ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

پاڻي! پاڻي!

ٻن ڪلاڪن بعد يعني تقريباً، چئين وڳي ڌاري منهن جي اک کلي وئي. پر جيترو ٿڪل هوس اوترو ئي ٿڪو پيو هوس. جيڪڏهن پنهنجي گهر ۾ پيل هجان ها ته شايد ٻه ڏينهن گهريءَ ننڍ ۾ پيو هجان ها پر هتي سخت اڃ مون کي جاڳائي ٿڪاوٽ جو خيال ئي وڃائي ڇڏيو.
ستي خواب ڏٺم ته هڪ ٿڌي چشمي ۾ غسل ڪري رهيو آهيان، جنهن جي ٻئي ڪناري تي سائي سائي ڇٻر وڇائي پئي آهي. مان چشمي جو پاڻي پيئڻ ٿو چاهيان پر پي نٿو سگهان ۽ نڙيءَ ۾ سوراخ ٿي پيو اٿم، جنهن ذريعي سڄو پاڻي ٻاهر نڪريو ٿو اچي.
”اف! ڇا ته خواب هو” مون سوچيو “پر... پاڻي...“
۽ مون کي پنهنجي گهر جو خيال آيو. جتي هن وقت پاڻيءَ جا ڪوراڪورا مٽ ڀريا رکيا هوندا ۽ پوءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ ته خداتعاليٰ مون کي ٻه پر عطا ڪيا آهن ۽ مان اڏامي پنهنجي گهر پهتو آهيان ۽ غٽاغٽ پاڻي پي رهيو آهيان، پوءِ ائين لڳو ته مان صحرا ۾ ئي آهيان ۽ هڪ فرشتو آسمان تان لٿو آهي ۽ مون کي هڪ ڪٽورو پيش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ جنت جي نهر جو پاڻي آهي.
پاڻي جي خيال مون کي پاڳل ڪري وڌو ۽ مان اٿي چرين وانگيان هيڏي هوڏي ڊوڙون پائڻ لڳس، جو پوءِ امبوپا جا چيل لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ته “ اگر پاڻي نه مليو ته صٻح جو اڀرڻ وارو سج اسان جا لاش ئي ڏسندو”. جيئن ڪنهن منهنجا پير گوڏن کان وڍي ڇڏيا ۽ مان ڌڙام وڃي واري تي ڪريس.
جڏهن سڀئي دوست سجاڳ ٿيا ته پاڻيءَ جو اهم مسئلو پيش هو. هر هڪ پنهنجي پنهنجي بوتل کي اونڌو ڪري ڏسڻ لڳو. ليڪن ڪنهن به بوتل ۾ پاڻيءَ جو ڪو ڦڙو به ڪو نه هو. اڃ ماريل اسان ماڻهن جو حال ڏاڍو خراب هو. اسان بوتلن جي منهن کي چوسڻ لڳاسين ته متان ڪٿي ڪا گهم ئي رهجي وئي هجي. مگر اهي به سڪل هڏيءَ جيان خشڪ هيون. هاڻ ته ڏاڍا پريشان ٿياسين. بيچين ٿي گڊ برانڊيءَ جي بوتل ڪڍي، ليڪن هنري سرڻ وانگر جهڙپ هڻي بوتل کسي ورتيس. “ چريا! خالي پيٽ ۾ برانڊي زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏينديئي”.
“اگر پاڻي نه مليو ته هونئن به اڄو ڪو ڏينهن اسان جو آخري ڏينهن هوندو” گڊ ڀڻڪندي چيو.
“اگر سلواٽا جو ٺاهيل نقشو صحيح آهي ته پاڻي هت ئي ڪٿي ويجهڙ ۾ هوندو”. جئين “ ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن” وانگر چيم پر خبر هيم ته سلواٽا جي نقشي تي ڪنهن کي به يقين ڪونه هو. تنهنڪري ڪنهن به منهنجي ڳالهه تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو.
سج اڀري رهيو هو ۽ اسين ويٺا هڪ ٻئي جا منهن تڪي رهيا هئاسين. وينٽا جو اٿيو سو زمين تي نظرون ڄمائي ڄڻ ته ڪجهه ڳوليندو هجي، هيڏهان هوڏهان گهمڻ لڳو. ٿورو اڳتي وڃي هن جي واتان حيرت ۽ خوشيءَ گاڏڙ رڙ نڪري وئي. اسين ڀڄندا ان وٽ پهتاسين.
“ڇا هي؟” پاڻي؟” مون بيصبرو ٿي پڇيو مانس.
“ هو ڏس! وينٽا هڪ طرف اشارو ڪيو. جتي ڪجهه هرڻيون ويٺيون هيون.
“اهو جانور پاڻيءَ کان پري رهي نٿو سگهي” وينٽا چيو.
“ سهي ٿو چئين” مون به خوشيءَ مان جواب ڏنومانس
ان ننڍڙي دريافت اسان کي گهڙيءَ ۾ ايڏي ته خوشي پهچائي جيڏي ستن ولايتن جي بادشاهي ملڻ تي به هوند مشڪل ٿئي ها. اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن چوطرف گهور انديرو ڇانيل هجي، آسمان تي ٽمڪندڙ صرف هڪڙو تارو به اميد جو سهارو بڻجي ويندو آهي.
وينٽا پنهنجو نڪ مٿي ڪري فضا کي زور زور سان سنگهڻ لڳو.
“ مون کي پاڻيءَ جي بوءَ اچي رهي آهي”. خوشيءَ مان جهومڻ لڳو.
ان جو ايترو چوڻ ۽ منهنجي دل خوشيءَ مان نچڻ لڳي. خاطري هئم ته انهن ماڻهن جي سنگهڻ جي قوت ڳِجُهن جهڙي تيز هوندي آهي.
سج اڀريو ۽ اسان کان ڪي چاليهارو ميل کن پري ڪوهه سبا تي سوجهرو پکڙجي ويو. اسان جي بلڪل سامهون پهاڙي سلسلو يڪو هليو ٿي ويو. جن جي چوٽين تي ڌنڌ جون چادرون چنڀڙيون پيون هيون. کاٻي ۽ ساڄي وارا ٻه پهاڙ ايڏا ته ڊگها هئا جو ڄڻ ته ڪي آسمان جا ٿنڀ هجن. پهاڙن جي چوٽين تان ڌنڌ جا ڪڪر هٽيا ته اتي اسان کي رڳو برف ئي برف نظر اچڻ لڳي. سج جا ڪرڻا برفاني چوٽين سان ٽڪرائجي انڊلٺ جهڙا رنگ پکيڙي رهيا هئا. اوچتو خبر ناهي ڪٿان ڪارا ڪار ا ڪڪر ڪاهي آيا ۽ پهاڙي چوٽيون اسان جي نگاهن کان اوجهل ٿي ويون. ڄڻ ته هيون ئي ڪونه. اسين ان نظاري کي وساري وري پاڻيءَ لاءِ پريشان ٿي وياسين.
وينٽا ته بس هڪڙو ٺڪاءُ هڻي فرحت حاصل ڪيو ويٺو هو. ۽ ڀٽ جي چئني طرف ڏور ڏور تائين اسان هر جڳهه چڱي طرح ڳوليو پر پاڻيءَ جو ڪٿي ڪو نالو نشان ئي ڪو نه هو . اسان جي اميدن جي محل به اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو.
“بيوقوف، گڏهه! ڪٿي آهي پاڻي؟” مان وينٽا تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويس. مونکي پاڻيءَ جي بوءَ آئي آهي. هون! رڳو بڪواز. اڙي ڪٿي آهي پاڻي؟”.
ليڪن هو پنهنجو پڪوڙي جهڙو بيسرو نڪ هوا ۾ بلند ڪري چوڻ لڳو “ نه صاحب! مان ڪوڙ نٿو هڻان، پاڻي هتي ئي ڪٿي موجود آهي، مان هن وقت به پاڻيءَ جي بوءِ محسوس ڪري رهيو آهيان” هن يقين سان چيو. “ها! يقينن هوا ۾ پاڻي هوندو، جيڪو ٻن مهينن کانپوءِ وسڪارا ڪري وسندو ۽ اسان جي سڪل هڏين کي اچي ڌوئندو”. چڙ مان چيو مانس. “ ٿي سگهي ٿو پاڻي هجي به ۽ انهيءَ ڀٽ تي ئي هجي”. هنري ڏاڙهي کنهندي پنهنجو خيال ظاهر ڪيو.
“اڙي يار! ڪڏهن ڀٽ تي به پاڻي ٿيو. چريو ته ڪونه ٿيو آهين؟”. گڊ ناراض ٿيندي چيو. “ڪڏهن واريءَ جي ڀٽ تي به ڪنهن کي پاڻي مليو آهي”. “ بحرحال اسان کي هلي اتي به ڏسڻ گهرجي”. مون صلاح ڏني. اسين ماڻهو ڀٽ تي چڙهڻ لڳاسين. امبوپا اسان کان اڳيان اڳيان هو. چوٽيءَ تي پهچي هو رڪجي ويو. ۽ بي تحاشا “ پاڻي... پاڻي....” هو خوشيءَ مان هنبوڇيون هڻي رڙيون ڪرڻ لڳو. اسين سڀ وڏي بيچيني سان اوڏانهن ڀڳاسين. جتي چوٽيءَ تي هڪ وڏو تلاءَ پاڻيءَ سان ڀريو پيو هو. هيءَ پاڻي هتي ڪئين آيو؟ اهو سوچڻ جي ڀلا ڪنهن کي فرصت هئي. اسان پيٽ ڀر ليٽي سينور ڀريل سائي رنگت جي گندي ۽ بي مزي پاڻيءَ کي پنهنجن چپن سان لائي ڇڏيو. پاڻيءَ جي گندگيءَ جو ڪو خيال ئي ڪونه ڪيوسين. بس اسان لاءِ اها ئي وڏي غنيمت هئي جو اهو پاڻي ئي هو. ڍوءَ تي پاڻي پي، ڪپڙا لاهي پاڻيءَ ۾ گهڙي پياسين. ان وقت مون کي جيتري فرصت آئي اهڙي اڳ ڪڏهن به نه آئي هئي.
غسل ڪرڻ کانپوءِ اسين وري تازه دم ٿي وياسين. تلاءَ کان نڪري پيٽ پوڄا ڪئي سين. ۽ پوءِ ويهي پاڻي پئندي ڪوهه سبا جي باري۾ ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. جيڪو اتان صاف نظر اچي رهيو هو. پوءِ اتي تلاءَ تي ئي ٻن پهرن تائين ستا رهياسين. وڏي سڪون جي ننڊ ڪرڻ بعد اٿي پاڻي پيتوسين ۽ سلواٽا لاءِ دعا گهري سين. جنهن جي نقشي اسان جي جان بچائي هئي. اهو واقعي ئي هڪڙو وڏو معجزو هو. هي پاڻي اڃا تائين سڪو ڪونه هو. هر ڪنهن ان باري۾ پنهنجو دماغ لڙايو پر ڪنهن کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، خير ڪجهه به هو اگر هي گندو پاڻي ( شهر ۾ هن پاڻي طرف ڪير هوند اک کڻي ڏسڻ به گوارا نه ڪري) جيڪڏهن هت نه هجي ها ته هن ريگستان ۾ اسان جا لاش به لٽجي چڪا هجن ها.
اسان ٿورڙو گهمي ڦري، چهل قدمي ڪري وري اچي پاڻي پيتو ۽ ٻيو بوتلن ۾ ڀري چنڊ سان گڏ هلڻ لڳاسين. ۽ ان رات اسان ويهه ميل پنڌ ڪيو. شايد اهو چوڻ جي ضرورت به ناهي ته پوءِ اسان کي ڪٿي پاڻي ئي نه مليو. قدرت مهرباني ڪئي ۽ قسمت ساٿ ڏنو، ٻئي ڏينهن اسان کي پناهه لاءِ هڪ اهڙيءَ جڳهه ملي وئي جيڪا هڪ ننڍڙي ٽڪري هئي. جتي وڏي فرصت بخش وڻڪار هئي. جنهن جي ڇانوَ ۾ اسين وڃي ويٺاسين ۽ اسان کان ڪي ويهه ميل کن پري ڪوهه سبا جون برف پوش چوٽيون چمڪي رهيون هيون.
جڏهن رات پنهنجا زلف سنوارڻ لڳي ته اسان به هلڻ جي تياري ڪئي. ۽ صبح ٿيندي ئي اسين ڪوهه سبا پهاڙ جي قدمن وٽ بيٺا هئاسين. هت اچي اسان جون پاڻيءَ جون بوتلون خالي ٿي ويون، پر اسان جي سامهون يا ائين کڻي چئون ته اسان جي مٿن کان برف جون سفيد سفيد سرون چمڪي رهيون هيون. جتان اسين پاڻي حاصل ڪري پئي سگهياسين. مگر جبل جي چوٽي ڪافي بلند هئي ۽ تيز اس ۾ پهاڙ تي چڙهڻ، بس پاڻ سمجهو ٿا....
پهاڙ جي هنج ۾ ڪجهه دير ساهي پٽڻ کانپوءِ اسان مٿي چڙهڻ شروع ڪيو.
هي پهاڙ ڪيئي صديون اڳ آتش فشان رهيا هوندا. آس پاس ٽڙيل پکڙيل وڏا وڏا پٿر، ڄميل لاوو هوندا. يارهين وڳي تائين لاڳيتو جبل چڙهندي چڙهندي اسان جي طاقت جواب ڏيڻ لڳي. ۽ “ چڙهي ته جبل چوٽ تي، گسي ويا ٿم گوڏا”وانگر سڄو بدن ٿڪاوٽ کان چور چور ٿي ويو. ٻيو ته لاوي جون کهريون کهريون اڀڪپريون پيرن کي ڦٽي زخمي ڪري رهيون هيون. اسان کان ڪجهه ئي گز فاصلي تي لاوي ڄمي هن بلنديءَ تي هڪڙو ميدان ٺاهي ڇڏيو هو. ان هموار ميدان طرف ترسڻ لاءِ وڌياسين ۽ اتي پهچي اسان کي حيرت وٺي وئي. واهه! واهه! هن پٿريلي سطح تي نرم نرم سائو گاهه هوا ۾ لهرون هڻي رهيو هو. معلوم ائين ٿي رهيو هو ته جڏهن لاوو هن جڳهه تي ڄمي ٿڌو ٿيو هوندو ۽ اڃا پٿر نه بڻيو هوندو ته ان وقت پکين اچي ڪجهه ٻج جا ڪڻا هتي لاٿا هوندا. ۽ خدا پنهنجي قدرت جا رنگ ڏيکارڻ لاءِ انهن پٿرن ۽ زمين جي سطح کان ڪافي بلنديءَ تي گاهه جو هڪڙو خوبصورت باغ بڻائي ڇڏيو هو. اهو به اسان لاءِ ايڏو ڪار آمد نٿي ٿي سگهيو. جو اسين اڃيا ۽ بکيا هئاسين ۽ تاريخ کان اڳ وارن انسانن وانگر گاهه ته نٿي کائي سگهاسين. ڇو ته ان کي هضم ڪرڻ لاءِ به هاٿيءَ جو معدو ۽ ٻڪري جا ڏند درڪار هئا. جيڪي اسان وٽ ڪونه هئا. اسين اتي ئي ويهي رهياسين ۽ ان وقت پهريون دفعو مون پنهنجي دل ۾ سوچيو ته ڪاش! مان هنري ۽ گڊ سان گڏ نه اچان ها ته چڱو.
امبوپا اٿيو. ڪجهه دير خلا ۾ ڏسندو رهيو ۽ پوءِ خراب منهن ڪري اوٻاسي ڏئي، مٿو کنهيائين ۽ پوءِ اسان کان چند قدم اڳتي ٽهلڻ لڳو. گاهه جي بلڪل وچ ۾ پهچي هو ڇرڪيو ۽ هڪدم ڄڻ ته پاڳل ٿي ويو. جئين ننڍڙن ٻارڙن کي رانديڪو هٿ اچڻ تي خوشيءَ ٿيندي آهي. اهڙيءَ خوشيءَ مان نچڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. سائي رنگ جي ڪا شيءِ هٿ ۾ هيس. جنهن کي لوڏيندو اسان کي ڏيکارڻ لڳو. اسان هن جي حرڪتن تي تعجب ۾ پئجي وياسين.
”ڇا هي اڙي امبوپا چريا!” مون واڪو ڪري پڇيو مانس.
”کاڌو ۽ پاڻي. ميڪوميزن...” هي سائي شي لوڏي وري اسان کي ڏيکارڻ لڳو. اسين پوري قوت سان هن طرف ڀڳاسين. اتي پهچي ڏٺوسين ته گدرن جي ولين جو ڄار وڇايو پيو هو. بلڪل پڪل جهنگلي گدرا، جن کي رڳو هٿ وڌائي پٽڻ جي دير هئي.
”اڙي گدرا.. واهه واهه” مون گڊ طرف ڏسي واڪو ڪري ٻڌايو مانس. ٻئي لمحي گڊ جا مصنوعي ڏند گدري ۾ کُپي ويا. ۽ اسان مان هر هڪ ڇهه ست گدرا چٽ ڪري ويو. هي هڪڙو خسيس ميوو آهي جيڪو هن وقت اسان کي دنيا جي لذيز ترين وٿ معلوم ٿي رهيو هو. گدرن جي ڪري اسان جي اڃ ۽ بک ته ختم ٿي وئي پر پوءِ به اسان کي تسلي نه ٿي، اسان وٽ ٿورو سڪل گوشت بچت ۾ هو. ٿورو کاڌوسين پر ان مان به جهڙوڪر تنگ ٿي ويا هئاسين. پر خبر ناهي اڳتي کاڌو ملي نه ملي؟ اها ڳالهه ڳڻي بچيل سڪل گوشت کي وڏي احتياط سان سنڀالي رکيوسين.
اتفاق سان منهنجي نظر صحرا ڏانهن کڄي وئي. هڪ ولر پکين جو اڏامندو تيزي سان اسان ڏانهن اچي رهيو هو. هي پهاڙي پکي ڪافي ٿلها متارا لڳي رهيا هئا.
“نشانو وٺ آقا! وارو ڪر” وينٽا رڙ ڪندي چيو ۽ پاڻ پيٽ ڀر ليٽي پيو. مون به ائين ئي ڪيو ۽ پکين جي انتظار ۾ ساهه بند ڪيو پيا هئاسين. جڏهن پکي بندوق جي زد ۾ پهتا ته هڪ جي بدران ٻه گوليون هلائي ڇڏيم. ان جٿي مان هڪڙو پکي ڪلابازيون کائيندو اچي زمين تي ڪريو. گدرن جي سُڪل ولين کي باهه ڏئي. ان پکيءَ کي پچائڻ لڳاسين ۽ بيصبريءَ سان ان جي ڀُڄڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. اسان جو شڪار جڏهن پچي تيار ٿيو ته ان تي ائين اچي ٽٽاسين جو گهڙيءَ کن ۾ اسان جي سامهون چٻاڙيل هڏين کان سواءِ ڪاشيءَ ڪانه هئي. رات جو اڳتي روانو ٿيڻ وقت اسان ڪجهه گدرا پاڻ سان کڻيا. جئين جئين مٿي چڙهڻ لڳاسين. هوا تيز ٿڌي ٿيندي وئي. سيءَ کان اسان جا ڏند کڙڪڻ لڳا ۽ هيءَ سخت سرد هوا ڄڻ ته جسمن کي ڏنگ هڻي رهي هئي، چڙهائي ايڏي ته ڏکي هئي جو وڏي مشڪل سان هڪ ڪلاڪ ۾ اڌ ميل کن مس چڙهي سگهياسين. اهڙي طرح صبح تائين چڙهندا، رڙهندا، وڌندا رهياسين . ۽ جڏهن رات صبح سامهون پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا ته اسين برف پوش چوٽين کان ڪي ٻارنهن ميل پري هئاسين. ان رات اسان سڀ بچيل سڪو گوشت ان آسري تي کائي ڇڏيو ته اڳيان پکي پيا ملندا، پيا شڪار ڪنداسين. پر اهو اسان جو محض خيال هو. جيڪو خيال ئي رهيو. هتي آس پاس ڪنهن پکي پکڻ يا ڪنهن جانور جو ڪو نالو نشان ئي ڪونه هو. هيٺ پٿرن ۽ صحرائي ريت تي برف چمڪي رهي هئي. پاڻي به ختم ٿي چڪو هو ۽ اسان جي مايوسيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونه هو. جڏهن ته هت پهاڙن تي ڪو چشمو يا درياءَ به نظر نٿي آيو. خيال هو ته برف پگهرجڻ جي ڪري پهاڙ تي ڪافي تعداد ۾ نديون ۽ چشما هوندا پر پوءِ خبر پئي ته ڪنهن خاص سبب جي ڪري سڀئي نديون پهاڙ جي پرئين پاسي ٿي وهيون. اسين اڃ بک جي ڪري پريشان هئاسين ۽ هاڻ اها تڪليف به ناقابل برداشت ٿيندي پئي وئي. اڳيان ٽي ڏينهن اسان تي ڇا گذريو؟اهو ٻڌائڻ لاءِ هتي مان پنهنجي ڊائري (جيڪا مان هن سفر ۾ لکندو هوس) جا چند صفحا هتي نقل ٿو ڪريان.
”ڊائري“
21 مئي: صبح يارهين وڳي روانه ٿياسين. چند گدرا ساڻ هئا، هوا ايتري قدر سرد هئي جو لڳو ٿي ته اسان جي هڏين جي مک به ڄمي ويندي، گدرا ختم ٿي ويا. سڄو ڏينهن انهن جي ڳولا ۾ رلياسين پر ڪاميابي نه ٿي.
22 مئي: پکين جي حدن مان گذري چڪا هئاسين تنهنڪري انهن جي ملڻ جي اميد به ڪانه هئي. هاڻ اهڙا ته ڪمزور ٿي وياسين جو ڄڻ ته بيهوشيءَ جي عالم ۾ پئي رڙهياسين. سڄي ڏينهن ۾ مشڪل سان پنج ميل پنڌ ڪيوسين. رستي ۾ برف جا ٽڪرا مليا پئي، جيڪي چٻاڙيندا رهياسين، باقي کاڌي لاءِ ڪابه شي نه ملي، رات جو هڪ جڳهه تي ترسياسين. سردي اهڙي هجي جو بيان به نٿي ڪري سگهجي. بدن ۾ گرمي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪڙو هڪڙو ڍڪ برانڊي پيتي سين. پنهنجن ڪمبلن ۾ گوڏا پيٽ کي ڏئي ويڙهجي سيڙهجي سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳاسين. اڃ، بک ۽ ٿڪاوٽ ته ننڊ کي به ويجهو اچڻ نٿي ڏنو. وينٽا ويچارو ته مون سمجهيو ته مري ويندو.
23 مئي: صبح جي ڪرڻن جسم کي ڪجهه گرمي پهچائي ته اڳتي روانا ٿياسين. بلڪل ائين “هوري ڏاڍي هل، ڪاهه ته پسين ڪيچ کي”. آهستي آهستي زندگي ڏور ۽ موت اسان کي ويجهو ٿيندو پئي آيو. “ مرڻ مون سين آءُ، ته پٺيءَ توءِ پنڌ ڪريان”. مان ان خوف ۾ ڪنبي ويس ته جيڪڏهن اڄ به کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو ته پوءِ اسان جو آخري سفر شروع ٿي ويندو. سواءِ ٿورڙي برانڊيءَ جي اسان وٽ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. گڊ، هنري ۽ امبوپا جي ثابت قدميءَ کي داد ڏيڻو پوندو. باقي وينٽا جي حالت مون کان وڌيڪ خراب هئي. هو غريب آفريڪا جي گرميءَ جو عادي، هيءَ ڏڪائيندڙ سردي هن کان ڪٿي ٿي برداشت ٿئي! بک جي تڪليف هاڻ زياده محسوس نٿي ٿي. ڇو ته اسان جا پيٽ خالي ٿي بلڪل سُنُ ٿي ويا هئا. اسين ان ٽڪريءَ جي ويجهو پهچي ويا هئاسين جيڪا هڪ ديوار وانگر ڪوهه سبا جي ساڄي ۽ کاٻي وارن پهاڙن کي پاڻ ۾ ملايو بيٺي هئي ۽ ان جابلو ديوار جي مٿان چار هزار فوٽ جي بلنديءَ تي برف ڍڪيل پهاڙن جون چوٽيون غرور مان ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺيون هيون ۽ هيٺ نگاهه جي حد تائين وسيع صحرا ڦهليل هو. کائڻ لاءِ ڪابه شي نه ملي، هاڻ رب رحم ڪري، شايد اسان جو وقت پورو ٿيڻ تي آهي.
هاڻ هتان مان پنهنجي ڊائريءَ جو نقل ڪرڻ ڇڏي ٿو ڏيان.
ان ڏينهن يعني ٽيويهين مئي تي اسين پنهنجي ٿڪ کان چُور چُور پيرن ۽ مرده جسمن کي گهليندا رهياسين. ان وقت اسان جي حالت ڪو ماڻهو اچي ڏسي ها ته شايد ڊپ کان هانو ڦاٽي پويس ها. اسان جون ڏاڙهيون بريءَ طرح وڌي کنڊڙجي ويون هيون. منهن ڏرا ڏئي ويا هئا. چپ ڦاٽي سڪي ويا هئا. آواز صفا سنهڙو ٿي ويو هو. اسان جون نگاهون بيچينيءَ مان کاڌي جي ڳولا ۾ هيڏهان هوڏهان گهمنديون ۽ ڪجهه به نه ملندي، مايوس ٿي جُهڪي ٿي ويون.
شام جو اسين ڪوهه سبا جي چوٽيءَ جي بلڪل هيٺان بيٺا هئاسين. لهندڙ سج برف پوش چوٽين کي خوني رنگ ڏئي رهيو هو.
”آئون چوان ٿو ڪوارٽر مين!” گڊ چيو “پاڻ ان غار جي بلڪل ئي ويجها بيٺا آهيون جنهن جي باري۾ مرحوم سلواٽا لکيو هو”.
”مگر ڪٿي غار هجي به، تڏهن نه” مون چيس.
”ڪوارٽر مين!” هنري سختيءَ سان داٻو ڏنو. “اهڙيون مايوسيءَ واريون ڳالهيون نه ڪندو ڪر، مون کي سلواٽا جي تحرير تي پورو ڀروسو آهي. ياد اٿئي گندي پاڻي جو تلاءَ”.
ڏهن منٽن تائين اسين غار جي تلاش ۾ رهياسين. امبوپا پنهنجو پاڻ کي ڪمبل ۾ ويڙهيو ۽ بک برداشت ڪرڻ لاءِ پيٽ کي ڇڪي چمڙي جو پٽو ٻڌو ۽ اسان کان اڳيان اڳيان هلڻ لڳو.
”پريان هو ڏس!” امبوپا منهنجو هٿ پڪڙي هڪ طرف اشارو ڪيو، برف جي ڇپن ۾ هڪڙو وڏو سوراخ ڏسڻ ۾ پئي آيو.
”اهو اٿئي غار” امبوپا چوڻ لڳو.
اسين ٿڙندا ٿاٻڙجندا ان سوراخ تائين پهتاسين. واقعي ئي اهو سلواٽا جو ٻڌايل غار ئي هو. جنهن وقت اسين غار ۾ داخل ٿياسين. رات جي اوندهه ڦهلجي وئي هئي، اسان برانڊيءَ جو آخري ڍڪ ڍڪ پيتو ۽ هڪٻئي کي چنبڙي سمهي پياسين. شايد ان طرح ڪا گرمي حاصل ٿئي. مگر لڱ ساڙيندڙ سرديءَ ننڊ کي اسان جي ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو.اسين اٿياسين ۽ هڪٻئي جي پٺن سان پٺا ملائي ننڊ جي انتظار ۾ ويهي رهياسين. هڪڙا بکيا ٻيو وري صحرا جي تيز گرميءَ برداشت ڪري آيا هئاسين، تنهن ڪري هي سردي اسان کي اڃا به وڌيڪ تڪليف ڏئي رهي هئي.
وقت تمام آهستي آهستي ڪنهن منڊڙي فقير جيان رڙهي رهيو هو. ۽ اسين هڪٻئي سان لڳي پنهنجو پاڻ کي گرمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. مگر اسان جي ڪمزور ۽ ضعيف جسمن ۾ ايتري گرمي ڪٿان آئي جيڪا هينئر هڪٻئي جي ڪم اچي سگهي. پر پوءِ به ننڊ جو ڪو هن تائين ڪو پتو ئي نه هو. ڪيڏي ڪيڏي مهل سو اهو ٿيو ٿي جو ڳهر کان اکيون ڳوريون ٿيندي ٿيندي خودبخود بند ٿيو ٿي ويون، پر ڪجهه ئي گهڙين ۾ سجاڳ ٿيو، اکيون تارن جيان پيون ٽمڪن. صبح تائين اسان مان ڪوبه سمهي ڪونه سگهيو. پرهه ڦٽڻ کان پهريائين وينٽا، جنهن جا ڏند سڄي رات سيءَ ۾ کڙڪندا ٿي رهيا، هڪ گهرو ساهه کڻيو ۽ ڏند کڙڪڻ بند ٿي ويس. مون سمجهيو سمهي رهيو. هن جي پٺي منهنجي پٺيءَ سان لڳل هئي. جيڪا ٿڌي ٿيڻ لڳي. ۽ پوءِ ٿڌي ٿيندي ٿيندي نيٺ وڃي صفا برف ٿي.
فضا ۾ روشني ڦهلجڻ لڳي. سج جا ڪرڻا پهريائين غار ۾ ليئا پائڻ لڳا ۽ پوءِ آهستي آهستي اندر گهڙي آيا ۽ انهن ڪرڻن اسان کي گرمائڻ شروع ڪيو، ۽ پوءِ اهي ڪرڻا سرڪندا سرڪندا وينٽا جي مرده جسم تي رقص ڪرڻ لڳا. جيڪو ويچارو شايد ان مهل ئي مري ويو هو. جڏهن هن اونهون ساهه کڻيو هو. هاڻ هو آڪڙ جي صفا تختو بڻجي ويو هو. مون کي خوف وٺي ويو، مان ڊڄي وينٽا جي لاش کان پرڀرو وڃي بيهي رهيس. ڪيڏو عجيب ٿيندو آهي، اهو خوف جڏهن اسين پاڻ کي ڪنهن لاش ويجهو ڏسندا آهيون. وينٽا جهڙيءَ طرح گوڏن ۾ منهن ڏيو ويٺو هو، هينئر به ائين ئي ويٺو آهي. لڳي ائين ٿو ته ڄاڻ ته اٿيو.
”اڙي! مري ويو ويچارو”. امبوپا چيو.
آهستي آهستي سج جي ڪرڻن غار کي روشن ڪري ڇڏيو. اوچتو گڊ جي واتان خوف مان دانهن نڪري وئي. مون مڙي ان طرف نهاريو ته منهنجي دل جي ڌڙڪن به تيز ٿي وئي. غار جي آخري ڇيڙي تي ( هي غار ويهه فوٽ ڊگهو هو) ڪو شخص ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. مون پنهنجن حواسن تي قابو پائي چند قدم اڳتي وڌي غور سان ان شخص ڏانهن ڏٺو. هو ڪوئي اجنبي هو. منهنجي جسم کي ڏڪڻي وٺي وئي.
”اهو ڪير هوندو ۽ هتي ڪئين پهتو هوندوءَ مون سوچيو ۽ هي غار هاڻ مون کي ڀوتن جي رهائش گاهه محسوس ٿيڻ لڳو.
”هي شخص به سرديءَ جي ڪري آڪڙجي ويو آهي ۽ ڪو انگريز آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪير هو ۽ ڪٿان آيو هو”. هنري چيو
”يقينن هي غار ڪو ڀوت گهر آهي”. امبوپا چيو ۽ تڪڙو تڪڙو ٻاهر ڀڄڻ لڳو.