دارالسلطنت ۾ داخله
“انفادوس! هي رستو ڪنهن ٺاهيو هو؟” مون پڇيو.
“منهنجا آقا! اها ڪنهن کي به خبر ناهي ته هي رستو ڪنهن جو ٺاهيل يا ٺهرايل آهي. هڪڙي گگول آهي جيڪا هن رستي جي باري۾ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي. اها گگول اسان جي بادشاهه جي جادوگرياڻي آهي. جيڪا پشتان پشت زنده رهندي ٿي اچي. باقي ڪوبه فاني انسان اهڙو مضبوط رستو نٿو ٺاهي سگهي. ان ڪري اسان جو بادشاهه بذاتِ خود پاڻ هن رستي جي حفاظت ڪندو آهي.”
“اڇا! ته ڀلا اهي تصويرون ڪنهن ٺاهيون آهن، جيڪي انهيءَ رستي جي سرنگهه ۾ آهن؟.”
جن اهو رستو ٺاهيو هوندو، اهي تصويرون به انهن ئي ٺاهيون هونديون مان عرض ڪري چڪو آهيان ته منهنجا آقا! هن رستي جي باري ۾ ڪير به ڪجهه نٿو ڄاڻي”.
“توهان جو قبيلو هتي ڪڏهن کان آباد آهي؟”
“اها ڳالهه اسان کي پنهنجن بزرگن جي ٻڌايل آهي ته اسان جو قبيلو هتي صدين کان آباد آهي. اسان جي ابن ڏاڏن جا وڏا اتر طرف کان هتي آيا هئا. گگول جيڪا ڪوڪوآنه جي عظيم شخصيت آهي، جيڪا ماضيءَ ۽ مستقبل جي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي، اها چئي ٿي ته هن ملڪ جي آب هوا نهايت موزون آهي، انڪري اسان جي وڏن جو خاندان هتي وڌيو ويجهو ۽ انهن جو اولاد هتي رهي بهادر ۽ طاقتور بڻيو. هاڻ اسان جو تعداد وڌي واريءَ جي ذرڙن جيترو ٿي ويو آهي. ۽ هاڻ ٽواله جڏهن جنگ لاءِ سڏيندو آهي ته اسان جي تعداد سان هن ساري زمين جو چڱو موچارو حصو ڍڪجي ويندو آهي”.
“جنگ لاءِ؟ اهو ڀلا ڪئين ٿو ٿي سگهي. جڏهن اهڙا ناقابل عبور پهاڙ ڪوڪوآنه جي شهر پناهه هجن ته پوءِ اهڙو ڪهڙو سورهيه سپوت هوندو جيڪو انهن پهاڙن کي عبور ڪري توهان تي حملو ڪندو؟.
“اتر طرف کان اهي هيبتناڪ پهاڙ ناهن. ها! ڪي ننڍڙيون ننڍڙيون پهاڙيون ضرور آهن پر اهي به معمولي قسم جون آهن. اتان ڪي ٽي پيڙهيون اڳ اڻڄاتل ماڻهن جو تمام وڏو لشڪر چڙهي آيو هو. وڏي گهمسان جي جنگ لڳي هئي. رڻ گجيو راڙو ٿيو هو. ان وقت اسان جي بهادرن دشمن جا ڏند کٽا ڪري، انهن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. اڄ به دشمن جا هزارين ماڻهو هنن کيتن هيٺ پوريل هوندا. تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهڙي ڇتي جنگ وري نه لڳي آهي.”
“پوءِ ته توهان جي ملڪ جا سپاهي واندا ويهي صفا بيڪار بڻجي ويا هوندا ۽ انهن جا ته هٿيار به زنگجي ناڪاره ٿي ويا هوندا”.
“اهڙي ڳالهه ناهي آقا! ٽي پيڙهيون اڳي جيڪا جنگ لڳي هئي ان کانپوءِ به هڪڙي جنگ ٿي هئي ليڪن اها خانه جنگي هئي. يعني ڪتو ڪتي سان وڙهي رهيو هو”.
“اهو ڀلا ڪئين؟”
“ٽواله جيڪو منهنجو سوٽيلو ڀاءُ آهي، ان کي هڪڙو ٻيو به ڀاءُ هو. ٻئي هم عمر هئا. اسان جي ملڪ جو قانون آهي ته جڏهن شاهي گهراڻي ۾ ٻه ٻار هم عمر هجن ته ڪمزور ٻار کي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ تخت ۽ تاج جو وارث طاقتور ٻار بنجندو آهي، ليڪن مرحوم بادشاهه جي گهرواريءَ کي پنهنجي ڪمزور ٻار سان ڏاڍي محبت هئي، تنهنڪري هن ان ٻار کي ڪٿي لڪائي ڇڏيوته جئين هو زنده رهي سگهي. اهو ڪمزور ٻار ٽواله آهي جيڪو هنيئر ڪوڪوآنه جو بادشاهه آهي”.
“اڇا! پوءِ ؟”
“پوءِ منهنجا آقا منهنجو ۽ ٽواله جو پيءُ مري ويو. ان جي جڳهه تي ان جي پٽ ايماٽو کي بادشاهه بنايو ويو. ۽ ان جي گهر به هڪ پٽ پيدا ٿيو. هي اهو وقت هو جڏهن اسان ماڻهن اڃان مس مس وڃي جنگ مان جان ڇڏائي هئي، ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار آيل هو. ان وقت گگول ماڻهن کي ڀڙڪائڻ شروع ڪيو ته ملڪ ۾ ڏڪار ان ڪري آيو آهي جو ايماٽو اسان جو بادشاهه آهي، جنهن تي ديوتائين جي ناراضگي آهي. ان وقت ايماٽو هڪ زخم جي ڪري پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پيو هو.
گگول هڪ جهوپڙي ۾ گهڙي وئي ۽ اتان ٽواله کي پاڻ سان وٺي آئي، جنهن کي هن پهاڙي غارن ۾ لڪائي رکيو هو. ۽ جنگين کان بچائيندي پئي آئي. گگول ٽواله جي جسم تان ڪپڙو هٽائي ماڻهن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ڏسو! هن جي چيلهه جي چوڌاري نانگ جي تصوير اڪريل آهي ( اها اسان جي ملڪ جي شاهي خاندان جي نشاني آهي) اها تصوير ماڻهن کي ڏيکاري گگول چوڻ لڳي ته اي ماڻهوئو! توهان کي منهنجو شڪرگذار هجڻ گهرجي، جو مون توهان جي حقيقي بادشاهه جي اڄ ڏينهن تائين پئي حفاظت ڪئي آهي ۽ توهان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته توهان سڀ ٽواله کي پنهنجو بادشاهه تسليم ڪريو.”
“ماڻهو بک کان ڇتا ٿي رهيا هئا. بک بڇڙو ٽول، داناءُ ديوانا ڪري، انهن کي بک ۾ چڱي ۽ بري جي ڪا تميز ئي نه رهي هئي. ان کانسواءِ انهن جو گگول جي ڏٽن تي انڌو اعتماد هو. تنهن ڪري ماڻهو ٽواله جي حق ۾ نعرا هڻڻ لڳا ته “ اسان جو بادشاهه، اسان جو بادشاهه”. مون کي خبر هئي ته اهو نسورو ڪوڙ هو، دوکو هو. ٽواله ڪوڪوآنه جو حقيقي بادشاهه ڪونه هو. ليڪن مان اڪيلو ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهيس. شور ٻڌي ايماٽو بستري تان اٿيو ۽ پنهنجي وفادار راڻيءَ جي ڪلهي جو سهارو وٺي جهوپڙي جي دروازي تائين آيو. پويان پويان ان جو پٽ اگنوسي به اچي دروازي تي بيهي رهيو.
“هي ڇا جو شور آهي؟” ايماٽو پڇڻ لڳو “ توهان بادشاهه، بادشاهه جا نعرا ڇو هڻي رهياآهيو؟”.
ٽواله ڇتي ڪتي وانگر پنهنجي رحم دل ۽ انصاف پسند ڀاءُ ڏانهن رُومڙ ڪئي ۽ ان کي وارن کان پڪڙي کڻي زمين تي دسيائين ۽ پوءِ ان جي ڇاتيءَ تي چڙهي مٺئي تائين پنهنجو چاقو ايماٽو جي سيني ۾ لاهي ڇڏيائين. ماڻهوءَ “ٽواله بادشاهه ٽواله بادشاهه “ جا نعرا هڻڻ لڳا. تڏهن خبر پئي ته منهنجي اکين اڳيان ڪيڏو نه وڏو انقلاب اچي ويو هو”.
“پوءِ... ان جي راڻي ۽ اگنوسيءَ جو ڇا ٿيو؟” مون پڇيو “ڇا ٽواله انهن ٻنهي کي به قتل ڪرائي ڇڏيو؟”
“نه منهنجا آقا! بدقسمت راڻيءَ جڏهن ڏٺو ته هن جي خوشين جو سورج غروب ٿي رهيو آهي ته هن جلدي جلدي پنهنجي پٽ کي کڻيو ۽ هڪ طرف ڀڄي نڪتي. ٻن ڏينهن بعد اڃ ۽ بک کان بيحال ٿي هوءَ وري ڪوڪوآنه موٽي آئي. ليڪن هن ويچاري مصيبت جي ماريءَ کي ڪٿان ڪنهن ماڻهوءَ ڪو مانيءَ جو سڪل ٽڪر به نه ڏنو. پوءِ جڏهن رات اونداهي ٿي ته ڪنهن جهوپڙي مان نڪري هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ ماڻهن جي نظرن کان پاڻ بچائي وڃي ان راڻيءَ سان ملي ۽ ان کي ماني کارائي، جنهن کانپوءِ اها بدنصيب بيوه ان ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ کي دعائون ڪندي اگنوسيءَ کي سيني سان لڳائي ان برف پوش پهاڙن طرف نڪري وئي. تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اگنوسي ۽ ان جي ماءُ کي ڪنهن به ناهي ڏٺو. لڳي ٿو ته اها ويچاري پنهنجي پٽ سميت انهن پهاڙن ۾ ڏڪي ڏڪي مري وئي هوندي”.
“اگر اگنوسي زنده هجي ها ته اهو ئي ڪوڪوآنه جو بادشاهه هجي ها؟”
“جي ها منهنجا آقا! ان جي چيلهه جي چوڌاري به نانگ جي تصوير اڪريل آهي. ليڪن افسوس جو وڏو وقت ٿيو ان ۽ ان جي ماءُ کي هيءَ دنيا ڇڏيندي “اسين خاموش هلندا رهياسين.
“هو ڏسو منهنجا آقا! انفادوس ڪجهه جهوپڙين تي مشتمل هڪ ڳوٺ طرف اشارو ڪندي چيو “ اهو ئي اهو ڳوٺ آهي جتي اگنوسي ۽ ان جي ماءُ کي آخري ڀيرو ڏٺو ويو هو. پاڻ اڄ ان ئي ڳوٺ ۾ رات رهنداسين. پر توهان جي مرضي هوندي ته
“انفادوس! جڏهن اسين توهان سان گڏ آهيون ته پوءِ جيڪا توهان جي مرضي سان اسان جي مرضي”. مون چيو ۽ هنري کي مخاطب ٿيڻ لاءِ جئين ئي پوئتي مڙيس جو امبوپا سان وڃي ٽڪريس، جيڪو منهنجون ۽ انفادوس جون ڳالهيون وڏيءَ توجهه سان ٻڌندو پئي آيو.
امبوپا جو چهرو غم ۽ غصي کان لال ٿيندو پئي ويو . ۽ مون کي ائين لڳي رهيو هو ته هوءَ ڪجهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ڳالهين ڳالهين ۾ ڪافي رستو طئي ڪري ويا هئاسين. ڪوهه سبا جون برف پوش چوٽيون ڪافي پوئتي رهجي ويون هيون ۽ اتان کان ايندڙ ٿڌي هوا هاڻ هتي ايندي ايندي خوشگوار بڻجي وئي هئي. چوطرف سائو سائو گاهه هوا ۾ لهرائي رهيو هو.
انفادوس هڪ ڄڻي کي اسان جي آمد جو اطلاع ڏيڻ لاءِ ڳوٺ ڏانهن ڊوڙايو، جيڪو اسان کان جدا ٿي وڏي رفتار سان اٿي ڀڳو. بقول انفادوس جي ته اهو سڄي واٽ انهي ئي تيزيءَ سان ڳوٺ تائين ڀڄندو ويندو. انفادوس اهو به ٻڌايو ته تيز رفتاري سان ڀڄڻ ڪوڪوآنه جي ماڻهن جو خاص فن آهي. ننڍپڻ کان ئي انهن تي “ ڀڄڻ جي مشق “ فرض ڪئي وئي آهي. جڏهن اسين ڳوٺ کان ٻه ميل کن اورتي هئاسين ته ڏٺوسين ته انهيءَ ڳوٺ کان ولرن جي صورت ۾ ماڻهو نڪري اسان ڏانهن ڀڳا ٿي آيا، آهستي آهستي انهن ايندڙن جو تعداد وڌندو ٿئي ويو. هنري پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي انديشو ظاهر ڪيو ته ڪٿي اها ڪا چال ته ڪانهي؟. هنري جي خوفزده لهجي جي ڪري انفادوس ان جو مطلب سمجهي ويو.
“توهان ڪو خوف نه ڪريو” انفادوس چيو “ مان انهن ماڻهن جو ڪمانڊر آهيان ۽ اهي منهنجي حڪم مطابق توهان جو استقبال ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن”. ڳوٺ کان ڪوئي اڌميل کن پري اهو رستو هڪ ننڍيءَ ڀٽ تان گذريو ٿئي، ڀٽ جي ٻئي طرف کليل ميدان هو ۽ اهي ماڻهو انهيءَ ميدان ۾ گڏ ٿي رهيا هئا. هي واقعي به هڪ عجيب نظارو هو، هر گروهه ۾ ٽي سئوکن سپاهي هئا، جن جي هٿن ۾ نيزا ۽ چاقو هئا ۽ سندن جسم رنگبرنگي کلن سان لپيٽيل هئا. جڏهن اسين ڀٽ کان هيٺ لهڻ لڳاسين ته ڏٺوسين ٽي هزار ڇهه سئو سپاهي رستي جي ٻنهي طرف قطارون ٺاهيو بيٺا هئا.
اسين پهرئين دستي جي ويجهو گذرياسين ته منهنجي نگاهن اهڙا سپاهي ڏٺا جهڙا اڳ ساري عمر ڪونه ڏٺا هئا. سڀ سپاهي پڪيءَ عمر جا هئا، چالهين سالن کان گهٽ ڪنهن به سپاهي جي عمر نه هئي، قد سڀني جا ڊگها هئا. ڪوبه ماڻهو ڇهن فوٽن کان گهٽ نه هو، انهن جي پيشانيءَ تي ٻڌل چمڙي جي پٽيءَ ۾ رنگ برنگي پر لڳل هئا. چيلهه جي چوڌاري ۽ ساڄي ٽنگ جي گوڏي کان ٿورو مٿي ڏاندن جا پڇ ٻڌل هئن. اهي پنهنجي کاٻي هٿ ۾ ويهه فوٽ گولائي واريون ڍالون کڻيو بيٺا هئا. ڍالن جي ڪنارين کي ڪٽي ڪاغذ جهڙو سنهون ڪري ڇڏيو هئائون ۽ انهن تي عجيب قسم جا نقش ونگار ٺهيل هئا. جيڪي اسان جي سمجهه کان مٿي هئا. انهن جا هٿيار مختصر مگر مهلڪ هئا ۽ هٿيارن ۾ هڪڙو ننڍو نيزو هون، جنهن جو ڦر ڇهه انچ ڊگهو هو، هي نيزو هٿو هٿ لڙائيءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان جو زخم کاڌل انسان ڪنهن به صورت ۾ بچي نٿي سگهيو. انهن کان سواءِ هر هڪ سپاهيءَ وٽ ٽي ٽي وڏا چاقو هئا، جن جو وزن ٽن پائونڊن کان گهٽ نه ٿيندو. هڪ چاقو ته انهن جي چيلهه جي چوڌاري ٻڌل ڏاند جي پڇ ۾ لٽڪي رهيو هو جيڪو ڍالن جي پويان چمڙي جي مياڻ ۾ لٽڪي رهيو هو. انهن چاقن کي “ٽولاس” ٿي چيائون. اهي چاقو اڇلي هڻڻ جا هئا جيڪي پنجاهه گز تائين مار ڪري ٿي سگهيا. ٻئي هنڌ جيڪو ڪم تيرن کان ورتو ويندو آهي سو هتي هنن ٽولاس کان ٿي ورتو.
اسين انهن سپاهين جي وچان گذرڻ لڳاسين ته انهن جي آفيسر جئين ئي پنهنجو نيزو هوا ۾ بلند ڪيو ته گڏ ئي گڏ هزارين نيزا هوا ۾ بلند ٿي ويا ۽ شاهي سلام جي لفظن “ ڪوم ڪوم” سان آس پاس جو ماحول گونجي اٿيو. اهڙي طرح سلام وصول ڪندا اسين ڳوٺ جي چوڌاري هڪ ميل جي گولائي واري کاهيءَ تائين پهچي وياسين. اها کاهي ڳوٺ جي شهر، پناهه هئي، جيڪا بانس ۽ وڻن جي ڏارن مان ٺهيل ڪاٺ جي رنبن جي مدد سان کوٽي ٺاهي هئائون. ڳوٺ جي صدر دروازي ويجهو هڪڙي پُل ٺهيل هئي، جيڪا ٿلهن رسن ۽ واڍين سان تيار ڪئي وئي هئي. جيڪا ضرورت وقت ڪيرائي به سگهجي پئي. اسين ان پُل تان گذري ڳوٺ ۾ داخل ٿياسين. ڳوٺ کي پوري وچ کان چار رستا هڪٻئي کي ڪٽيندا چئني مختلف طرفن ڏانهن هليا ٿي ويا. يعني ڳوٺ جي وچ تي چودڳي ٺهيل هئي. جهوپڙيون رستن جي هڪ طرف ميدان ۾ وڏي سليقي سان ٺهيل هيون. جهوپڙين جا دروزا غير ضروري حد تائين وڏا ۽ سنها ٺهيل هئا. جهوپڙي سامهون هڪ ننڍو اڱڻ ٺهيل هو، جنهن کي مال جي گوبرسان لمبي تيار ڪيو ويو هو.
ڳوٺ ۾ داخل ٿياسين ته رستي جي ٻنهي ڪنارن تي بيٺل بيشمار عورتون ڊپ ۽ حيرت مان اسان کي ڏسي رهيون هيون. آفريڪا جي ٻين وحشي قبيلن ۽ قومن جي مقابلي ۾ هي عورتون ڪنهن حد تائين شڪل صورت جون ٺاهوڪيون، تندرست ۽ صحتمند هيون. چپ به تمام ٿلها ۽ بيڊولا نه هئن. اهي اسان طرف اشارا ڪري هڪٻئي سان ڪنن ۾ سسپس ڪري رهيون هيون. ان وقت انفادوس کي الاءِ ڇا ياد آيو ۽ ان گڊ جي اگهاڙين ٽنگن ڏانهن اشارو ڪري، ان جي خوبصورت پيرن جي شان ۾ بلند آواز سان هڪڙو قصيدو پڙهي پورو ڪيو. سڀني عورتن جون نگاهون گڊ جي ٽنگن تي ڄمي ويون ۽ گڊ ويچاري جو منهن شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو.
انفادوس ننڍين ننڍين جهوپڙين جي وچ ۾ ٺهيل هڪ وڏي جهوپڙي جي ويجهو پهچي بيهي رهيو. “ تشريف رکو منهنجا آقا! هن وڏي احترام سان چيو” اسان جي هن معمولي جهوپڙيءَ ۾ ٿورو آرام ڪريو ته اسين توهان جي کائڻ لاءِ ماکي، مکڻ، کير، گابو ۽ ڪجهه گهيٽا کڻي اچون. اوهان کي شايد اهي شيون مزو نه ڏين ليڪن...”
“نه انفادوس!” مون چيس” اهي شيون اسان لاءِ ڪافي آهن. هن وقت اسان ڏاڍا ٿڪل آهيون تنهنڪري في الحال ٿورو آرام ڪرڻ ٿا چاهيون”.
اسين جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿياسين جتي فرش تي قيمتي قالعينن جهڙيون نرم ۽ ملائم وارن سان ڀريل کلون وڇايون پيون هيون. هڪ ڪنڊ ۾ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هڪ ڪاٺ جو ٺپ پاڻيءَ سان ڀريو رکيو هو.
ٻاهر ڪجهه گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، اسين گهٻرائجي دروازي ڏانهن وڌياسين ( اسان کي پنهنجن جانين جو کٽڪو هو) جتي ڪجهه ماڻهو هٿن ۾ کير ۽ ماکيءَ جا ڀريل پيالا کڻي اسان طرف اچي رهيا هئا. هڪ نوجوان هڪ صحتمند گابي کي رسي مان ڇڪيندو ٿي آيو. اسان وڏي فراخ دليءَ سان ڪنڌ لوڏي انهن کي قبول ڪيو. فوراً ئي هڪ ڄڻو ڪنهن طرف کان چاقو کڻي آيو ۽ اچڻ سان ئي گابي کي ذبح ڪيائين. سٺو سٺو گوشت ڪٽي اسان لاءِ رکيائون. باقي گوشت تي آس پاس بيٺل ماڻهو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ هڪٻئي کان کسڻ لڳا، پوءِ خبر پئي ته ستارن کان آيل مهمانن طرفان عطا ٿيل اهو گوشت هنن لاءِ تبرڪ جيان هو. جنهن تي وڙهي رهيا هئا.
امبوپا هڪ ڇوڪريءَ سان گڏ وڏي ڪاريگريءَ سان گوشت تيار ڪرڻ لڳو جهوپڙيءَ جي سامهون کڏ کڻي چلهه ٺاهيائون ۽ ٺڪر جي ديڳڙيءَ ۾ گوشت وجهي چلهه تي چاڙهي ڇڏيائون. جڏهن کاڌو تيار ٿيو ته اسان انفادوس ۽ سڪارگا کي پاڻ سان گڏ کائڻ جي دعوت ڏني. اهي ٻئي شڪرگذاري سان ڪنڌ جهڪائي اسان سان کاڌي کائڻ ۾ شروع ٿي ويا.
انفادوس جي دل اسان جي طرفان صاف هئي جو هو وڏي خلوص ۽ انڪساري سان ڪچهري ڪري رهيو هو ليڪن سڪارگا جي اکين مان ساڙ، ڪينو ۽ نفرت صاف ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي. هو اسان کي مشڪوڪ ۽ غضبناڪ نگاهن سان گهوري رهيو هو. اسان جي سفيد رنگت ۽ بندوقن جي جادوءَ کان ٻين ماڻهن وانگر سڪارگا ڊنل ضرور هو پر هن جڏهن اسان کي عام ماڻهن وانگر کاڌو کائيندي ۽ ڪچهري ڪندي ڏٺو ته هن جي دل مان اسان جو رعب ۽ تاب رفو چڪر ٿي ويو. اها واقعي به ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه هئي. انڪري مان پنهنجي دل جو ڌڙڪو محسوس ڪرڻ کان رهي نه سگهيس.
“ ڪوارٽر مين!” کاڌي کائڻ کان پوءِ هنري چيو “ انهن ماڻهن کان پڇا ڪري ڏس ته اسان جو ڪو ماڻهو ته هتي ڪونه آيو هو؟ اگر آيو هو ته ڪيڏهان ويو ۽ زنده آهي به يا نه ؟”
“هنري! جلد بازيءَ کان ڪم نه وٺ اهڙي پڇا ڪرڻ جو وقت اڃان نه آيو آهي، وقت تي پاڻ ئي سڀ ڪجهه معلوم ٿي ويندو” مون سمجهايس.
اسان پائيپ دکايو ۽ آس پاس بيٺل ماڻهن ۽ انفادوس کي حيرت ۾ پوڻ جو هڪڙو ٻيو به موقعو ملي ويو. اسان جي واتان دونهون نڪرندو ڏسي اهي خوف ۽ حيرت کان ڪيترائي قدم پوئتي هٽي ويا. هن ملڪ ۾ تماڪ ته جام ٿو پيدا ٿئي پر هي تماڪ جي استعمال کان اڃان اڻواقف آهن.
مون انفادوس کان پڇيو ته پاڻ هتان ڪڏهن روانا ٿينداسين ۽ اهو ٻڌي مون کي واقعي به خوشي محسوس ٿيڻ لڳي ته ميلي جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ اسين سڀاڻ صبح سان روانا ٿينداسين. ٽواله کي اسان جي آمد جو اطلاع ڏيڻ لاءِ هڪ ماڻهو ڊوڙايو ويو. جيڪو هن وقت پنهنجي دارالحڪومت “لو” ۾ مقيم هو. ۽ اتي ساليانه ميلي جون تياريون زور شور سان جاري هيون. اهو ميلو اتي هر سال جُون جي مهيني ۾ منعقد ٿيندو آهي. سڄي ملڪ جا ماڻهو ميلي ۾ شريڪ ٿي مشهور رسم “ ڏائڻين جو رقص” ( جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو) ڏسڻ ايندا آهن.
اسان کي پرهه ڦٽيءَ جو ئي روانو ٿيڻو هو. انفادوس اسان سان گڏو گڏ هلڻو هو. ان جو خيال هو ته اگر رستي ۾ ڪو حادثو پيش نه آيو يا اگر نندين جو پاڻي چاڙهه ۾ نه هوندو ته پاڻ ٻئي ڏينهن شام ڌاري “لو” پهچي وينداسين. انفادوس ۽ سڪارگا کي موڪل ڏئي اسان کلن تي سڌا ٿي سمهي رهياسين. سمهڻ کان پهريائين مون ڏٺو ته امبوپا جهوپڙيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺو ڪجهه سوچي رهيو هو. ڪڏهن ته ان جو چهرو غصي مان لال ٿيندو ٿئي ويو ته ڪنهن مهل مرڪ هن جي چپن تي رقص ڪندي ٿي رهي. ننڊ منهنجي نيڻن ۾ لهي رهي هئي. ان ڪري امبوپا جي حالت تي غور نه ڪري سگهيس. ۽ خبر ناهي ڪيڏي مهل منهنجي اک لڳي وئي.