شاهراهه سليمان
“ مان هن غار ۾ وري واپس وڃڻ ٿو چاهيان”.هنري اڳتي وڌندي چيو.
“ چريو ته ڪونه ٿيو آهين انڪوبو!”. امبوپا اڳتي وڌندڙ هنري جو هٿ پڪڙي ورتو.
” مون مان هٿ ڪڍ امبوپا! منهنجو خيال آهي ته اسان جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، يعني اهو اجنبي مردو، ڪٿي اهو منهنجو ڀاءُ ته ناهي؟ “ هنري خدشو ظاهر ڪيو. واقعي ٿي به سگهي ٿو. اسين سڀ وري غار ۾ داخل ٿي وياسين. هنري اجنبي لاش سامهون اوڪڻو ويهي غور سان لاش جو منهن ڏسڻ لڳو. “ رب پاڪ جا لک لک شڪرانه، هي منهنجو ڀاءُ ناهي”. هنري اطمينان جو ساهه کڻيو.
مون ويجهو وڃي غور سان اجنبيءَ کي ڏٺو، هي ڊگهي قد جو آڪڙيل جسم ڪنهن اڌڙوٽ عمر جي شخص جو معلوم ٿي رهيو هو. چهري جا نقش تکا، وڌيل وار، نفاست سان ٺهيل سنهڙيون مُڇون، هن جي چمڙي ڦڪي ٿي وئي هئي. جڏهن ته هي ويچارو الف اگهاڙو هو ۽ جسم تي ڪجهه هوس ته صرف هڪڙو جوڙو جوتن جو پيرن ۾ پيو هوس، ٻيو ٿيو خير، باقي ڪنڌ ۾ هاٿي ڏند جو صليب لٽڪي رهيو هوس. منهنجو دماغ چڪرائجي ويو.
“ هيءَ ڪير ٿو ٿي سگهي ڀلا؟ مون پريشانيءَ مان پڇيو.
“ايترو به ڪو نه ٿو سمجهين” گڊ چيو” ڊي سلواٽا آهي ٻيو ڪير آ”.
“ناممڪن. ان کي مئي به ٽي سئو سال ٿي ويا آهن ڀائو!” ٻڌايو مانس.
“ته پوءِ ڇا هي” گڊ چيو” سئٽزرلينڊ جو دٻن ۾ بند گوشت وڏي عرصي تائين ڇو نٿو خراب ٿئي. انڪري ته اهو ڪافي سرد جڳهه تي رکيو ويندو آهي. بس اها ئي حالت هت به سمجهه، هتان جي تيز سرديءَ هن جسم کي ٽي سئو سالن تائين محفوظ رکيو آهي. سج جا ڪرڻا هن جڳهه تائين پهچي نٿا سگهن. تنهنڪري اهو جسم سڙي ڳرڻ کان بچي ويو آهي. هيستائين ڪو درندو به پهچي نٿو سگهي. هن جو اهو ملازم جنهن جو ڊي سلواٽا ذڪر ڪيو آهي، هيستائين ته ظاهر آهي پهتو هو. جنهن پنهنجي آقا جا ڪپڙا لٽا لاٿا ۽ ان کي دفن ڪرڻ کانسواءِ ئي هليو ويو. “هي ڏسو” گڊ اڳيان وڌي هڏيءَ جو هڪڙو نوڪدار ٽڪرو کڻيو.
“ هيءَ اها ئي هڏي آهي، جنهن سان سلواٽا تحرير لکي هئي ۽ نقشو ٺاهيو هو”.
“اڙي، هيڏهان ڏسو!”. ۽ هن مرده سلواٽا جي کاٻي ٻانهن جي ڪرائيءَ ڏانهن گهري زخم طرف اشارو ڪيو.
“اُف خدايا! هي ڪهڙو نظارو آهي. اهڙو مون ته ڇا پر اڄ تائين ڪنهن ماڻهوءَ به نه ڏٺو هوندو” ان جي سلواٽا هجڻ ۾ هاڻ ڪنهن کي ذري برابر به شڪ نه هو. ان نظاري منهنجي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ڪري ڇڏي. ٿورو توهان ان نظاري کي پنهنجي تصور ۾ آڻڻ جي ڪوشش ته ڪري ڏسو. هڪ شخص جيڪو آڪڙيل مجسمي وانگر ٿيو پيو هجي. ڪنڌ جهڪيل هجيس، اکيون اڌ کليل، چهري تي بک ۽ ٿڪاوٽ سان گڏوگڏ سڪرات ۽ موت جي تڪليف جا آثار هجنس، چوطرف گهري خاموشي ڇانيل هجي ۽ اسين ان غار ۾ زمين جي سطح کان ڪافي مٿي ان وٽ اڪيلا ويٺا هجون ۽ وري خيال ڪريو ته هن شخص کي مري وئي ٽي صديون گذري چڪيون هجن، ته توهان جي دل تي ڪجهه اثر ٿيندو يا نه، توهان ئي ٻڌايو؟
منهنجي هٿ ۾ اها هڏي هئي جنهن کان سلواٽا قلم جو ڪم ورتو هو. ان جي ڪنڌ ۾ اهو صليب اڃان تائين به لٽڪي رهيو هو. جنهن کي سلواٽا جي برف جهڙن ٿڌن چپن آخري چمي ڏني هوندي. ٽي صديون پهرئين هن شخص جي موت جو منظر منهنجي اکين سامهون گهمي ويو. سلواٽا جي ساهه جو سڳو ٽٽڻ لڳو هوندو،اڃ ۽ بک ان جي مڙني قوتن کي سلب ڪري ڇڏيو هوندو. مگر ان وقت به ان کي اهو خيال ستائي رهيو هوندو ته ايندڙ نسلن لاءِ ڪجهه ڇڏي وڃجي. تنهنڪري هن غار ۾ هٿوراڙيون هڻيون هونديون ۽ پوءِ مشڪل سان اها هڏي لڌي هوندائين ۽ پوءِ وڏيءَ بهادريءَ سان پنهنجي تڪليف ۾ اضافو ڪندي هڏيءَ جي چهنب پنهنجي ڪرائي ۾ ٽنبي هوندائين ۽ اهو نقشو ٺاهيو هوندائين جيڪو اڄ ٽي سئو سالن کان پوءِ به اسان جي رهنمائي ڪري رهيو آهي ۽ ان شخص جي احترام ۾ منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو.
” هاڻ هلو”. هنري حڪم ڏنو ۽ پوءِ جئين ئي کيس ڪجهه ياد اچي ويو هجي.
”ترسو! اسين سلواٽا لاءِ هڪڙو ساٿي مهيا ڪريون”.
ان وينٽا جي آڪڙيل لاش کي کڻي سلواٽا جي ويجهو ويهاريو ۽ سلواٽا جي ڪنڌ مان صليب لاهي ورتو ( مون کي يقين آهي ته اهو اڃان به هنري وٽ موجود هوندو) ۽ سلواٽا جو هڏيءَ وارو قلم مون وٽ پڻ محفوظ آهي. ڪڏهن ڪڏهن موڊ ۾ اچي مان ان سان صحيح ڪري وٺندو آهيان”.
پوءِ انهن ٻنهي شخص کي جن مان هڪ جي چمڙي ڪاري هئي ۽ ٻئي جي سفيد هئي. اسان آخري سلام ڪري غار کان ٻاهر نڪري آياسين. اهي ٻئي دلير انسان شايد قيامت تائين اتي محفوظ رهندا.
وينٽا جي موت مون کي جهنجهوڙي وڌو هو. هر هر اهو خيال مون کي پريشان ڪري رهيو هو ته ڪجهه ئي دير کانپوءِ منهنجو آڪڙيل لاش به ڪنهن غار يا ڪنهن ٽڪريءَ تي پيو هوندو. ان خوفناڪ خيال کي پنهنجي دماغ مان ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر ٻيو ٿيو خير.
اسان هلندا رهياسين.
چوطرف گهاٽو گهاٽو ڌنڌ ڇائنجي رهيو هو. ڪا خبر ڪانه ٿي پئي ته اڳتي ڇا آهي؟. ڪا گهري کڏ يا ڪا اوچي ٽڪري؟ اسان پريشانيءَ جي عالم ۾ بيهي رهياسين. آهستي آهستي ڌنڌ جو پردو هٽڻ لڳو ۽ اسين جتي بيٺا هئاسين اتان کان پنج سئو گز هرطرف سائو سائو گاهه ئي گاهه ڦهليل هو. وچ ۾ شفاف پاڻيءَ جو تلاءَ نظر اچي رهيو هو. ۽ چند هرڻ مزي سان گهمي رهيا هئا.
”قدرت اسان لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام ته ڪري ڇڏيو هو پر سوال اهو هو ته ان کي حاصل ڪئين ڪجي، هرڻ پنج سئو گز هيٺ ۽ هتان نشانو گُسي به سگهجي ٿو. ظاهر آهي ته بندوق جو ٺڪاءُ ٻڌي هرڻ ڀڄي ويندا ۽ اسان کي جيڪا مايوسي ٿيندي سا اسان کي خودڪشيءَ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي، خير، اسان کي خدا تي ڀروسو ڪرڻ کپي، نشانو اتان ئي وٺنداسين. اگر اسان هرڻن جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي اسان کي ڏسندي ئي ڀڄي ويندا.” هنري چيو” مسٽر ڪوارٽرمين! بندوق ڪهڙي استعمال ڪئي وڃي، ايڪسپريس يا رائيفل؟.
سوال واقعي ڏکيو هو، رائيفلون اسان وٽ ٻه هيون هڪ امبوپا جي ۽ ٻي غريب وينٽا جي، جيڪا به امبوپا سنڀاليو پئي هليو. هي رائيفلون هڪ هزار گز تائين مار ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته ايڪسپريس جي گولي ساڍا ٽي سئو گز يا ٿورو وڌيڪ تائين پهچي سگهي ٿي. پر ايڪسپريس جي گولي جسم ۾ ڦرندي ويندي آهي ۽ شڪار اتي جو اتي ڍير ٿيو وڃي. رائيفل جي گولي کائي شڪار اڌ ميل تائين ته ڀڄي سگهي ٿو. مون فيصلو ڪيو ته ايڪسپريس بندوق ئي استعمال ڪئي وڃي ته بهتر، پر شڪ هو ته گولي هرڻ تائين پهچندي به سهي الائي نه..! اسان ٽنهي هڪ ئي هرڻ جو نشانو ورتو. مون ٻڌايو مانِ ته هوشياري ڪجو نشانو هرڻ جي ڪنڌ يا ڪوڙي تي هجڻ کپي. امبوپا تون ٽن تائين ڳڻجان ۽ اسين گڏجي بندوق هلائينداسين.
اسان ٽنهي پنهنجا ساهه بند ڪري بندوقون سڌيون ڪيون.
”هڪ، ٻه” امبوپا ڳڻڻ شروع ڪيو “۽ ٽي”.
ٽنهي بندوقن مان ڄڻ ته هڪ ئي ڌماڪو نڪتو. آس پاس جون ٽڪريون ڌماڪي سان گونجي اٿيون. اسان جي سامهون ٽنهي بندوقن جي نالين مان دونهي جا ننڍڙا ننڍڙا بادل نڪري اسان جي آس پاس تحليل ٿيڻ لڳا. جڏهن دونهي جا اهي ننڍڙا بادل هٽيا ته اسان تيزي سان هيٺ ڀڳاسين. جتي هڪڙو هرڻ زمين تي پيو. چڙهيون هڻي رهيو هو.
“شڪر ٿئي منهنجا رب!” گڊ ڄڻ ته زوردار نعرو هڻيو” اسين بک ۾ پاهه ٿيڻ کان بچي وياسين”.
ڏهن منٽن ۾ اسين هرڻ وٽ پهچي وياسين. پر هت اچي هڪڙو نئون مسئلو پيدا ٿي پيو ته گوشت پچائڻ لاءِ باهه ڪٿان آڻجي؟
“بيوقوفو! بکيو ماڻهو سوچيندو آهي ڇا؟ ٽن ڏينهن جي بکئي لاءِ ته گڏهه به حلال آهي” گڊ فيصلو ڏنو “ اسين گوشت ڪچو ئي کائينداسين. بس ڪچي گوشت تي ئي ٽٽي پئجو”. ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونه هو. اسان گوشت جا ڪجهه ٽڪرا ڪٽي برف ۾ پوريا ۽ پوءِ ڪجهه ئي دير ۾ اهي ڪڍي چشمي ۾ ڌوئي کائڻ لڳاسين. اهو خيال ڪري ته اسين ڪچو گوشت چٻاڙي رهيا هئاسين. قارئين کي ته الٽي ايندي ۽ دل ڪچي ٿيندي هوندي پر اها حقيقت آهي ته “بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري“، يا “ڍوءَ بنا ڍوليا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي” وانگر اهو ڪچو گوشت اسان لاءِ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ذائقيدار طعام هو ۽ سچ پڇ اسان لاءِ ته ڄڻ رحمت ثابت ٿيو. جو انهيءَ اسان کي ڄڻ ته نئين زندگي ڏئي ڇڏي. اسان جي جسمن ۾ طاقت وري موٽڻ لڳي ۽ ٺري ٺنڀ ٿيل جسمن ۾ آهستي آهستي حرارت موٽڻ لڳي. پر اهو خيال ڪري ته ڪٿي بدهضمي نه ٿي پئي، اسان گوشت ٿورڙو ئي کاڌو.
“رب پاڪ جا لک شڪر” هنري پنهنجي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائيندي چيو “ هن غريب هرڻ، پنهنجي جان ڏئي اسان جون زندگيون بچائي ورتيون آهن. ڪوارٽر مين اهو سچ پچ به هرڻ ئي آهي نه؟“
مان اٿي هرڻ جي ويجهو ويس جيڪو قدم ۾ گڏهه کان ٿورو ننڍو هو. سڱ چهنبدار، ڊگها ۽ سڌا هئس، ڀورن وارن تي اڇڙي رنگ جا ٽڪا ٺهيل هئس، ڪيڏو خوبصورت هو ويچارو! بعد ۾ خبر پئي ته هن قسم جي هرڻ کي هتي “ انڪو” چيو ويندو آهي ۽ هي هرڻن جو ناياب نسل آهي جنهن جو تعداد آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي. هيستائين ته اسان پاڻ پريشان هئاسين. “سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا” وانگر بکيو ماڻهو پيٽ جي ڪري يا ناياب نسل جي تحفظ جي ڪري!بحر حال جڏهن پيٽ ۾ ڪجهه پيو ته امبوپا کي هرڻ جو سٺو سٺو گوشت ڪٽي کڻڻ لاءِ چئي اسين آس پاس چڪر هڻڻ لڳاسين.
اٺ ٿي ويا هئا ڌنڌ گهٽجي چڪو هو ۽ اسان جي قدمن کان هزارين فوٽ هيٺ هڪ اوپري مگر خوبصورت دنيا ڦهليل هئي. هيٺ بلڪه تمام هيٺ ساوا ساوا جهنگل هئا. وچ ۾ نيري ندي نانگ وانگر ور وراڪا ڏئي وڌندي پئي وئي. نديءَ جي ساڄي پاسي، وڏا وڏا چرا گاهه هئا. جتي ڍڳيون چري رهيو هيون ۽ رانديڪن جيئن لڳي رهيون هيون. کاٻي پاسي وارو حصو پٿريلو هو ۽ پري پري تائين ننڍڙيون ننڍيون ٽڪريون هليون ٿي ويون ۽ انهن ٽڪرين جي وچ ۾ ڪکن پنن جون ٺهيل جهوپڙيون ائين پئي ڏسڻ ۾ آيون جو ڄڻ ته ڪيڪ ٽڙيا پکڙيا پيا هجن. جتي اسين بيٺا هئاسين اتان کان ساوڪ ، ندي ۽ جهوپڙيون ائين ٿي لڳو ڄڻ ته ڪنهن مصور اسان جي قدمن ۾ پنهنجي شاهڪار تصوير وڇائي ڇڏي هجي. اسان جي مٿن کان ڪوهه سبا جون سفيد برف پوش چوٽيون اڀيون هيون. جن تي سج جا ڪرڻا رقص ڪري رهيا هئا اسين هڪ طرف ويهي قدرت جي انهيءَ خوبصورت منظر جي ساراهه ڪري رهيا هئاسين.
”منهنجي خيال ۾ سلواٽا پنهنجي نقشي ۾ ڪنهن جڳهه تي شاهراهه سليمان به ٻڌائي هئي. ڪئين سهي ٿو چوان يا...؟” هنري مون کان پڇيو ۽ مان هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوئڻ لڳس.
”ته پوءِ هُو پريان ڏس! اها اٿئي شاهراهه سليمان “ هنري هڪ طرف اشارو ڪيو. مون ۽ گڊ ان طرف پنهنجو نگاهون کڻيون. جيڏهان هنريءَ اشارو ڪيو. واقعي ئي هڪڙو جابلو رستو، لڪ يا پهاڙي پيچرو، پهاڙن مان نڪري ڪنهن طرف مڙي ٿي ويو. تعجب آهي! ته هن کان اڳ ۾ اسان جي انهيءَ پهاڙي پيچري تي ڪا نظر نه پئي!.
”اگر اسين ساڄي پاسي هلون ته ان رستي تي پهچي وينداسين”. گڊ چيو ڇا صلاح آهي، هلجي؟
گڊ جي راءِ سان اتفاق ڪندي اٿياسين، چشمي مان هٿ منهن ڌوتوسين ۽ شاهراهه سليمان طرف هلڻ لڳاسين. هڪ ميل تائين ور وڪڙ ، بيترتيب، برفاني ڇپن کي لتاڙيندا جئين ئي هڪ موڙ مڙياسين ته شاهراهه سليمان اسان جي قدمن هيٺ هئي.
مضبوط پهاڙين کي ڪٽي هي پندرهن فوٽ ويڪرو رستو ٺاهيو ويو هو. جيڪو اڃان تائين به چڱيءَ حالت ۾ هو. اسين هلندا هلندا وڃي ان رستي تي بيٺاسين جيڪو اسان کان ڪوئي سئو کن فوٽ پري ڪٿي پهاڙين ۾ گم ٿي ٿئي.
”ڪوارٽرمين! تنهنجو ڇا خيال آهي؟ هي رستو انهن ئي ٽڪرين کان ته شروع نٿو ٿئي؟” هنري پڇيو.
”يار مون کي ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي”. مون دل جي ڳالهه ڪئي. گڊ چوڻ لڳو “ اهو رستو پهاڙين کي ڪٽيندو، صحرا کي عبور ڪندو، ان جڳهه تائين پهچندو هوندو، جتان پاڻ هليا هئاسين. صحرا ۾ ته واريءَ ان رستي جا نشان ئي مٽائي ڇڏيا ۽ هتي ڪنهن زماني ۾ ( آتش فشان) ٻرندڙ جبل ڦاٽو هوندو ۽ ان جو لاوو هن رستي تي ڄمي ويو هوندو”.
اسين ماڻهو صديون پراڻي رستي سان پنڌ پياسين. جئين جئين اڳتي وڌندا وياسين. هوا خوشگوار ٿيندي وئي. جيڪڏهن هتي مون ان رستي جي باري ۾ ڪجهه نه لکيو ته اهو منهنجي انتهائي بدذوقي ۽ بيقدريءَ جو دليل هوندو. ان زماني جي ماهر ڪاريگرن جي قابليت کي داد ڏيڻو پوندو. هڪ جڳهه تي تمام اونهي کڏ هئي ۽ رستو انهيءَ تان گذري هليو ٿي ويو. خبر اٿو ڪئين؟ وڏن وڏن پٿرن کي پاڻ ۾ اهڙيءَ ڪاريگريءَ سان ملائي انهيءَ اونهي کڏ جي هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين اتي پل ٺاهي وئي هئي. صديون گذري ويون آهن. ليڪن اڄ تائين ان پل جو هڪڙو پٿر به پنهنجي جاءِ تان چري نه سگهيو آهي. هڪ جڳهه تي اهو ئي رستو بل کائيندو انتهائي دشوار پهاڙين تان گذريو ٿئي ويو. اڳتي هڪ جڳهه وري مضبوط پهاڙيون ڪاٽي سرنگهه بنائي وئي هئي ۽ رستو انهيءَ سرنگهه مان گذري اڳتي ٿي وڌيو. اهي پهاڙيون ايتري قدر ته مضبوط هيون جو جيڪڏهن فرهاد کي انهن پهاڙين ڪاٽڻ لاءِ چئجي ها ته گهڙيءَ ۾ سندس مٿي مان عشق جي هوا ئي نڪري وڃي ها ۽ سندس “عشق” به فشق” بڻجي وڃي ها. سرنگهه جي ديوارن تي مٽيءَ جون تصويرون ٺهيل هيون جيڪي مصري آرٽ جو نمونو هيون.
ٻن پهرن تائين خلاف توقع ڪافي سفر طي ڪري اسان ان جڳهه تي پهتاسين جتي پهاڙيون ختم ۽ سائو سائو جهنگل شروع ٿي ٿئي ويو. ڪٿي ڪٿي جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻن پنهنجين ٽارين کي لوڏي ڄڻ ته اسان جو استقبال پئي ڪيو. جئين جئين اڳتي وڌندا وياسين پئي، اهي جهنگلي ٻوٽا گهڻا ۽ گهاٽا ٿيندا پئي ويا.
آخرڪار عظيم صحرا جي هن عظيم رستي اسان کي عجيب قسم جي خودرو وڻن جي جهنگل ۾ وڃي پهچايو.
“واهه! هتي ته ڪافي ٻارڻ جمع ٿيل آهي”. گڊ چيو “اچو ته پهرئين گوشت وغيره پچائي پيٽ جي پوڄا ڪريون”.
۽پوءِ اسان ماڻهن شاهراهه سليمان جي ويجهو هڪ چشمي تي اچي لڏو لاٿو. باهه ٻاري گوشت پچائڻ لڳاسين، پچندڙ گوشت جي خوشبو اسان جي بک وڌائي رهي هئي ۽ اسان جي پيٽ ۾ هلچل مچي رهي هئي. اسين بي صبريءَ سان گوشت جي پڇڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. جڏهن گوشت پچي تيار ٿيو ته بکايل سرڻين وانگر اچي ان تي ٽٽاسين. اگر ان وقت ڪوئي اسان کي ائين وحشين وانگر گوشت کي پٽيندو ڏسي ها ته هوند اسان کي به قبل از مسيح جو انسان سمجهي ها.
کاڌي کان پوءِ پائيپ دکايو سين، چوطرف گاهه جو فرش وڇايو پيو هو. چشمو نئين ڪنوار جيان آهستي آهستي وهي رهيو هو. هوا ٽارين مان ٿيندي ڄن ته گنگنائي رهي هئي ۽ اسين ڄڻ ته پنهنجو پاڻ کي فردوس ۾ پائي رهيا هئاسين.
هنري ۽ امبوپا هٿ جي اشارن سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ مان پير سڌا ڪيو گاهه تي اکيون ٻوٽيو ليٽيو پيو هوس. گڊ غائب هو ۽ اهو ڏسڻ لاءِ ته اهو ڪيڏهان ويو، مان اٿي ويٺس. گڊ چشمي جي ڪناري تي ويٺو هو ۽ هن جي جسم تي صرف قميس ۽ ڪڇو پاتل هئا. پتلون کي هڪ ماهر ڌوٻي جيان ڌوئي رهيو هو. ڪوٽ ۽ جوراب گاهه تي سڪي رهيا هئس. ڪجهه ئي دير ۾ هن پتلون کي به گاهه تي سڪائڻ وڌو.(يقينن هُو ان ڳالهه جو منتظر هو ته پتلون ۽ ڪوٽ سڪي وڃن ته هو اهي پائي وري قميس کي ڌوئي.) پتلون گاهه تي ٽيڙي هن پنهنجا جوتا لاٿا ۽ ان کي “ انڪو” جي چرٻي هڻڻ لڳو . اها چرٻي هن انڪو جي جسم مان ڪڍڻ وقت سنڀالي رکي هئي) چرٻي هڻڻ سان جوتن ۾ چمڪ اچي وئي ۽ گڊ جي منهن تي ڪامياب مسڪراهٽ ڦهلجي وئي. هن چرٻيءَ کي جوتن تي وري رڳڙيو ۽ ڪنڌ ڌوڻي دل ئي دل ۾ هن ايجاد تي پنهنجو پاڻ کي داد ڏيڻ لڳو. جوتا پائي هن پنهنجو چمڙي جو ٿيلهو کوليو... ٿيلهي ۾ هٿ هڻي هن هڪ ننڍڙو ڪنگو ۽ آرسي ڪڍي ۽ وڏي سليقي سان پنهنجا وار ٺاهڻ لڳو. مگر لڳو پئي ته هو ان مان به مطمئن نه پئي ٿيو ۽ ڪجهه دير غور ڪرڻ کانپوءِ هو ڏهن ڏينهن جي کنڊريل ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائڻ لڳو جيڪا منهن تي جهنگ وانگر ڦٽي آئي هئس” هون، هاڻي وري هيءَ شيو ڪندو؟ اُلو ڪٿان جو؟” مون سوچيو. گڊ چرٻيءَ جي انهيءَ ٽڪري کي، جنهن سان جوتن کي چمڪايو هئائين، انهي کي چشمي مان ڌوئي صاف ڪيو ۽ پوءِ وري هٿ وجهي ٿيلهي مان سيفٽي ريزر ڪڍيائين، چرٻيءَ کي ڪافي دير ڳلن ۽ کاڏيءَ سان رڳڙيندو رهيو. پوءِ ريزر کي وڌيل ڏاڙهيءَ تي لڳائي هيٺ هلايائين “چرر” جو آواز آيو ۽ تڪليف کان گڊ اوڪڻو ٿي ويهي رهيو. ۽ هن جي واتان ازدخود ريزر لاءِ گار نڪري وئي. پوءِ ڏاڙهي ٺاهڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ طرف جي اڌ ڏاڙهي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن ٻئي ڳل تي اڃا ريزر رکيو ئي مس جو “ سُون “ ڪندي ڪا کي شيءَ کيوڻ وانگر چمڪندي گڊ جي مٿي کان تيزيءَ سان گذري وئي. هو چڙي اٿيو ( ان طرح جو سيفٽي ريزر جي بدران خالي بليڊ هٿ ۾ هجيس ها ته پنهنجو ڳل به وڍي وجهي ها) مان ٽپ ڏئي اٿيس ۽ حيران هوس ته آخر اها هئي ڪهڙي بلا؟.
۽ جيڪو ڪجهه ڏٺم تنهن ته منهنجو خون ئي خشڪ ڪري ڇڏيو. مون کان ويهه فوٽ کن پري، گڊ کان ڏهن فوٽهن جي فاصلي تي عجيب ماڻهن جو هڪڙو ميڙ بيٺو هو. ان ميڙ جي اڳيان هڪ نوجوان بيٺو هو ۽ ان گڊ طرف پنهنجو نيزو اڇلايو هو ۽ ان جو هٿ اڃان به هوا ۾ بلند هو. انهن ماڻهن جا قد ڊگها ۽ جسم ڪارا رُڏُ هئا، گردن ۾ هڏين جون مالهائون لٽڪي رهيون هئن ۽ جسم تي جانورن جون کلون چنبڙيل هئين ۽ انهن جي ڊگهن ڊگهن چهرن تي اکيون ڄڻ ته بٽڻ وانگر ٽاڪيل هين.
ڏسندي ڏسندي هڪڙو پير مرد شخص اڳتي وڌيو ۽ ان نوجوان جو هٿ پڪڙي ان کي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ پوءِ انهن ماڻهن جو پورو گروهه نيزا تاڻي اسان ڏانهن وڌڻ لڳو.
امبوپا، گڊ ۽ هنري پنهنجون بندوقون تاڻي انهن طرف ڪيون. ليڪن هُو بيخوف ٿي اڳتي وڌڻ لڳا. مون کي خيال آيو ته شايد هن کان اڳ انهن ماڻهن هن قاتل هٿيار کي ڏٺو ناهي. هنن کي خبر ئي ناهي ته بندوق ڇاهي؟
”بندوقون رکو” مون پنهنجن ساٿين کي چيو ۽ انهن ائين ئي ڪيو. مان ڊڄندي ڊڄندي اڳتي وڌيس ۽ ان پير مرد سان مخاطب ٿيس جنهن ان ڀالو اڇلڻ واري نوجوان کي ڪن ۾ ڪجهه چيو هو.
”خوش آمديد” مون زولو زبان ۾ چيو ( مون کي خبر به ڪانه هئي ته انهن جي ٻولي ڪهڙي هئي)
“توهان ماڻهو ڪير آهيو ۽ ڪٿا آيا آهيو؟” پير مرد داٻي واري انداز مان پڇيو “توهان ٽنهي ڄڻن جا منهن ايتري قدر سفيد ڇو آهن؟ ۽ هن چوٿين شخص جو رنگ اهڙو ڇو آهي جهڙو اسان جي ڪنهن ماءُ جو ڄڻيل ٻچڙو هجي” هن امبوپا طرف اشارو ڪري چيو. مون لوڻو ورائي ڏٺو ته واقعي ئي امبوپا جورنگ ۽ ان جي منهن مهانڊي جا خدو خال بلڪل انهن ماڻهن جهڙا هئا.
”اسان پرديسي آهيون ۽ لڙائي جهڳڙي جي خيال سان نه آيا آهيون”. مون آهستي آهستي چيو جئين هوءَ منهنجو مطلب سمجهي سگهن” ۽ هيءَ شخص اسان جو ملازم آهي”.
”بڪواز ٿا ڪريو” پير مرد گرجيو” ڪوبه انسان انهن پهاڙن کي عبور ڪري ئي نٿو سگهي. جتي هر شيءَ ڄميو برف ٿيو وڃي. توهان چئو ٿا ته توهان پرديسي آهيو؟. چلو ائين ئي سهي، ته پوءِ مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. ڪوبه پرديسي هن سرزمين تي اچي زنده نٿو رهي سگهي. اهو اسان جي بادشاهه جو حڪم آهي”.
ڪراڙي ڪو اشارو ڪيو ۽ سڀني ماڻهن جا هٿ پنهنجي پنهنجي چيلهه جي پاسي ڏانهن وڌيا، جتي انهن جي چيلهين ۾ وڏا وڏا چاقو لڙڪي رهيا هئا. اسان کي ڊپ وٺي ويو ۽ هو ماڻهو پنهنجي هٿن ۾ چاقو جهليو ڪنهن حڪم جا منتظر هئا.
“ ڇا ٿو بڪي اهو جهنگلي؟” گڊ غصي مان گرجيو.
“اهي اسان کي مارڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. دعا ڪر گڊ پنهنجو وقت به ڄاڻ پورو ٿيو”.مون مئل آواز ۾ جواب ڏنو.
“ مولا! پنهنجي پناهه ۾ رکجان” گڊ دعائون گهرڻ لڳو ۽ ان انتهائي پريشانيءَ جي عالم ۾ پنهنجي هٿراڌو ڏندن جي ٻٽيهي جو مٿيون حصو ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ وري واپس وات ۾ وجهي ڇڏيو، ڪراڙو ۽ ان جا ساٿي ڏڪندي ڏڪندي ڪيترائي قدم پوئتي هٽي ويا.
“ڇا ٿيو؟” مون پڇيو.
“ اها گڊ جي مصنوعي ڏندن جي ڪرامت آهي” هنري جي آواز مان خوشي ڦوهاري جيان ڦهلجي رهي هئي.” گڊ خدا کي مڃ جلدي جلدي پنهنجا ڏند ٻاهر ڪڍ” گڊ پنهنجا ڏند وات مان ٻاهر ڪڍيا ۽ هٿ جي تري تي رکي پوءِ قميس جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين.
ڪوڪو آنه جي ماڻهن جون اکيون حيرت ۽ خوف مان ڦاٽي ويون. هو اسان کي ختم ڪرڻ جو فرض ئي ڀلجي ويا ۽ ٿڙندڙ قدمن سان اسان طرف وڌيا.
“او پرديسئو! ڪراڙي تمام نرم آواز ۾ چيو” ڇا سبب آهي جو هن موٽي شخص ( ان گڊ طرف اشارو ڪيو) جنهن جون ٽنگون ننگيون ۽ ڌڙ ڍڪيل آهي. ۽ هن جي هڪ ڳل تي ته وار آهن پر ٻيو ڳل هٿ جي تريءَ وانگر صاف آهي ۽ جنهن جي هڪ اک اهڙي آهي جهڙي اسان اڄ تائين نه ڏٺي آهي. ( ان جو اشارو گڊ جي هڪ چشمي عينڪ طرف هو) هي شخص جڏهن چاهي پنهنجي مرضي موجب ڏندن کي وات مان ڪڍي ڇڏي ۽ جڏهن چاهي وات ۾ وجهي ڇڏي”.
“گڊ ! وات کول” مون چيو ۽ هن غصي مان گجگوڙ ڪري وات کوليو ڏند ته اڳ ۾ ئي قميس جي کيسي ۾ رکي چڪو هو. تنهنڪري سرخ مسوڙا نظر پئي آيس.
”اڙي، ان جا ڏند ڪيڏهان ويا؟” ڪراڙي خوف ۽ حيرت مان چيو “ مون اڃان هاڻ هاڻ ته هن جي وات ۾ ڏند ڏٺا هئا!”.
مون گڊ کي اشارو ڪيو ۽ هن ڪنڌ ورائي چپڪي سان ڏند چاڙهي ڇڏيا ۽ پوءِ زور سان “ هائو ڪري وات ڦاڙيائين. ان جا مصنوعي ڏند چمڪي رهيا هئا. ڪوڪوآنه جي ماڻهن جي واتان دانهون نڪري ويون. ۽ ڪراڙو ته ائين ڏڪڻ لڳو جو هن جا گوڏا پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ لڳا. ۽ اهو نوجوان جنهن گڊ طرف نيزو اڇلايو هو، سو اسان جي سامهون سجدي ۾ ڪري پيو.
“ توهان انسان ناهيو” نوجوان چيو. “ اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به عورت اهڙو پٽ نه ڄڻيو آهي جنهن جي هڪ ڳل تي وار هجن ۽ هڪ اک چمڪندي هجي ۽ جڏهن چاهي پنهنجن ڏندن کي وات ۾ ئي پگهرائي ڇڏي. جڏهن چاهي واپس کڻي اچي. “
مون کي معاف ڪر آقا!” ڇورو ٻانهون ٻڌي معافيون گهرڻ لڳو.
منهنجي دماغ ۾ هڪ خيال آيو ۽ مون دل ئي دل ۾ پنهنجي ذهانت کي داد ڏيندي چيو “ اسان تو کي معاف ڪيو نوجوان. تو ٺيڪ ئي سمجهيو آهي اسان هن دنيا جا ماڻهو ئي ناهيون. جنهن ۾ توهان رهو ٿا. اسان ته ستارن واسي آهيون ۽ ان دنيا کان آيا آهيون. جنهن کي توهان “ چنڊ” چئو ٿا”.
ڪوڪوآنه جي ماڻهن جو گروهه مکين وانگر ڀون ڀون ڪندو رهيو.
“ ۽ ٻڌو” مون چيو “ اسين ستارن جي دنياکان ئي آيا آهيون. توهان ئي ٻڌايو ته جيڪو ماڻهو توهان جي قبيلي جو ئي نه هجي، اهو توهان جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي سگهندو؟ يقينن نه، پر جئين ته اسين ستارن تان آيا آهيون، انڪري مان توهان جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي سگهان ٿو ۽ ڳالهايان پيو”.
“سچ ٿا چئو... سچ ٿا چئو... “ ميڙ ڪورس جي انداز ۾ چوڻ لڳو. “ منهنجا آقا!” ڪراڙو چوڻ لڳو “ توهان اسان جي ٻولي ڳالهايو ضرور ٿا مگر ٽٽل ڦٽل ۽ جهڙي تهڙي. ان جو ڇا سبب آهي؟” مون تيز نظرن سان ڪراڙي ڏانهن گهوري ڏٺو ته ڊپ ۾ هن جو چهرو ئي وسامي ويو.
“اوڪوڪو آنه وارئو!” مون کين مخاطب ٿي چيو “ اسين ڪيڏو نه ڊگهو سفر ڪري آيا آهيون ۽ اهو توهان اسان جو استقبال ڪيو آهي؟ هن ڇوڪري ان شخص کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو پنهنجا ڏند پگهرائي گم ڪري سگهي ٿو. ڇوڪري کي ان جي سزا ڀوڳڻي پوندي”.
“ هن کي معاف ڪيو منهنجا آقا!” ڪراڙو ٻانهون ٻڌي معافيون گهرڻ لڳو. “هيءَ اسان جي بادشاهه جو پٽ ۽ منهنجو ڀائيٽو آهي. جيڪڏهن هيءُ ماريو ويو ته ان جو پيءُ عيوض ۾ مون کي مارائي ڇڏيندو.”
“ توهان شايد اسان جي طاقت کان اڻواقف آهيو، ترسو ته توهان کي پنهنجي طاقت جو معمولي ڪرشمو ڏيکاريون”. ۽ مان امبوپا کي مخاطب ٿيس” منهنجي اها جادوئي نالي ته کڻي اچ امبوپا جيڪا ڌماڪا ڪندي آهي” ۽ مون اک سان بندوق طرف اشارو ڪيو.
امبوپا اٿيو ۽ ان بندوق پيش ڪندي چيو ته “ هيءَ وٺو، آقائن جا آقا ۽ شاهن جا شاهه”.
سترگز کن پري هڪڙو هرڻ بيٺو هو. مان ان کي نشانو بڻائڻ ٿي چاهيو. حالانڪه، هروڀرو هڪ بي زبان جانور جي جان وٺڻ ظالمانه فعل آهي، مگر جڏهن مصيبت سر تي اچي ڪڙڪي ته پوءِ سر بچائڻ سنت آهي.
“ توهان هو پريان چوپايو ڏسي رهيا آهيو نه؟” مون هرڻ طرف اشارو ڪندي چيو. “ڇا هڪ حقير انسان، جيڪو هڪ فاني عورت پيٽان پيدا ٿيو هجي، اتان بيٺي بيٺي هڪ ڌماڪي سان ان کي ماري سگهي ٿو؟”
“قطعي نه منهنجا آقا!” ڪراڙي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
“پر اسين ائين ڪري سگهون ٿا”.
“ڇا توهان مذاق ڪري رهيا آهيو منهنجا آقا!” ڪراڙو مسڪرائڻ لڳو
“هون! ته تنهنجو خيال آهي ته مان ٻٽاڪ پيو هڻا، چڱو ته هاڻ ڏسجانءِ” مون مصنوعي غصي مان داٻو ڏيندي چيس ۽ بندوق سڌي ڪئي. نشانو خطا ٿيڻ جي صورت ۾ سڄو کيل بگڙڻ جو خطرو ضرور هو. پر هرڻ بنا ڪنهن چرپر يا حرڪت جي خاموش بيٺو هو. خدا کي ياد ڪري، گهوڙو چاڙهي جئين ئي ٽريگر دٻايو ته “ٺا..” هرڻ هوا ۾ اڇل کائي اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو ۽ ڪوڪوآنه جي ماڻهن جو پورو ميڙ هڪ دم اسان جي سامهون سجدي ۾ ڪري پيو.
”جيڪڏهن توهان ان جو گوشت کائڻ چاهيو ته وڃو ۽ وڃي هرڻ کڻي اچو” مون وڏي سڪون سان چيو. ڪراڙي جي اشاري تي گروهه مان هڪ شخص نڪري هرڻ ڏانهن ويو ۽ کيس ڪنڌ تي کڻي اچي اسان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. گولي هرڻ جي ڪنڌ ۾ لڳي هئي. سڄو ميڙ هرڻ جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺو هو. “ڏٺو! مون ٻٽاڪ نٿي هڻي”. ۽ سڄو ميڙ خاموش بيٺو رهيو.
”جيڪڏهن اڃان به توهان کي اسان جي طاقت تي ڪو شڪ وغيره هجي ته توهان مان ڪوبه شخص ان جڳهه تي وڃي بيهي، جتي هرڻ بيٺو هو. مان ان کي به ڪيرائي ڏيکاريندس”. مون مٿن وڌيڪ رعب ڄمائيندي چيو.
ٻيا سڀ ته چپ رهيا پر بادشاهه جو پٽ ڪراڙي سان مخاطب ٿيو، “چاچا! تون وڃي ان جڳهه تي بيهه، هيءُ جانور جادوءَ جي زور تي مئو آهي. ۽ جيڪو جادو جانورن تي اثر انداز ٿيندو آهي، سو انسانن جو وار به ونگو نه ڪري سگهندو آهي.” ڪراڙي کي اها تجويز صفا واهيات لڳي ۽ هو بڇڙو منهن ڪري چوڻ لڳو “بس بس، منهنجين هنن ڪراڙين اکين گهڻو ڪجهه ڏسي ورتو. تون جيڪڏهن اڃان به تماشو ڏسڻ چاهين ٿو ته پڻهن بادشاهه کي وٺي وڃي انهيءَ جادوئي ناليءَ سامهون بيهار، ته اها جادوئي نالي پاڻ ئي ان کي سولو ڪندي”. لڳو پئي ته چاچي ۽ ڀائٽي جي پاڻ ۾ ٺپ ڪانه ٿي لڳي.
“هنن جي جادو کي اسين پنهنجن جسمن تي آزمائڻ نٿا چاهيون”. هڪ ڄڻي فيصلا ڪن لهجي ۾ چيو “ هنن وٽ اهڙو جادو آهي جو ڪوڪوآنه جي جادوءَ جا مڙئي ماهر ملي به هنن جي جادوءَ جو مقابلو نٿا ڪري سگهن”.
“تون ٺيڪ ٿو چئين” ڪراڙو چوڻ لڳو”. اي ستارن جي اولاد ! اي چمڪندڙ اک ۽ جادو ئي ڏندن وارا سائين! اي دنيا جهان جا ديوتائو! منهنجو نالو انفادوس آهي ۽ مان ڪافا جو پٽ آهيان، جيڪو ڪوڪوآنه جو بادشاهه هو ۽ هن نوجوان جو نالو سڪارگا آهي ۽ هي موجوده بادشاهه جو پٽ آهي، اهو ظالم ته مون کي ڄڻ مارائي ئي چڪو آهي پر نه ڄاڻ ته ڪهڙي نيڪي آڏو اچي وئي جو بچي ويو آهيان”. ڪراڙو وڌيڪ ٻڌائڻ لڳو ته” سڪارگا اسان جي بادشاهه ٽواله جو پٽ آهي، اهو ٽواله جيڪو هزارين عورتن جو خاوند ۽ ڪوڪوآنه جو آقا ۽ خداوند آهي، اهو ٽواله جيڪو شاهي رستي جو محافظ آهي، جيڪو انسان جي روپ ۾ ديوتائن جو قهر آهي. ٽواله جي حضور ۾ اهڙا ماڻهو رهندا آهن جيڪي ڪاري جادوءَ جا ماهر آهن، جن جو هن وٽ وڏو لشڪر آهي. ٽواله جيڪو هڪ اک کان ڪاڻو آهي، جنهن جي دل پٿر کان سخت ۽ جنهن جو رنگ واسينگ نانگ جهڙو آهي. ٽواله وڏي حشمت وارو قهار ۽ جبار آهي”.
“اڇا! ته ٺيڪ آهي، اسان کي ٽواله جي حضور ۾ وٺي هلو”. مون چيو مان “ هونئن به عام ماڻهن سان گفتگو ڪرڻ اسان جي شان وٽان ناهي”.
“توهان جي حڪم جي تعميل ۾ اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي” انفادوس چيو” مگر رستو ٽن ڏينهن جي پنڌ جو آهي”.
“ته پوءِ ڇا ٿي پيو! اسان رستي جي تڪليف کان مري ڪونه پونداسين جو اسان لاءِ فنا آهي ئي ڪانه. اچو اسان جي رهبري ڪيو. هاڻي ئي ٿا هلون. پر ڏسجو انفادوس! ۽ سڪارگا! مان توهان کي خبردار ٿو ڪريان ته اسان سان ڪنهن به قسم جي ڪابه فنڪاري يا چالبازيءَ جي ڪوشش نه ڪجو. ڇو ته سازشي خيالات جي اسان کي اڳ ۾ ئي خبر پئجي ويندي آهي. جيڪڏهن اسان کي خبر پئي ته توهان ڪا سازش ڪري رهيا آهيو ته هُن شخص جي جادوئي اک( مون گڊ طرف اشارو ڪيو) مان تيز ۽ خطرناڪ شعاع نڪري توهان ۽ توهان جي پوري ملڪ کي هڪ پل ۾ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندا. هن جا ڏند توهان جي هڏين پاسرين کي چٻاڙي چورو ڪري ڇڏيندا. اسان جون هيءَ جادوئي ناليون ڪوڪوآنه تي گرجنديون ته پل ۾ هرشيءَ کي فنا ڪري، ساڙي رک ڪري ڇڏينديون”. منهنجي انهيءَ ڊگهي تقرير جو انهن تي چڱو خاصو اثر ٿيو.
“ڪوم ڪوم” انفادوس جي واتان نڪتو ( پوءِ خبر پئي ته اهو انهن جو شاهي سلام هو) انفادوس جي اشاري سان ان جي ساٿين اسان جو سڄو سامان سواءِ بندوقن جي کڻيو. قارئين کي ياد هوندو ته گڊ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي گاهه تي سڪائڻ وڌا هئا. جنهن ڪري صرف قميس ۽ ڪڇو پاتل هوس. هڪ ڄڻي گڊ جا ڪپڙا کڻي ڪڇ ۾ ڪيا ۽ گڊ جو اهو ڏٺو سو گاريون ڏيندو ان ڪپڙن واري ڏانهن وڌيو. جيڪو ڊپ ۾ اڇلجي هڪ طرف ٿيو.
“منهنجا آقا! توهان جو سامان هيءَ ئي شخص کڻي هلندو”. انفادوس چيو،
ليڪن مان ڪپڙا پهرڻ ٿو چاهيان، بيوقوف گڏهو! گڊ گرجي اٿيو.امبوپاگڊ جي ڳالهه انفادوس کي سمجهائي.
“منهنجا آقا! توهان اسان کان خفا ٿي ويا آهيو، جو پنهنجن انهن خوبصورت هاٿي ڏند جهڙن پيرن کي اسان غلامن جي نگاهن کان ڇپائڻ ٿا چاهيو.” انفادوس ٻاڏائڻ لڳو.
“ڪهڙن کر دماغن سان اچي پلئه پيو آهي” گڊ بڙبڙ ڪرڻ لڳو ۽ مون کي کل اچڻ لڳي.
“ڏس گڊ! تون هنن ماڻهن سامهون عجيب هلئي ۾ آيو آهين، ۽ جيستائين پاڻ هنن ماڻهن ۾ هونداسين، توکي صرف قميس، ڪڇو ۽ جوتا ئي پائڻا پوندا ۽ ياد رهي ته اها هڪ چشمي عينڪ ڪڏهن به تنهنجي اک تان نه لهي”.
“هنري صحيح ٿو چئي گڊ!” مون چيس ته “اهو به ياد رکجان ته تنهنجي ڏاڙهي ائين ئي هڪ پاسي ڪٽيل رهڻ کپي، جيڪڏهن انهن شين ۾ ڪابه تبديلي آئي ۽ اسان جو راز فاش ٿي پيو ته هي ماڻهو سخت تڪليفون ڏئي پاڻ کي ماري ڇڏيندا”.
ڪوارٽر مين! واقعي ئي تون سنجيده آهين؟” گڊ پڪ ڪرڻ لڳو. “ها گڊ! مان مزاق نٿو ڪريان، تنهنجن انهن خوبصورت سفيد پيرن ۽ هڪ چشمي عينڪ سان ئي اسان جو مستبقل وابسطه آهي. شڪر ڪر جو جوتا پاتل اٿئي”.
گڊ هڪ ٿڌو ساهه کڻيو پر ڪڇيو پڇيو ڪونه. ائين نئين زندگيءَ جو عادي ٿيڻ ۾ کيس پندرهن ڏينهن لڳي ويا.