هڪ ڏينهن پنهنجو وارو به اچي ويندو ۽ پاڻ به قتل ڪيا وينداسين. تنهن ڪري ديوتائن جي واسطي پنهنجين اکين تان غفلت جا پردا هٽايو. پنهنجي لاءِ اهو ئي بهتر موقعو آهي ته اگنوسيءَ جي جهنڊي هيٺ جمع ٿي وڃون. ستارن کان آيل سفيد ماڻهن جو جادو توهان سان گڏ آهي. ڪاميابي توهان جا قدم چمندي. ڪوڪوآنه جي مظلوم عوام تان ظلم ۽ جبر جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي ويندو. اٿو جان باز سپاهيو! آنڌيءَ وانگر اٿو ۽ طوفان وانگر پوري ڪوڪوآنه تي ڇانئجي وڃو.”
انفادوس کانپوءِ اگنوسيءَ هڪ طويل ۽ ڀرپور تقرير ڪئي ۽ آخر ۾ ڇپائين ته “ منهنجا عزيز هم وطنو! توهان منهنجون ۽ انفادوس جون ڳالهيون ٻڌيون، مان هاڻ اهو اختيار توهان کي ٿو ڏيان ته مون ۽ ٽواله مان ڪنهن به هڪڙي جي چونڊ ڪريو. اگر ٽواله کي ٿا چونڊيو ته زندگيءَ ڀر ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجندا ئي رهندئو. ۽ منهنجو ساٿ ڏيندئو ته توهان آزاد هوندئو. ڪنهن مائيءَ جي لال جي مجال ئي نه هوندي جو توهان جي گهروارين يا جائداد تي ڪابري نظر رکي سگهي. ڪوڪوآنه جي تخت ۽ تاج جو اصل وارث مان آهيان تنهنڪري ستارن کان آيل هي سفيد انسان منهنجو ساٿ ڏئي رهيا آهن. اگر مان ڪوڙو، ٺڳ يا فراڊي هجان ها ته هيءَ ماڻهو ڪڏهن به منهنجو ساٿ نه ڏين ها، نه ڪڏهن چنڊ کان روشني ڇني ان کي اونداهو ڪن ها. منهنجا عزيز هموطنو! توهان ڏسي ورتو ته هنن سفيد انسان وٽ ڪيڏي طاقت آهي”.
“ها ڏسي ورتو سين” سپاهين جواب ڏنو.
“بادشاهه مان ئي آهيان. ديوتائين جو قسم مان ئي حقيقي بادشاهه آهيان. اگر ڪنهن کي ڪو شڪ وغيره هجي ته اهو منهنجي مقابلي ۾ نڪري اچي. اگر مان ماريو ويس ته معاملو ئي ختم ٿي ويندو پر جيڪڏهن منهنجو مد مقابل مارجي ويو ته ان جو وهندڙ سرخ خون منهنجي سچائيءَ جي ساک ڏيندو.”
“اگر توهان منهنجو ساٿ ڏنو ۽ پاڻ ڪامياب ٿي وياسين ته توهان کي انعامن اڪرامن سان مالامال ڪري ڇڏيندس ۽ توهان کي انهن سردارن جي جڳهه تي مقرر ڪري ڇڏيندس جيڪي ٽواله جي ساڄي ٻانهن آهن. مان قسم کڻي ٿو چوان ته منهنجو مرڻ جيئڻ توهان سان آهي، مان قسم کڻي توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته جنهن وقت مان پنهنجي پيءُ جي تخت تي قدم رکندس ته هيءَ سڄو خون خرابو مڪمل طور ختم ٿي ويندو. پوءِ ڪڏهن به ڏائڻين جو خوني رقص نه ٿيندو. توهان جون گهرواريون ۽ توهان جون ملڪيتون محفوظ رهنديون ۽ توهان پنهنجي جهوپڙين ۾ بيفڪريءَ سان آرام جي ننڊ سمهي سگهندئو. امن ۽ انصاف هميشه توهان جي در تي هڪيا تڪيا حاضر رهندا. اي معزز سردارو! اي فوجي ڀائرو! ٻڌايو، توهان منهنجو ساٿ ڏيندئو؟”
“اسين توهان سان گڏ آهيون” چئني طرفن کان آواز اچڻ لڳا.
“وڏي مهرباني ۽ هاڻ توهان ڏسندا ته ٽواله جا سفير سڄي ملڪ ۾ ڀڄي ڊڪي وڏو لشڪر ڪٺو ڪندا ۽ مون کي، توهان کي ۽ هنن سفيد انسانن کي ڪچلڻ لاءِ اڳتي وڌي يلغارون ڪندا، پر اهي بريءَ طرح ناڪام ٿيندا، ڀائرو! فتح ۽ ڪاميابي هر حال ۾ حق جي ٿيندي، باطل کي هر دور ۾ منهن واري کائي بڇڙو ٿيڻو پوندو آهي. پاڻ جنهن وقت ٽواله سان منهن مقابل ٿينداسين ته مان ڏسندس ته اهو ڪهڙو جانباز جوڌو هوندو جيڪو پنهنجي خون سان آزاديءَ جي سائي سلي کي سيراب ڪندو ۽ اهو ڪهڙو بزدل هوندو جيڪو ڀاڙين وانگر ميدان مان ڀڄي ٿو نڪري، هاڻ توهان وڃو ۽ وڃي جنگ جي تياري ڪريو. سڀاڻ يا پرينهن ٽواله سان جنگ شروع ٿي ويندي”.
ڪنهن سردار پنهنجو نيزو بلند ڪيو ۽ آس پاس جون پهاڙيون “ ڪوم، ڪوم “ جي شاهي سلام سان گونجي اٿيون. جيڪو اشارو ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيو هو ته انهن اگنوسيءَ کي پنهنجو بادشاهه سلامت تسليم ڪري ورتو آهي. ۽ پوءِ سڀئي دستا پنهنجي پنهنجي ڇانوڻيءَ طرف روانه ٿي ويا.
چنڊ جهڙي پهاڙيءَ تان هيٺ “ لو” جو منظر چٽو نظر اچي رهيو هو. جتي ٽواله جا سفير صدر دروازي مان نڪتا چئني طرفين لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ ڀڳا ٿي ويا. ۽ “ لو” جي ميدان تي فوجي دستا گڏ ٿي رهيا هئا. انفادوس اندازو لڳايو ته هن وقت “ لو” جي ميدان تي ٽيهه پنجٽيهه هزار سپاهي موجود آهن. ٽواله سڀاڻ تائين پنج هزار لشڪر ٻيو به گڏ ڪري سگهي ٿو. پر ممڪن آهي ته ڪجهه دستا انهن کان ڇڄي اسان سان به اچي ملن پر اهو سوچڻ وقت کان اڳي به آهي ۽ ان جو ڪو ايڏو امڪان به ناهي، حفاظتي انتظامن طور اسان چند دستن کي حڪم ڏنو ته واري واري سان پهاڙيءَ جي چوطرف گشت ڪندا رهن ۽ جڏهن کين ڪا غير معمولي چرپر ڏسڻ ۾ اچي ته هڪدم اسان کي آگاهه ڪيو وڃي. اسان جي ڪيمپ ۾ زور شور سان جنگي تياريون شروع ٿي ويون.
انفادوس ۽ ڪجهه سردارن جو خيال هو ته ٽواله اسان جي جادوءَ کان ڊنل آهي. تنهنڪري شايد ٻه ڏينهن اسان طرف پيش قدمي نه ڪري ۽ انهن جو اهو خيال سهي ثابت ٿيو.
ان عرصي ۾ اسان کي به تياري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ۽ جيڪي رستا چنڊ جهڙي پهاڙيءَ تائين پهتا ٿي، تن کي وڏن ۽ ڳرن پٿرن سان بند ڪري ڇڏيوسين.
جڳهه جڳهه پٿرن جا انبار ان طرح سٿياسين جو ٽواله جون فوجون چڙهڻ شروع ڪن ته انهن کي وڏي آسانيءَ سان هيٺ ڪيرائي سگهجي.
هڪ شام جئين ئي اسان حالات جو جائزو وٺڻ لاءِ “ لو” طرف ڏسي رهياهئاسين جو ڏٺوسين ته ڪجهه سپاهي اسان طرف اچي رهيا هئا. جن جو اڳواڻ هٿ ۾ سائي ٽاري کڻي اچي رهيو هو ۽ سائي ٽاري ان ڳالهه جي نشاندهي هئي ته هو ٽواله جا سفير هئا.
اڳواڻ جنهن جي هٿ ۾ سائي ٽاري هئي، اڳتي وڌي پهاڙي دامن وٽ اچي بيهي رهيو. فوراً اگنوسي ۽ انفادوس ان جي استقبال لاءِ پهتا ۽ کيس مٿي وٺي آيا.
“اسان جو بادشاهه سلامت انهن ماڻهن کي سلام ٿو ڪري جيڪي ناپاڪ ارادن سان ان خلاف جنگ ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن”. سفير ايندي ئي چيو”. شينهن انهن لومڙين کي سلام ٿو ڪري جيڪي بيوقوفي ڪري ان سان مهاڏو اٽڪائڻ ٿيو چاهين”.
“وڌيڪ ڄاڙي نه هڻ. ٻڌاءِ تون ڪهڙو پيغام کڻي آيو آهين”. مون پڇيس.
“بادشاهه سلامت جو پيغام آهي ته، اهو توهان کي خبردار ٿو ڪرڻ چاهي ته جيڪڏهن توهان ان جو مقابلو ڪرڻ جي حماقت ڪئي ته توهان جو حشر ڏاڍو خراب ٿيندو ۽ توهان لاءِ ڌرتي تنگ ٿي ويندي. پر اسان جو بادشاهه خون خرابو نٿو چاهي.
ان جي طبيعت انتهائي حليم ۽ صلحپسند آهي. تنهنڪري اهو صلح جو خواهشمند آهي”.
“ڪهڙن شرطن تي؟” مون پڇيو.
“ٽواله جا شرط انتهائي رحمدلانه آهن. ٽواله جنهن جي هڪ اک عقاب کان وڌيڪ تيز آهي. ٽواله جيڪو قهر جو مجسمو آهي، جيڪو هزارين زالن جو اڪيلو خاوند ۽ ڪوڪوآنه جو خدا آهي، جيڪو ديوتائن جو منظور نظر آهي. جنهن کي گگول جهڙي لافاني هستيءَ جي مدد حاصل آهي. جيڪو پنهنجن ابن ڏاڏن جي تخت تي جلوا افروز آهي. سو توهان کي آگاهه ٿو ڪري ته توهان سان چند معمولي شرطن تي ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ ان جا شرط آهن.
1.مان توهان ماڻهن تي رحم ڪندي صرف چند ماڻهن کي قتل ڪندس.
2. هر ڏهن ماڻهن مان هڪ کي قتل ڪيو ويندو. باقي ٻين جي جان بخشي ويندي.
3. سفيد فام انڪوبو جنهن بادشاهه جي پٽ کي قتل ڪيو آهي ان ۽ ان جي غلام اگنوسيءَ جنهن ٽواله جي خلاف سپاهين کي ڀڙڪايو آهي، تن کي تڪليفون ڏئي ڏئي بري طرح مارڻ ٿو چاهيان.”
“اڇا ته اهي آهن ٽواله جا رحمدلانه شرط”.
مون ساٿين سان صلاح مشورو ڪندي بلند آواز ۾ چيو جيئن اسان جا سپاهي به ٻڌي وٺن ته “ توهان واپس وڃي ٽواله کي ٻڌايو ته اسان ان وقت تائين لڙنداسين جيستائين ٽواله زندهه آهي ۽ اگنوسي پنهنجي پيءُ جي تخت تي نٿو ويهي . ٽواله کي ٻڌائجو ته اگنوسي، انفادوس، معزز سردارن ۽ اسان ستارن کان آيل سفيد انسانن ( جيڪي چنڊ کي به اونداهو ڪري سگهندا آهن) جو اهو اٽل فيصلو آهي ۽ ٽواله کي چئجو ته ان کي اسان جي انتهائي طاقتور جادوءَ کان ڊڄڻ کپي. اسان کيس خاڪ ۽ خون ۾ ليٿڙائي ئي دم پٽينداسين”.
سفير مرڪندي چيو ته “ اسان توهان جي گدڙ ڀڀڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون. توهان جي بهادريءَ جو امتحان سڀاڻي ٿيندو. جڏهن ڪانءَ پنهنجن چهبنن ۾ توهان جون هڏيون کڻيو ڪوڪوآنه مٿان پيا اڏامندا ۽ ماڻهو انهن کي ڏسي عبرت حاصل ڪندا، سڀاڻ ميدان جنگ ۾ پنهنجي ملاقات ٿيندي. توهان کي ستارن طرف ڀڄڻ جو رستو به هٿ نه ايندو”. سفير غرور مان مرڪندو واپس هليو ويو.
اها رات وڏي بيچينيءَ سان گذاري سين. ٿڪل به ڏاڍا هئاسين پر ننڊ جو ڪوهن تائين ڪو پتو ئي ڪونه هو.
اڌ رات تائين سڀ انتظام مڪمل ٿي ويا. پوءِ اسان پهاڙن کان هيٺ لهي گهمڻ ڦرڻ لڳاسين. چوطرف خاموشيءَ جو راڄ ڇانيل هو. لڳو ائين پئي ته ڄڻ اها اسان جي آخري رات هجي. فضا ۾ نامعلوم خوف ڇانيل هو. سچ پڇ ته هيءَ دل ڄڻ ته انڌيري کوهه ۾ ٻڏندي پئي وئي. اسان اڳتي وڌياسين جو آس پاس وارين پهاڙين جي پٺيان هڪئي وقت ڪيترائي نيزا بلند ٿيا. اهي اسان جا گشتي دستا هئا ۽ اسان کي اطمينان ٿي ويو، جو هر شخص پنهنجو فرض خير خوبيءَ سان سرانجام ڏئي رهيو هو. واپسيءَ تي اسين ننڊ ۾ ستل سپاهين جي وچان گذرياسين.
”هنن سپاهين مان سڀاڻ ڪيترائي موت جي ننڊ سمهي پوندا”. هنري گهري ننڊ ستل سپاهين طرف اشارو ڪندي چيو.
مون ننڊ ۾ مدهوش سپاهين طرف ڏٺو جن تي ڄڻ ته موت جو سايو لامارا ڏئي رهيو هو ۽ منهنجي گلي ۾ ڄڻ ته ڏک جو ڪو ڪنڊو اٽڪي پيو. ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ ته هي سپاهي رت ۾ لت پت ٿي موت جي ننڊ ستاپيا هجن ۽ مان انهن جي وچ ۾ مئو پيا آهيان. ٿڌ جي هڪ لهر منهنجي ريڙهه جي هڏيءَ تائين هلي وئي. سڀاڻ شام تائين هزارين ٻار يتيم ۽ هزارين عورتون بيواهه ٿي چڪيون هونديون جن جي حال تي ڪير به ڳوڙها ڳاڙڻ وارو نه هوندو. صرف اڪيلو چنڊ ئي هوندو جيڪو سڀاڻ رات جو اڀري مادر وطن لاءِ جان ڏيندڙ بهادر سپاهين کي پنهنجي نوراني ڪرڻن سان غسل ڏئي رهيو هوندو. اهڙن ئي ابتن سبتن خيالن منهنجي دماغ ۾ هلچل مچائي ڇڏي.
هنري پنهنجي ڀوريءَ ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائي، مرڪندي جواب ڏنو ته “ تون ته پهرئين ئي اقرار ڪري چڪو آهين ته تون بزدل آهين”.
“هنري ڪهڙي خبر! سڀاڻ اسان مان ڪير پنهنجي عزيزن ۽ وطن کان ڪوهين ڏور بي ڪسيءَ جي موت ماريو وڃي. جو ٽواله پوريءَ قوت سان حملو ڪندو ۽ فتح به شايد ان جي ٿئي”.
“ڪوارٽرمين! مايوسي ڪفر آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سڀاڻ گهمسان جو رڻ گجندو، راڙو ٿيندو. ۽ اسين بي سبب انهيءَ جنگ ۾ ٽپي پيا آهيون، پر جڏهن اکرين ۾ مٿا ڏئي ئي چڪا آهيون ته پوءِ مُهرين کان ڇا جو ڊپ، مان بيوسيءَ مان بستري تي چُڙي چُڙي مرڻ کان جنگ ۾ وڙهندي وڙهندي بهادري سان مرڻ پسند ڪندو آهيان. ۽ هاڻ جڏهن مون کي پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ جي اميد به نه رهي آهي، ته پوءِ موت ته مون لاءِ اڃان به آسان ٿي پيو آهي. همت نه هار منهنجا ڀاءُ! قدرت سدائين بهادرن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ يقينن اسان جو به ساٿ ڏيندي. هيءَ جنگ واقعي به تمام خوفناڪ جنگ هوندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ اسان کي ان مان گذري ئي پار پوڻو آهي”. هنري جون اکيون چمڪي اٿيون ۽ مان سوچڻ تي مجبور ٿي ويس ته هنري جنگ کي خوب پسند ٿو ڪري.
اسان ڪجهه دير آرام ڪيو.
پرهه ڦٽندي ئي انفادوس اسان کي ڌونڌاڙي جاڳايو ته “ اٿو منهنجا آقا! “لو” ۾ وڏي هلچل مچي وئي آهي، ۽ ٽواله جون فوجون اسان ڏانهن وڌي رهيون آهن.” اسان تڙ تڪڙ ۾ هٿياربند ٿيڻ شروع ڪيو.
هنري ته بلڪل ڪوڪوآنه جي سپاهين وانگر ئي هٿيار بند ٿيو. ان پنهنجي جسم تي ڪاري رنگ جي کل لپيٽي ( اها ڪمانڊر هئڻ جو دليل هئي) مٿي تي اٺ پکيءَ جا کنڀ ۽ چيلهه جي چوڌاري ڏاندن جا سفيد پڇ، هڪ هٿ ۾ جنگي ڪهاڙو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڍال کڻيائين. چيلهه سان پستول سان گڏ ڪوڪوآنه جا چاقو ٽولاس به پٽي ۾ لٽڪائي ڇڏيائين. اگنوسي به مسلح ٿي آيو. جڏهن اهو ۽ هنري گڏ اچي بيٺا ته ٻئي ڪوڪوآنه جي سپاهين جو اعليٰ نمونو پئي ڏسڻ ۾ آيا.
باقي رهياسين مان ۽ گڊ، گڊ به پتلون پائي هڪ هٿ ۾ جنگي ڪهاڙو ۽ ٻئي هٿ ۾ نيزو کڻيو ۽ ٽواله جي عنايت ڪيل زرهه جسم تي پائي ڇڏي. جنهن سان هو عجيب نظر اچي رهيو هو. اگر ڪو ٻيو وقت هجي ها ته مان کلي کلي ٿڪجي پوان ها.
منهنجي زرهه تمام ويڪري هئي. تنهنڪري انهيءَ کي ڪپڙن جي مٿان پهريم، ٽوپلي ۾ نيڪ سوڻ لاءِ اٺ پکيءَ جو هڪڙو کنڀ لڳايم، هٿ ۾ نيزو ۽ ٽولاس کڻيم، جن جي استعمال جي ڪا خبر ئي نه هيم، اسان جون بندوقون چند سپاهين سنڀالي کڻيون هيون. جن کي اسان سان گڏ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح مسلح ٿي اسان ٻه ٽي گرهه مانيءَ جا هڻيا. منهنجي بک ته غائب ٿي چڪي هئي ۽ هڪڙو گرهه به نڙيءَ مان هيٺ نٿي لٿو. پر قوت برقرار رکڻ لاءِ کاڌو به ضروري هو.
کاڌي کائڻ بعد اسان فوج جو معائنو ڪرڻ نڪتاسين. هڪ طرف قلعي جي برج جهڙا بلند پٿر هئا جتي انفادوس پنهنجي ساٿين سان تيار بيٺو هو. هي ڪوڪوآنه جو خاص ۽ بهادر ترين دستو هو. جنهن کي “گريز” ٿي چيائون. ان دستي جا بهادر سپاهي انگلينڊ جي فائيٽرن ۽ لکنوءَ جي بانڪن جيان صرف مرڻ ۽ مارڻ ئي سکيا هئا. گريز جي سپرد اها خدمت هئي ته اهي ميدان جنگ ۾ گشت ڪندا رهن ۽ جنهن طرف ٽواله جو پلڙو ڀاري ڏسن يا اسان جا سپاهي همت هاري چڪا هجن ته ان طرف حملو ڪن. يا وري ان وقت حملو ڪن، جڏهن ٽواله جي فوج ٿڪجي چڪي هجي.
“لو” جي صدر دروازي کان ٽواله جون فوجون ڪيڙين ماڪوڙين جيان نڪرنديون رهيون. ايترو لشڪر ڏسي منهنجا ته حوصلا ئي خطا ٿي ويا. فوجون “لو” کان ٻاهر اچي ٽن حصن ۾ ورهائجي ويون. هڪ حصو ساڄي، ٻيو کاٻي ۽ ٽيون اسان طرف پيش قدمي ڪرڻ لڳو.
“اهي پاڻ تي ٽه طرفو حملو ڪرڻ ٿا چاهين” انفادوس چيو.
اها خبر واقعي به حوصلا خطا ڪندڙ هئي. پهاڙ جي چوٽي ٻه اڍائي ميل سوڙهي هئي ۽ اگر هنن ٽه طرفو حملو ڪيو ته اسان جو وچ ۾ گهيرجي پسپا ٿيڻ يقيني هو. ۽ اها به خبر نه هئي ته ٽواله جا دستا ڪهڙن طرفن کان حملا ڪندا، بحرحال جيئن به ممڪن ٿي سگهيو، لشڪر طرف ماڻهو ڊوڙائي آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو ته لشڪر کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ۽ جنهن طرف به ٽواله جي فوج نظر اچي ان طرف هڪ دستو ان جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌي.