پراسرار ملازم
ناٽال پهچڻ تائين مان يڪو اهو ئي سوچيندو پئي آيس ته سر هنري وارن سان وڃان يا نه وڃان؟ هر گهڙيءَ سليماني خزاني حاصل ٿيڻ جو خيال منهنجي دل ۾ هل چل مچائيندو رهيو، پر ٻيءَ گهڙيءَ مون کي ايئن لڳندو هو ته ڄڻ مان به ڊي سلواٽا وانگر هڪ غار ۾ مري رهيو آهيان ۽ منهنجو ڪو به حال ڀائي مون سان گڏ ڪونهي. هڪ طرف هيرن جي چمڪ ڌمڪ ۽ انهن جي حاصل ٿيڻ جو خيال ته ٻئي طرف بڇڙو ٿي مرڻ جو ڊپ. ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه پيو سگهان. بس “وڃان ــ نه وڃان”، “وڃان ــ نه وڃان” جي وچ ۾ منهنجو ذهن ٽنگيو رهيو.
ٻئي طرف ڪپتان گڊ ۽ سر هنري دل ئي دل ۾ سليماني خزاني تائين پهچڻ جون اسڪيمون مڪمل ڪيو ويٺا هئا.
جنوريءَ جي هڪ حسين شام جو اسان جو جهاز ناٽال کان روانو ٿيو، ناٽال ڇڏڻ سان ئي آفريڪا جو سرسبز ڪنارو شروع ٿيو وڃي. هتان کان جهاز ڊربن تائين آهستي آهستي هلندو رهيو. جيڪڏهن توهان جهاز جي ڇت تي بيهي ڏسو ته توهان جي نظر جي آخري حد تائين زمين تي نيري نيري گاهه جو فرش نظر پيو ايندو. جڏهن اهو ختم ٿيندو ته ڳاڙهسرن پٿرن جو پهاڙي سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ پهاڙين جي ڪنارن سان سبز پهاڙي ٻوٽن جو سلسلو پيو هلندو، ۽ انهن پهاڙين جي وچ ۾ ڪافرن جا کيت پري پري تائين نيري ڍنڍ جو ڏيک پيا ڏيندا. تيز برساتي هوائن جبلن ۾ هنڌان هنڌان غار ٺاهي ڇڏيا هئا، ۽ انهن غارن جي منهن تي سمنڊ جي سفيد جهاڳ ڄمي وئي هئي، جيڪا پري کان ايئن پئي لڳي ته ڄڻ ڪنهن خطرناڪ ديو جو منهن ڪنهن غصي کان جهاڳ سان ڀرجي آيو هجي. پهاڙين مٿان ننڍن ننڍن آبشارن جي صورت ۾ پاڻي مسلسل ڪرندو رهندو آهي، جيڪو هيٺ اچي نديءَ يا چشمن جي صورت اختيار ڪندو آهي. انهن نظارن کي ڏسڻ سان دل سوچڻ تي مجبور ٿيو وڃي ته رب پاڪ پنهنجي نيڪ بندن سان جنهن جنت الفردوس جو واعدو ڪيو آهي، سا شايد اها ئي آهي.
سڄي ڏينهن جو سفر ڪندي ٿڪجي ٿڪجي سج جڏهن لهڻ شروع ڪيو ته اسان جو جهاز ڊربن جي بندرگاهه جي پليٽ فارم سان اچي لڳو، جهاز مان بندوق سان هڪ فائر ڪيو ويو ته جيئن ماڻهن کي خبر پئي ته لنڊن کان ٽپال اچي وئي آهي، اسان ٽئي يعني مان، گڊ ۽ سر هنري کاڌو کائي ڇت تي اچي ويا هئاسين، چنڊ اڀري پنهنجي ٿڌڙي چانڊوڪيءَ سان سمنڊ ۽ خشڪي کي منور ڪري رهيو هو، چئني طرفن کان رات جي خاموشيءَ جو راڄ هئو، انهيءَ خاموشيءَ کي چيريندو وڻندڙ ۽ فرحت بخش هوا جي ڪلهن تي سوار ٿي ڪنهن مهاڻي جي گيت جو مڌر آواز ڏور ڏور کان ڪٿان اچي اسان جي سماعتن کي سڪون بخشي رهيو هو.
جيڪو پنهنجي مادري زبان ۾ وڇوڙي جو ڪوئي گيت ڳائي رهيو هو.
مهاڻي کان شايد ويجهر ۾ ئي، ڪا دل جي ديوي وڇڙي وئي هئي، جنهن جي ياد ور ور ڏئي سندس گيت مان وڇوڙي جا ورلاپ بڻجي رهي هئي، ۽ سندس ياد کي سمنڊ ۽ هيءَ چانڊوڪي ويتر وڌائي رهيا هئا.
“ها مسٽر ڪوارٽرمين!” آخرڪار هنري پڇي ورتو “ڇا فيصلو ڪيو توهان؟“
مان جهنگلي وٽ بيٺو ان وقت تائين ڪنهن به فيصلي تي پڄي نه سگهيو هوس، مون پائيپ دکائي، ٻرندڙ تيليءَ کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ اها اڃان پاڻيءَ تائين پهچي ئي پهچي مون فيصلو ڪري ورتو، ڪيئن دفعا ايئن به ٿيندو آهي ته جو منڌل سٽ کي سلجهائيندي سلجهائيندي توهان جو دماغ ئي الجهي پوندو آهي ته عين انهيءَ وقت هڪدم اهو سلجهي پوندو آهي.
“مان توهان جو ساٿ ڏيندس،” مون چيو “پر جي اجازت ڏيو ته مان پنهنجي طرفان ڪجهه شرط اوهان آڏو رکان”.
“ضرور، ضرور” خوشي هنري جي منهن مان ئي پڌري هئي.
چڱو ته ٻڌو منهنجا شرط.
1. توهان کي منهنجو سڄو خرچ برداشت ڪرڻو پوندو،
2. رستي ۾ اتفاق سان جيڪڏهن ڪا قيمتي چيز ملي وئي مثلاً هاٿيءَ جا ڏند وغيره ته ان ۾ مان ۽ گڊ برابر جا حصيدار هونداسين.
3. رواني ٿيڻ کان اڳ ئي توهان مون کي پنج سئو ڊالر ڏيندئو، ان جي بدلي ۾ مان هر طرح توهان جي مدد ڪندس، ۽ توهان جو ايستائين ساٿ ڏيندس، جيستائين توهان پاڻ مون کي خوشيءَ سان موڪل نٿا ڏيو، يا موت اچي مون کي توهان کان جدا نٿو ڪري.
4. اگر سفر ۾ مان مري به وڃان ته منهنجي پٽ هيريءَ (جيڪو لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ ڊاڪٽريءَ جي تعليم حآصل ڪري رهيو آهي) کي ساليانه ٻه سئو پائونڊ مسلسل پنجن سالن تائين ڏيندا رهندئو.
“بس اهي اٿو منهنجا شرط“
“۽ مون کي توهان جا سڀئي شرط قبول آهن”. هنري چيو “مگر مان توهان کي انهيءَ کان به وڌيڪ ڏيندس مسٽر ڪوارٽر مين! پر تو اسان کان ان معلومات جو معاوضو ته گهريو ئي ڪونه، جيڪا تو سليماني خزاني جي باري ۾ اسان کي ڏني”.
“ان لاءِ اوهان جيڪو مناسب سمجهيو ڏئي ڇڏجو”. مون چيو “توهان سان ايترا ڏينهن گڏ رهي مان انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته توهان ٻئي ڄڻا انتهائي مخلص ۽ ارادي جا پختا آهيو، مان سمجهان ٿو ته پاڻ سڀ هڪٻئي جا بهترين دوست ثابت ٿينداسين، هاڻ انهيءَ سفر جي باري ۾ عرض ڪريان ته يقين ته نٿو اچي ته پاڻ سهي سلامت واپس موٽنداسين، پر اگر انهيءَ خطرناڪ ۽ خوني رڻ کي جهاڳي سليماني خزاني تائين پهتاسين به سهي ته انهيءَ کي کڻي سگهنداسين به الائي نه، اهو ڏاڍو ڏکيو سوال آهي، ٽي صديون پهريائين غريب ڊي سلواٽا تي ڇا گذريو، ان کان توهان بخوبي واقف آهيو، ان کان پوءِ ساڳئي همراهه جو نالي ڀائي به پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ويٺو، پر پري ڇو وڃون سرهنري! توهان جي ڀاءُ جو واقعو ته اڃان تازو ئي آهي، خبر ناهي ان پراسرار زمين تي ان جي ڪهڙي حالت ٿي؟ “ايترو چئي مان انهن ٻنهي جي چهرن جي تاثرات جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، پر سر هنري تي منهنجي انهيءَ ڊگهي تقرير جو تر جيترو به اثر نه پيو. باقي گڊ جي چهري جو رنگ ئي اڏامي ويو.
“ڪجهه به ٿي پئي. اسان کي قسمت آزمائڻ گهرجي. هت ويٺي ويٺي اهو سوچڻ ته انجام برو ٿيندو. اها سراسر بيوقوفي آهي. ائين اسين وقت کان اڳيئي انجام جي خوف کان چُڙي چُڙي مري وينداسين.
آخر تون ائين ڇو نٿو سوچين ته سفر جو انجام شاندار به ٿي سگهي ٿو”. سرهينري چيو ۽ گڊ جي منهن جو اڏامي ويل رنگ وري واپس اچي ويو.
“سرهنري! اهو ٻڌي توکي شايد تعجب لڳي ته مان شڪاري هوندي به ٿورو ٿورو بزدل به آهيان، يا هن سفر تي وڃڻ جي خيال کان منهنجي دل لرزيو ٿي وڃي، پوءِ به هن سفر تي وڃڻ لاءِ آماده ڪئين ٿيس؟ مونکي به يقين ڪونه ٿو اچي، شايد قسمت جي لکئي کي ڪير به مٽائي نٿو سگهي. هيءَ منهنجو امتحان آهي، موت جو ڏينهن مقرر آهي ۽ انهيءَ ڏينهن موت اچي ئي ويندو. اگر منهنجي قسمت ۾ اهو ئي لکيل هوندو ته خوني رڻ ۾ اڃ ۽ بک ۾ تڙپي تڙپي مران يا غير مهذب ڪافرن جي تيرن سان گهائجي مري وڃان ته ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ۽ منهنجي زندگي جا باقي ڏينهن پوئتي بچيل هوندا ته پو ءِ انهيءَ پراسرار زمين تان زنده ئي واپس موٽي ايندس.
اوهان سان ساٿ ڏيڻ جو ٻيو سبب اهو به آهي ته مان هڪ غريب واپاري آهيان ۽ اڃا تائين وڏي غربت ۾ گذاري رهيو آهيان ۽ هيريءَ لاءِ ڪجهه وڌيڪ دولت به نه پيو ڇڏيو وڃان. گهٽ ۾ گهٽ اوهان سان وڃڻ ۾ بيشمار خزاني هٿ اچڻ جي اميد ته آهي. توڙي جو اها اميد به ڌنڌلي ئي سهي پر اميد ته وڏي آهي. ٻيو ته سرهنري! اسان هاٿين شڪارين جي عمر وڌ ۾ وڌ چار يا پنج سال ٿيندي آهي. انهيءَ عرصي ۾ ڪونه ڪو حادثو اسان جي زندگيءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيندو آهي، ان حساب سان ڏسجي ته ڄڻ مان چئن پنجن پيڙهين تائين زنده رهيو آهيان ۽ هاڻ زندگي جي وڌيڪ اميد به ناهي، ڪنهن ڏينهن ڪو مست هاٿي اچي مونکي پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ويندو ۽ مان پنهنجي پٽ کي نڌڻڪو ۽ مفلس ڇڏي هليو ويندس. تنهنڪري ائين سمجهه ته مان هن خطرناڪ سفر تي پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي پٽ هيريءَ لاءِ پيو وڃان”
“ مسٽر ڪوارٽرمين! مان توهان جي صاف گوئي کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان“سرهنري چيو” منهنجي نظر ۾ توهان جو رتبو اڃا به اوچو ٿي ويو آهي. اسين ان سفر تان ڪامياب موٽنداسين يا نه، ان سوال جو جواب اسان مان ڪنهن وٽ به ناهي ۽ ان باري ۾ سوچڻ خوامخواهه پاڻ کي الجهن ۾ مبتلا ڪرڻ ئي آهي. هن وقت صرف اهو خيال ڪيو ته ٻيو ڪجهه نه ته ڀلا شڪار وغيره مان ته مزو وٺنداسين“۽” سچ ته اهو آهي مسٽر ڪوارٽر مين! “ گڊ چيو تنهنجي ۽ منهنجي زندگي ته خطرن سان کيڏندي ئي گذري آهي. هاڻ پوئتي هٽي پاڻ کي بزدليءَ جو ثبوت نه ڏيڻ گهرجي”.
هنري ۽ گڊ جي ڳالهين مون کي همت ته ٻڌائي پر پوءِ به جوز ڊي سلواٽا ۽ ان جي نالي ڀائي جي انجام کي وساري نه ٿي سگهيس.
ٻئي ڏينهن خشڪيءَ تي قدم رکندي ئي مان گڊ ۽ هنري کي پنهنجي ذاتي گهر وٺي آيس، گهر ايڏو وڏو ته ڪونه هو، بس ٽي ڪمرا ۽ هڪ ننڍڙو مختصر بورچي خانو ۽ اهو بورچي خانو وري ايترو ته ننڍڙو هو، جو ان ۾ هڪ شخص به مشڪل سان سمائجي سگهي، گهر جون ڀتيون ڪچين سرن جون ٺهيل هيون ۽ مٿان سيڙهي ٿيل هئين. ڇت لوهي چادر جي، جيڪا گرمين ۾ خوب تپي تڪليف ڏيندي هئي، گهر جي چوڌاري هڪ جهڙو تهڙو باغيچو لڳايل هو، جنهن جي سار سنڀال جيڪ نالي منهنجو هڪڙو پراڻو شڪاري ساٿي ڪندو هو، هڪ دفعي شڪار ڪندي ويچاري کي ران ۾ گولي لڳي وئي هئي ۽ شڪار جي قابل نه رهيو هو. تنهنڪري مجبورا مالهيءَ جي خدمت سرانجام ڏئي رهيو هو، نه ته پاڻ سمجهو ٿا ته آفريڪا جا هيءَ جنگجو ماڻهو سڄو ڏينهن سرتري تي کڻيو گهمن تن کي هڪڙي جاءِ تي سڪون سان ويهڻ ڪٿي ٿو وڻي، هڪ ته گهر ۾ وڌيڪ گنجائش ڪانه هئي، ٻيو گرميءَ جي موسم، ان ڪري سرهنري جن کي باغيچي ۾ ئي خيمو لڳائي رهايم. منهنجي شرطن مطابق سرهنري منهنجي پٽ لاءِ ساليانه رقم جو بندوبست ڪري ڇڏيو ۽ مون کي پنج سئو ڊالرن جو چيڪ پڻ ڏئي ڇڏيائين ته سفر جي تياري شروع ڪري ڇڏيم.
سڀ کان پهريائين ته پنجويهه پائونڊ ڏئي ٻه ڏاند ۽ هڪ گاڏي خريد ڪيم اها رقم به سرهنري ئي ادا ڪئي، هن گاڏيءَ کي آفريڪا ۾ نيم خيمو چوندا آهن. ڇو ته ان جي پوئين اڌ حصي ۾ خيمي وانگر ڪپڙو ڏنل هوندو آهي، جتي ٻن ماڻهن جي سمهڻ ۽ بندوق رکڻ جو خانو ٺهيل هوندو آهي. اڳيون اڌ حصو وري سامان ڀرڻ جي ڪم ايندو آهي. هي ويهه ويهه فوٽ ڊگهيون گاڏيون آفريڪا جي ناهموار رستن تي وڏي آسانيءَ سان چڱي رفتار ۾ هلائي سگهجن ٿيون. ان طرف کان مطمعن ٿي خاص “ زولو” ڏاندن جا ڏهه جوڙا خريد ڪيم. اهي ڏاند اهڙا آهن جن کي آفريڪا ۾ “ لوڻ پياريل” چيو ويندو آهي. چون ٿا هتي هڪ بيماري ٿيندي آهي، جنهن جو سڌوسنئون اثر ڦڦڙن تي ٿيندو آهي ۽ ٽن چئن ڏينهن ۾ اهي ڏاند مري ويندا آهن. ڏاندن جو انهيءَ بيماري کان بچڻ لاءِ اڳواٽ جيڪو علاج ڪيو ويندو آهي، اهو به ڪجهه عجيب ئي آهي. ڇا ڪندا آهن جو تندرست ڏاند ( جيڪي جڏهن اڃان ننڍا گابا هوندا آهن) ته انهن جو پڇ ڪٽي ڇڏيندا آهن ۽ ان جڳهه تي هڪ رسيءَ ٽڪر ۾ بيماريءَ ۾ مئل ڏاند جي ڦڦڙ جو ٽڪر لٽڪائي ڇڏيندا آهن. اهو علاج آفريڪا جي ڪافرن جو ايجاد ڪيل آهي. يقين ڪريو ته انهيءَ علاج سان بيماري جو ڏاند تي ڪو اثر ئي ڪونه ٿئي. تنهنڪري مون جيڪي به جوڙا خريد ڪيا اهي سڀ جا سڀ لنڊا يعني لوڻ پياريل ئي خريد ڪيا هئا. اهي لنڊا ڏاند به عجيب بي ڍنگا محسوس ٿيندا آهن، پر ڀلا جي ڏاند ئي موڪلائي وڃي انهي کان سٺو آهي ته صرف سندس پڇ ئي هليو وڃي، باقي ڏاند ته بچي.
هاڻ هتي سوال اٿيو پاڻ سان گڏ ڪجهه دوائون کڻڻ جو. مان ۽ سرهنري ته ان حوالي سان ڪورا ڄَٽ هئاسين. ها باقي گڊ کي ڊاڪٽريءَ جي انڌي منڊي ساڄاڻ هئي. نيم حڪيم ته ضرور هو پر خطري جان ڪونه هو. جنگ جي زماني ۾ انهيءَ ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪامياب علاج ڪيو هو. ۽ ان وٽ هڪ چمڙي جي چڱي موچاري بيگ به هئي. جيڪا جراحيءَ جي اوزارن سان ڀريل هئي. گڊ دوائن جي هڪ چڱي خاصي فهرست ٺاهي . ليڪن اسان جي مجبور ڪرڻ تي هن انهيءَ فهرست ۾ ڪجهه ڪمي ڪئي ۽ اسان انهيءَ فهرست موجب دوائون خريد ڪيون. گڊ جي ڊاڪٽريءَ جو هڪڙو ڪارنامو اسان ڊربن ۾ به ڏٺو هو. جيڪو ٻڌندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي لکان ٿو. ٿيو ائين جو هڪ حبشيءَ جي پير جو آڱوٺو سڙي پيو. تڪليف کان ڪنجهندو هو گڊ وٽ اچي پهتو. گڊ ان جي سڄي جسم جو معائنو ڪري آڱوٺي جي باري ۾ پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ اسان طرف داد طلب نگاهن سان ڏسندي وڏي مهارت سان هن جو آڱوٺو ئي ڪاٽي ڇڏيو. حبشي پنهنجي ٻوليءَ ۾ گڊ جي مهارت تي کيس داد ڏيڻ لڳو. ليڪن خدا ڄاڻي هن جي دل ۾ ڪهڙي سوچ آئي جو ويندي ويندي هو وري واپس موٽي پيو ۽ گڊ کي چيائين ته تون آڱوٺو ڪاٽي سگهين ٿو ته نئون لڳائي به سگهين ٿو. تنهنڪري هاڻ مون کي نئون آڱوٺو لڳاءِ، گڊ گهٻرائجي ويو. حبشيءَ کي سمجهائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪيائين پر حبشيءَ ٽس کان مس نه ٿيو. آخر وڏي مشڪل سان مون ۽ هنري گڏجي گڊ جي حبشيءَ کان جان ڇڏائي ته چوڻ جو مطلب ته اسان کي گڊ جي ڊاڪٽريءَ جي معلومات تي ڀروسو ڪرڻو پيو.
جڏهن سڀ مرحلا طي ٿي ويا ته اسان روانه ٿيڻ جي تاريخ مقرر ڪئي. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. رواني ٿيڻ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ جو ذڪر آهي ته اسان ٽئي ڄڻا رات جو کاڌو کائي باغيچي ۾ ڪوڙ ڪٽي رهيا هئاسين ته کيوا اچي اطلاع ڏنو ته هڪڙو ڪافر اسان سان ملڻ ٿو چاهي. اسان ان کي اندر گهرائي ورتو. ٻئي لمحي اسان جي آڏو زولو قوم جو هڪڙو وڻندڙ مهانڊي وارو قداور ۽ جانٺو جوان اسان جي سامهون بيٺو هو. آفريڪا جي جي حبشين جي مقابلي ۾ هن جو رنگ کليل هو. چپ ايڏا ٿلها نه هئس نه ئي نڪ ايڏو ويڪرو ۽ بنو هوس. جو اسان کي نظر ئي نه اچي. هو آيو، اسان کي سلام ڪرڻ کانسواءِ ئي وڏي بيپرواهيءَ سان هڪ طرف ويهي رهيو. مون جڏهن نگاهه کڻي هُن طرف ڏٺو ته هن جي بارعب چهري تي مون کي غرور ۽ تڪبر جا آثار نظر اچي رهيا هئا.
هو ائين ويٺو هو جو هن جي سامهون اسان جي ڄڻ ته ڪا حيثيت ئي ڪانه هئي. هن جو چهرو مون کي ڏٺل وائٺل پئي لڳو.
“ڇا نالو آهي توهان جو؟” مون پڇي ورتس.
“امبوپا! منهنجو خيال آهي ته پاڻ پهريائين به ڪٿي مليا آهيون:
اها هڪ هيبت ناڪ جنگ زولو قبيلي ۽ انگريزن جي وچ ۾ لڳي هئي.مان بطور هڪ رهبر جي انگريزي فوج سان گڏ هوس. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هڪ ڏينهن هي شخص امبوپا مون وٽ آيو هو ۽ مونکي خبردار ڪيو هئائين ته اڄ زولو اسان جي ڪيمپ تي آڌي رات حملو ڪرڻ وارا آهن. مون هن جي ڳالهه ٻڌي سمجهيو هو ته اها به ڪا دشمن جي چال هوندي. هن جي وارننگ کي ڌوڪو سمجهي ڪو ڌيان ئي ڪونه ڏنو هوم، ليڪن انهيءَ رات زولوئن اسان جي ڪيمپ کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو هو.
“ها! مونکي ياد آيو” مون چيو “امبوپا! هاڻ خبرون ٻڌاءِ، ڪئين اچڻ ٿيو آهي؟”
“مون ٻڌو آهي ته توهان صحرا طرف وڃڻ جو ارادو رکو ٿا”.
“تو ٺيڪ ئي ٻڌو آهي”
“۽ مون اهو به ٻڌو آهي ته انهن پهاڙين جي ٻئي طرف وڃڻ وارا آهيو. منهنجو مطلب آهي ته انهن پهاڙين کان پريان جتي خبر ناهي ڪير ماڻهو آباد آهن. اتي چون ٿا ته ڪا دولت به دفن آهي”.
“اسان ڪيڏهان به وڃون، ان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ ڪو خفيه پوليس جو ڇاڙتو آهين ڇا؟ جو اسان کان اجائي سجائي پڇا ڳاڇا ڪري رهيو آهين“مون پريشانيءَ مان چيومانس. مان حيران هوس ته هن ماڻهو کي اسان جي ارادي جي خبر ڪئين پئي! حالانڪه اسان جي هن سفر جي خبر ڪنهن کي به ڪانه هئي”.
“بيزار نه ٿيو صاحب! مان به توهان سان گڏ هلڻ ٿو چاهيان”.
هن جو حاڪمانه انداز مون کي بريءَ طرح کٽڪي رهيو هو. جنهنڪري مون ڪاوڙجي چيو مانس ته “امبوپا! پهريائين ڳالهائڻ جي تميز سک. تون هينئر ئي اسان تي حڪم پيو هلائين، اها اسان جي مرضي آهي ته اسين توکي پاڻ سان گڏ وٺي وڃون يا نه وٺي وڃون، ها! پهرئين پنهنجي سهي سڃاڻپ ته ڪراءِ ته ڪير آهين؟ نالو ڇا اٿئي؟ ڪهڙي قبيلي سان واسطو اٿئي؟ اسان کي به خبر پئي ته تو جهڙو بدتيز ماڻهو اسان سان هلڻ جي لائق آهي به يا نه؟”
“توهان ڏاڍا سخت ۽ اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪري رهيا آهيو، پر خير ٻڌو، نالو ته مان توهان کي پهرئين ئي ٻڌائي چڪو آهيان. باقي رهيو سوال ته ڪير آهيان، سو به وقت اچڻ تي ٻڌائي ڇڏيندس؛ جو اڃان ان جي ٻڌائڻ جو وقت نه آيو آهي. بس ائين سمجهو ته هڪ غير مهذب وحشي آهيان، اڪيلو آهيان، منهنجو ڪوئي قبيلو ڪونهي، ممڪن آهي ته منهنجو وطن اهو هجي جتي توهان وڃي رهيا آهيو. بهادر آهيان جنگيون وڙهيون اٿم، آفريڪا جي گهاٽن جهنگن ۾ آواره گردي ڪئي اٿم، ننڍڙي هوندي کان هتي ناٽال ۾ رهيو آهيان، ان ڪري توهان ماڻهن جي تهذيب کان به ٿورو ڪي گهڻو واقف آهيان، توهان ماڻهو شايد دولت جي تلاش ۾ پيا وڃو، ليڪن منهنجي اهڙي ڪابه خواهش ناهي، نه ئي توهان لاءِ منهنجي دل ۾ ڪو فتور ڀريل آهي، اڃان ٻيو به ڪجهه پڇڻ چاهيو ٿا توهان؟”. امبوپا بهادرن وانگر ڳالهائيندي چيو.
انهن ڳالهين سان مون کي يقين ٿي ويو ته هو سچ چئي رهيو آهي، ليڪن هن جي لهجي مون کي ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيو، هن جو رعب منهنجي دل تي طاري ٿيندو ويو، ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان اسان جي ڳالهين جو انگريزي ترجمون ڪري هنري ۽ گڊ کان راءِ وٺان يا نه.
هنري امبوپا کي اٿڻ لاءِ چيو . هو وڏي بيپرواهيءَ سان اٿيو ۽ پنهنجو ڪوٽ لاهي ڇڏيائين ( مان اهو ٻڌائڻ ڀلجي ويس ته هو هڪڙو پراڻو ڪوٽ پائي آيو هو) هن جي جسم تي هر جاءِ زخمن جا نشان هن جي بهادريءَ جو دليل هئا.
“واهه ! امبوپا ۽ هنري جي جوڙي واهه جو رهندي” گڊ امبوپا جي ڇهه فوٽ ٽي انچ قد کي ڏسندي چيو.
“مسٽر ڪوارٽرمين! امبوپا کي چئي ڇڏ ته اسين توکي پاڻ سان گڏ وٺي هلنداسين:
هنري چيو.
مان امبوپا سان گڏ هلڻ کان ڪترائي رهيو هوس، ليڪن هنري جي فيصلي سامهون سر جهڪائڻو پيو.
“وڏي مهرباني صاحب” ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن سفر ۾ مان توهان سان هڪ ملازم جي حيثيت ۾ هلندس ۽ توهان منهنجا آقا هوندئو پر ايترو سو ياد رکجو ته انهيءَ اوچ نيچ جي باوجود به پاڻ سڀ انسان ئي آهيون. جيڪڏهن توهان جو رنگ گورو ۽ منهنجو ڪارو آهي ته پوءِ ڇا هي؟ آهيون ته انسان ئي نه “ امبوپا جي ڳالهين مون کي ڇرڪائي وڌو، مان حيران هوس ته هي ڪير آهي جيڪو ڪنهن جي عزت ڪرڻ ڄاڻي ئي نٿو. هن جي باري ۾ ابتا سبتا خيال منهنجي دل ۾ چڪر کائڻ لڳا ۽ هن جي پراسرار شخصيت مون لاءِ هڪ ناقابل حل ڳجهارت بڻجي وئي.