ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

خزاني جو فسانو

“خدا جي واسطي جلد ٻڌاءِ ته جارج جي باري ۾ ٻيو تو ڇا ٻڌو آهي؟ هنري وڏي بيچيني مان پاسو ورايو.
“مون جيڪو ڪجهه به ٻڌو آهي، اهو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به ڪونه ٻڌايو اٿم. صرف توهان کي ٿو ٻڌايان ته توهان جو ڀاءُ حضرت سليمان جي خزاني جي تلاش ۾ نڪري ويو آهي”.
“حضرت سليمان جو خزانو؟ ڪٿي آهي اهو؟” ٻنهي گڏجي سوال ڪيو.
“ڪٿي آهي؟، اها ته مون کي به خبر ناهي، باقي ڪٿي ٻڌايو ويندو آهي، هڪ دفعي مون به انهن پهاڙيءَ جي چوٽين کي ڏٺو هو، جن جي ٻئي طرف اهو خزانو آهي. ليڪن مون ۽ انهن پهاڙي چوٽين وچ ۾ ٽي سئو ميل رڳو رڻ ئي رڻ ڦهليل آهي، مان نٿو سمجهان ته ڪو ماڻهو اهو وسيع رڻ جهاڳي انهن پهاڙي چوٽين تائين پهچي به سگهندو. بهتر آهي ته حضرت سليمان جي خزاني جي باري ۾ جيڪي ڪجهه به ٻڌو اٿم، سڄو زير زبر سميت توهان کي ٻڌايان. ليڪن ان شرط تي ته توهان ان جو ذڪر ٻئي ڪنهن سان به نه ڪندئو”.
“اسين توکي يقين ٿا ڏياريون”. هنري چيو ته گڊ به پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي هنري سان متفق ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ لڳو.
“توهان کي خبر هوندي” مون چوڻ شروع ڪيو “اسين واپاري ماڻهو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا آهيون، ڪنهن ٻئي طرف ڪا توجهه ئي نه ڏيندا آهيون، ليڪن ڪيترا ئي سياح آفريڪا ۾ صرف ان غرض سان ايندا آهن ته جيئن ان سرزمين جي اندر دفن ٿيل خزانن جو سراغ لڳائي سگهن، اُهي مقامي غير مهذب ماڻهن جي وچ ۾ مهنن جا مهنارهي، ڪجهه معلومات هٿ ڪندا آهن، ۽ ان معلومات جي آڌار دفينن جي تلاش ۾ نڪري پوندا آهن، ۽ اُهي وري ارادي جا به اهڙا پخته هوندا آهن جو پنهنجي جان جي ته پرواهه ئي نه ڪندا آهن، ته خير، اهڙي ئي هڪڙي شخص سان منهنجي ملاقات اڄ کان تقريباً ٽيهه سال پهريائين ٿي هئي، ۽ سڀ کان اڳ ۾ ان ئي شخص مون کي سليماني خزاني جي باري ۾ ٻڌايو هو، هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان اڃان نوجوان هوس ۽ نئون نئون شڪار ڪرڻ سکيو هوس.
ان شخص جو نالو ايوانس هو، جنهن کي پوءِ هڪ جهنگلي پاڏي زخمي ڪري وڌو هو، ۽ انهن زخمن جي ڪري ويچارو چُڙي چُڙي مري ويو، هڪ ڏينهن اسان ٻئي پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين جو مون هن کي ٻڌايو ته آفريڪا جي جهنگلن ۾ مون اهڙا آثار به ڏٺا آهن، جتي ڪنهن زماني ۾ وڏي دولت رهي هوندي، ٻڌايو مانس ته ٽرانسوان جي اتر ۾ شڪار جي ڳولا ۾ مان هڪ اهڙي کنڊر تائين پهتو هوس، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪو شاهي مندر هوندو، جنهن جا آثار اتي چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته چانديءَ ۽ سون جون بيشمار مورتيون ۽ سون جي ٽڪرن جا ڍير هوندا، ۽ اهو به ٻڌايومانس ته اهو سڀ ڪجهه موجوده زماني تائين موجود رهيو هوندو، ۽ ڪو خوشبخت سياح ان جڳهه تي پهچي ساري دولت کڻي ويو هوندو، ايوانس وڏي توجهه سان منهنجي ڳالهه ٻڌندي هڪدم پڇيو ته “تو ڪڏهن سليماني خزاني جي باري ۾ ڪجهه ٻڌو آهي؟” مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته هن چيو ته “مون کي معتبر ذريعن کان خبر پئي آهي ته هن خزاني جي آس پاس جن ماڻهن جي وستي آهي، اهي زولو قبيلي جي هڪڙي شاخ آهن، ۽ انهن ۾ ڪجهه اهڙا شخص به آهن، جيڪي ڪاري جادو جا ماهر آهن، ۽ انهن ۾ اهو علم پنهنجي وڏڙن کان سينا به سينا صدين کان هلندو ٿو اچي. ماشو ڪولمبو جي اتر ۾ اها بستي آهي صاحبزاده! يقين ڪر ته اِها ئي اُها جڳهه آهي جتي حضرت سليمان جو خزانو اڃان تائين محفوظ پيو آهي.
مون ايوانس جي ڳالهين کي محض خيالي پلاءُ سمجهي مرڪي ڏنو، ڪجهه ئي ڏينهن بعد ان کي جهنگلي پاڏي زخمي ڪري وڌو، ۽ ويچارو مري ويو ۽ خزاني جي ڳالهه آئي وئي ٿي وئي.
ايوانس جي موت کان ڪي ويهه سال کن پوءِ اي دوستو! ۽ ويهه سال انهن ماڻهن لاءِ جيڪي هاٿيءَ جو شڪار ڪندا آهن، ڪافي طويل عرصو هوندو آهي، ڇو ته انهن جي زندگي صبح آهي ته شام ناهي، هتي ته ايوانس جي موت جي ٽيهن سالن بعد مون کي وري سليماني خزاني بابت ڄاڻ ملي. مان ان وقت اسٽانڊاز ڪرال ۾ رهيل هوس، اتي پاڻيءَ جي کوٽ هئي ۽ هوا به منهنجي طبيعت جي موافق نه هئي، تنهنڪري مان شديد بخار ۾ وٺجي ويو هوس. تنهنڪري لاچار مون کي ڪيترن ڏينهن تائين اتي ئي ترسڻو پيو. اتي منهنجي ملاقات جوز سلواٽا نالي هڪڙي پرتگالي شخص سان ٿي، جنهن سان سندس ڪافر ملازم به گڏ هو. جوز سلواٽا ڀريل بدن وارو خوبصورت جانٺو جوان هو. اسان ٻئي رات جو سمهڻ کان پهريائين ڪجهه دير ڪچهري ڪندا رهندا هئاسين، تڏهن مونکي خبر پئي ته هر شريف ماڻهوءَ وانگر هيءَ به ڪو امير ماڻهو ڪونه هو.
ٻئي ڏينهن موڪلائڻ وقت هن مونکي چيو ته “عزيز دوست! اگر قسمت اسان کي ڪٿي ٻيهر به ملايو ته تون مونکي دنيا جو امير ترين شخص ڏسندين، ۽ تڏهن مان تنهنجي مهمان نوازي ۽ خلوص جو پورو پورو معاوضو به چڪائي وٺندس.”
مان مرڪي حيرانيءَ مان هن کي صحرا ۾ داخل ٿيندي ڏسي رهيو هوس، مان واقعي به حيران هوس ته هي صحرا ۾ ڇا جي لاءِ پيو وڃي؟ ۽ آخر ۾ هي سمجهي پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏنم ته مڙيئي هوندو سلواٽا جي دماغ ۾ ڪوئي فتور ٻيو ڇا؟ هڪ هفتي کان پوءِ جڏهن منهنجو بخار لهي ويو هو پر اڃان به شديد ڪمزوري محسوس ڪري رهيو هوس. شام جي وقت پنهنجي خيمي جي دروازي تي ويٺي سامهون هيڏي وشال صحرا جي پرئين پاسي لهندڙ سج کي ڏسي رهيو هوس. ان وقت سج مونکي ڪنهن ڪاوڙيل ديوتا جي خوني اک لڳي رهيو هو، ۽ سارو ڏينهن ساڙيندڙ هوا هاڻي ڪجهه خوشگوار لڳي رهي هئي، جنهن ڪري مان پنهنجي دل ۾ ڪجهه فرحت محسوس ڪري رهيو هوس.
اتفاق سان منهنجي نظر دور دور سامهون صحرائي ڀٽ تي چوپاين جانورن وانگر هٿن پيرن تي رڙهندڙ ڪنهن ماڻهوءَ تي وڃي پئي، جيڪو وڏي مشڪل سان ڪجهه پل اٿي ته بيٺو پر وري انهيءَ ئي گهڙيءَ منهن ڀر ڪري پيو، مون پنهنجي ملازم کي انهيءَ جي واهر لاءِ روانو ڪيو، ٿوري دير ۾ ملازم انهيءَ کي مون تائين وٺي آيو. توهان جو ڇا خيال آهي سرهنري، ته ڪير هوندو اهو ماڻهو؟
“يقينن جوز سلواٽا” هنري چيو.
“جي ها، بلڪل سهي، جوز سلواٽا... يا ايئن کڻي چئو ته ان جو ڍانچو. چهرو بلڪل زرد ٿي ويو هوس، تندرست ۽ تازو توانو جسم هڏين تي چنبڙيل کل وانگر ٿي ويو هئس، تڪليف کان اکيون پيليون پئجي ويون هئس، وار سفيد ۽ رخسارن جا هڏا ناقابل بيان حد تائين اڀري آيا هئس.
“پاڻي... پاڻي... خدا جي واسطي هڪ ڍڪ پاڻي”. هو ايلاز ڪري رهيو هو، مون ڏٺو ته سندس چپ ڦاٽي پيا هئا ۽ زبان ڪاري ٿي وئي هئس. مون پاڻيءَ ۾ ٿوور کير ملائي ڏنو مانس ته چرين وانگر غٽ غٽ ڪري هڪ ساهيءَ پي ويو، جنهن بعد هن کي وري تيز بخار چڙهي ويو، ۽ غشيءَ جي حالت ۾ هُو .... صحرا.... سليماني خزانو.... هيرا.... جواهر.... وڦلڻ لڳو. مان هن کي پنهنجي خيمي ۾ کڻي آيس، يارهين بجي ڌاري هو ڪجهه سڪون ۾ آيو، ۽ مان به پنهنجي بستري تي سمهي پيس، صبح جو اٿي ڏٺم ته سلواٽا حسرت وچان انهن پهاڙي چوٽين ڏانهن تڪي رهيو هو، جن جي ٻئي طرف خزانو هو، سج جا گرم گرم ڪرڻآ ريگستان جي ذري ذري کي چمڪائي رهيا هئا، ۽ هلڪي هلڪي هوا رڻ کي سانت ڪري رهي هئي. “اهي ٿئي اهي” جوز سلواٽا انهن پهاڙين طرف اشارو ڪري چيو “ليڪن افسوس جو مان انهن تائين پڄي نه سگهيس، ۽ شايد مون کان پوءِ به ڪو شخص مشڪل ئي پهچي سگهي، هن صحرا منهنجي ملازم جي جان ورتي، ۽ هاڻ مان پاڻ به مري رهيو آهيان”. وري هو مون طرف مڙيو “عزيز دوست! اتي ئي آهين نه؟” منهنجي اکين آڏو انڌيرو ايندو پيو وڃي، مان ڪجهه به ڏسي نٿو سگهان”.
“ها، مان تنهنجي ڀرسان ئي آهيان دوست!” مون جواب ڏنو “تون گهڙي کن سمهي پئو، توکي آرام جي سخت ضرورت آهي”.
“آرام؟ هاڻ مان قيامت تائين آرام ۾ ئي هوندس، هاڻ زندگيءَ جي اميد ناهي، توهان منهنجي وڏي خدمت ڪئي آهي، ان جي صلي ۾ مان توهان کي هڪ تحرير ڏيو ٿو وڃان، جنهن جي آڌار تون يقينن سليماني خزاني تائين پهچي ويندين، مان ان ئي خزاني جي تلاش ۾ ويو هوس، ليڪن دل جي دل ۾ ئي رهي، تون انهن پهاڙين تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. اگر صحيح سلامت انهيءَ وسيع صحرا کي پار ڪري وئين ته تون دنيا جو امير ترين شخص هوندين”.
هن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي ٻٽون ڪڍيو، مون سمجهيو ته ان ۾ پائيپ جو تماڪ هوندو، ٻٽونءَ جو منهن سنهڙي تار سان ٻڌل هو. سلواٽا ان کي کولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳو.
“اچي، هن کي کول” هن اهو ٻٽون مون ڏانهن وڌايو، مون کولي ڏٺو ته ان ۾ ڪپڙي جو هڪڙو ٽڪر رکيو هو، جنهن تي ڪا تحرير لکيل هئي.
سلواٽا مرندڙ آواز ۾ چوڻ شروع ڪيو “منهنجا دوست! انهيءَ ڪپڙي تي لکيل تحرير کي پڙهڻ ۾ مون کي ڪيئي سال لڳا آهن، تڏهن وڃي ان جو مطلب سمجهيو اٿم، جنهن شخص هيءَ تحرير لکي هئي، ان کي مُئي به ٽي سئو سال ٿي ويا آهن، ان جو نالو به جوز ڊي سلواٽا هو، ٽي صديون پهريائين اهو شخص هن صحرا ۾ داخل ٿيو هو، جيڪو وري ڪڏهن به واپس نه موٽيو، ان جو ملازم پنهنجي آقا جو انتظار ڪري ڪري، ٿڪجي نيٺ ان جي تلاش ۾ نڪري پيو، ۽ پنهنجي آقا کي مئل وڃي لڌائين. ملازم اها تحرير کڻي واپس موٽيو، تڏهن کان هيءُ ڪپڙي جو ٽڪر اسان جي خاندان وٽ محفوظ رهندو پيو اچي، ڪنهن به ان کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي، صرف مون ئي اهڙي ڪوشش ڪئي، ۽ ان ڪري مان به اڄ پنهنجي جان ڏئي رهيو آهيان، ليڪن مون کي يقين آهي ته هن تحرير ۽ نقشي جي مدد سان ڪو به ماڻهو خزاني جي تلاش ۾ نڪتو ته ضرور ڪامياب ٿي موٽندو، تنهنجا مون تي تمام وڏا احسان آهن، ان ڪري اها تحرير ۽ نقشو توکي ٿو ڏيان. تون اهو ڪنهن کي به نه ڏجانءِ، تون بذات خود خزاني جي تلاش ۾ وڃجانءِ ۽ توکي خزانو ملي وڃي ته منهنجي حق ۾ دعا ڪجان. چڱو دوست! الوداع.”
سلواٽا جي حالت غير ٿيڻ لڳي ۽ ڪلاڪ کن ۾ هو هن دنيا جي هُلَ بکيڙن کان آزاد ٿي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو، خدا کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. مون هڪ وڏو کڏو کڻي سلواٽا جو لاش ان ۾ لٽي ڇڏيو ۽ مٿان تمام ڳرو پٿر رکي ڇڏيم ته جيئن لومڙيون هن جو لاش نه ڪڍي وڃن.”
“ليڪن ان تحرير جو ڇا ٿيو؟” هنري پاسو بدلائيندي پڇي ورتو.
“ڇا هو لکيل ان ۾؟” گڊ به پڇڻ کان رهي نه سگهيو.
“اهو مان توهان کي هينئر ئي ٿو ٻڌايان... اها لکت اڄ تائين ڪنهن کي به ڪانه ڏيکاري اٿم، سواءِ هڪ پرتگالي شخص جي، جنهن ان جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڏنو هو. ان وقت هو شراب جي نشي ۾ ڌت هو، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن هن جو نشو لٿو ته هن کي ڪجهه به ياد نه هو. هو سڀ ڪجهه وساري چڪو هو، اصل لکت ته سلواٽا جي ترجمي سميت منهنجي گهر ۾ رکي آهي، باقي ان جو انگريزي ترجمو ۽ نقشي جي ڪاپي (اگر ان کي نقشو چئجي ته....) هن وقت به مون وٽ موجود آهي”.