ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

مهاڳ : هڪ قصو مون ۾ گم ٿي ويو آهي

مان هڪ قصي ۾ گُم ٿي ويو آهان.
هڪ قصو مون ۾ گم ٿي ويو آهي.
ٻئي ڳالهيون ساڳي ڳالهه آهي.
ڳالهه آهي گم ٿي وڃڻ جي، گم ٿي وڃڻ ضروري آهي.
گم ٿي وڃڻ جو هڪ پنهنجو الڳ لُطف آهي.
ڪهاڻي يا قصي ۾ گم ٿيڻ.
ڪنهن خواب ۾ گم ٿيڻ.
ڪنهن جي نيڻن جي نديءَ ۾ گُم ٿيڻ.
ڪنهن جي ياد جي جهنگل ۾ گم ٿيڻ
گم ٿيڻ جو پنهنجو حسن آهي، رومانس آهي، راحت آهي. گم ٿيڻ بنان ڪجهه لڀڻ به ممڪن نه آهي، جيڪو زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪٿي گم نه ٿيو آهي، سمجهو اهو ڪڏهن پاڻ کي لڌو ئي ناهي. مان اڪثر گم ٿيندو رهيو آهيان، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. جيئن هينئر هينري رائڊر جي هن قصي ۾ گم ٿي ويو آهيان.
ان قصي جي گهاٽي جهنگل مان ڪڏهن ٻاهر نڪري به سگهندس الاءِ نه!
ڄڻ هڪڙو جهنگل منهنجي اندر ۾ ڦٽي پيو آهي.
۽ هڪڙو لق دق طويل صحرا منهنجي اکين ۾ جاڳي پيو آهي.
هڪ جهنگل هڪ صحرا هن ناول جي دنيا آهي.
جي اسين مڃون ۽ چئون ٿا ته هڪ ناول دراصل هڪ دنيا آهي، هڪ سڄو سارو دور آهي، زمانو آهي ته پوءِ اسان کي اهو به مڃڻو پوندو ته هڪ دنيا هڪ دور هڪ زماني و ٽ پنهنجو هڪ الڳ، منفرد ۽ مختلف جهان هوندو. ان جهان جي باشندن جا پنهنجا الڳ منهن مهانڊا هوندا، رنگ روپ هوندا، خواب هوندا، تعبير هوندا، لڙڪ، ٽهڪ، مُرڪون، سڏڪا، دعائون، پٽون پاراتا، گاريون، ڳالهيون، گفتا، اوڇنگارون ۽ اوسارا هوندا. ان جهان جون پنهنجون وليون هونديون، وڻ هوندا، ڌنار ۽ ڌڻ هوندا، پنهنجا ماپا ماڻ، قدر هوندا، پنهنجي سوچ، سمجهه هوندي، پنهنجون خوبيون خاميون هونديون، ميلا، ٺيلا هوندا. مطلب ته اُها دنيا هڪ مختلف دنيا هوندي. سندس اهو مختلف پڻوئي ان جو حسن هوندو.
بيشڪ هر ناول کي هڪ الڳ دنيا هجڻ گهرجي.
جي نه ته پوءِ ان ناول جو ڪهڙو مزو؟ ڪهڙو حسن؟ ڪهڙو فائدو؟
تخليق جو حسن آهي ئي ان جي انفراديت ۽ نواڻ ۾!
۽ هينري جو هي ناول هڪ الڳ دنيا آهي. هڪ جهان آهي.
توڻي جو هن ناول جي موضوعاتي دنيا توڻي ان جي پيشڪش يا Style پنهنجي پاڻ ۾ نئون يا جديد ناهي، جيئن Industerial Revolution جي ڪري ۽ Communication Development سان گڏ آرٽ ادب ۾ آيل جديد اظهاري لاڙن ۽ موضوعاتي نواڻ تي مشتمل تخليقون سامهون آيون آهن، پر هتي ناول جي دنيا جو رنگ توڻي اظهار جو انداز گهٽ اهم نه آهي. هي ناول پراڻي مڌ جهڙو پيارو ۽ وڻندڙ آهي. هن ناول ۾ هڪ قصو آهي.
قصو جنهن ۾ ڪنهن پُرسرار داستان جو حسن آهي.
اهو قصو هينري هڪ عظيم ۽ قديم قصاگو جيئن پڙهندڙن کي ٻڌائي حيرتن جي واديءَ ۾ پهچائي ڇڏي ٿو، اها حيرت خود هڪڙو حسن آهي، سرهائي آهي.
قصاگو ئي بذات خود هڪ عظيم آرٽ آهي. (اهي قصاگو ته آهن جيڪي ماضيءَ کي حال سان ۽ حال کي مستقبل سان ڳنڍيندا رهيا آهن) جنهن ۾ رڳو لفظ ۽ جملا ۽ انهن جو آواز ۽ شڪليون نه آهن پر انهن لفظن ۽ جملن جي ادائيگيءَ جو انداز به آهي، لهجو به آهي، ڪيفيت به آهي.
جيئن چيو ويندو آهي ته هڪ تخليقي جديد شاعر جي گهري حسناڪيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو به هوندو آهي ته ان وٽ پنهنجي ڪلاسڪ ادب خاص ڪري شاعريءَ جو گهرو مطالعو ۽ شعور هوندو آهي، بلڪل اهڙي طرح هڪ جديد افسانه نگار ۽ ناولسٽ لاءِ به انتهائي لازمي آهي ته اُن جو به ڪلاسڪ ادب خاص ڪري قصن يا داستانن جو مطالعو ڪيل هجي. ان مطالعي مان وٽس اها تخليقي سوجهه ٻُوجهه پيدا ٿيندي ته ڳالهه مان ڳالهه ڪيئن نڪرندي آهي، ڳالهه ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ٿيندي آهي ۽ ڪهڙا موڙ گذري، ڪهڙا رستا اُڪري، ڪهڙا منظر ماڻي ڪٿي ۽ ڪيئن وڃي ڇوڙ ڪندي آهي. ڳالهه جو ڳرُ ڪهڙي ڪناري تي هوندو آهي. ڳالهه ۾ تجسس، لِڪ، اُڃ جي ڪهڙي ۽ ڪيتري اهميت آهي.
توڻي جو هي دور داستان لکڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ ۽ پڙهڻ جو ناهي. هي جديد ڪهاڻي، افساني ۽ ناول جو دور آهي، جنهن جو تعلق پڙهڻ سان يا پڙهائڻ سان آهي، جن ۾ نئين زماني جي بدليل منظرن، سوچن، خيالن، خوابن، مسئلن ۽ مونجهارن جو اهڙي ئي انداز ۾ اظهار ٿئي ٿو، جهڙو انداز هن دور جو آهي. انساني ذهن جي گهڻ طرفي ڊوڙ، اڏام ۽ مونجهارن Complications جو اهڙي ئي انداز ۾ ذڪر ٿئي ٿو، جهڙو ان تخليق جو موضوع آهي، پر پوءِ به جيئن هر هڪ شعر ۾ بحرحال شاعري پڻو Poeticness جو هجڻ لازمي آهي. اهڙي طرح هر ڪهاڻي، افساني ۽ ناول ۾ به قصا گوئي جو عنصر انتهائي لازمي آهي ۽ رائيڊر هيگرڊ جو هي ناول جنهن کي پياري شاعر دوست علي نواز ڏاهري ڏاڍي سهڻي انداز ۾ اردوءَ مان ترجمو ڪيو آهي، هڪ خوبصورت داستان آهي، انساني محنت، جذبي ۽ بهادريءَ جو داستان.
ارنيسٽ هيمنگوي جي ناول Old man and the sea جيئان انساني همٿ جو اهڙو قصو، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي جذبي ۽ ماحول جي مختلف حالتن جا ڪيئي رنگ روپ ڏسڻ ۽ ماڻڻ لاءِ ملن ٿا، جنهن ۾ زندگي ۽ موت، اميد ۽ نااميدي، خوشي ۽ رنگ گڏ گڏ هلن ٿا. ڪٿي پڙهندڙ حيرت جو مجموعو بڻجي رهجي ٿو وڃي ته ڪٿي ڊپ ۾ سندس ساهه سُڪي ٿو وڃي.
ڪٿي سندس نگاهه ۾ طويل ساوا ميدان ڀرجي ٿا وڃن ته ڪٿي اڻ کٽ ريگستان جي اُس ۽ ڪوسي واريءَ ۾ پڙهندڙ پنهنجا پير سڙندا محسوس ٿو ڪري ته ڪٿي اُڃ جو احساس ڪنڊا ڪنڊا بڻجي نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿو پئيس ۽ هو فوري طور هڪڙو پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيئڻ ٿو چاهي... ڪٿي برفاب ميدانن ۾ هلندي هو پنهنجي بدن ۾ ڪنبڻي ٿو محسوس ڪري ته ڪٿي بک جي شدت ۾ پنهنجا آنڊا وٽجندي ٿو محسوس ڪري.
مون ڪنهن خوبصورت ليکڪ جو هڪ جملو پڙهيو هو ته:
“هڪ سٺي ناول جي اها نشاني آهي ته اُهو پڙهندڙن کي پاڻ مان گذاريندو آهي”
۽ هي ناول پڙهندي پڙهندڙ پاڻ کي هن ناول جي ڪُکِ ۾ محسوس ڪري ٿو، توڻي جو هي ناول به پاڻ ۾ هڪ دور ۽ هڪ دنيا کڻي اچي ٿو، جيئن هڪ ناول کي کڻي اچڻ گهرجي پر اهو لازمي ناهي ته اُها هڪ مڪمل دنيا هجي. هڪ مڪمل دور هجي، اهو هڪ ناول لاءِ ممڪن به ناهي، اها هڪ ناول مان توقع رکڻ به نه گهرجي. هڪ ناول کي هڪ ناول ئي سمجهي پڙهڻ گهرجي.
ناول کي به documentary يا تاريخ جو دستاويز نه هجڻ گهرجي، ته ان ۾ ڪا تبليغ، تقرير ۽ ڀاشڻ هجڻ گهرجي ۽ نه ئي سياسي پمفليٽ، پارٽي Menifesto يا نظرياتي بحثا بحثي جو نمونو، ناول کي بس ناول ئي هجڻ گهرجي. زندگي ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل احساسن جو تخليقي ۽ آرٽسٽڪ اظهار، جيڪو پڙهندڙ کي هڪ ڏٺل وائٺل دنيا مان به هڪ نئين، اڻ ڏٺل ۽ اڇوتي دنيا جو سير ڪرائي سگهي. رائيڊر هيگرڊ جو هي ناول پنهنجي جذيات Elements توڻي قليات Totality ۾ تخليقي ناول آهي، جنهن ۾ حقيقت نگاري ۽ افسانويت گڏ گڏ هلي ٿي، جنهن ۾ ويجهو ماضي ۽ ڏور ماضي پاڻ ۾ دامن گير نظر اچن ٿا، جنهن ۾ حقيقي ۽ افسانوي ڳالهيون پاڻ ۾ پيوند ٿيل آهن، جنهن ۾ ڪٿي سڌي سنواٽي ڪٿا جو/داستان جو عنصر نمايان آهي ته ڪٿي علامت نگاري جي آرٽسٽڪ حسناڪي چٽيل آهي. خزاني ۽ وڃائجي ويل ڀاءُ جي گڏيل ڳولا ۾ نڪتل ٽي چار ڪردار نئين دور جا رهواسي آهن، جن وٽ نئين دور جا هٿيار، نئين دور جي سمجهه، سياڻپ، گهرجون، لالچون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي، ته ساڳئي دور ۾ هوندي به ريگستانن جي طويل سفر تي ڏاڍو پري رهندڙ اهي ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي مزاج ۾ ۽ ڪپڙي لٽي توڻي اُٿڻي ويهڻي ۾ پراچين دور جا باشندا آهن، انهن جو پنهنجو الڳ ڪلچر آهي.
جلاد
بادشاهه.
وزير. شهزادا.
نيزا. ڀالا.
جادوگراڻيون.
ڌائڻيون.
هڪ پُرسرار دنيا جهڙو احساس رکندر شيون ۽ ڪردار هڪ ئي وقت پڙهندڙ لاءِ حقيقت ۽ سچائي به آهن ته افسانو ۽ علامت به آهن. علامت نگاري ادب جو اهو گهرو حسن آهي، جنهن کي وقت ميساري نه سگهندو آهي.
بلڪه ميسارڻ بدران ان کي وڌيڪ جرڪائيندو آهي. هر جملو ڀلي علامت نه هجي پر هر علامت هڪ جملو ضرور هوندي اهي، جنهن ۾ ڪيئي معنائون لڪل هونديون آهن.
مثال طور؛
ڇا ڏائڻيون ماضيءَ جي مٽيءَ ۾ دفن ٿي چُڪيون؟ هن وقت ڏائڻيون موجود نه آهن؟ ڇا اوهان سان ذاتي زندگيءَ ۾ ڪڏهن مائيءَ جي مهانڊي ۾ ڪا ڏائڻ ڪانه ٽڪري آهي؟
ارڙهين صدي جي هن ٻئي ڏهاڪي ۾ ڇا جلاد موجود نه آهن؟ مسجدن، مندرن، اسڪولن ۽ درگاهن ۾ خودڪش حملا ڪري معصوم انسانن کي ماريندڙ جلاد نه آهن؟ دولت، شهرت، طاقت ۽ اقتدار حوس جي بک ۽ مُبتلا “بادشاهه سلامت” ڇا هن دور ۾ موجود نه آهن؟ سازشي سوچ رکندر ۽ اُبتيون سُبتيون صلاحون ڏئي وقت جي حاڪمن کي پاڻ ۾ ۽ عوام سان ويڙهائيندڙ وزير ڪبير موجود نه آهن، جيڪي عوام تي سدائين ٿاڦيل رهندا آهن. سڄي دنيا کي پنهنجي پيءُ جو هٽ سمجهي لٽيندڙ ۽ غريب کي وڌيڪ غربت جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندڙ جادوگر جهڙو سرمائيدار ڇا هن صديءَ ۾ ناپيد آهي؟ ماضيءَ جو درٻاري دانشور، حڪمرانن جون ڪوڙيون تعريفون ڪندڙ تاريخ دان، شاعر ۽ اديب هن وقت اڻ لڀ آهن؟
ماضيءَ جون سڀ قبيح روايتون، ڪڌا ڪم ۽ ڪردار هن وقت به جيئن جو تيئن موجود آهن، جيئن ويجهي توڻي ڏور ماضيءَ ۾ موجود هئا، ته پوءِ رائيڊر هيگرڊ جو هي ناول به جيئن اڳ پنهنجي جاءِ تي “خاص” هو تيئن اڄ به ساڳيءَ طرح “خاص” ئي آهي.
لڳ ڀڳ پنجاهه کن ناولن ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن جي برطانوي ليکڪ سر هينري رائيڊر هئگرڊ (جنهن جي ناولن جي دنيا گهڻي ڀاڱي مهم جوئي Advanture تي آڌارت آهي) جي هن ناول تي جنهن جو وڻندڙ ٻوليءَ ۾ خوبصورت ترجمون ٿيل آهي، مون هڪ تعريفي دل سان پيار ڀري نگاهه وڌي آهي، ڇو جو مان فقط هڪ پڙهندڙ ۽ ڪهاڻيڪار آهيان. مان نفاد نه آهيان، ڪنهن به تخليق تي تنقيدي راءِ لکڻ جو ڪم فقط هڪ سٺي ۽ مستند نقاد جو ڪم آهي. سٺي ۽ مستند نفاد مان مراد آهي تنقيد جي ميدان ۾ ڀرپور ۽ گهڻ رخو علم ۽ مشاهدو رکندڙ اهڙو سچو، کرو ۽ ايماندار نقاد جيڪو نه رڳو گهڻ ــ پڙهيو پر گهڻ ــ ڪڙهيو به هجي ۽ وٽس ڪنهن به قسم جو ادبي تعصب، اناپرستي، ڏيکاءُ ۽ منافقي نه هجي، جو نقاد جو منصب ڏاڍو نازڪ آهي، هڪ سٺو نقاد ڪنهن تخليق جي خامين کي متوازن لب لهجي ۾ اشاريندو آهي ۽ ان جي خوبين کي وڏي ۽ کليل دل سان باآواز بلند اظهاريندو آهي ۽ گڏوگڏ ان تخليق ۾ عام اک کان اوجهل حسناڪيءَ جي لڪل ۽ ممڪن امڪانن کي به عيان ڪندو آهي، اُهو رڳو دنيا جي ٻين نفادن جي راءِ، ٻولي، Termnology ۽ فڪر تي ڀاڙڻ ۽ انهن جا نالا ۽ حوالا ڳڻائي ڏيکاءُ جو شڪار ٿيڻ بجاءِ پنهنجي سوچ ۽ راءِ جو سچائي ۽ بي باڪي سان اظهار ڪندو آهي.
انگريزي ناول Allan Quatermain جي سنڌي ترجمي “موٽڻ جنين مهڻو” جي اهميت کان انڪار نه ڪندي چئي سگهجي ٿو ته هينري جو هي ناول پنهنجي تخليقي گهرائي ۾ توڻي جو سندس ٻين ٻن ناولن she ۽ King soloman’s mines جي جوڙ جو ته خير نه آهي پر پوءِ به پڙهندڙ کي پاڻ ۾ گم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. حد کان وڌيڪ مهم جو ئي ڊرامائيت ۽ طوالت توڻي جو ناول جون خاميون آهن پر خوبيون لاتعداد آهن، هن ناول جون. پنهنجي هن مختصر مضمون کي سهيڙيندي آخر ۾ مان هن ناول جي هڪ ڪردار جا ڳالهايل جملا اوهان جي اڏو رکان ٿو، جيڪي جُملا پڙهي منهنجو سڄو ٿڪ لهي ويو آهي ۽ مان هن قصي ۾ گم ٿي ويو آهيان، هي قصو مون ۾ گم ٿي ويو آهي:
ٻُڌو اي بادشاهه ۽ سپاهيو.
ٻڌو اي ميدانئو، جبلئو ۽ نديئو،
ٻُڌو اي نوجوانو، پوڙهئو ۽ ڪنوارئو!
ٻُڌو هڪ هر جيڪو زندهه آهي ۽ مرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي.
خون خون خون.
خون جون نديون
چئو طرف خون ئي خون.
مان ان خون کي سنگهي سگهان ٿي.
خون زمين مان ڦوهارا ڪري ڦُٽي رهيو آهي.
آسمان مان خون جو مينهن وسي رهيو آهي.
چئوطرف تيز تيز قدمن جو آواز آهي.
مان سڃاڻان ٿي ته اهو الاءِ ڪٿان آيل
سفيد اجنبي قدمن جو آواز آهي.
ڌرتيءَ جي دل خوف ۾ ڌڙڪي رهي آهي.
چمڪندڙ ڳاڙهو رت هونءَ به ڏاڍو سٺو لڳندو آهي.
رت جي سڳنڌ مست ڪري ڇڏيندي آهي.
اهو رت چٽيندي شينهن گجگوڙون ڪندا آهن
۽ ڳجهون ان رت سان پنهنجا کنڀ ۽ پر ڌوئنديون آهن،
مان ڪراڙي آهيان، تمام ڪراڙي.
ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو ته منهنجي عمر ڪيتري آهي؟
توهان جا ڏاڏا، انهن جا ڏاڏا ۽ انهن جي به ڏاڏن
جا ڏاڏا مون کي سڃاڻندا هئا.
مان پهاڙن جيتري پراڻي آهيان.
مون وٽ علم جي لازوال دولت آهي.
مان ماضيءَ ۽ مستقبل کي آرسيءَ وانگر ڏسي سگهان ٿي.
مان اُها اڪيلي مقدس لافاني عورت آهيان،
جيڪا سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي.


منور سراج
نوابشاهه