ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

پنهنجي پاران : هر ناول نئين ڪائنات آ

زندگيءَ جي پرڪيف بهارن تي، جڏهن ڪي مهينا دوزخ جي ٽانڊن جهڙو قهر بڻجي ڪڙڪندا آهن، ته جيون جون ساريون موسون ئي مٽجي وينديون آهن، ۽ روح جا زخم ٽم ٽم ٿي نيڻن مان برسي پوندا آهن.
ايئن سال 2008ع جي جولاءِ، آگسٽ جا منحوس مهينا مون لاءِ ڏاڍا جيءُ جهوريندڙ رهيا، جو منهنجو ڀائرن جهڙو دوست ۽ دوستن جهڙو ڀاءُ مجيد (عبدالمجيد ڏاهري، ڳوٺ مئا ڇورا، نزد چودڳي، شاهپور چاڪر) جيڪو موبائل تي منهنجي واتان “هيلو ــ Hello” ٻڌندي گلاب جي گل جيان ٽڙي ۽ مهڪي پوندو هو،. آئون کيس سندس ڳوٺ اچڻ جو ٻڌائيندو هوس ته هن جو سارو وجود “انتظار ڀريون اکيون” بڻجي واٽن تي وڇائجي ويندو هو، سو عمر جي اڻپوري منجهند جي سفر ۾ ئي، ڪينسر جي ڪاري نانگڻ جا ڏنگ پنهنجي ڏيل تي سهي، PNS Shiffa Hospital ڪراچيءَ ۾، ڄڻ ته پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڀوڳي رهيو هو، ۽ بيرحم بيماري شعلو بڻجي هن جي زندگيءَ جي ڏيئي جي وَٽِ کي ڏاڍو تيزيءَ سان ساڙي ختم ڪري رهي هئي. اسين هن جا سڀئي پيار ڪندڙ، گهرڀاتي، مٽ مائٽ ۽ يار، دوست هانءُ هاري مايوس ٿي ويا هئاسين.
ٻئي طرف وري حيسڪو جي حرامخور مقامي آفيسرن جي نادر شاهي حڪمن تحت، غير سرڪاري طور هيٺئين ۽ خاص ڪري ٽيڪنيڪل اسٽاف جون ريزڪي موڪلون بند ڪيون ويون هيون. 100% رڪوري، چوريءَ تي ڪنٽرول، لائن لاسز تي ڪنٽرول سميت ساريون ذميواريون ٽيڪنيڪل اسٽاف مٿان مڙهيون ويون هيون، ۽ آفيسر آزاد ٿي مال ڪمائي، مٿي پهچائي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي رهيا هئا، نتيجي ۾ سياسي مداخلت، واڌو ۽ ڊٽيڪشن بلن جي ڀرمار ۽ اضافي لوڊشيڊنگ جي ڪري ملازمن سان هر جاءِ جهيڙا جهڳڙا معمول بڻيل هئا. هوڏهان آفيس ۾ اسڪول وانگر اسيمبلي (جيڪا ٻئي ڪنهن به کاتي ۾ ڪانه ٿيندي هئي) ٽيڪنيڪل ملازمن سان صبح شام ميٽنگون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڇاڻا، ٻه ٽي منٽ ليٽ ٿيڻ تي مسٽرول تي غير حاصريون، زباني ڇنڊ، شوڪاز، بدليون ۽ الاءِ ڇاڇا.... مڪمل چرٻٽ راڄ جو ڏيک.
صبح جو روز اسيمبليءَ کان پوءِ ٽيڪنيڪل اسٽاف سان ميٽنگ ٿيندي ۽ فرمان جاري ٿيندو ته: “شام ستين وڳي وري ميٽنگ ٿيندي، ضرور اچجو، نه اچڻ وارو پاڻ کي سسپينڊ سمجهي“، ۽ ان ستين وڳي واري ميٽنگ ۾ رات جا ڏهه، يارنهن به ٿي ويندا هئا. دڙڪا، داٻا، بيعزتي تنهن کان سواءِ.
اها ساري سختي ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڪندڙ مزدور ڪارڪنن سان هئي، باقي آفيسرن/يونين ليڊرن جا منظور نظر ماڻهو ڪنهن به پڇاڳاڇا، ميٽنگ يا ڊيوٽيءَ کان بلڪل آجا هوندا هئا. ڪوبه انهن کان پڇڻ وارو نه هوندو هو. انهيءَ صورتحال ۾ موڪل ملڻ جو ته تصور ئي ڪونه هو، خاص ڪري اسان جهڙن مولائي ماڻهن لاءِ، تنهن ڪري صرف آچر جو ڏينهن ئي ملندو هو جو مان پنهنجي محبوب دوست مجيد جي مزاج پرسءَ لاءِ ڪراچيءَ ويندو هوس ۽ ان سان ملي ڀنل نيڻن سان واپس ورندو هوس.
ايئن هڪ آچر تي شام جو سج لٿي مهل، اسپتال کان موٽندي، صدر ڪراچيءَ مان سڪرنڊ لاءِ شاليمار ڪوچ تي چڙهڻ کان اڳ هڪ ريڙهي تي اردو ڪتاب ڏسي رهيو هوس جو منهنجي نظر هڪ ناول تي پئي. هنري رائيڊر هيگرڊ جو ناول “گنجينه سليمان” حضرت سليمان جي خزاني جي ڳولا جو داستان.
ڪيئي سال اڳ فضل احمد بچاڻيءَ جا ترجمو ڪيل هنري رائيڊر هيگرڊ جا ٻه ناول “عاشي” ۽ “آسيه” به ڏاڍا وڻيا هئم، تنهن ڪري اهو ناول خريد ڪري شاليمار ڪوچ ۾ پڙهندو آيس، جيئن جيئن ناول اڳتي پڙهندو ويس تيئن تيئن ڄڻ ته ڪنهن مئه جا خمار چڙهندا پئي ويا. ناول پڙهندي وڃي نئين دنيا ۾ پڳو هوس، هڪ عجيب ۽ اڻڄاڻ دنيا، جتي جا پنهنجا رنگ روپ، قاعده ۽ قانون. مزاج ۽ موسمون.
هونئن به هر ناول جي هڪڙي پنهنجي ڪائنات هوندي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي حسناڪين جي سحر ۾ گم ڪري ڇڏيندي اهي، ۽ هن ناول جي ليکڪ جو اهو به هڪڙو پنهنجو آرٽ آهي ته هُو پنهنجي هر پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏوگڏ کڻي ٿو هلي ۽ پڙهندڙ کي اهي نت نوان نظارا ٿو پسائي جو پڙهندڙ پنهنجي وجود کي وساري هن ناول جو حصو بڻجو ٿو وڃي.
توڙي جو ادب ۾ منهنجي سڃاڻپ هڪڙي شاعر واري رهي آهي، پر مون ان وقت ئي ارادو ڪري ورتو هو ته جڏهن به حيسڪو جي “نون نادر شاهه” آفيسرن/يونين ليڊرن جي تاديبي فرمانن، ٽينشنن ۽ ٽارچرن کان آزاد ٿي رٽائرمينٽ ورتيم ته منهنجو پهريون ڪم هن ناول کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ هوندو.
هونئن ته ناول منهنجي پسنديده صنف رهيو آهي پر هن ناول جنهن جو اصلوڪو نالو ايلن ڪوارٽرمين Allan quarter main آهي، جنهن کي مون “موٽڻ جنين مهڻو” جو عنوان ڏئي ترجمو ڪيو آهي، جنهن ۾ حسين منظر نگاريءَ سان گڏ همتن، جرئتن ۽ جدوجهد جو لازوال داستان هجڻ سان گڏ مختلف موقعن تي اندر جي اظهار جي شدت جا عجيب منظر سمايل آهن.
پڙهندي ڪٿي ڀاءُ جي دل جي ڄِپيءَ جو تئُه ٿو محسوس ٿئي ته؛ “ڪير مون کي پنهنجي وڇڙيل ڀاءُ جو رڳو سهي ڏس پتو ئي ڏئي ته خدا جو قسم مان پنهنجي جائداد جو پورو اڌ ان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان”.
ڪٿي سامونڊي سفر ۾، جتي جهاز سامونڊي لهرن جون لپاٽون سهندي گهمرين ۾ اچي ٿو وڃي ته پڙهندڙ به پاڻ کي ڄڻ ته لهرن جي رحم ڪرم تي سمجهڻ ٿو لڳي، ۽:
سامونڊيڪو سڱ، آهي گوندر گاڏئون.
وانگر پڙهندڙ سراپا دعا بڻجي ٿو وڃي ته:
اتي اڻ تارُن، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.
ڪٿي وحشي درندن سان ڀريل آفريڪي گهاٽن جهنگلن جي سفر جا سور آهن، جتي سج جا ڪرڻا به زمين تي ڪونه ٿا پهچن ۽ ڏينهن به اوندهه رات ٿا لڳن، جتي ڏسائن جو ڪو ڏس پتو ئي ناهي. جتي وڻن جا پاند ۽ ٽاريون زهريلن جيتن ۽ چيلاٽن جي مانارن سان ڀريا پيا آهن. جتان لنڊيون لتاڙي اڳتي وڌڻو ٿو پوي، جتي نانگ، بلائون پاڻيءَ جي لهرن جيان پيرن مٿان گذري ٿيون وڃن، جتي شينهن، هاٿين، جهنگلي پاڏن سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن وحشي دردن جي آماجگاهن مان مٽيندي، انهن جي حملن کان پاڻ بچائيندي ساهه مٺ ۾ اچيو ٿو وڃي.
ڪٿي “پاڻي ناهي پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رڃ“، جهڙي ساڙيندڙ ۽ خونخوار رڻ ۾ پڙهندڙ پيرن سان گڏ پنهنجو وجود ساڙيندو، ٺوٺ زبان ۽ ڪنڊا ڪنڊا نڙيءَ سان، اڃ ۾ پاهه ٿيندو پڙهندڙ پاڻ کي موت جي قريب ٿو ڀانئي.
ڪڏهن برفاني پهاڙن جي پنڌ ۾، ڪنهن غار ۾ پاڻ کي ڄاڙيون کڙڪائيندي سيءَ ۾ سڪڙجندي ٿو محسوس ڪري.
ڪٿي انتقام جي آڳ جا شعلا ڀنڀٽ بڻجي ڪنهن جي دل جي پڪار بڻجي ٿا پون ته:
شهيد جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.
ڪڏهن خوني رقص دوران، ڏانئڻن جي نشاندهيءَ تي پرهندڙ پاڻ کي پنهنجي سيني مان ڀالو پار ٿيندو ٿو محسوس ڪري.
ڪٿي ڪنهن حسينا جون آهون ۽ درد ڀريون دانهون آهن، جيڪي پٿرن کي به پاڻي ڪرڻ جو ساهس رکن ٿيون پر ظالمانه دليون قياس کان خالي آهن.
ڪڏهن پڙهندڙ پاڻ کي رت جون نديون ۽ هزارين لاش لتاڙي، انتهائي خطرناڪ جنگ جي باهه ۾ ڪڏي ڪاهي پوندو ٿو محسوس ڪري. جتي:
وڙهيا ڪٽاريين ڪاتيين، بڙڇُون ڀال هڻن،
مردن مٿان رڪ جون ٿيون، تاوَ تراريون ڪن
مر سي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو اچن،
ڌڙ جنين جا ڌوڙ ۾، سڀ للهنگ پيا ليٽن،
عضوا اُمرائن جا، لوهُو منجهه لڙهن،
هڻ وٺ وائي وات ۾، ٻولي ٻي نه ڪن،
وڙهن ايئن سورما، جيئن ڳوڌا ڳاهه وهن،
جوڌي سندي جنگ کان، ٿا توبهه توبهه ڪن.
جهڙو نظارو آهي، جتان بچي نڪرڻ جي خوشيءَ جا کيپ آهن.
ڪٿي محبوبا ممتا جي جذبي سان سرشار ٿي، پنهنجو ننڊ، آرام ۽ ذهني سڪون قربان ڪري، پنهنجي زخمي محبوب کي سيڪيندي ٿي سونهن ۽ پوءِ سراسر ٻاجهه، خدمت ۽ چاڪري جي زندهه تصوير بڻجي ٿي وڃي. تڏهن سندس من ۾ خواهش جا گلاب ٽڙي ٿا پون ته “اي ڪاش اهي زخم جن منهنجو روح روت ڇاڻ ڪري ڇڏيو آهي. هُن جي بدن جي بدران منهنجي سرير تي هجن ها...!”.
ڪٿي ڍڳ هيرن ۽ جواهرن کي پسندي پڙهندڙ پنهنجون اکيون کيريون ٿو محسوس ڪري.
ڪٿي پهاڙن جي پيٽ ۾ زندهه دفن ٿيڻ جو خيال ايندي ئي پڙهندڙ پنهنجو هانءُ هٿن ۾ ٿو محسوس ڪري.
حيسڪو مان وقت کان اڳي رٽائرمينٽ وٺي لاڳيتو ٻه مهينا ڪتاب ترجمو ڪري، ري رائيٽ ڪيو اٿم.
آئون پنهنجي دل جي ڳالهه ڪريان ته جيترا دفعا پڙهيو اٿم، وري ترجمو ڪيو اٿم، ان کي فيئر ڪيو اٿم، ٻه دفعا پروف چيڪ ڪيا اٿم، ته هر دفعي هي ناول مون کي نئون لڳو آهي. هر دفعي مون ان مان خوب مزو ماڻيو آهي، هي ترجمو منهنجي پهرين ڪوشش آهي، ٻولي ڪيئن رهي آهي؟ نڀاهي سگهيو آهيان يا نه؟ اهو فيصلو پڙهندڙن تي ٿو ڇڏيان.
اميد ته منهنجو هي پيار جو پورهيو پڙهندڙن کي ڪنهن پرهه جي پياڪ جيان پراڻي مڌ جا خمار بخشيندو.


علي نواز ڏاهري
سڪرنڊ
11 اپريل 2018ع