حڪمران جي حضور ۾
ٻئي ڏينهن شام ڌاري اسان هڪ بلند مقام تي اچي ترسياسين، هيٺ اسان جي قدمن هيٺان ساوڪ ئي ساوڪ ۾ “لو” ڦهليل هو. اهو ڳوٺ ڪوڪوآنه ۾ سڀني کان وڏو ڳوٺ هو ۽ ان جي ڪنارن سان چوطرف خاص قسم جون چوڪيون ٺهيل هيون. جيڪي شايد سپاهين جون باريڪو ن هيون. ڳوٺ جي اتر طرف چنڊ جي شڪل جهڙو هڪڙو شاهي پهاڙ ڏور ڏور تائين ڦهليل نظر اچي رهيو هو.
“لو” کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي هڪ ندي وچان وهي رهي هئي. جنهن تي جڳهه جڳهه تي پليون ٻڌل هيون. ۽ ندي کان سٺ ستر ميل پري وڏا وڏا پهاڙ هئا، جن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل هيون.
“هي شاهي رستو انهن پهاڙن تائين پهچي پورو ٿيندو هو”، انفادوس انهن برف پوش پهاڙن ڏانهن اشارو ڪيو جيڪي ڪوڪو آنه ۾ “ ٽن ڏائڻن” جي نالي سان مشهور هئا.
“ اهو رستو اتي پهچي ڇو ٿو ختم ٿئي؟” بظاهر ته مون هڪڙو ڄٽڪو سوال ڪيو.
“ڪهڙي خبر سرڪار؟” انفادوس ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيندي جواب ڏنو. “ انهن پهاڙن ۾ ڪيترائي غار آهن ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو وڏو غار آهي ۽ هي غار اها جڳهه آهي جتي ڪجهه اهڙيون شيون آهن جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن جا وڏا هتي پهتا هئا، ۽ هتي هڪ جڳهه اهڙي به آهي، جيڪا “ موت جو ڪمرو “سڏ جي ٿي. جتي اسين پنهنجا مردا وڃي رکندا آهيون.”
“انفادوس! توهان جا وڏڙا ڪهڙي شيءَ جي تلاش ۾ آيا هئا؟”. مون وڏي چاهه مان پڇي ورتس
“اها ته مون کي خبر ناهي منهنجا آقا! باقي توهان ستارن کان ڪهي آيا آهيو. توهان ضرور اهڙي ڄاڻ رکندا هوندا”.
“ها بلڪل انفادوس!” مون جواب ڏنو” اسان ماضي ۽ مستقبل جي باري ۾ سمورا راز ڄاڻو ٿا. اسان جو علم ٻڌائي ٿو ته توهان جا وڏڙا انهن چمڪندڙ پٿرن جي تلاش ۾ آيا هئا جيڪي انهن پهاڙن جي غارن مان ڪنهن هڪ ۾ رکيل آهن.”
مون تيڏي اک سان انفادوس جي چهري جو جائزو ورتو ته منهنجن انهن لفظن جو ان تي ڪهڙو اثر پيو آهي.
“منهنجا آقا! توهان سچ پچ به وڏا ڪي ڏاها ۽ دور رس نگاهه آهيو”.
انفادوس سرد لهجي ۾ چوڻ لڳو” مان ته توهان جي مقابلي ۾ ڪورو مورو ڄٽ آهيان تنهن ڪري انهي جي باري ۾ ڪجهه نٿو ڄاڻان. ها باقي، منهنجا آقا! توهان کي ان حوالي سان گگول کان پڇڻ گهرجي جيڪا توهان جيئان ئي عقلمند آهي”.
انفادوس جي وڃڻ کان پوءِ برف پوش پهاڙن ڏانهن اشاروڪندي هنري کي ٻڌايم ته “ هنري! هوڏانهن ڏس اتي اٿئي خزانو”.
امبوپا جيڪو اسان جي پٺيان ئي بيٺو هو، سو طنزيه مرڪ مرڪندي چوڻ لڳو ته “ها ميڪو ميزن! انهن پهاڙن ۾ بيشمار خزانو اٿو ۽ توهان سفيد چمڙي وارن کي دولت ۽ هيرن جواهرن جي اهڙي ته انڌي حوس هوندي آهي جو انهن کي حاصل ڪري ئي دم پٽيندا آهيو.”
“ڇا مان پڇي سگهان ٿو ته توکي ڪيئن خبر پئي ته اتي خزانو موجود آهي؟” مون پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندي چيو.
“هاهاها...اهو مون هڪڙي رات خواب ۾ ڏٺو هو.” ۽ هو زهريلا ٽهڪ ڏيندو هليو ويو.
“هي امبوپا ڇا جي ڪري هر ڳالهه ۾ ٽنگ ٿو اڙائي” مون هنري کي چيو جنهن جواب ڏنو ته “اها ڳالهه يقيني آهي ڪوارٽرمين ته امبوپا هن ملڪ ۽ خزاني جي باري ۾ سڀ ڪي ڄاڻي ٿو. پر اهو ته ٻڌا:! هن منهنجي ڀاءُ جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ورتي؟ ڪا خبر پئي؟”
“امبوپا هر ان شخص کان، جيڪو ٿورڙو به اسان کان بي تڪلف ٿيو آهي، تنهنجي ڀاءُ جي باري ۾ خوب پڇا ڳاڇا ڪئي آهي مگر سڀني جو هڪ جواب آهي ته اسان توهان کان پهريائين اهڙو، توهان جهڙو ڪوبه انسان نه ڏٺو آهي”.
“ اسان جو ئي هِت پهچڻ وڏو معجزو آهي. ڪو هه سبا کي پار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ٿورو ئي آهي”. گڊ چوڻ لڳو” تنهنجو ڇا خيال آهي ته جارج بغير نقشي جي مدد جي هتي پهچي ويو هوندو؟”.
“اها ته مونکي به خبر ناهي” هينري چيو “باقي مونکي ڪجهه ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته مان پنهنجي ڀاءُ کي ڳولي ئي لهندس.”
سج لهندي ئي اوندهه ڪوڪوآنه تي پنهنجا پر پکيڙڻ لڳي. سج لهڻ بعد جيڪو هلڪو هلڪو سوجهرو ڪجهه وقت لاءِ ڇانيل هوندو آهي، سو هتي بلڪل به ڪونهي. جيئن ئي سج پهاڙن جي پٺيان ٽٻي ٿو هڻي، ڪوڪوآنه تي گهري اونداهي ڇائنجو وڃي. جيترو مفاصلو موت ۽ زندگي جي وچ ۾ رهي ٿو، اوترو ئي هتي روشني ۽ گگهه اونداهي وچ ۾ ٿو رهي.
چنڊ اڀريو ته چانڊوڪي ڪوڪوآنه جي منظرن کي وهنجارڻ لڳي، ۽ ڪوڪوآنه جا منظر خوبصورت نظر اچڻ لڳا. مون پنهنجي زندگي ۾ چند اهڙا منظر ڏٺا آهن. جيڪي ڪڏهن به نه وسري سگهندا. هڪ چانڊوڪي ۾ تاج محل جو نظارو ۽ ٻيو هي چانڊوڪيءَ ۾ ڪوڪوآنه جا منظر. چانڊوڪي ۾ ڪوڪوآنه جي نکريل هن حسن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڄڻ ته لفظ ئي کٽي ويا آهن.
“ منهنجا آقا! جيڪڏهن توهان چاهيو ته “لو” جي طرف نڪري هلون. جتي توهان جي ترسڻ لاءِ هڪ جهوپڙي مخصوص ڪئي وئي آهي.” انفادوس ايندي شرط چوڻ لڳو “ چنڊ اڀري چڪو آهي هاڻ رستو ڀلجڻ جو ڪو خدشو به نه آهي.”
هڪ ڪلاڪ بعد اسين “لو” جي صدر دروازي تي بيٺا هئاسين. کاهي تي پل ڪريل هئي. جتي هٿياربند سپاهي پهرو ڏئي رهيا هئا. انفادوس اڳتي وڌي ڪجهه مبهم لفظ چوڻ لڳو (جيڪي ڄڻ ته “لو” ۾ داخل ٿيڻ جو پاسپورٽ هئا).
“لو” جي مختلف محلن مان گذرندو انفادوس هڪ جڳهه تي اچي رڪيو، جتي هڪ احاطي ۾ چند جهوپڙيون ٺهيل هيون جيڪي اسان لاءِ مخصوص هيون، اسين احاطي ۾ داخل ٿياسين ته اسان کي خبر پئي ته اسان مان هر هڪ لاءِ جدا جدا جهوپڙي تيار ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ سڪي گاهه تي جانورن جون کلون وڇائي بسترا تيار ڪرايا ويا هئا. کاڌو شايد پهرين ئي تيار ڪيو ويو هو. جيئن ئي هٿ منهن ڌوئي فارغ ٿياسين ته چند نوجوان ڇوڪريون ڪاٺ جي پيالن ۾ ڀڳل گوشت ۽ اٻاريل ڀاڄيون کڻي اچي حاضر ٿيون.
ماني کائڻ بعد اسان خيال ڪيو ته هر ماڻهو جو جدا جدا جهوپڙي ۾ رهڻ خطري کان خالي نٿو ٿي سگهي. تنهنڪري اسان هڪ ئي جهوپڙي ۾ سڀني لاءِ بسترا لڳائڻ جو حڪم ڏنو . ان حڪم تي اسان جون خدمتگار ڇوڪريون ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳيون. بحرحال انهن جي ٽهڪن تي اسان غور ئي نه ڪيو ۽ پنهنجن بسترن تي سمهي پياسين.
صبح جو سج ڪافي مٿي چڙهي آيو جو منهنجي اک کلي. اسان جون خدمتگار ڇوڪريون جن کي لڳو ٿي ته ڪو شرم حياءَ ئي ڪونه هو، سي اسان جي ڪپڙن بدلائڻ لاءِ تيار بيٺيون هيون
“اسان کي ڪهڙا ڪپڙا بدلائڻا آهن” گڊ بڙ بڙ ڪرڻ لڳو “ مان ته بس هڪ عدد جوتن جي جوڙي، ڪڇي ۽ قميس ۾ ڏينهن گذاري رهيو آهيان، يار ڪوارٽرمين! خدا کي مڃ مونکي پنهنجي پتلون ته واپس وٺي ڏي”.
پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته گڊ جي پتلون ته الاءِ ڪيڏي مهل بادشاهه جي خدمت ۾ پهچائي وئي آهي. جيڪو اڄ اسان سان ملاقات ڪرڻ وارو آهي.
اسان ڇوڪرين کي موڪل ڏئي وهنجي سهنجي تيار ٿياسين، جو گڊ ويٺي پنهنجي هڪ طرفي ڏاڙهي ٺاهڻ لڳو، هاڻ ٻئي طرف وڌيل ڏاڙهي ڪوڙڻ وارو ئي هو جو مون ۽ هنري وڏين ڪوششن ۽ خوشامدين سان کيس ائين ڪرڻ کان مس وڃي روڪيو.
اسان صبح جو ناشتي کان فارغ ٿي پائپ دکائي ئي مس ويٺاسين جو انفادوس اچي اطلاع ڏنو ته اگر توهان چاهيو ته بادشاهه هن مهل ئي توهان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان به ساڻس ملڻ لاءِ ايترا ئي مشتاق هئاسين جيترو هو اسان سا ملڻ لاءِ مشتاق هوندو. ليڪن مون سوچيو ته جيڪڏهن اسان بادشاهه سان ملڻ لاءِ ايڏو اشتياق ظاهر ڪيو ته شايد انهيءَ جو اثر هنن ماڻهن تي الٽو پوي. تنهنڪري مون انفادوس کي چيو ته سج ٿورو مٿي چڙهي ته پوءِ اسين بادشاهه جي حضور ۾ هلنداسين.
ڪلاڪ کن کان پوءِ هلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين. ظاهر آهي ته اسان کي بادشاهه جي حضور ۾ ڪجهه تحفه پيش ڪرڻ گهرجن. تنهنڪري اسان پنهنجي مختصر سامان مان مرحوم وينٽا جي رائفل ۽ گولين جي هڪ پيتي بادشاهه لاءِ کنئيسين ۽ انفادوس جي رهبري ۾ بادشاهه جي دربار ڏانهن پنڌ پياسين. امبوپا به اسان سان گڏ هو.
تقريبن سئو گز هلڻ کانپوءِ اسان هڪ ميدان جي ويجهو پهتاسين جتي چوطرف واڙي وانگر سڪل گاهه ۽ ڍنگرن جو لوڙهو ڏنل هو ۽ ان سان لڳو لڳ جهوپڙين جي هڪ ڊگهي قطار هلي ٿي وئي. انفادوس ٻڌايو ته انهن جهوپڙين ۾ ٽواله جون راڻيون رهنديون آهن. واڙي جي دروازي سامهون ميدان جي هڪ سري کان هڪ وڏو جهوپڙو ٺهيل هو. جيڪو ٽواله جو محل هو. ان وڏي جهوپڙي جي سامهون کليو ميدان سپاهين سان کچاکچ ڀريل هو . جن جو تعداد ست اٺ هزار کن هوندو. سپاهي قطارن ۾ بيٺا هئا ۽ انهن جي وچان رستو ڇڏيل هو. سڀ سپاهي ڪنڌ جهڪايو بيحس و حرڪت خاموش بيٺا هئا. جهڙا شيشم جا مجسما هجن. انهن جي وچان هلندي اسين ٽواله جي وڏي جهوپڙي وٽ پهتاسين. اتي به هڪ ننڍو ميدا ن هو، جتي ڪجهه اسٽول ۽ ٽپايون رکيون هيون. انفادوس جي اشاري تي اسان انهن مان ٽن ٽپائن تي ڄمي ويهي رهياسين. امبوپا اسان جي پٺيان بيهي رهيو ۽ انفادوس به ادب سان جهوپڙي جي دروازي تي بيهي رهيو. چوطرف گهري خاموشي ڇانيل هئي. ميدان ۾ بيٺل سپاهن جون نگاهون اسان تي مرڪوز هيون، جيڪي مون کي سُيُن جيان جسم ۾ چڀندي محسوس ٿيڻ لڳيون، ۽ مون بيچيني مان پنهنجي پاسو بدلايو. وقت جهڙوڪر هڪ جاءِ تي ڄمي بيهي رهيو هو .
نيٺ جهوپڙي جو دروازو کليو، ڪلهن تي شينهن جي کل پاتل هڪ ديوقامت شخص ظاهر ٿيو. ان جي پويان سڪارگا ۽ انهي جي پٺيان پوڙهي باندري جهڙي هڪڙي عجيب الخلق جهڙي شيءَ ظاهر ٿي.
ديو قامت شخص هڪ ٽپائي تي اچي ويهي رهيو، سڪارگا ان جي پٺيا وڃي بيٺو ۽ اها پوڙهي باندري جهڙي بدنما مخلوق چوپاين جيئان رڙهندي جهوپڙي جي پاڇي ۾ زمين تي ويهي رهي.
ديوقامت شخص ڪلهي تان شينهن جي کل لاهي ٽپائيءَ تان اٿي بيهي رهيو. واقعي ئي انهي ڊيل ڊول ۽ رنگ ڍنگ جهڙو ماڻهو اسان جي نگاهن اڳيان ڪڏهن به نه گذريو هو. ان جا چپ تمام ٿلها ۽ چهري تي هڪڙي اک چمڪي رهي هئس ۽ ٻئي اک جي جڳهه چهري تي صرف هڪ کڏو هئس. پهرين نظر ۾ ئي اهو شخص وڏو ظالم ۽ وحشي معلوم ٿي رهيو هو. جيڪو پنهنجي مٽ جهڙي مٿي تي اٺ پکي جي کنڀن جو تاج پايو بيٺو هو. جسم تي انتهائي سنهڙين زنجيرن جي ٺهيل زرهه پاتل هئس. گوڏن کان مٿي چيلهه تائين ڏاندن جا سفيد پڇ گهاٽا ٻڌل هئس، ڪنڌ ۾ ٿلهي سونهي زنجير ۽ هٿ ۾ وزني نيزو هئس، ۽ دانگي جهڙي ڪاري پيشاني تي ٻڌل اڻتراشيل هيرو چمڪي رهيو هئس.
اچانڪ ان ديو قامت شخص، جيڪو حقيقت ۾ ٽواله هو، پنهنجو نيزو بلند ڪيو ۽ ان جي جواب ۾ ست اٺ هزار نيزا هوا ۾ بلند ٿيا ۽ فضا “ڪوم، ڪوم” جي آوازن سان گونجي اٿي. اهو شاهي سلام ٽي دفعا ورجايو ويو ۽ هر دفعي فضا ايئن ئي گونجي اٿي.
“ با ادب...با ادب” هڪڙو سنهڙو اڻوڻندڙ آواز آيو. اهو آواز انهي وڏي جهوپڙي جي ڇانوَ ۾ ويٺل ان پوڙهي بدشڪل باندري جو هو “ باادب- ولي نعمت توهان جي روبرو آهي
“ با ادب...با ادب” ست اٺ هزار سپاهين جي واتان جواب اچڻ لڳو ۽ پوءِ قبر جهڙي خاموشي ڇانئجي وئي. جو اوچتو “ ڇنن...” جو آواز آيو ۽ اسان جي کاٻي پاسي بيٺل هڪ نوجوان سپاهيءَ جي هٿ مان اوچتو سندس ڍال ڇڏائجي ڪري پئي. ٽواله مئل ٻڪر جهڙي بينور اڪيلي اک نوجوان سپاهيءَ طرف گهمائي.
“هيڏي آءُ” ٽواله پنهنجي بيسري آواز ۾ حڪم ڏنو. چڱڙي صورت وارو اهو نوجوان سپاهي صف مان نڪري اسان جي سامهون اچي بيهي رهيو.
“اها ڍال توکان ڪري آهي؟” ٽواله ڪڙڪو ڪيو” ڪميڻا، ڪتا! تون ستارن کان آيل مهمانن سامهون منهنجي بيعزتي ڪرائڻ ٿو چاهين. هان؟”
نوجوان جو رنگ هيڊو ٿي ويو” غلطي ٿي وئي ان داتا”.
“هون،،، غلطي ٿي وئي، توکي انهيءَ غلطي جو مزو هاڻي ئي چکڻو پوندو . جو تو منهنجي وقار کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي”.
“مان توهان جو ادنيٰ غلام آهيان. منهنجي هيءَ غلطي معاف ڪئي وڃي ان داتا”.
“سڪارگا!” ٽواله رڙ ڪئي” مان ڏسڻ ٿو چاهيان ته تنهنجن ٻانهن ۾ ڪيترو ٻل آهي. اچ... هن ملعون تي پنهنجي طاقت آزماءِ”.
سڪارگا پنهنجن چپن تي غليظ مسڪراهٽ ٽيڙي اڳيان وڌيو ۽ پنهنجو نيزو هوا ۾ بلند ڪيو ته نوجوان يڪدم پنهنجو منهن کڻي هٿن سان ڍڪيو ۽ بنا چرپر جي هڪ جاءِ تي ڄمي بيهي رهيو. سڪارگا نيزو گهمائي گهمائي ان نوجوان جي ڇاتيءَ تي وهائي ڪڍيو. نيزي جي نوڪ نوجوان جي پٺيءَ مان آرپار گذري چمڪڻ لڳي. نوجوان پنهنجا هٿ هوا ۾ اڀا ڪيا ۽ پوءِ بنا ڪنهن دانهن ڪرڻ جي زمين تي ڪري پيو ۽ ٿڌو ٿي ويو.
غريب تي ٽواله جو خوف ايتري قدر ته ڇانيل هو جو مرندي وقت ۽ زخم جي تڪليف کان به هن جي واتان ڪا دانهن نه نڪري سگهي. اسين ششدر ٿيو، بت بڻيا ويٺا رهياسين.
سپاهين جي گروهه ۾ ڀڻ ڀڻ ٿيڻ لڳي ۽ جلدي پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي. الميو ختم ٿي ويو ۽ اسين حيران هئاسون جو هي نوجوان ڪجهه ئي منٽ اڳ زندهه بيٺو هو. هنري بيصبري مان اٿيو ۽ انگريزيءَ ۾ هڪ ڪچي گار ڏئي ڪڍيائين ۽ پوءِ گهري خاموشيءَ کان متاثر ٿي غصي مان وڌيڪ گاريون ڏيڻ لڳو.
“واهه سڪارگا واهه... شاباش.” ٽواله چيو “ هن لاش کي هتان کڻي وڃي ٻاهر ڦٽو ڪريو”.
چار ماڻهو صف مان نڪتا ۽ لاش کڻي هليا ويا.
“هن جي غليظ خون جا هي داغ به مٽايو” پوڙهي باندريءَ جهڙي بدشڪل چيو. فوراً هڪ ڇوڪري جهوپڙيءَ جي پرئين پاسي کان رک سان ڀريل ٿالهه کڻي آئي ۽ ڄميل ڳاڙهي رت تي ڇڙڪائڻ لڳي. هنري ان واقعي کان ڪاوڙ ۾ اچي پاسا ورائڻ لڳو. ۽ ذري ذري هن جو هٿ پنهنجي پستول ڏانهن وڌي ٿئي ويو ۽ هو اٿيو اٿيو ٿئي ويو. جنهن کي اسان وڏي مشڪل سان پئي ويهاريو.
“ ويهي رهه هنري! خدا کي مڃ ويهي رهه” مون التجا ڪيس ته “ تو ٿورڙي به غلطي ڪري وڌي ته پاڻ لاءِ جانيون بچائڻ به وڏو مسئلو ٿي ويندو”.
هنري وٽ سٽ کائي ويهي رهيو.
جڏهن رت جا داغ ڌوپي ويا ته ٽواله اسان سان مخاطب ٿيو.
“سفيد انسانو!” هن چيو “ توهان ڪٿان کان ۽ ڇاجي لاءِ آيا آهيو، مون کي اها ته خبر ناهي پر پوءِ به مان توهان کي خوش آمديد چوان ٿو”.
“اسين ڪوڪو آنه جي شاهه جو شڪريو ٿا ادا ڪريون” مون جواب ڏنو.
“سفيد انسانو! توهان ڪٿان کان آيا آهيو ۽ ڪهڙي مقصد سان آيا آهيو؟”
“اسين ستان جي دنيا کان آيا آهيون ۽ صرف هن ملڪ کي ڏسڻ ۽ گهمڻ آيا آهيون ۽ ڪهڙي طرح هت پهتا آهيون، اهو وڏو داستان آهي جيڪو نه پڇو ته بهتر”
“توهان هڪڙي معمولي ملڪ کي ڏسڻ لاءِ هيڏو پنڌ ڪيو آهي! ۽ هيءَ ماڻهو؟” هن امبوپا ڏانهن اشارو ڪيو “ ڇا هيءَ به ستارن جي دنيا کان آيو آهي”.
“جي ها! ستارن جي دنيا ۾ توهان جي رنگ جهڙا ماڻهو به موجود آهن. مگر اي بادشاهه! جيڪي ڳالهيون توهان جي سمجهه کان ئي بالاتر هجن تن جي باري۾ وڌيڪ نه پڇو ته بهتر”.
”ستارن جا رهواسيو! توهان وڏا ڪي آڙيڪاپ آهيو” ٽواله اهڙي لهجي ۾ چيو جيڪو مون کي بلڪل به پسند نه آيو.
“ توهان اهو نه وسارجو ته توهان هن وقت منهنجي ملڪ ۾ آهيو ۽ ستارا هتان کان پري ۽ تمام پري آهن. اگر مان توهان کي به هن نوجوان وٽ جنهن جو لاش اڃان هاڻي هاڻي کڻيو ويو آهي، پهچائي ڇڏيان ته توهان ڇا ٿا ڪري سگهو. ۽ اهو ڪم منهنجي هڪ ننڍڙي اشاري تي سرانجام ٿي سگهي ٿو”.
“ هاهاها،،،” مان وڏا ٽهڪ ڏئي زور سان کلڻ لڳس. حالانڪه اها منهنجي ظاهر ۽ ڪوڙي کل هئي ۽ منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي.
“ هر ٻُوڙي ۾ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي هٿ وجهڻ حماقت هوندي آهي، متان انهيءَ ٻوڙي ۾ ڪو نانگ ويٺو هجي ۽ توهان کي ڏنگي وجهي، ان ڪري مان توهان کي خبردار ٿو ڪريان ته توهان اگر اسان جي وار کي به ڇهيو ته توهان جي ملڪ تي مصيبتن جا پهاڙ ڪري پوندا. ڇا توهان جي ماڻهن توهان کي اسان جي بيپناهه طاقتن جي باري ۾ نه ٻڌايو آهي؟” مون انفادوس ۽ سڪارگا ( جيڪو پنهنجي نيزي سان ظلم جا نشان مٽائي رهيو هو) طرف اشارو ڪيو. “ ڇا انهن ماڻهن توهان کي ڪجهه به نه ٻڌايو آهي. بادشاهه! سچ ٻڌاءِ توهان پهريائين ڪڏهن هن جهڙا ماڻهو ڏٺا آهن”. مون گڊ طرف اشارو ڪيو. جنهن جي شڪل ۽ صورت ان وقت اهڙي ته عجيب هئي جو ٽواله ته ڇا پر ڪنهن بني بشر به نه ڏني هوندي
”نه، مون واقعي به اهڙو عجيب غريب ماڻهو اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو آهي”. ٽواله نفرت آميز نگاهن سان گڊ ڏانهن ڏسندي چيو.
“ڇا انفادوس ۽ سڪارگا توهان کي نه ٻڌايو آهي ته ڪهڙيءَ طرح اسان پري کان ئي ماڻهن تي موت مسلط ڪري سگهون ٿا؟.
“بيشڪ انهن مون کي سڀ ڪجهه ٻڌايو هو پر مان ٻڌل ڳالهين تي يقين نه ڪندو آهيان، جيڪڏهن توهان پنهنجي دعويٰ ۾ سچا آهيو ته سامهون بيٺل سپاهين مان ڪنهن هڪ کي ماري ڏيکاريو”.
”نه بادشاهه سلامت! اسان صرف سزا طور ئي ڪنهن انسان جو خون وهائيندا آهيون. ڪنهن بيگناهه کي قتل ڪرڻ اسان لاءِ سڀ کان وڏو گناهه آهي. ها، باقي جيڪڏهن توهان کي اسان جو امتحان وٺڻو آهي ته توهان پنهنجي خدمتگارن کي چئو ته ڪو ڏاند ڪاهي اچن، جنهن کي ڳوٺ جي صدر دروازي وٽ اچي بيهارين، جنهن کي اسين ويهن گزن جي فاصلي تان ماري ڏيکارينداسين.
”نه، ڪنهن انسان کي ماري ڏيکاريو ته پوءِ مان يقين ڪريان” ٽواله کلڻ لڳو. “ اڇا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو”. مون سوچيو ته سڌين آڱرين سان گيهه نه نڪرندو. “ اي بادشاهه! تون پاڻ ئي انهيءَ کليل ميدان مان، انهيءَ دروازي ڏانهن وڃي ڏيکار، تنهنجا قدم اڃان دروازي جي چائنٺ کي ئي نه ڇهندا جو تون مري پوندين. اگر تون مرڻ نٿو چاهين ته پنهنجي پٽ سڪارگا کي موڪل ته هو دورازي طرف وڃي ڏيکاري” ( ۽ اگر مان هن وقت سڪارگا کي ماري وڌو ته مون کي وڏو روحاني سڪون حاصل ٿيندو) منهنجي انهيءَ تجويز تي سڪارگا ڊپ مان دانهن ڪري وٺي جهوپڙي ڏانهن ڀڳو. ٽواله به غصي مان پنهنجا چپ چٻاڙڻ لڳو.
منهنجي اها تجويز انهيءَ کي ماڳهين پسند نه آئي هئي.
“چڱو ٺيڪ آهي، ڏاند آندو وڃي”.
ٻه سپاهي تيزيءَ سان ڀڳا ۽ نظرن کان اوجهل ٿي ويا.
“ هاڻ هنري! تنهنجو وارو آهي. تون نشانو وٺ”. مون چيو “جو مان هن چٻَ کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اسان جي هن گروهه ۾ رڳو مان اڪيلو ئي جادوگر ناهيان، اسان سڀ هڪٻئي کان وڌيڪ طاقتن جا مالڪ آهيون”.
“ڪٿي منهنجو نشانو خطا نه ٿي وڃي يار”. هنري ايڪسپريس بندوق سنڀاليندي چيو. “ نه هنري! تنهنجو نشانو خطا ٿيڻ نه کپي. پهرين گولي گسين ته ٻي هڻجان ۽ جڏهن ڏاند ڏيڍ سئو گز پري هجي ته ان جي ڪنهن ويڪري حصي تي نشانو وٺي گولي هلائجان!. سمجهئي”.
سڀ ماڻهو چپ چاپ بيٺا هئا.
ڳوٺ جي دروازي کان هڪڙو ڏاند ڊوڙندو ميدان ۾ آيو جيڪو ماڻهن جي هيڏي ميڙ کان ٽهي بيهي رهيو ۽ پوءِ وري پوئين پير مڙيو ۽ هڪ طرف هلڻ لڳو.
“هاڻ موقعو اٿئي” مون هنري کي ڪن ۾ چيو، هنري بندوق اڀي ڪئي” ڊز” ۽ ڏاند سٽجي اچي ڪريو. گولي ان جي پاسرين ۾ لڳي هئي. ادب مان بيٺل هزارين سپاهين جي واتان ڊپ ۽ حيرت مان دانهون نڪري ويون.
“ڪو ڪو آنه جا بادشاهه! هاڻ ٻڌاءِ؟ ڇا اسان ڪوڙ ٿي ڳالهايو؟” مون چيو .
“نه سفيد انسانو! توهان ڪوڙ نٿي ڳالهايو”.
“ته ٻڌ ٽواله! تو پنهنجي اکين سان اسان جو ڪرشمو ڏسي ورتو. ۽ يقين ڪر ته اسان هت ڪنهن لڙائي جهڳڙي جي ارادي سان نه آيا آهيون”.
مون بندوق اڀي ڪئي.” هيءَ اندران پوري هڪڙي لٺ آهي. هن سان توهان به اسان وانگر پري کان ئي ڪنهن کي قتل ڪري سگهو ٿا. تنهنڪري مون هن تي پنهنجو علم پڙهي دم ڪري ڇڏيو آهي. ترس ته توکي ڪجهه وڌيڪ به ٻڌايان. هاڻ توهان ڪنهن سپاهيءَ کي حڪم ڏيو ته هو پنهنجو نيزو اهڙيءَ طرح زمين ۾ کوڙي جئين ان جو ڦر مٿي ئي رهي”چند منٽن ۾ نيزو زمين ۾ کوڙيو ويو.
“ هاڻ ڏسجو، مان هتان ئي بيهي نيزي کي ڪئين ٿو ٽوڙيان ۽ پوءِ چڱي طرح نشانو ٻڌي بندوق هلايم “ ڊز “ ۽ نيزي جو ڦر ٽٽي وڃي پري ڪريو ۽ مجموعي ۾ وري آواز بلند ٿي ويا.
“ٽواله ! هيءَ جادو ئي نالِي اسان توکي تحفه طور پيش ٿا ڪريون ۽ گڏوگڏ توکي اهو به ٻڌايون ٿا ته ان کي استعمال ڪهڙي طرح ڪجي. مگر ياد رکجان ڪڏهن به ڀلجي هن آسماني جادو کي زمين جي ڪنهن به بيگناهه انسان تي نه آمائجان-جيڪڏهن ائين ڪيئي ته پوءِ هن ناليءَ جي جادو جو اثر الٽو توتي ئي ٿيندو”. مون امبوپا کان رائيفل وٺي ٽواله کي پيش ڪئي.
ٽواله رائيفل کي وڏي احتياط سان سنڀالي پنهنجي پيرن وٽ رکيو. جهوپڙي جي پاڇي وٽان پوڙهي باندريءَ جهڙي مڪروهه شڪل چوپاين وانگر رڙهندي بادشاهه ڏانهن وڌي ۽ وڏي مشڪل سان اچي اڀي پير بيهي رهي. ۽ پوءِ ان پنهنجي چهري تان پاتل کل به لاهي ڇڏي ۽ پوءِ اسان هڪڙي عجيب غريب انساني شڪل ڏٺي جيڪا تمام جهور پوڙهي عورت هئي، جنهن جو چهرو سڪڙجي هڪ سال جي ٻار جيترو ٿي ويو هو، ۽ ان جي چهري تي گهنجن ۽ جهرين جو ڄڻ ته ڄار وڇايو پيو هو. گهنجيل منهن جي وچ تي ناليءَ وانگر وات هوس ۽ ان جي هيٺان کاڏي. جيڪا نوڪدار ٿي اڳتي وڌي آيل هئس. لڳو ائين پئي ته هي ڄڻ ته ڪو سالن کان دفن ٿيل مردو قبر مان ٻاهر نڪري آيو هجي. ان جي چهري تي نڪ ته هو ئي ڪونه جنهن جو ذڪر ڪجي. زرد پيشانيءَ جي هيٺان ٻه سفيد اکيون ڦرڙائي رهي هئي. جن مان بيپناهه شيطانيت بکي رهي هئي. ان جو مٿو بلڪل گنجو هو ۽ کوپڙيءَ تي گهنج ءٌ جهريون ائين هئس ڄڻ ته هن جي مٿي تي سوين سانپا چنبڙيل هجن. اها اهڙي ته هيبتناڪ ۽ نفرت انگيز هئي جو گهڙيءَ پل لاءِ اسان تي به خوف طاري ٿي ويو. اها ڪجهه دير تائين خاموش بيٺي رهي ۽ پوءِ هن پنهنجو سڪل هٿ ( جنهن جي آڱرين تي هڪ هڪ انچ جا گندا ۽ غليظ ننهن هئا) ٽواله جي ڪنڌ تي رکيو ۽ نهايت ئي تيز ۽ سنهي آواز ۾ پنهنجي بڪواز شروع ڪئي.
“ٻڌو اي بادشاهه ۽ سپاهيو!
ٻڌو اي ميدانو، پهاڙو ۽ نديو!
ٻڌو اي ڪوڪو آنه جون بيجان جهوپڙيو! اي طوفان، اي ڌنڌ!
ٻڌو اي نوجوانو، پوڙهئو ۽ ڪنوارئو!
ٻڌو هر هڪ جيڪو زندهه آهي ۽ جيڪو مرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي!
ٻڌو! منهنجو نالو گگول آهي. سمجهي ڇڏيو ته زندگيءَ جي موج ۽ روح مون ۾ موجود آهي. اڄ مون کي غور سان ٻڌو! جو مان ڪجهه پيشنگويون ٿي ڪريان”.
ان جو آواز ٻڌي اسان تي سڪتي جو عالم طاري ٿي ويو.
“خون، خون، خون.
خون جون نديون، چوطرف خون ئي خون.
مان ان خون کي سنگهي سگهان ٿي.
زمين مان خون ڦوهارا ڪري ڦٽي رهيو آهي.
آسمان مان خون جي برسات وسي رهي آهي.
چوطرف تيز تيز قدمن جو آواز اچي رهيو آهي.
۽ مان سڃاڻان ٿي ته الائي ڪٿان کان ڪهي آيل سفيد اجنبي قدمن جو آواز آهي اهو.
ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي دل خوف وچان ڌڙڪي رهي آهي.
سرخ چمڪندڙ خون هونئن به ڏاڍو سٺو لڳندو آهي.
ان جي خوشبوءَ صفامست ڪندڙ هوندي آهي.
شينهن انهيءَ خون کي چٽيندي گجگوڙيون ڪندا ۽ ڳجهون پنهنجن پرن ۽ کنڀن کي انهيءَ مقدس خون سان غسل ڏينديون.
مان ڪراڙي آهيان، تمام ڪراڙي.
مگر مرڻ کان اڳ ۾ هڪڙو ٻيو به خون ڏسندس.
ڪير ٻڌائي سگهي ٿو ته منهنجي عمر ڪيتري آهي؟
توهان جا ڏاڏا مون کي سڃاڻيندا هئا.
انهن جا ڏاڏا به مون کي سڃاڻيندا هئا.
۽ انهن جي ڏاڏن جا ڏاڏا به مون کي سڃاڻيندا هئا.
مان پهاڙن جيتري پراڻي آهيان.
مان سفيد انسانن جي خواهش جي باري ۾ به ڄاڻان ٿي.
منهنجي علم جي دولت لازوال آهي.
توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته هي شاهي رستو ڪنهن ٺاهيو آهي؟
ٻڌايو ته پهاڙي چوٽين تي ٺاهيل تصويرن جو خالق ڪير آهي؟
۽ اهو به ٻڌايو ته اهي ٽي خاموش ديوتا ڪير آهن. جيڪي هڪ غار ۾ ويٺا هيٺ ڏسي رهيا آهن”. ۽ هن انهن ٽن پهاڙن ڏانهن اشارو ڪيو جيڪي اسان گذريل رات ڏٺا هئا.
“اهو سڀ ڪجهه مان ئي ڄاڻان ٿي. مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي. منهنجي نگاهن کان ڪابه شي پوشيده ناهي.
مون کي انهن واقعن جو به علم آهي، جيڪي گذري چڪا آهن يا جيڪي اڃان ٿيا ئي ناهن.
مان ماضيءَ ۽ مستقبل کي آرسيءَ وانگر ڏسي سگهان ٿي.
هي سفيد انسان، اي بادشاهه! جيڪي تنهنجي سامهون موجود آهن، ان وقت به اهي اتي موجود هوندا، جڏهن تنهنجو لاش خاڪ ۽ خون ۾ لٿيڙيو ميدان ۾ پيو هوندو.
اهي توکي برباد ڪري ڇڏيندا. اهي توکي کائي ڇڏيندا.
هاهاها، هي هي هي، اي سفيد انسانو! توهان هتي ڇو آيا آهيو؟
اها ڪهڙي شي جي لالچ آهي، جيڪا توهان کي ستارن کان زمين تي لاهي کڻي آئي آهي، مان اهو به ڄاڻان ٿي.
اي بادشاهه! تنهنجي پيشانيءَ تي جيڪو پٿر چمڪي رهيو آهي، اهو ڇا آهي؟ ۽ اهي لوهه جا زيور جيڪي توکي پاتل آهن، اهي اصل ۾ ڇا جا ٺهيل آهن. ڪنهن جي هٿن جي تخليق آهن؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه توهان ڄاڻو ٿا؟
نه توهان نٿا ڄاڻو ۽ يقينن ڄاڻي به نه سگهندو.
ليڪن مان اڪيلي اها مقدس، عقلمند ۽ لافاني عورت آهيان، جيڪا سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿي.
منهنجو علم بي پايان آهي.
جنهن جي ابتدا، جنهن جي انتها ۽ جنهن جي اٿاهه کي هيستائين ڪوبه حاصل نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي حاصل ڪري سگهي ٿو.”
پوءِ هن پنهنجو منحوس چهرو اسان طرف گهمايو ته لڳو ته نڀاڳي جهڙي شيطان جي سڳي ناني هجي.
“ ۽ توهان اي ستارن واسي! هت ڪهڙي شي جي تلاش ۾ آيا آهيو؟ ڪهڙي گم ٿيل شخص جي تلاش ۾ آيا آهيو؟ پر ان کي هت نه لڀندئو. صديون گذري ويون آهن جو ڪنهن اجنبيءَ اسان جي سرزمين تي پير نه رکيو آهي. سواءِ هڪڙي شخص جي، جيڪو پنهنجو ملڪ ڇڏي هت مرڻ لاءِ آيو هو.
توهان چمڪندڙ پٿرن لاءِ آيا آهيو ته ٻڌي ڇڏيو! ته اهي پٿر توهان ان وقت حاصل ڪري سگهندئو. جڏهن ڪوڪوآنه جي سرزمين تي هزارين ماڻهن جو وهيل خون خشڪ ٿي ڄمي چڪو هوندو.
توهان ان کانپوءِ اتي پهچي سگهندو؟ جتان کان نڪتا هئائو. هاهاها، هي هي هي.”
اها انتهائي مڪروهه ۽ ڀيانڪ کل کلڻ لڳي ۽ ان جي انهيءَ وحشي کل اسان جي دلين کي دهڪائي ڇڏيو.
”...۽ تون اي سياهه چمڙيءَ وارا مفرور ماڻهو!” هن کيکڙي جي ٽنگن جهڙيو سڪل آڱريون اڀيون ڪيون.
“تون ڪير آهين؟ ۽ ڪهڙي شي جي حوس توکي هتي وٺي آئي آهي.
تون چمڪندڙ پٿرن لاءِ ته هتي ڪونه آيو آهين.
منهنجي خيال ۾ ته مان توکي سڃاڻان ٿي ۽ يقينن سڃاڻان ٿي.
تنهنجي جسم مان مون کي ڄاتل سڃاتل بوءِ اچي رهي آهي.
تنهنجي رڳن ۾ جنهن شخص جو خون ڊوڙي رهيو آهي، مان انهيءَ کي به سڃاڻان ٿي، پنهنجو جسم کول، مان چوان ٿي پنهنجي جسم تان ڪپڙو هٽاءِ! هٽاءِ ڪپڙو.”
گگول غصَي مان ڏڪڻ لڳي ۽ ان جي منهن مان گڦ وهڻ شروع ٿي وئي. پوءِ زور زور سان ڏڪي ڏڪي منهن ڀر وڃي ڪري ۽ پوءِ بيهوش ٿي وئي. فوراً ٻه ڄڻا اٿيا ۽ هن کي جهوپڙي ۾ کڻي ويا.
ٽواله لرزي اٿيو ۽ پنهنجو نيزو هوا ۾ بلند ڪيائين ته ميدان ۾ بيٺل ماڻهو واپس وڃڻ لڳا ۽ ڪجهه ئي دير ۾ ميدان صفا خالي ٿي ويو. اتي ٽواله، ان جا ڪجهه ساٿي ۽ اسان کانسواءِ باقي ڪير به نه هو.
“اي اجنبي انسانو!” ٽواله گونجندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو” منهنجي دل ۾ توهان کي قتل ڪرڻ جو ارادو جڙ پڪڙي چڪو آهي، جو گگول اڄ ڏاڍيون عجيب پيشنگويون ڪيون آهن.”
مون ٽهڪ ڏنو” ٽواله! اسان کي قتل ڪرڻ ايڏو آسان ڪم ناهي، جيڏو تو سمجهي رهيو آهين. اڃان هاڻي ئي ته تون ڏاند جو انجام ڏسي چڪو آهين.
ڇا تون پنهنجو انجام به ڏاند جهڙو ٿو چاهين؟”.
“توهان کي منهنجي عزت ڪرڻ کپي. مان بادشاهه آهيان” ٽواله خوفزده ٿي ويو.
“مون حقيقت جي طرف اشارو ڪيو آهي. ان ۾ تنهنجي ڪابه بيعزتي ڪانه ٿي آهي. باقي اسان کي قتل ڪرڻ جي ڀلي ڪوشش ڪري به ڏس! پوءِ ڏسجانءَ ته ڇا ٿو ٿئي.”
ان خوفناڪ وحشيءَ پنهنجو هٿ پيشانيءَ تي رکيو ۽ ڪجهه دير سوچڻ بعد چيو ته “ واپس وڃو.. هن وقت خاموشيءَ سان هليا وڃو. اڄ رات هونئين به وڏو رقص ٿيندو. ان ۾ توهان شريڪ ٿي سگهندئو باقي توهان جي باري ۾ مان سڀاڻ سوچيندس”.
”ڏاڍو سٺو. ليڪن هڪ دفعو وري به توکي خبردار ٿا ڪريون ته جلد بازيءَ کان ڪم نه وٺجان نه ته تنهنجي لاءِ سٺو نه ٿيندو”. مون چيو ۽ پوءِ اسان پنهنجي قيام گاهه طرف موٽي آياسين.